سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: --

صفحو :1

ٻول جو بڻ

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

ٻه اکر

 

اسان وڏي فخر ۽ اڻ مئِي خوشيءَ سان، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، پنهنجي سڄاڻ ساٿيءَ جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي، سندس تخليقي، تحقيقي ۽ اهم ڪتاب ٻول جو بُڻ پنهنجن ڏيهه واسين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. موجوده ڪتاب کان اڳ، ڊاڪٽر صاحب جي نوَن ئي ورسين تي، سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل نَــوَ ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن، جن مان اَٺ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ ڇپرايا آهن ۽ هڪ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڇپرايو، جڏهن ته هـڪ الڳ ڪـتـاب، مـاهـوار قـسـطـن جـي روپ ۾، مـاهـوار ڪـيـنـجھـر حـيدرآباد ۾ 98-1997ع دوران ڇپيو.

هيءُ ڪتاب ٻول جو بُڻ ڊاڪٽر محبت 95-1994ع ڌاري لکي ورتو هو، جيڪو پوءِ نظرثانيءَ لاءِ مانائتي اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ-گھري محترم سراج الحق ميمڻ صاحب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، جنهن جي راين کان پوءِ، ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ٿيندو ڏسندي، ڊاڪٽر صاحب هڪ اڻ پورو ۽ نه موڪليل خط سراج صاحب جن ڏانهن لکيو، جنهن ۾ هن ريت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو:

ٻول جو بُڻ نالي لکيل ڪتاب، جيڪو اوهان کي ڏيکاريو هئم ۽ اوهان مهرباني ڪري ڪي صلاحون ڏنيون هيون، ٻيهر لکي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ وارو آهيان. هاڻي ته اهو مورڳو ڪو ٻيو ڪتاب ٿي پيو آهي ۽ وڌيڪ علمي پيو ڀانئجي.

افسوس! ڊاڪٽر صاحب اهو ڪتاب اڻ ڄاتل سببن جي ڪري مڪمل ڪري نه سگھيو، جنهنڪري اڻ پورو رهجي ويو.

ڊاڪٽر محبت جي 1997ع ۾ وفات کان پوءِ، مون جڏهن سندس قلمي ۽ ڇپيل مواد کي سنڀاليو، ته مون کي ٻئي مواد سميت، ٻول جو بڻ جي مٿي ذڪر ڪيل فيئر ڪاپي، ان ڪتاب سان واسطيدار ڪجهه باب ثانوي ڪاپيءَ وارا (جيڪي ثانوي حالت ۾ مڪمل ڪتاب ۾ شامل ڪندي، ڊاڪٽر محبت شايد ته سراج صاحب جن ڏانهن موڪليا هئا) ۽ ڪجهه مواد ابتدائي صورت وارو مليو ۽ هڪ ڪتابَ ٻوليءَ جو بُڻ جي هڪ ڪاپي لڳ ڀڳ مڪمل صورت ۾ ملي.

هتي هيءَ ڳالهه چٽي ڪجي ته ڊاڪٽر محبت پنهنجي مواد کي فيئر ڪندي، اڪثر ڪري اهڙيون نيون ڪاپيون تيار ڪندو ويندو هو، جيڪي اڳئين مواد کان ڪافي قدر وڌيڪ ۽ بهتر مواد تي مشتمل هونديون هيون.

