سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: --

صفحو :1

سنڌي زبان جي ماھيت

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

مقدمو

سنڌي زبان جي ارتقا ۽ بڻ بنياد جي باري ۾ اڳ موجود ڪتابن جي موجودگيءَ جي باوجود ھي ڪتاب لکڻ جي ضرورت پيش آئي، ان لاءِ منھنجون گذارشون ھن ريت آھن:

سنڌيءَ جي محققن سنڌي زبان جي تاريخ بيان ڪندي نھايت محنت، تحقيق ۽ تحقيق سان ڪتاب لکيا آھن. آءٌ ھڪ طالب علم جي نظر سان اندازا ١٩٦٠ع کان انھن جي ڪاوشن کي ڏسندو ۽ ساراھيندو آيو آھيان. ڀيرومل مھرچند ۽ ڊاڪٽر بلوچ کان وٺي نئين ٽھيءَ جي اسڪالرن تائين ھي موضوع دلچسپيءَ جو باعث رھندو اچي. ھيتري تحقيق، سنڌيءَ جي بڻ بنياد ۽ تاريخ تي ٿيل ڪم کان پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو آھي ۽ آءٌ اڳ ھن موضوع تي چند مقالن لکڻ کان وڌيڪ ڪو قدم بھ وڌائي نھ سگھيو آھيان، ھاڻ جيڪو قدم وڌايان، سو ڌيان ڇڪائڻ وارو، مفيد ۽ نئين ڏس ۾ ھئڻ کان سواءِ ٻوليءَ جي خصوصيتن ۽ اصل جوھر (ماھيت) بابت ھجڻ کپي. لسانيات جي مختلف شاخن، اصطلاحن ۽ پھاڪن سان ٺھڪائي پيش ڪريان. ڪتاب جو نالو بھ ان ڪري سنڌي زبان جي ماھيت رکيو اٿم، جيڪو موجود روايتن ۾ نئون آھي. (متان ڇرڪائيندڙ بھ ھجي) مئين عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي ڪلام ۾ آيل ھن سٽ منھنجو ڌيان لفظ ماھيت ڏانھن بھ ڇڪايو جيڪو حضور صلي لله عليھ وسلم بابت آھي:

اصل مڙني ماھيتين، ماھيت محبوبا

ماھيت جي معنيٰ عربي لغت موجب ھيءَ آھي، معيار (Quality)، تت، جوھر (Essence) اجورو (Salary) آمدني (Income) (معن زلفو مدينھ، عربي، انگريزي لغت، آمريڪا ١٩٧٣ع ص ٦١٦). پروفيسر جلباڻيءَ جي عربي سنڌي لغت موجب معنيٰ آھي: ذاتي جوھر ۽ ذاتي جزو، اھم ۽ ضروري (جلد ٻيو، سنڌالاجي ١٩٩٠ع، ص ١٢٦٦).

انھيءَ معنيٰ موجب ماھيت جوھر جي حوالي سان ھڪ موزون لفظ بھ لڳو ۽ لفظي آھنگ ۽ سر توڙي سنگيت موجب بھ وڻيو. ان کان سواءِ سنڌي زبان سان منسلڪ ڪرڻ جو ارادو ڪيم.

اسين زبان کي ٻولي بھ چئون ٿا. ڪي متعصب ماڻھو تنگ نظريءَ تحت ان جو فائدو وٺن ٿا. اھڙو ھڪ مثال ھي آھي تھ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقامي خبرن ۾ ١٦ فيبروري ٢٠٠٦ع تي خاتون نيوزڪاسٽر ھڪ خبر اردوءَ ۾ ھيئن پڙھي: سندھي ادبي بورڊ کي ميٽنگ کي صدارت کرتڍ ڻوئڍ ڊاکٽر حميده کھڙو نڍ کڻا کھ سندھي ادب اور بولي کي گرانٽ بڙھائي جائڍ گي.

