سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:42 

سُر رِپ

 

داستان پهريون

1

گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءُ مُنهنجو جِندَڙو

ڏُکويَنِ   مَرڪُ،   مَٿي   سَڳرَ   پَنڌڙا. [2256]

سمجهاڻي: اي امڙ، منهنجي جند جان ڏکن ۽ غمن ۾ پوري ٿي ويئي آهي. جيڪي واقعي ڏکويل ۽ غمزده آهن، اُنهن کي ئي ڏکي راهه تي هلڻ سونهي ٿو(اُنهن جو ئي پنڌ سجايو آهي).

[رومي مثنويءَ جي شروعات نڙ يعني بانسريءَ جي تمثيل سان ڪري ٿو، جنهن مان سندس مراد روح آهي، جيڪو پنهنجي اصل يا منڍ کان جدا ٿيڻ سبب درد ۽ وڇوڙو محسوس ڪري ٿو. هن جهان ۾ هر صالح روح اهو درد ۽ فراق محسوس ڪندي واپسيءَ جي راهه تي گامزن آهي.

در غم ما روزها بيگاهه  شد،

روزها با سوزها همراهه شد.

            (دفتر اول، ب- 15)

معنيٰ: اسان جا ڏينهن ۽ راتيون غمن جي حوالي ٿي ويا. بلڪ اسان جي زندگيءَ جو هر پل دائمي دک درد جي حوالي آهي (اهي دک درد ئي اسان جا ساٿي ۽ رهبر آهن).]

2

گُوندَرِ گَڏِيياسِ، صِحَتَ نييَمِ سَڄَڻين

مادَرِ   مارِياسِ،  ڦوڙائي  پِرِينِ  جي. [2257]

سمجهاڻي: مان ڏکن ڏوجهرن ۾ پئجي ويس ۽ منهنجي تندرستي ۽ چڱڀلائي منهنجا سڄڻ کسي ويا (هنن کان سواءِ منهنجو صحتمند رهڻ مشڪل آهي). اي امان، مون کي جانب جي جدائي (يار جي فراق) ماري برباد ڪري ڇڏيو آهي.

3

گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءُ مُنهِنجي جِيءَ کي

ڏکويَنِ جو ڏيجُ، رُوئَڻُ رَتُ پِريَنِ لَئي. [2258]

سمجهاڻي: اي جيجل، منهنجي دل کي  غمن اچي سوگهو جهليو آهي (آءٌ چُرڻ پُرڻ کان لاچار ٿي ويئي آهيان). ڏکويلن کي پرينءَ جي ياد ۾ روئڻ ۽ آه و زاري ئي لکيل آهي.

4

گُوندَرَ هَٿَ نه پيرَ، وِرِههُ مَنجهِهِين وِهَڻو

ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سِيرَ

مون جِيئن گهاري ڪيرَ، هيڪَلِي رِءَ سَڄَڻين. [2259]

سمجهاڻي: غم کي هٿ پير ناهن (جو پاڻ اندر هلي اچي ۽ وري نڪري هليو به وڃي) اهو ته اندر ۾ رهندڙ آهي. (سور اندر ۾ سِرجن ٿا) سورن منهنجي اندر ۾ گهمي گهمي گهٽيون ۽ پيچرا ٺاهي ڇڏيا آهن. (اهي منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهيا آهن). مون وانگر پنهنجي پرينءَ کان سواءِ اڪيلي ڪير گذاري سگهندي؟

5

ڪَنِي ڪَنِي ماڙُهوئين گُوندَرُ وَڏي وَٿُ

ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪجِي سُورَ جو. [2260]

سمجهاڻي: چند ماڻهن (سالڪن) وٽ سور وڏي قميتي شيءِ  آهي. هو پنهنجي چيلهه سان ٻڌل ڪپڙي ۾  جيترا به پئسا يا مُوڙي اٿن سڀ  ڏيئي  سور خريد ڪن ٿا.

[صوفين عام طور ۽ روميءَ خاص طور محبوب جي جور و جفا سور ۽ درد کي وڏي قيمتي  وٿ قرار ڏنو آهي.

از حلاوتها که دارد جور تو،
و ز لطافت کس نيايد غور تو.

(دفتر اول، ب- 1568)

معنيٰ: تنهنجي جور ۽ جفا ۾ جيڪو مٺاڻ ۽ لذت آهي، ان جي گهرائيءَ تائين ڪوئي نٿو پهچي سگهي.]

6

اُٺي جِئن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلَهَارَنِ ۾

سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُہ ڦوڙايو سَڄَڻين. [2261]

سمجهاڻي: جيئن برسات جي وسڻ کان پوءِ هيٺياهين زمين ۾ (ريج اچڻ ڪري) بيشمار سَلا ۽ گاهه ڦُٽي ۽ اُڀري ايندا آهن، تيئن دلبر دوست جي  جدائي ۽ فراق ۾ غم ۽ سور مون لاءِ ائين هر طرف کان اُڀري آيا آهن.

7

وَڻَ جِئن وِرِهَ وَڌَنِ، شاخون ڪِئو سَرِيرَ ۾

سَڄَڻَ مون مِلَنِ، ڳُجههُ ڳَرَهِيان جَنِ سِين. [2262]

سمجهاڻي: غم وڻ وانگر پيا وڌن ۽ ويجهن ۽ منهنجي تن بدن ۾ هر طرف ڇانگون ڪيو پيا ڦهلجندا وڃن. شال، مون کي اُهي (وڇڙيل) سڄڻ وري ملن ته ساڻن سڀ اندر جون ڳالهيون ( تڪليفون) ويهي ٻڌايان ۽ پنهنجو حال بيان ڪريان.