بهرحال، ٻوليءَ جو بُڻ جيئن ته وڌيڪ بهتر ۽ نسبتاً مڪمل روپ ۾ مليو هو، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب جي پنجين ورسيءَ تي، 2002ع ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ٻول جو بُڻ کي مون صرف ان ڪري ترسايو ته جيئن ان ڪتاب جي سموري مواد تي ڌيان ڏئي جاچڻ ۽ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڇپرائجي، ته جيئن پاڻ کي خاطري رهي ته ٻول جو بُڻ نالي سان اهڙو ڪتاب پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي سوچ جي ويجھو محسوس ٿئي ٿو. ان خيال کي وڌيڪ هَٿي تڏهن ملي، جڏهن مون کي ڊاڪٽر صاحب جي مواد ۾ ٻول جو بُڻ جي اها فهرست ملي جيڪا ٻول جو بُڻ جي ثانوي ڪتاب واري هئي. ان فهرست منهنجي گھڻي مدد ڪئي، پر هڪ ڏکيائي هئي ته فهرست ۾ شامل ڪيل بابن ۽ انهن جي ننڍن عنوانن جي ترتيب بلڪل اهڙي نه هئي جيڪا آخرين ڪاپيءَ واري هئي، ٻيو ته ثانوي ڪاپين وارن بابن جا ڪجهه عنوانَ ۽ موضوع آخرين ڪاپيءَ وارن بابن ۾ شامل ڪيا ويا هئا. تڏهن به، مون ان فهرست کي پنهنجو رهنما بڻايو ۽ ان کي نظر ۾ رکندي ٻول جو بُڻ سان واسطو رکندڙ سموري آخرين، ثانوي ۽ ابتدائي مواد کي نظر مان ڪڍي، انهيءَ سهيڙ سان پيش ڪيو آهي، جيڪا ڪتاب جي مڪمل مواد کي، منهنجيءَ ذاتي راءِ موجب، پنهنجي دائري ۾ آڻيندي هجي. تنهنڪري، هي وضاحتون اڻٽر آهن، ته هن ڪتاب ۾:

1.             مهاڳَ، باب-1، 2، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9 آخرين ڪاپيءَ وارا آهن ۽ باب 10 جا مهڙيان ٻه عنوان به آخرين ڪاپيءَ وارا آهن.

2.            باب 3 ۽ 11، ٻاڌيو-1 ۽ ٻاڌيو-2 جو مواد ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي ۽ باب 10 جي آخري عنوان هيٺ لکيل مواد به ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي.

3.            باب 12، 13 ۽ ٻاڌيو-3 (جيڪو ان عنوان هيٺ، ڊاڪٽر صاحب جي مواد مان، مون پيش ڪيو آهي، ڇو ته ان جي ترتيب مون کي مواد ۾ ٺهڪندي نظر نه پئي آئي، پر هئي ان ئي ڪتاب جي) ابتدائي ڪاپيءَ وارو آهي.

4.            ٽنهي قسمن جي مواد جي مطالعي مان سڄاڻ پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو ته مواد جو معيار جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ علمي ۽ تحقيقي ٿيندو پيو وڃي، جيئن اهڙو اظهار ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل حوالي ۾ به آهي. ٻيو فرق جيڪو پڻ ڌيان ڇڪائيندو ته آخرين ڪاپيءَ جي ڀيٽ ۾ ابتدائي ۽ ثانوي ڪاپين ۾ حوالن جي ججھائي آهي، جنهنڪري اسان کي آخرين ڪاپي وڌيڪ اتساهيندڙ لڳي ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي اعلى فڪري سوچ جي عڪاسي ٿيل آهي.

5.            ڪتابسُڌ، ڪتاب ۾ ڏنل حوالن کي نظر ۾ رکندي، مون جوڙي پيش ڪئي آهي، البت اصطلاحن جي لسٽ جوڙي نه سگهيم.

جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ٻول جو بُڻ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.

توهان جي راين جي اوسيئڙي ۾:

رياضت ٻرڙو

22 مارچ 2007ع، قنبر

 

مهاڳ

 

هن ڌرتيءَ تي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو ان ڳالهه ۾ شڪ ڪري ته سنڌي ٻوليءَ جي مختلف علمي، لسانياتي ۽ تاريخي پاسن تي ٿيل تحقيق اڃا انهيءَ اوچي پَد تي نه پهچي سگھي آهي جو هن ٻوليءَ بابت ڪي ابتدائي ۽ بنيادي ڳالهيون اتفاق راءِ سان نبيري سگھجن. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل کان ويندي ٻولن جي ڌاتوءَ تائين، ايتري قدر جو مروج رسم الخط بابت به هڪ عجيب قسم جو اختلاف موجود آهي. اسان جا ڪي ئي عالم عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، يوناني وغيره ٻولين جي بڻ بابت ۽ سندن ٻولن جي ڌاتوءَ بابت ته هڪ حد تائين ڳڻيل ڳوتيل ۽ درست راءِ پيش ڪري سگھن ٿا پر پنهنجيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪجھ مونجھاري جو شڪار آهن ۽ اختلافي رايا رکن ٿا. ليکڪ انهيءَ اختلاف راءِ کي تعميري نظر سان ڏسي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته انهيءَ ۾ مخلص نيت، پيار ڀريو پورهيو ۽ هڪ ڳجھي سگھ موجود آهي ته جيئن ٻوليءَ جي سچ ۽ صحت کي ڳولي لهجي. انهيءَ ڪري ان اختلاف راءِ کي ڪُريت سڏي نه ٿو سگھجي، انهيءَ ۾ پريت موجود آهي.