برابر سنڌيءَ ۾ ٻولي زبان کي بھ چئجي ٿو، پر جڏھن اردوءَ ۾ بولي چئبو تھ ان جي معنيٰ محاورو (dialect) ۽ ھڪ ننڍي گروپ جي ٻولي آھي. ٻيو تھ سڄي اردو مواد ۾ ٻولي (سنڌي لفظ) جو پيوند ھڻڻ مان ڳالھائيندڙ جي تنگ نظري ۽ نيت ظاھر ٿئي ٿي. ساٿ ۾ رھندي بھ تعصب سبب ڪا ٻولي نھ سکڻ تنگ نظري آھي. سنڌي نھ سکڻ واري عمل جي مذمت ڪندي، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، حمايت علي شاعر ۽ اردوءَ جي ليکڪن مضمون لکيا آھن. واضح ڪيو اٿن تھ ساٿ واري زبان (Language in contact) نھ سکڻ سان پنھنجي زبان جو بھ نقصان ٿئي ٿو. ھر زبان ڳالھائڻ وارا سڄاڻ ماڻھو ھن حقيقت جو ادراڪ رکن ٿا. تنگ نظر ماڻھن جي حالت ھيءَ آھي جو زبان جي محبت ۾ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺن ٿا. اٽڪل ڏھاڪو سال اڳ حضرت امير خسرو جي تقريبات جي سلسلي ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان ھڪ ڪمپيئر ھيئن چيو تھ: وسط ايشيا ۽ ٻين اسلامي ملڪن مان مسلمان، جيڪا عربي- فارسي آميز زبان ھندوستان ۾ کڻي آيا، تنھن ۾ ڪيترا مقامي لفظ شامل ٿيا ۽ اردوءَ جو جنم ٿيو. پھرين اھو تھ اھا زبان ڪھڙي ھئي؟ ان جي ڪنھن بھ محقق ڳالھھ نھ ڪئي آھي. حقيقت ھيءَ آھي تھ بيشڪ فوجي عربي فارسي ۽ ترڪي لفظ کڻي آيا ۽ اڳ موجود زبان ھنديءَ ۾ اھي شامل ٿيا. ھندي ۽ اردوءَ جو بنيادي ڍانچو (Structure) ساڳيو آھي، لفظن جو ڀنڊار علحدو آھي، ان ڪري ۽ لپيءَ (Script) جي ڪري بھ اڳتي ھلي ٻھ زبانون بنجي پيون. اھا ڳالھھ ھرڪو مڃي ٿو، پر ان کي ايئن بيان ڪجي جو خلق گمراه ٿئي. اھو صحيح نھ آھي. سڀني زبانن جي اھميت آھي. ھر ڪنھن کي پنھنجا ماڳ مٺا آھن، اھو تسليم ڪندي سنڌيءَ سان گڏ مون فارسي، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ مقالا ۽ ڪتاب لکيا آھن. سڀني ٻولين سان مون کي محبت آھي. ان ڪري ضمنا مٿيون ڳالھيون لکيون اٿم.

ھن ڪتاب جي باب وار سٽاءَ ھيءَ رکي اٿم تھ اول ٻولين جي جنم ۽ انھن جي خاندانن جي ڳالھھ ڪئي اٿم. ھي بنيادي موضوع آھن، جيڪي لسانيات جي سلسلي ۾ اھم ڄاتا وڃن ٿا. ان سان گڏ زبان/ زبانن جي ارتقائي تاريخ کي اھم ڄاتو ويو ۽ انھن جو اصل نسل ۽ بڻ بنياد تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌيءَ جي بڻ بنياد لاءِ آريائي يا غيرآريائي ھجڻ وارا نظريا زيربحث رھيا. انھيءَ سلسلي ۾ ڪتاب جي ابتدائي بابن ۾ اڳ موجود نظرين جي اپٽار ڪندي، آخر ۾ پنھنجي مطالعي جو نچوڙ ۽ نتيجو ڏنو اٿم. پوءِ بھ اصل نسل ۽ ٻوليءَ جي ارتقا/ ارتقائي تاريخ جي سلسلي ۾ بحث مباحثي توڙي دليل دلائل جي گنجائش آھي. ڪو نئون نظريو اچي، ان جي دليلن کي کليءَ دل سان خوش آمديد چئجي ۽ دليلن کي پسجي. وزنائتي ڳالھھ جي تورتڪ ڪجي ۽ شخصيات واري اجائي ضد کان پھلو بچائجي.