8

سَلا ڪَري سُڪِيُون ڳالهيون مَنَ مَنجهان

ڪِنہِ کي حالُ چَوان، مَرُ ٿِيُون ڏُکَنِ ڏِيلَ ۾. [2263]

سمجهاڻي: منهنجي اندر ۾ (سڄڻ کي ٻُڌائڻ لاءِ) جيڪي ڳالهيون سَلن وانگر اڀري آيون هيون سي وري سُڪي به ويون. اهي منهنجي اندر ۾ هر وقت پيون هُرن يعني هر هر تنهنجي ياد پيئي ستائي، پر آءٌ اهو سمورو احوال ڪنهن سان اوريان! (پنهنجي راز جي ڳالهه ڪريان)

9

اُڀَرِيامِ اَنگُورَ، سُتي سُپيرِينِ جا

کايو کايو سُورَ، لوچِئو لُڇِئو اُٿِيان. [2264]

سمجهاڻي: مان ننڊ ۾ هيس جو سڄڻ جا سور نئين سر نوان ڦٽي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ لڳا. رات جو انهيءَ سوچ ۽ ساڙي ۾ سور سهندي پاسا ورائي لڇندي پڇندي جاڳي   ويهي رهان ٿي.

10

جَڏهان ڪَرِ ٿِيامِ، ساڃاهِ سُپيرِينِ سين

تَڏهانڪُون تِلَ جيتَرو، ويلَ نه وِسَرِئامِ

اَندَرِ رُوحَ رَهيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري. [2265]

سمجهاڻي: جڏهن کان وٺي سڄڻن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي آهي ته اُهي هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه وسريا آهن (اُهي هر دم ياد آهن) اُهي سڄڻ منهنجي روح ۾ گهر ڪري ويهي رهيا آهن. (اُهي مون وٽان وڃڻ وارا نه آهن).

[روميءَ ان خيال جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

يا رب آنها را که شناسم دلم،
بنده بسته ميان و مجملم.

(دفتر سوم ب 1948)

معنيٰ: اي مولا سائين، جن سان منهنجي دل جي شناسائي آهي، مان انهن لاءِ هر وقت ڪمربسته غلام آهيان.]

11

لائي جو وِئا، مَنجِههِين ٿو مَچُ ٻَري

سو اُجهامي ڪِئا، جِنہ سورِيندَڙُ سُپرِين. [2266]

سمجهاڻي: منهنجا پرين جيڪا باهه پاڻ منهنجي اندر ۾ ٻاري هليا ويا آهن، سا مچ وانگر پيئي ٻري (ڀڙڪا کائي). اها باهه ڪيئن وسامي سگهي ٿي، جنهن کي پرين پاڻ پيا وڌيڪ تيز ڪن!

12

سُپيريان جي سُورَ جي ڪَنہِ ڪَنہِ دُڪي دُکَ

ڏُکِيءَ وٽان ڏُکَ، وَڃَنِ نه ويرَ ڪَهين. [2267]

سمجهاڻي: سپرينءَ جي ڏنل سور مان ڪن وٽ دڪي برابر (تمام ٿورڙو يا ذرڙي جيترو) غم آهي.  پر مون ڏکويل (غمزده) وٽ ايترا سور آهن جو منهنجي هڪڙي ساعت به اُنهن کان خالي ناهي.

13

ڏُکَ سُکَنِ جي سُونہ، گهورِئا سُکَ ڏُکَنِ ري

جَنِي جِي وِرُونہَ، سَڄَڻُ آيو مان ڳري. [2268]

سمجهاڻي: ڏک ۽ غم ئي سکن جو سينگار آهن (غم ئي خوشيءَ جو سبب بنجن ٿا، غمن کان سواءِ خوشيءَ جو احساس نٿو ٿي سگهي) ڏکن ۽ غمن ۾ يادگيري سان ئي منهنجا محبوب مون وٽ هلي آيا.

[مثنوي روميءَ ۾ ان جي   سمجهاڻي هن ريت ڏنل آهي

رنج و غم را حق  پئي  آن  آفريد،

تا بدين صد خوش دلي آيد يديد.

(دفتر اول ب 1130)

معنيٰ: الله تعاليٰ غم توڻي ڏک کي ان ڪري پيدا ڪيو ته جيئن انهيءَ جي ضد سان خوشي ۽ سک جو قدر ٿئي.]

14

سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏيئي، سِرُ پُڻ ڏيان سَٽِ

جي مُون مِڙي مَٽِ، ته وِرِهُ وِهايان هيڪڙو. [2269]

سمجهاڻي: سوين سک سودي ۾ ڏيئي ڇڏيان (بدلي ۾ ڏيان) بلڪ پنهنجو سر پڻ انهيءَ سٽي (واڪ) ۾ ڏئي ڇڏيان، بشرطيڪ مان انهن سورن جي مٽاسٽا ۾ هڪڙو غم خريد ڪري سگهان.

15

سَؤ سُکَنِ سَٽِ ڏيئي، وِرِهُ وِهايمِ هيڪڙو

مون کي تنہِ نيئِي، پيرُ ڏيکاريو پِرينءَ جو. [2270]

سمجهاڻي: سوين سک ڏيئي مون فراق ۽  وڇوڙو  (غم) خريد ڪيو. مون  کي  انهيءَ  فراق ئي پرينءَ تائين پهچڻ جي راهه ڏيکاري.

[هن باري ۾ روميءَ جو خيال هن ريت آهي

اي جفاي تو ز دولت خوبتر،
انتقام تو ز جان محبوب تر.

(دفتر اول، ب- 1066)

معنيٰ: اي سڄڻ، تنهنجي جفا (دک درد) دنيا جي دولت کان ڀلي آهي ۽ تنهنجو انتقام ساهه کان وڌيڪ پيارو آهي.]

16

ڪَهَڻُ ته ڪَچائي، سُورَ نه سانڍَڻُ سُٿِرَا

اَڃان تان آئِي، ڏيلَ مُنهنجي ڏُکَ سِين. [2271]

سمجهاڻي: پنهنجا سور ڪنهن کي ٻڌائڻ يا پڌرا ڪرڻ (ڪچي ڳالهه آهي، انهيءَ ۾ گهٽتائي آهي)، پر ساڳئي وقت سورن کي اندر ۾ لڪائڻ (صبر ڪرڻ) به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. هاڻي ته اڃان شروعات ٿي آهي، اڳتي مون تي وڌيڪ تڪليفون ۽ ڏُک اچڻ وارا آهن.

17

نَڪا ڏِسان ڏُکَ سان، نڪا ڏُکوئِي

جَهِين سان روئِي، حالُ ڳَرَهيان هوتَ جو. [2272]

سمجهاڻي: مان (پاڻ کان سواءِ) ٻئي ڪنهن کي ڏک ۽ غم سان ڀريل ڪانه ٿي ڏسان، (شايد) ڪا ڏکويل آهي ئي ڪانه. انهيءَ ڪري آءٌ  روئي (ڏک وارو حال) ڪنهن کي ٻڌايان! (فقط ڏکويل ئي مون سان غمگساري يا همدردي ڪري سگهي ٿي!).