خوش قسمتيءَ سان ليکڪ وٽ به ڪي اهڙا رايا موجود آهن جيڪي ڀانئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻولن جي پيڙهيءَ ۽ پيڙهه بابت ٿيندڙ پرک ۽ پروڙ ۾ متان ڪي قدر سجايو ڪردار ادا ڪري سگھن، انهيءَ ڪري من ۾ محبت پائي رنڊا روڙي پارکن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪري ٿو. ليکڪ جي بدقسمتي ئي کڻي چئجي جو سندس رايا سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ ۽ نور نچوئيندڙ ڪن محترم بزرگن (جن جي دل جي گھراين سان عزت ڪري ٿو ۽ ڏٺي توڙي اڻڏٺي، سامُهن توڙي پرپٺ کين پنهنجو مانائتو استاد مڃي ٿو) جي راين سان سهمت ٿيندي نظر نه ٿا اچن، توڙي جو، حقيقت اها آهي، ته هن پنهنجا اهي سڀ خيال سندن ئي ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ انٽرويوئن يعني سندن ڏنل تعليم مان پرايا آهن.

روايتي طور هر لائق سنڌي ماڻهوءَ، خاص ڪري وڏڙي، عالم ۽ پارکوءَ لاءِ احترام جو جذبو برقرار ۽ حد ادب قائم رکندي، ليکڪ هر اها ڳالهه پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو جيڪا ڀل مقرر ڪسوٽيءَ ۽ هلندڙ روايت سان اختلاف رکندڙ هجي. ساڳئي وقت علمي دنيا ۾ اها روش احسن سمجھي ٿو ته دليل ۽ سچائي پيش ٿيڻ کان پوءِ جيڪا ڳالهه ڪي قدر ڪَسِي، اڻ سلجھيل، مُنجھائيندڙ يا غلط نظر اچي ان کي درست، چِٽو ۽ کرو ڪجي پر جي ڪسوٽي ئي کوٽي هجي يا ايئن ثابت ٿئي، ته ان کي ڀڃي ڦٽو ڪري ان جي جاءِ تي نئين، وڌيڪ صحيح ۽ تازي تواني ڪسوٽي آڻي رکجي. دليل ئي آهي جيڪو سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ ۾ واهرو ٿئي ٿو ۽ علمي توڙي عملي املهه موتين توڙي روين تي پيل اڻڄاڻائيءَ جي يا ميسر گھٽ ڄاڻ جي دز کي ڇنڊي صاف ۽ نيارو سچ پڌرو ڪري ٿو. ليکڪ اهو پنهنجو علمي ۽ اخلاقي فرض ٿو سمجھي ته پنهنجيءَ ڄاڻ آهر ڄاتل سمورن وڙن وکرن کي علمي ۽ تحقيقي دنيا جي پڙ ۾ پڌرو ڪري، جيڪي کرا ۽ درست ثابت ٿين تن کي مڃيو ۽ قبوليو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪي کوٽا يا ڪسا نڪري پون ته انهن کي رد يا ٺيڪ ڪيو وڃي. ڄاڻ جي وشال سمنڊ مان سوجھي ڪڍيل موتين جي مُٺ به مس ٿيندي پر جيڪو ڪجھ ليکڪ وٽ  آهي اهو آڇيندي لڄ نه ٿو ڀانئي.