زبان جي ارتقائي تاريخ سان گڏ ان جي تحرير جو مسئلو بھ اھم رھيو آھي. دنيا جون موجوده لپيون دير سان ٺھيون آھن. گھڻن خطن ۾ ڪي تصويري اکر (Pictographs) موجود ھئا. بلڪ پھرين مڪمل تصويرن جي صورت ۾ ئي ھئا، پوءِ ننڍا/آسان (simplify) ڪيا ويا. چين ۽ مصر جا نالا ھن سلسلي ۾ سرفھرست آھن. چين جي تصويري اکرن جو مون کي ذاتي تجربو آھي، جيڪو ٦٥- ١٩٦٦ع ۾ چين ۾ چيني زبان جي تعليم جي سلسلي ۾ حاصل ڪيم. ان جو قدري تفصيلي ذڪر ٻين لپين سان گڏ ھڪ باب ۾ ڪيو اٿم.

ايتريون ئي ھن ننڍي کنڊ جون زبانون اھم آھن. انھن ۾ سنسڪرت ۽ يورپي زبانن جي ربط جو مطالعو سر وليم جونس، فرئنسز باب، مئڪس ملر ۽ ٻين ڪيو، جن جي اپٽار ڪاڪي ڀيرومل مھرچند سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڪئي آھي. ان کان پوءِ اِھي حوالا ٻين ڪتابن ۾ بھ آيا ۽ ڪي اضافا بھ ٿيا تھ اختلاف راءِ بھ ٿيو. ھي بھ ھڪ اھم موضوع آھي، ان ڪري مون ھڪ باب ۾ سنسڪرت ۽ ڪن ٻين ٻولين جو تذڪرو ڪيو آھي.

ھي سڀ پس منظر آھي، اسان جي جيجل جي ٻوليءَ جو، جيڪا ننڍي کنڊ ۾ ھڪ اھم، زنده، علمي، ادبي ۽ صحافتي زبان آھي. ڪا معمولي، ننڍي گروپ جي، اڻ سڌريل، کٽل زبان نھ آھي. بولي ۽ محاورو (dialect) نھ آھي. ان جي ابتدا ۽ ارتقا جو جائزو وٺندي، سنڌيءَ جي محاورن (dialects) ننڍن محاورن/ اپ ڀاشائن (sub-dialects) جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آھي. شاعر، جن عمارت جوڙي، تن جي بھ اھميت آھي.

سنڌي زبان توڙي ڪنھن بھ زبان جي اصل سونھن ۽ جوھر ان جا پھاڪا، اصطلاح، محاورا (Idioms) چوڻيون ۽ ورجيسون آھن. انھن جي استعمال سان ٻولي پرمطلب بنجي ٿي. ان جي ابتڙ سادي سپاٽ رھندي. مثال طور ڪو ماڻھو چوي تھ فلاڻو سامان جي ڪھڙي سنڀال ڪندو؟ ان بدران بامحاوره جملو ھيئن ڪم آڻي سگھجي ٿو: آنڊن جا واھي گدڙ! سنڌيءَ جي ھن سونھن جو ھڪ خاص باب ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي. اِن مطلب سان تھ اِھو سنڌيءَ جو جوھر آھي.

اھڙيءَ ريت نحوي ۽ صرفي خوبيون، خصوصيتون ۽ آراڌايون (varieties) بھ ھڪ زبان لاءِ بنيادي ڍانچي مثل ھونديون آھن. ھن سلسلي ۾ سنڌي زبان جي گرامر جي مختلف پھلوئن جو جائزو وٺڻ بھ ضروري ھو. اھو ۽ لسانيات جي شاخن جو بھ مختصرا جائزو ورتو ويو آھي. ھي ٻھ باب آھن. اڳ بھ ماھرن ھن ضمن ۾ لکيو آھي.