18

نَڪا ڏسان ڏُکَ سان، نَڪا ڏُکَ پَچارَ

ڪانهي پِرتِ پَچارَ، لَئُون ويچارِيءَ لَڏِئو. [2273]

سمجهاڻي: مون کي ٻي ڪابه ڏکن (وڇوڙي) جي ماريل نظر ڪانه ٿي اچي ۽ نڪو ڪنهن وٽ ڏکن جو ذڪر ئي ملي ٿو. پرينءَ جي پچار (ڳالهه) ڪٿي به ڪانه ٿي ٻڌجي، لڳي ٿو ته پيار ڪرڻ وارا هتان لڏي ويا آهن.

19

جِئَن سو تَئِيءَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾

مُون کي ڏِنو سَڄَڻين مَنجهان سِڪَ سَرو

وَرُ جهِيڻو ٻَرو، کُہِ ڦوڙائو سَڄَڻين. [2274]

سمجهاڻي: جيئن باهه تي  رکيل ٿانءُ جو ترو هروقت اڱرن  جي  سخت  باهه واري مچ ۾ پيو سڙندو (کامي ڳاڙهو ٿيندو آهي) آهي، ساڳي ڪار مون سان محبوبن جي محبت واري پيالي ڪئي آهي ( جو آءٌ اندر ۾ هر وقت پيئي سڙان ۽ پچان). مون کي منهنجي سڄڻن وڏيءَ سِڪ سان محبت واري مَئي (شراب) ڏني آهي. اهو سنهو تپ (جسم کي ساڙيندڙ هلڪي باهه گهڻو وڻندڙ  آهي)، شل پياري محبوب جو وڇوڙو ۽ فراق کڏ ۾ پوي! (اهو مون کان دور هجي)

[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن ريت بيان ٿيل آهي

جان من کوره ست با آتش خوش ست،

کوره  را  اين  بس  که  خانه  آتش  ست.

        (دفتر دوم، ب-1376)

معنيٰ: منهنجو بدن باهه جي ٻرندڙ بٺي آهي ۽ باهه ان کي وڻي ٿي. بٺيءَ جي واسطي باهه جو ٻرڻ سهکو لڳي ٿو.]

20

لاههِ مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمَههُ جِندَڙا

ڪَرِ جهورِي ڪيڻانِ، ڪالهُوڻِئان اَڄُ گهَڻي. [2275]

سمجهاڻي: مٺي محبوب جي يادگيري ڪڏهن به نه وسار ۽ ڪڏهن به پاڻ کي سک ۽ آرام جي حوالي نه ڪر. سندن (ديدار) واسطي ڪالهه جي مقابلي ۾ اڄ پاڻ گهڻي آه  و زاري ڪر (يادگيري ڪر).

21

جهورِي جهِڄَڻُ جهانءِ، مون جَنِي جي نه لَهي

آيَلِ اِيئن مَ ڀانءِ، ته آءٌ ڪا جِيَندِي اُنِ ري. [2276]

سمجهاڻي: اي امڙ، جن جي غم ۽ ڏک ۾ آءٌ بيوس ۽ بيحال ٿي پيئي روڄ راڙو ڪريان، سو ڪو ختم ٿيڻ وارو آهي؟ اي امان، ائين  نه سمجهجانءِ ته آءٌ انهن کان سواءِ جيئري رهي سگهنديس! (آءٌ انهن کان سواءِ مري وينديس)

22

جِهڄي جهانءِ ڪَري، ماٺِ نه اَچي مون هِنيين

سَڄَڻَ سي ساري، هو جَنِي جو هيرَئُون. [2277]

سمجهاڻي: منهنجي (دل) هر وقت پنهنجي سڄڻن جي يادگيريءَ ۾ پيئي روئي ۽ رڙي ۽ کيس هڪ پل به چين نٿو ملي. هوءَ پنهنجي سڄڻن کي هر وقت پيئي ياد ڪري، جيڪي کانئس وسرن ئي نٿا، اهي ئي کيس هر وقت ياد آهن.

23

جاءِ نه سَڄو ڏِينہُ، هِنيَڙو اوٺي وَڳَ جِئَن

مون پِريان سين نِيہُ، ڇِنَڻُ ڪارَڻِ نه ڪيو. [2278]

سمجهاڻي: منهنجو جيءُ هر وقت (پرينءَ جي يادگيري ۾) ائين پريشان پيو گذاري، جئن اُٺن جو وڳ جيڪو هڪ جاءِ تي هرگز نه بيهندو آهي. (۽ هيڏانهن هوڏانهن پيو هلندو ۽ چرندو آهي). مون پنهنجي پرينءَ سان محبت جو ناتو ٽوڙڻ لاءِ نه ڪيو آهي. اهو رشتو اڻ ٽٽندڙ ۽ نه ختم ٿيڻ وارو آهي.

24

مُوڙهو ڳِنهي نه مَتِ، پَليان پَليو نه رَهي

ڪا جا ٿِيَسِ ڀَتِ، جئن اَڄُ اوتائو پِرينءَ کي. [2279]

سمجهاڻي: منهنجو هينڙو ڏاڍو پريشان ۽ منجهيل آهي ۽ منهنجو ڪو چوڻ نٿو مڃي ۽ ڪا صلاح نٿو وٺي ۽ جهلجڻ سان نٿو جهلجي. اهڙي عجيب عادت پيئي اٿس جو اڄ پرينءَ لاءِ ڏاڍو ويڳاڻو ۽ اُتاولو ٿي بيٺو (گهڻي شوق ۾ ڀريل آهي).

25

هنِيَڙو پِريان ڪَڏِهِين ڏُکِ نه ڏُکويو

سُکَنِ جان پِيو، تان ڦوڙايو سَڄَڻين. [2280]

سمجهاڻي: مون کي يا منهنجي هنيين کي محبوبن ڪڏهن پاڻ نه ڏکويو يعني تڪليف نه ڏني آهي. بلڪ جڏهن هي پاڻ سکن جو عادي ۽ هيراڪ ٿي پيو تڏهن سڄڻن کيس جدا ڪري ڇڏيو.