استادن کان جيڪو ڪجھ پِرايو ويو آهي، ان کي هيٺ ڏنل ڪجھ مکيه نڪتن ۾ سهيڙي سگھجي ٿو:

1)   سنڌو ڌرتيءَ پنهنجي اندر ۾ توڙي پنهنجي مٿاڇري تي ڪيترن ئي قسمن جون تبديليون ڏٺيون آهن. سامونڊي ٻوڏون، زلزلا ۽ طوفان سندس سيني کي زير وَ زبر ڪندا ۽ بدلائيندا رهيا. ڪي ئي آڳاٽا جبل ڪيترن ئي نون جڙيل جبلن هيٺان دفن ٿي ويا، ٿر اڀريو ۽ وسيع ٿيو، سامونڊي پاڻيءَ موٽ کاڌي ۽ پٽ پڌرو ٿيو. ندين پنهنجا وهڪرا بدلائي وڍ جا نشان ڇڏيا ۽ ڪي ئي سُڪي ويون. ٿر ۽ ڪوهستان جِي وڻن ٻوٽن ۽ جانورن جي ججھائيءَ جي حوالي سان شادابي ۽ ستابائي ختم ٿي وئي ۽ ڌرتيءَ جي جنهن ٽڪري ۾ ڪنهن سمي دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي رهندي هئي اتي اڄ سنڌوءَ جي سيني تان وارِي پئي اڏامي. هن ڌرتيءَ انساني سڀيتا جا سڀ دور ته ڏٺا آهن پر اڳ-سڀيتائي ڪو هڪ به اهڙو دور نه آهي جيڪو ان اکئين نه ڏٺو هجي. لڳ ڀڳ 6-لک ورهه اڳ کان شروع ٿيل اهو سڄو زمانو جنهن دوران ارتقائي انسانذات پراڻي قسم جا پٿريلا وکر ڪم آڻيندي رهي، جنهن کي عام طرح پراڻي پاٿر ڄمار ۽ اصطلاحي طرح جُھونپَهڻي (= جھونو پٿر جي وکرن وارو) زمانو سڏجي ٿو. ان جا ٽيئي دور: (1) اوائلي جھونپهڻي (6-لک کان 1-لک ورهه ق م)، (2) وچون جھونپهڻي (1-لک کان 40-هزار ورهه ق م) ۽ (3) مٿيون جھونپهڻي (40-هزار کان 11-هزار ورهه ق م) ڏٺا اٿس ته انهن زمانن ۾ اسريل ۽ ڪم آندل ڪچا ڦڪا ۽ سادا پاٿر وکر پڻ. هن ڌرتيءَ ٽڪري تي دنيا جي سڀ کان وڏي پاٿر وَکري صنعت جي شاهد روهڙي آهي. هن ڌرتيءَ نسبتاً ڪجھ وڌيڪ سڌريل پٿر جي وکرن وارو زمانو، جنهن کي عام طرح وچين پاٿر ڄمار ۽ اصطلاحي طرح وِچَپَهڻي (= پٿر جي وکرن وارو وچون) زمانو سڏجي ٿو ۽ جيڪو لڳ ڀڳ 11-هزار کان ساڍا 5-هزار ق م تائين سمجھيو وڃي ٿو، پنهنجين پورين شاهدين سميت ڏٺو. نئين پاٿر ڄمار، اصطلاحاً نَوپهڻي (= نئون پٿر جي وکرن وارو) زمانو، جنهن ۾ پٿر جا ننڍا، نفيس ۽ عمدا وکر ٺهندا رهيا ۽ زرعي انقلاب جو زمانو چيو وڃي ٿو ۽ جيڪو لڳ ڀڳ ساڍا 8-هزار کان 3-هزار ورهه ق م تائين هلندڙ سمجھيو وڃي ٿو، پڻ سنڌ جي ڌرتي تي به پنهنجي پوري جوڀن سان موجود رهيو. تنهن کان پوءِ ٻنگارپهڻي (= ڪِنجھي/ڪُٽ/ٽامي جي وکرن سان گڏ پٿر جي وکرن جي موجوديءَ واري) ڄمار شروع ٿئي ٿي، جنهن بابت هر پڙهيل ماڻهو ڪجھ نه ڪجھ ڄاڻي ٿو. اسرندڙ سِنڌو راهِپَ (يا ثقافت) جي شاهدي آمري ۽ ڪوٽڏيجي ۾، سامائل سنڌو راهپ جي شاهدي هڙپا ۽ موهن دڙي ۾ ۽ جُھرندڙ سنڌو راهپ جي شاهدي جھانگر ۽ جنڪر جي صورت ۾ موجود آهي. موهن دڙي جو هيٺيون اڻکوٽيل ۽ اڻ-ووڙيل تَهُه (يا تَهَه) خبر ناهي ته ڪهڙي ڪٿا لڪائي ويٺو آهي.