ڪتاب جي آخري باب ۾ سنڌيءَ جي ڪن مسئلن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي گذريل پنجاھھ سالن ۾ پيدا ٿيا آھن. ٻوليءَ جو بگاڙ بھ ٿيو آھي، ڇا واقعي بگاڙ چئبو يا ھڪ ترقي يافتھ زبان ۾ لفظن کي اجاري، سنواري پنھنجو ڪرڻ واري خاصيت سبب سڌارو، جيڪو پاڙون پختيون ڪري قائم ٿي ويندو. اِن کي فطري تبديلي سڏي، ڇڏي ڏجي يا ان کي واقعي بگاڙ سمجھي درستگيءَ لاءِ تجويزون ڏجن. اڄ سنڌي ڪھڙي منزل تي بيٺي آھي؟ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگھندي يا نھ؟ اِن نڪتي تي ڪتاب جي تڪميل ٿئي ٿي.

زبان پنھنجي پر ۾ ھڪ مھاساگر آھي. اِن ۾ ڪي قابل ٽوٻا ۽ غواص ئي ٽٻي ھڻي مطلب جا موتي آڻي سگھن ٿا. انھن ھن کان اڳ بھ اونھي ۾ وڃي ماڻڪ ميڙيا آھن. آءٌ ڪناري تي بيٺل ھڪ طالب آھيان. ارادو پڪو اٿم، ان ڪري ھن سمونڊ ۾ ٽٻي ھڻي ماڻڪ ميڙڻ جي خواھش رکان ٿو. سنڌيءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد جي تلاش جاري آھي. اڳ قائم نظرين جي بنياد تي ھن ڪتاب ۾ چند ڳالھيون چيون اٿم. مون کي اعتراف آھي تھ آءٌ ڪنھن نئين نظرئي جو باني نھ آھيان.

سنڌي زبان ۽ ان جي مختلف مطالعاتي شعبن جو ذڪر ڪندي، ڪي حوالا اھڙا بھ آھن، جن ۾ بحث جي ضرورت ٿي. نھ تھ ڪنھن بھ شخصيت تي ارادي سان تنقيد نھ ڪئي اٿم. اھو بھ عرض ڪري ڇڏيان تھ سنڌي زبان جا محقق ۽ ٻيا ليکڪ مون کي پيارا آھن. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي قائم ڪيل نظرئي تي بحث ٿيو، پر اول ھن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي، پھريون قدم کنيو. ان ڪري آءٌ کيس سنڌي زبان تي لکڻ وارن ۾ مھندار ڄاڻان ٿو.

مون ھن ڪتاب جو نالو سنڌي زبان جي ماھيت رکيو، ان جي ڳالھھ ڪري آيو آھيان، پر مقدمي جي آخر ۾ ايترو ورجائيندس تھ مراد اصل حقيقت پروڙڻ آھي. جيئن خواجھ سلطان الاولياءَ محمد زمان قدس سره فرمايو تھ، عجب جھڙي آه، حقيقت حبيب جي. گرھوڙي صاحب ان جي تسلسل ۾ ماھيت لفظ ڪم آندو، ان جي اپٽار ڪري آيو آھيان.

پڙھندڙ سنڌي زبان جو جوھر پسن، ان کان اڳ آءُ پنھنجن انھن محققن جا ٿورا مڃڻ ٿو چاھيان، جن جي ڪتابن مان مون استفادو ڪيو ۽ جن جا حوالا ڏنا اٿم. پيارن دوستن، يونيورسٽيءَ جي ساٿين ۽ شاگردن مان ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي، ڊاڪٽر ھدايت پريم، ڊاڪٽر تھمينھ مفتي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي، ڊاڪٽر ادل سومري، اياز عالم ۽ آخر ۾ ماه طيبھ ۽ روشن گل آھن، شاگرد ھجن تھ ھھڙا! ھڪڙا امتحان پاس ڪري ڊگري وٺي ھليا وڃن، پر ڪن جو ڄڻ ازلي رشتو آھي. انھن سڀني جي محبت ۽ ساٿ سان منھنجو قلم ھلي ٿو ۽ ٻھ اکر لکي سگھان ٿو.

 شھريار منزل بدين                               ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com