26

ڪَٽِئو هومِ ڪَٽَ، هِنيَڙو ٻاجهان هوتَ جي

ڪَڙو هَڻِي قَلَبَ کي لاٿا لالَڻَ لَٽَ

سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڪِي صَفائي ساههَ کي. [2281]

سمجهاڻي: منهنجو هنيون محبوبن کان سواءِ ڪٽجي ڪارو ۽ ڪَسُ وارو ٿي ويو هو. ليڪن سهڻي سڄڻ اُن کي قابو جهلي، جيڪي مٿس لٽ چڙهي ويا هئا، سي لاهي صاف ڪري ڇڏيا. سڄڻن جي (پيار ۽ محبت جي) سهٽ ئي من کي اڇو اُجرو ڪري ڇڏيو.

 

27

[2282]

 

28

ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينہَ، مانَ وَرُ ڪَنِ سُپرِين

ڪِيَسِ نِماڻي نِينہَ، آيَلَ ٻاروچَنِ جي. [2283]

سمجهاڻي: منهنجي سڄڻ کي مون کان گهڻو پري ڪي ڏينهن لڳي ويا آهن. شل اهي پاڻ ڪو ڀيرو ڪن (موٽي اچن). مون کي انهن ٻاروچن جي محبت ڏاڍو هيڻو ۽ بيوس ڪري ڇڏيو آهي.

29

پَلِپَلِ ٿو پَليانسِ، پَلَڪُ نه رَهي پِرِينءَ ري

جِنہِ جهوريءَ کان جهَليانسِ، جهِڄئو تِنہِ جهوريءَ پَوي. [2284]

سمجهاڻي: مان هر هر بلڪه هر گهڙيءَ پنهنجيءَ دل کي پيو سمجهايان ۽ روڪيان پر هڪ ساعت به پرينءَ کان سواءِ رهڻ يا ترسڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڳڻتي ۽ ڳاراڻي کان کيس جهليان ٿو وري به بي حال ۽ بيوس ٿيو ان ۾ پئجي ٿي وڃي (پنهنجي وس ۾ ناهي)

[محبوب جي باري ۾ دل جي عجيب روش بابت رومي وري هينئن چوي ٿو:

نا خوش او خوش بود درجانِ من،

جان فدائي يار دل رنجان من.

(دفتر اول، ب- 1777)

معنيٰ: هن جي هر اڻ وڻندڙ ادا منهنجي دل کي وڻندڙ آهي. دل ڏکوئيندڙ دوست مٿان منهنجو ساهه به قربان آهي.]

30

ڀَلا پِرين ڀَرجهَلا، وِچِينءَ ڪِينَ وِرِچَنِ

ڏِينِ بَرادُون بُکينِ کي، عِيدوُن اُگهاڙَنِ

تون ڪِيئن سندو تَنِ، ديوانا دَرُ مَٽيين. [2285]

سمجهاڻي: اُهي سڄڻ پاڻ پنهنجي سرڏاڍا ڀلارا ۽ ڳڻن وارا آهن ۽ مون لاءِ وڏو آسرو اميد آهن. اُهي ڪڏهن وچ ۾ رولي يا ڇڏي ڪو نه ٿا وڃن، هو توڙ نڀائڻ وارا آهن. هو (ايڏا مهربان آهن جو) ضرورتمندن کي براد جي رات جو سٺو طعام کارائين ٿا ۽ عيد جي موقعي تي انگ اگهاڙن کي ڍڪائين ٿا. اي اياڻا، اي چريا تون سندن درڇڏي ٻئي در ڪيئن ٿو وڃين!

31

لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نَنگَ نِهوڙِيَسِ جيڏِيُون

ڪيرايَسِ ڪُنَنِ ۾ واري وَراڪَنِ

سڄَڻَ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَ سُڄَنِ

سي ڪِيئن پِرين پَسَنِ، جَنِ کي نِيَرُ ننگَ جو. [2286]

سمجهاڻي: مون کي پرينءَ سان پريت جي پيچ ساڙي ۽ جلائي ڇڏيو آهي ۽ هن سان پنهنجائپ واري ناتي (جنهن کي نباهڻ لازم آهي) مون کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي. هن سان ويجهن لاڳاپن مون کي مجبور ڪري ڪُنن ۾ ڪيرائي وڌو آهي. منهنجا سڄڻ ٽڪر جي چوٽيءَ وانگر (منهنجي پهچڻ کان مٿي) آهن ۽ وٽس پهچڻ لاءِ واٽ تي چهنبيارا پٿر ۽ پهڻ آهن.  جن ويچارين کي پنهنجي عزت ۽ ناموس جو خيال آهي، سي اهي اوجهڙ ۽ ڏکيا رستا لنگهي ڪيئن پرينءَ وٽ پهچنديون.

32

سُوڌو سوالُ پُڇَنِ، توڻي جانِ جُدا ٿِئي

سَندا سُورَ پِرينِ، سانڍي ڪِجَنِ سُوکَڙِي. [2287]

سمجهاڻي:  (محبوب) سڌو سنئون اهڙو ڏکائيندڙ سوال پيا پڇن، جنهن سان منهنجو ساهه نڪري ٿو وڃي. (ڀلي ڪيڏو به سور ۽ تڪليف ڇو نه پهچي) پر پرينءَ جا ڏنل سور اهڙا آهن جو سوکڙي ڪري اندر ۾ سنڀالي  رکجن (ٻين سان ظاهر نه ڪجن)

33

هَرِئو هَٿُ ٿِئومِ، ڳَلِ وِهاڻو پُسئو

سَڄَڻُ يادِ پِئومِ، صُبحَاڻي صُبوحَ جو. [2288]

سمجهاڻي: صبح جو سوير سڄڻن جي ياد ايترو ستايو جو روئي روئي ڪنڌ هيٺان رکيل وهاڻو ته پُسي  آلو ٿي ويو پر (ڳوڙها اگهڻ جي ڪري) هٿ به آلا ٿي ويا.