2)  ٻولي، گذريل هزارين نه پر لکين ورهن دوران هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي نسري ۽ اسري آهي. هر هڪ ٻوليءَ ۽ ان جي هر هڪ ٻول کي پنهنجي ڪا مخصوص ۽ پختي صورت وٺڻ ۾ هزارين ورهه لڳي وڃن ٿا ۽ هر ٻولي توڙي ان جو هر ٻول هوري هوري تبديل ٿيندا رهن ٿا. ٻولي انساني راڄ ڀاڳ جي ابتدا سان گڏ اسري ۽ انساني سماج ۾ ئي سِکي ۽ سمجِھي ۽ وڌي ويجھي سگھي ٿي. هڪ ٻوليءَ جو ماحول جيترو وسيع ۽ گوناگون هوندو، اوترو ئي وٽس ٻولن جو وسيع ۽ گوناگون ذخيرو موجود هوندو.

3)  اوائلي انساني ٽولي (يا ٽولن) جي ابتدائي آواز بابت (جن اڳتي هلي ٻولي يا ٻولين کي جنم ڏنو) جيڪو ڪجھ چيو وڃي ٿو ۽ انهن آوازن جا جيڪي به گڻ ٻڌايا وڃن ٿا انهن مان گھڻا ئي اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ به موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ کي جيئن ته هڪ بڻائتي ٻولي سمجھي تحقيق هيٺ نه آندو ويو آهي ۽ جيئن ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ (يا ٻولين) مان ڦُٽي نڪتل سمجھيو ويو آهي ان ڪري هن ٻوليءَ سان ڄڻڪ ماٽيلو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي جنهنڪري هن ٻوليءَ جا ڪيترائي حقيقي گڻ پڌرا نه ٿي سگھيا آهن.

4)  سنڌي ٻولي نه رڳو هڪ ڏاڍي جھُوني ۽ ڪُهني ٻولي آهي پر هڪ ڏاڍي سگھاري ٻولي به آهي ۽ جيتري سگھاري آهي اوتري ئي لچڪيدار به، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اتهاس جي اڻڳڻ لاهن چاڙهن باوجود بقا رکندي، جٽاءُ ڪندي ۽ وڌندي رهي آهي. پنهنجي اتهاس دوران ان نه رڳو ٻين ٻولين کان هزارين لفظ ورتا آهن پر هزارين ڏنا به آهن. سنڌي ڳالهائيندڙ ڪي ئي ٽولا مختلف وقتن تي ۽ مختلف سببن جي ڪري دنيا جي مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ اتي پنهنجا اثر ڇڏيائون، ۽ بلڪل ساڳيءَ طرح دنيا جي مختلف علائقن مان ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ڪيترائي انساني ٽولا مختلف وقتن تي ۽ مختلف نِيَتُن سان سنڌ ۾ اچي وارد ۽ آباد ٿيا ۽ اتي پنهنجا اثر ڇڏيائون. انهيءَ سڀ ڪجھَ باوجود هن ٻوليءَ پنهنجي جوهر ۾ ڪا وڏي ۽ بنيادي ڦير ڦار اچڻ نه ڏني ۽ ايئن هوءَ پنهنجو ست سلامت رکندي آئي. سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي پکيڙ ۾ ڪيچ ۽ ڪاٺياواڙ شامل آهن ۽ اها ڪشمير ۽ قنڌار کان ڪراچي ۽ ڪڇ جي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ويجھڙ ماضيءَ جي ڳالهه آهي جو کانئس سبي، مڪران ۽ نصيرآباد کسجي ويا ۽ اڄ ماڇڪو کسيو پيو وڃي.

5)  سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي بنهه اصلوڪن ٻولن کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان آيل، اڌارو ورتل سمجھي؛ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ سان ملائي ان ٻوليءَ جي ٻولن ۾ ڌاتو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي ٻولن کي بلڪل بگاڙي اهو مطلب/مقصد ماڻيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جو ڌاتو خود ٻوليءَ جي ٻول-کاڻ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي پئي.