34

سُتي سَنڀَرِئومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو

ڪَنڌَ وِهاڻو ڀِنو هَرِئو هَٿَ ٿِئومِ

سَڄَڻُ يادِ پِئومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جيڏِيُون. [2289]

سمجهاڻي: مون کي ننڊ ۾ سڄڻن جا ٿورا ۽ ڀلايون اچي ياد پيون. سندن ياد ۾ روئڻ جي ڪري ڪنڌ وارو وهاڻو پُسي پاڻي ٿي ويو ته هٿ به ڳوڙهن ۾ آلا ٿي ويا. سڄڻ جي يادگيري (مان اهو احساس ٿيو ته) هن کان سواءِ منهنجو جيئڻ بيڪار ۽ اجايو آهي. (اهو جيئڻ بي مقصد آهي)

35

سَڄَڻَ سَنڀَرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾

جِهڙي تِهڙي حالَ سِين وير نه وِسَرِئامِ

هَرِئا هَٿَ ٿِئامِ، نيڻَنِئُون نِيرُ وَهي. [2290]

سمجهاڻي: مون کي جڏهن پرين ياد پيا ته منهنجي نراڙ ۾ (ڳڻتيءَ ۽ سوچ جا) گهنج پئجي ويا. منهنجي جيڪا به حالت هئي (خواهه آءٌ ٺيڪ هئس يا بيمار) پر منهنجا پرين هڪ پل به مون کان نه وسريا. هنن جي ياد ۾ هر وقت منهنجي اکين مان آب جاري هو ۽ منهنجا هٿ ڳوڙهن سان آلا هئا (نه ڪڏهن اکين مان پاڻي وهڻ بند ٿيو ۽ نه منهنجا هٿ خشڪ ٿيا).

36

سَنڀَرِئو جِيَان، ڳالهيون پِرين تُنهِنجِيُون

ڪهڙا ڳُڻَ ڳَڻيان، ٿورَنِ مَٿو ناههِ ڪو. [2291]

سمجهاڻي: اي سڄڻ، آءٌ تنهنجيون (مٺڙيون) ڳالهيون ۽ گفتا ياد ڪري پيئي جيئان. آءٌ تنهنجا ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿورا ۽ احسان پنهنجي زبان سان بيان ڪريان جن جو ڪو شمار ئي ڪونهي. (اهي ڳڻڻ کان ٻاهر آهن).

37

جُہُ سي سَنڀَرجَنِ، سَههُ جَنِي سِين اورِيَان

لَئُون لَئُون هيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئن. [2292]

سمجهاڻي: اُهي پرين جڏهن ياد اچن ٿا، جن کي جيڪر آءٌ پنهنجو د ک درد ٻڌايان، جن سان جيڪر حال اوريان. تڏهن مون کي ائين پيو محسوس ٿئي ته منهنجي رڳ رڳ ۽ وار وار رباب (ساز جو نالو) جي تندن وانگر پيا وڄن (ان کان وڌيڪ آءٌ پنهنجو حال ڪيئن ٻڌائي سگهنديس!)

38

چَتُرُ رَهي نه چِتُ، ويڻَنِ واڳِئو نه رَهي

رَئِي لَٽِجي نِتُ، هِنيڙو واٽَ وِرکَ جئن. [2293]

سمجهاڻي: منهنجو هيانءُ ڪيترو سجاڳ ۽ سڌير رهندو، اهو ڪيترو وقت طعنن مهڻن سان جيئرو رهي سگهندو. اهو واٽ تي بيٺل وڻن جيان سدائين پيو دز ۽ مٽيءَ  ۾ لٽجي ۽ ڪومائجي.

39

چَتُرُ رَهي نه چِتُ، سُورين صَبرُ نه ڪَري

سَڄَڻَ ساري نِتُ، ويڳاڻو ٿِئو وِنجهُلي. [2294]

سمجهاڻي: منهنجي اندر ۾ ڪا خوشي ناهي ۽ منهنجو من ايڏن سورن ۾ صبر نٿو ڪري سگهي. بلڪه اهو هر وقت پرينءَ کي ياد ڪري غم ۽ فراق ۾ لاچار ۽ ويڳاڻو ٿي پيو هلندو  وتي.

40

چوري چوري چِتُ، جان نَئِيءَ وِهاڻيءَ نِڪَران

نِيہَ کُرائِي نِتُ، پِريان سَندِي پيرَ ۾. [2295]

سمجهاڻي: مان جڏهن رات جو مس پنهنجي دل کي ڪنهن ريت سنڀاري يا ريجهائي ڇڏيان ٿي، پر جڏهن پرڀات وقت ٿئي ٿو ۽ آءٌ اٿي ٻاهر نڪرڻ لڳان ٿي ته پرين جي ياد منهنجي پيرن جو ڍنگر بنجيو پوي. (مون کي هن ڏانهن ڇڪي وٺي وڃي ٿي).

41

چيتارِيان چُڻڪَنِ، سَنڀارِيانِ صَحِي

اَندرِ رُوحَ رَهِي، صورت سُپيرينِ جِي. [2296]

سمجهاڻي: جيئن سور منهنجي اندر ۾ هر وقت پيا دُکن(انهن ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي ٿئي) تيئن  سڄڻ به هر وقت سامهون ياد پيا اچن.  در اصل منهنجي اندر ۾ سپرينءَ جي صورت جيئن جو تيئن  قائم دائم آهي.

42

چيتارِيان چُڻڪَنِ، وِساريان نه وِسرَنِ

ويرُون تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي هَڏَ جِئن. [2297]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ منهنجي اندر ۾ هروقت دک درد بنجي ياد پيا اچن، انهن کي وسارڻ جي جيتري به ڪوشش ٿي ڪريان، اهي نٿا وسرن بلڪه اهي ڀڳل عضوي  جي سور وانگر سدائين سڄي بدن ۾ پيا گهمن ۽ ڦرن.

43

چيتاري چُوندِياسِ، ڳالهيون سڀ کي سَڄَڻين

جُہُ مُقابِلِ ٿِياسِ، ته مِڙَئي وييَمِ وِسَرِي. [2298]

سمجهاڻي: مان (هر وقت اهو پيئي سوچيان ته جڏهن سڄڻ ملندا) سڀ ڳالهيون هڪ هڪ ڪري ساري سنڀاري پنهنجن سڄڻن سان ڪنديس. پر جيئن منهنجي ساڻن ملاقات ٿي ۽ سامهون مليا ته اهي سڀ جون سڀ ڳالهيون (خوشيءَ وچان) وسري ويون.

 

وائي

هاڙهو ڳاڙهو هوتَ، ڪيچي ڪالَهه لَنگهي وِئا

سِڪَ ٻاروچي نه لَهي مَٿي تائِين موتَ

لَڳَندي لَڪَن ۾، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ

متان مون کي ڇَڏيين هِتِ هوتاڻِي هوتَ

ڏِيندِيَسِ  ڏاڍي  ڏُونگَرين  توهِي  ڪارَڻِ  جهوتَ. [2299]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ ڪالهه هاڙهو (جبل) لنگهي اڳتي هليا ويا. سڄڻ جي سڪ مرڻ گهڙيءَ تائين لهڻ واري ناهي. مان جبلن جي ڏکين لڪن ۾ ٿڙندي ٿاٻڙندي ذرا پرزا ٿي ويئي آهيان. او منهنجا هوت پنهل، متان مون کي هتي ڇپر ۾ ڇڏي هليو وڃين. ڪيڏا به ڏکيا جبل ۽ چڙهايون هجن، مان ضرور انهن تي چڙهي تنهنجي ڳولا ۾ هيڏي هوڏي نهارينديس ۽ تنهنجي ڪڍ اينديس.

 

داستان ٻئو

 

1

سَڄڻَ نه سانڀيٽَ، ڳُجُهه ڳَرهيان ڪَنِ سِين

ڳالهيون اَندرِ پيٽَ، سَلا ٻَڌي مورِيُون. [2300]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ ويجها ڪونه آهن، جو کين ڳرهاٽڙي پايان يا ساڻن گڏجي ويهان ۽ سمورا حال احوال  اوريان ۽ دک درد بيان ڪري ٻڌايان. هنن جي جدائي ۾ اُهي سڀ ڳالهيون  منهنجي اندر ۾ ٻج وانگر ڦٽي (ڦوٽهڙو ڪري) مٿي اُڀرڻ لڳيون آهن.

2

اَڱڻِ آيا نه سَهان، گَهرِ ويٺِي گهُرانِ

مُنہَ مُقابِلِ سُپرِينِ، پَسئو ٿِي پَچانِ

وارُ نه سَهان وِچِ ۾ اَڃان دَر ڌَريانِ

ڳَرا مَنجههِ ڳُڻانِ، پِرين وِجهِبا پيٽَ ۾. [2301]

سمجهاڻي: هو (محبوب) جڏهن مون وٽ اچي نڪرن ٿا ته آءٌ هنن کي ڏسي بيهي نٿي سگهان (دهشت جهلي نٿي سگهان) پر دل ۾ پيئي چوان ته جيڪر مون وٽ ئي هجن (مون وٽان نه وڃن)

وري جڏهن اُهي سڄڻ منهن سامهون اچن ٿا ته آءٌ (ديدار جي گرميءَ ۾) پئي کامان ۽ پچان.  (مان پنهنجي هوش ۾  نٿي رهان). آءُ هنن جي ۽ پنهنجي وچ ۾ وار جيتري وٿي به برداشت ڪري نٿي سگهان، بلڪه چوان پيئي ته اڃان ويجهو هجن. منهنجا محبوب اهڙين مٺين ۽ سهڻين عادتن وارا آهن جو دل پيئي چوي ته جيڪر پنهنجي اندر ۾ کين سمائي ڇڏيان. (مطلب ته پرينءَ کان پري رهڻ توڻي ويجهورهڻ ناممڪن آهي. ٽين صورت اها آهي ته کين پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان).

3

ڳَرَهِ مَ، ڳُجهو روءِ، پَڌَرِ وِجههُ مَ پِرينءَ ري

سُورَنِ سُڀَرُ هوءِ، هِنيَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن. [2302]

سمجهاڻي: تون چئي نه ٻڌاءِ، چٽو ڪري نه چئو، بلڪ اندر ۾ روءُ. محبوب جي جدائي جي ڳالهه ظاهر نه ڪر. اي دل، تون سورن سان ائين ڀريل هج جيئن ڪوڻيءَ جو ڪُم اندران داڻن ۽ ڪَڻن سان ٻاهرئين کل تائين ڀريل ۽ ڏَٽيل هوندو آهي ( ان ۾ ڪا ذري جيتري جاءِ به خالي نه هوندي آهي).

4

ڳَليين مَ ڳَرَهيجُ، روئي ڪِجِ مَ پَڌرا

تان سُوران ئي سَهيجُ، جَان لاهِيندَڙُ ڪو لَهِين. [2303]

سمجهاڻي: تون ٻاهر گهٽين ۾ (ٻين جي آڏو) چئي نه ٻڌائج ۽ روئي پنهنجو راز ظاهر نه ڪر. تون ايستائين دک درد سهه، جيستائين انهن کي لاهڻ وارو (پرين) توسان نٿو ملي.

5

سُورَ مَ سَلَڻُ سِکُ، پَڌَرِ وِجههُ مَ پِرت کي

مَنَ اَندرِ مَجنون جان لِڪُون پائي لِکُ

هِيءُ هَڏُ ڪَري مِکُ، مَرُ مَنجهِهِين ماتُ ٿي. [2304]

سمجهاڻي: تون ٻين کي پنهنجا سور ٻُڌائڻ جي عادت نه وجهه، ائين پنهنجي پريت کي پڌرو نه ڪر. بلڪ تون مجنون (ليليٰ جي مشهور عاشق) وانگر لڪي لڪي پنهنجيون ڳالهيون اندر ۾ لکندو (سانڍيندو) وڃ. تون پنهنجن هڏن کي ڳاري گودو ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي اندر ۾ مري پئج يا اندر کي ماري مات ڪر. (پاڻ کي فنا ڪر)

[هن بيت ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي، جنهن جو ذڪر مثنويءَ ۾ ملي ٿو ته هڪ دفعي مجنون کي ڏٺائون ته واريءَ تي آڱرين سان ڪجهه لکي رهيو هو:

گفت اي مجنون شيدا چيست اين،

مي نويسي نامه بهرکيست اين.

گفت مشق نام ليليٰ مي کنم،

خاطر خود را تسلي مي دهم.