6)  سنڌي ٻوليءَ وٽ سامي، حامي، دراوڙي ۽ انڊو-يورپي سٿ جي ٻولين سان ويجھي يا پراهين ناتيداري رکندڙ ڪيترائي ٻول ۽ ڪي ٻيا وياڪرڻي گڻ موجود آهن:

                   اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان صاف ظاهر آهي ته اسان سنڌي ويدڪ آرين، ايرانين، يونانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن جا غلام رهيا آهيون. اسان جو تعلق سميرين، سٿين، راجپوتن، پٺاڻن ۽ بلوچن سان رهيو آهي. (جتوئي] 1983 [11)

                   انهن ماهرن ۽ ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ کان پوءِ جڏهن دراوڙي ٻولين   تامل، تليگو ۽ ڪَناڙي جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو تقابلي مطالعو ڪجي ٿو تڏهن سنڌي ٻولي جي مطالعي جي سلسلي ۾ نوان نوان راز کلي پون ٿا، ۽ ڪيترائي ثبوت ملن ٿا جن جي بنياد تي اها دعوى ڪري سگھجي ٿي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جو پاڻ ۾ گھاٽو سنٻنڌ آهي. (الانا ]1974[ 39)

                   قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ وارو زمانو آهي جنهن کي سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور چئي سگھجي ٿو... هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻوليءَ يا ٻولين تي آريائي، سامي ۽ داردي ٻولين جو اثر پيو. (بلوچ ]1990[ 19)

                   سنڌي }ٻولي{ ٻولين جي انڊو-يورپي گھراڻي جي ڀاتياڻي آهي جنهن کي گريئرسن انڊو-آريائي ڏيهي ٻولين جي ٻاهرئين دائري، اتر-اولهائين جٿي ۾ درجيبند ڪيو آهي، ۽ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن جٿي ۾ هڪ ٻوليءَ طور ان جي ويجھي مائٽياڻي لهندا، ملتاني آهي. ان سان گڏ سنڌو ماٿر ۽ ان جي ويجھڙ وارين ايراضين جي مختلف ٻولين ۽ سنڌي جي وچ ۾ جاچي سگھڻ جوڳا ناتا موجود آهن. جيئن ته سنڌي هڪ انڊو-يورپي ٻولي آهي ان ڪري وٽس انگريزي، روسي يوناني، فارسي ۽ ٻين واسطيدار ٻولين سان ساڳيائپ رکندڙ ڪيترائي گڻ موجود آهن توڙي جو اهي ساڳيائپون وڃن ٿيون گھٽبيون جيئن جيئن سنڌوءَ جي مرڪز کان پري ٿيندو وڃبو. (بورڊي ]1981[  )

انهن گڻن جي موجوديءَ باوجود هن ٻوليءَ کي رڳو انڊو-آرين سٿ جي به ٻئي درجي وارين ٻولين مان ڦٽي نڪتل سمجھي ڪنهن خصوصي ڌيان سان پرک هيٺ نه آندو ويو توڙي جو جاهن مارشل، ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڀيرومل جي پائي جا عالم به هن ٻوليءَ جي ڪجھ خصوصي گڻن جي جوڳي تشريح نه ڪري سگھيا.

7)  سمجھيو ٿو وڃي ته سنڌي ٻولي جي سمورن ٻولن کي رڳو ٻن قسمن جي جنسن، مذڪر (musculine) ۽ مؤنث (feminine) ۾ درجيبند ڪري سگھجي ٿو. ڪن لفظن کي بيجان (neuter) جنس طور بيان ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به اهي مذڪر يا مؤنث ٿي استعمال ٿين ٿا.

8)  سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت طور، چيو ٿو وڃي ته، اها پنهنجي هر ٻول جو ڇيهه وارو آواز چٽو اچاريندي آهي. پر ڪٿي به اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ائين ڇو آهي، ان جا اصولي سبب ڪهڙا آهن.

9)  ٻڌايو ٿو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جا صاف سُر آواز ڪل ڏهه آهن، جن جا غُنا آواز پڻ استعمال ٿين ٿا.