(دفتر ...........)

معنيٰ: اي مجنون عاشق، تون هي ڇا پيو ڪرين. هيءُ خط ڪنهن ڏانهن پيو لکين. وراڻيائين ليليٰ جي نالي لکڻ جي مشق پيو ڪريان ۽ پنهنجي دل کي تسلي پيو ڏيان.]

6

سَنئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبَتِي اُنِ سِين

وَنءُ سَهِي ويڻانِ، تو نه سَرندِي تَنِ ري. [2305]

سمجهاڻي: محبوبن سان نه ته سنئين سڌي راهه رسم ٺهي ٿي ۽ نه وري ساڻن ابتي  روش هلڻ جڳائي  ٿي (اها سراسر ادب جي واٽ آهي). بس تون انهن جون ميارون پاڻ تي پيو کڻ، ڇو جو هن کان سواءِ تنهنجي ڪا نه سرندي (هنن جي توکان سواءِ سري ويندي).

7

نيڻَ نه نِنڊرون ڪَنِ، ڀڳو آرَسُ اکيين

اُجهامِئو  ٻَرَنِ،  توکي  سارِئو  سُپِرِين. [2306]

سمجهاڻي: اي منهنجا دلبر سائين، تو کان سواءِ منهنجي اکين مان ننڊ موڪلائي ويئي آهي، بلڪه اکيون ننڊ کان پري ڀڄي بيٺيون آهن. (اکين جي اها حالت آهي جو) اهي ٽانڊن وانگر جڏهن وسامڻ تي (ننڊاکڙيون) هونديون آهن، ته توکي ياد ڪري وري باهه جي مچ وانگر ٻري پون ٿيون.

8

ياد ڪريان نه جَنِ کي، نَڪِين وساريانِ

سَرِتِيُون ساريانِ، ڳُجهو ڪري اُنِ کي. [2307]

سمجهاڻي: اي سرتيون، مان (ظاهري طور) پنهنجن سڄڻن کي نڪي ياد ڪريان ٿي نڪي وساري ويهان ٿي، بلڪه آءٌ انهن کي اندر ئي اندر ۾ پيئي ياد ڪريان ۽ سنڀاريان.

9

گوَنِي ۽ گُونِي، پِرين پَٽائين گجَ جِينءَ

جي مَنَ مَنجهُونِي، سي ڪِيئن وَڃَنِ وِسَرِي. [2308]

سمجهاڻي: منهنجا جانب، پَٽ جي گج وانگر (ريشم جي رنگين ڀرت ڀريل گج جيان) آهن. هو جيڪي منهنجي من ۾ اندر آهن، سي ڪڏهن وسرڻ وارا ناهن (وسري نٿا سگهن).

10

اَندَرِ اندَرِيُون، جئَن نِي وانجهِي لَٺَ ۾

مون تَڻُ تيتَرِيُون، ته ڪِيئن مِلِبو سَڄَڻين. [2309]

سمجهاڻي: جيئن بانس جي لٺ ۾ اندر ئي اندر ڪيتريون ڳنڍيون هونديون آهن، منهنجي تن بدن ۾ پڻ ڳڻتين جون ايتريون ڳڙيون ۽ ڳنڍيون آهن ته سڄڻ  سان ڪيئن ملي سگهبو.

11

جِئَن سي کُوهِيءَ نارَ، وَهَنِ وارِيءَ گاڏُئان

هِنيَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نه نِبَري. [2310]

سمجهاڻي: جيئن کوهيءَ جي تري ۾ پاڻيءَ جا سيما مٽيءَ ۽ ريتيءَ يا واريءَ سان گڏجي سدائين جاري هوندا آهن ۽ ڪڏهن به بند نه ٿيندا آهن، تيئن آءٌ پنهنجي هيانءَ کي پرينءَ کان پاسي ڪرڻ لاءِ هر وقت پيئي جتن ڪريان ۽ کيس سمجهايان، پر منهنجي ڳالهه ڪو نه ٿو مڃي. (آءُ کيس سمجهائڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿيان).

[کوهه جي نارن وانگر وهڻ جي تشبيهه مثنويءَ ۾ هن طرح ملي ٿي:

باش چون دولاب نالان چشم تر،

تا ز صحن جانت بر رويد خُضر.

(دفتر اول، ب- 821)

معنيٰ: تون کوهه جي نار وانگر سدائين اکين مان آب هاريندو رهه ته جيئن تنهنجي اندر جي اڱڻ ۾ ساوڪ ئي ساوڪ پيدا ٿئي.]

12

ڪِين جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائِي مَنيو

تِهين مان تِرَ جيتَرِي جي خبر پَئِي کَرَنِ

هِي تان هُوندَ مَرَنِ، هُنِ اڱڻِ اوراتو ٿئي. [2311]

سمجهاڻي: ڪنڀارن مٽيءَ کي ڳوهي ان ۾ جيڪي ڪجهه (روح) وڌو تنهن بابت جيڪڏهن دشمن بدخواهن کي ٿوري به ڄاڻ پوي ته هو سڀ پاڻهي مري پون ۽ هنن (محبوبن) جي اڱڻ تي ڏوراپو اچي وڃي! (هن بيت جي معنيٰ وڌيڪ غور طلب آهي ن.ب)

[هن بيت ۾ انسان جي تخليق ۽ سندس رقيب شيطان ڏانهن اشارو آهي. مثنويءَ ۾ روميءَ ان حديث جو حوالو ڏنو آهي، جنهن مطابق الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته ’اسان آدم جي مٽيءَ کي چاليهه ڏينهن ڳوهي رکيو،

گنج آدم چون به ويران شد دفين،

گشت طينش چشم نبد آن لعين.

او نظر من کرد در طين دست ست،

جان همي گفتش که طينم سدست.

(دفتر پنجم، ب- 3452 ۽ 53)

معنيٰ: جيئن ته حضرت آدم جو خزانو ويراني (مٽيءَ) ۾ دفن ٿيل هو، تنهن ڪري اها مٽي شيطان ملعون جي اکين آڏو رڪاوٽ بنجي ويئي. هو مٽيءَ کي حقارت سان ڏسندو رهيو ۽ آدم جو روح کيس چئي رهيو هو ته اها مٽي ئي تنهنجي اکين لاءِ پردو آهي.]