10) ڄاڻايو وڃي ٿو ته ڪي آواز، ٻوليءَ جا آواز، ساڪن به ٿين ٿا!

11)  ڪي عالم جن ٻولن کي مصدر طور پيش ڪن ٿا ٻيا ڪي عالم وري انهن ئي لفظن کي ڦٽي نڪتل صورت ڄاڻائن ٿا. ڪي عالم ڪن صورتن کي مرڪب سڏي بيان ڪن ٿا ته ڪي وري انهن کي مرتب قرار ڏين ٿا. ڪي عالم جن ٻولن کي سادو ٻول ڄاڻائن ٿا، انهن مان گھڻا سندن ئي ڄاڻايل ڪسوٽي جي بنياد تي مرتب ٻول ثابت ٿين ٿا.

۽ ڪي ئي ٻيا نڪتا به آهن.

ليکڪ ڪن راين سان مڪمل ۽ ڪن سان جزوي اتفاق رکي ٿو ۽ ڪن کي مورڳو غلط سمجھي ٿو. مثال طور هو سمجھي ٿو ته سنڌي ٻولي هڪ آڳاٽي، ڪُهني، لچڪيدار ۽ پائدار ٻولي آهي (مڪمل اتفاق)، سنڌي ٻوليءَ جا ڪي ئي سُر آواز اڃا سوڌو پرکي پروڙي الڳ نشانبر نه ڪيا ويا آهن (جزوي اتفاق) ۽ هجي ته آواز پر ساڪن ٿي سگھي اهو ممڪن نه آهي (مڪمل نااتفاق). هو اهو به سمجھي ٿو ته ڪي ئي ٻول، اڄ به، اهڙا موجود آهن جن کي ڪنهن به طرح مذڪر ۽/يا مؤنث جي خاني ۾ نه ٿو رکي سگھجي ۽ ڪي ئي ٻول درحقيقت مرتب ٻول آهن پر سادا سڏي/سمجھي بيان ڪيا وڃن ٿا جنهنڪري ڪنهن ٻول جو اصولي ڌاتو ڳولي لهڻ ۾ رنڊڪون ۽ مونجھارا موجود ٿي پيا آهن.

ضميري پڇاڙين جو سرشتو دنيا جي ڪجھ ٻولين ۾ بلڪل ابتدائي ۽ معمولي سطح تي آهي ته ڪجھ ۾ نسبتاً بهتر پر سنڌي ٻوليءَ ۾ بلڪل سڌريل ۽ اوچي پد تي پهتل آهي. ايتري قدر جو سڌو فاعل، اڻسڌو فاعل ۽ ڪو به ضمير هڪ ئي وقت ظاهر ڪري سگھجن ٿا، ضرورت رڳو مخصوص بنيادي ٻول ۾ ڪجھ آوازن کي وڌائڻ جي آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اها به گنجائش موجود آهي ته نحوي سٽاءُ تبديل ڪرڻ باوجود فعل، فاعل ۽ مفعول اڳ يا پوءِ رکي ڪنهن به ترتيب ۾ آڻڻ باوجود گھربل مفهوم ظاهر ڪري سگھجي ٿو. پاڙيسري ڪجھ ٻولين ۾ اهڙي گنجائش موجود آهي پر سنڌيءَ جيتري سڌريل ناهي.

۽ ڪي ٻيون خاصيتون پڻ آهن جن جو ذڪر ڪتاب ۾ موجود آهي.

مٿي ڄاڻايل سڀني نڪتن کي ٿلهي ليکي ٻن مُک موضوعن هيٺ ڪَٺو ڪري سگھجي ٿو. هڪ جو واسطو ٻوليءَ جي اپجڻ، ابتدا ۽ اوسر سان آهي ۽ ٻئي جو سڌو تعلق آواز ۽ ٻول جي اڏپ، اور، اچار ۽ روپ/صورت سان آهي. جيستائين ٻول کي پنهنجن سمورن جزن سميت نه ٿو سمجھيو وڃي تيستائين ٻوليءَ کي سندس سمورن جزن سميت سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪ ناممڪن آهي. ان ڪري هن ڪتاب جو سمورو مواد آواز ۽ ٻول بابت بحث ڪري ٿو.

- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com