13

نِيہُ نِهائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوهُ نه ڍَڪِئين

جُہ ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي ته ڪِيئن پَچَندا ٿان

سَندِي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالهڙِي. [2312]

سمجهاڻي: تون (اي طالب) تون پنهنجو عشق (ڪنڀر جي ٿانون پچائڻ واري) آويءَ وانگر لڪائي ڇڏ يا ڍڪي هل. توکي خبر آهي ته جيڪڏهن آويءَ مان ڪٿان باهه جو تَو يعني گرمي ٻاهر نڪتي، ته ڪچا ٿانو پچي ڪو نه سگهندا. تون اها ڪنڀارن واري ڳالهه چڱيءَ طرح ٻڌ ۽ سمجهه.

14

نِيہُ نِهائِينءَ جِيئن، ڍَڪِئو ڪوهُ نه ڍَڪِيين

جو ڄَرَ ڄيري ڇَڏي ته رَڇَ پَچندا ڪِيئن

تون پُڻ ڪَريجِ تِيئن، جئن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سِين. [2313]

سمجهاڻي: تون پنهنجي عشق (جي باهه) کي ڪنڀارن جي آويءَ وانگر ڇو نٿو  ڳجهو رکين. جيڪڏهن اها باهه جي گرمي ڪنهن طرح سان ٻاهر نڪري ويئي ته پوءِ ٿانو ڪونه پچي سگهندا.  توکي کپي ته تون پاڻ ڪنڀارن واري ڪار ڪرين، يعني جيئن اهي ڪن ٿا (عشق جي باهه کي هرگز ظاهر نه ڪن)، تيئن ڪرين.

15

نِهائِينءَ کان نِيہُ، سِکُ مُنهنجا سُپِرِين

سَڙي سارو ڏِينہُ، ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪَري. [2314]

سمجهاڻي: اي منهنجا سڄڻ، تون ڪنڀرن  جي  آويءَ  کان  عشق  پچائڻ  جو  سبق سک. اها سڄو سڄو ڏينهن اندران پيئي سڙندي ۽ دکندي رهندي آهي، پر منجهائس باهه پڌري پٽ ڪڏهن ٻاهر نه نڪرندي آهي.

16

نيڻَ نِهائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڌَڳِيا

اُجهامِئو  ٻَران،  توکي  سارِئو  سُپرِين. [2315]

سمجهاڻي: جڏهن ٻيا سڀ ماڻهو سمهي آرام ڪن ٿا تڏهن منهنجا نيڻ نهائينءَ وانگر دُکڻ لڳن ٿا. منهنجي اها حالت هوندي آهي جو جڏهن اهي جهيڻي باهه جيان وسامڻ تي اچن تڏهن وري ٻري پون ٿا. (منجهن باهه جهڪي ٿيڻ کان پوءِ وري تيز ٿي پوندي آهي)، اي سڄڻ، آءٌ توکي هر وقت ائين پيئي ياد ڪريان.

17

رِءَ پِريان پَرديسَ ۾ وِرِهَ وَڌي ڪِي ويڙ

اکيون پارِ پِرينِ جي سارو ڏِينهُن سُکيڙِ

پانڌِي پَروَرَ ميڙِ، جي کِينءَ جون ڏِينَمِ خَبَروُن. [2316]

سمجهاڻي: پرينءَ کان سواءِ پرائي ديس ۾ درد ۽ فراق جهنگ وانگر وڌي وڻ ٿي ويا. پرينءَ جي طرف سڄو ڏينهن نهاريندي ۽ انتظار ڪندي، اکيون بي آراميءَ ۾ ٻاهر نڪري آيون. اي مالڪ، مون کي اهي واٽ ويندڙ ملاءِ جيڪي خير جون خبرون آڻي ڏين.

18

سُورُ جَنِي کي سَهَڄَ جو تَنِ کي پُڻي نه پارو

ٻارَڻُ ٻارِينِ نه باههِ جو سَڄو سيارو

آرَهَڙُ اُونهارو، اُو لُکَ لَکايا ڪِينَڪِين. [2317]

سمجهاڻي: جن کي محبوب سان سگهو ملڻ جي خوشخبريءَ جو سور (انتظار) هجي، تن کي سخت سيءُ به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. اهي سڄي سياري ۾ باهه وغيره ڪو نه ٻارين. ائين گرمي ۽ ٻوسٽ وارا ڏهاڙا يا جهولا ۽ لکون به سندن ڳاڻيٽي ۾ نه آهن، هو انهن کي ليکين ئي ڪونه ٿا.

19

جهوتُون ڏِيندي جهَنگَ ۾، ميان آءٌ مُيَاسِ

بازَنِ کاڄُ ٿِياسِ، سِگهو موٽِجُ سُپِرين. [2318]

سمجهاڻي: آءٌ جهنگ (بيابان ۾) هيڏانهن هوڏانهن سَٽون ڏيندي، ابتيون سبتيون ڊوڙون پائيندي، مري ختم ٿي وينديس. او منهنجا سپرين، تون جلدي اچي پهچجانءِ، ائين نه ٿئي جو آءٌ ڳجهن جو کاڄ ٿي وڃان.

20

جَرَ سِرِ ڪَؤُنرَ ڪَرِين، رُوءِ تِهڙي سَڄَڻين

جُہ لَهَرِينِ لوڏي ڇَڏِيا تَپِ رَنگُ نه مَٽائِين

پِرِهان پاٻوهِينِ، وِچينءَ وَڻِڪَ وِتِرا. [2319]

سمجهاڻي: جيئن پاڻيءَ مٿان بيٺل نيلوفر جا گل خوبصورت ٿا لڳن، تيئن منهنجي محبوبن جي منهن جي رونق حسين ۽ وڻندڙ آهي. ڪنول جا اهي گل پاڻيءَ جي لهرن ۾ پيا لڏن لمن، پر سندن رنگت ۾ ڪو فرق نه اچي. (منهنجا سڄڻ) اهي پرهه کان وٺي پيا پاٻوهين، يعني مسڪرائين ۽ ٻن پهرن جي وقت تائين رنگت ۾ پاڻ وڌيڪ نکري بيهن.

21

ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسَنگُ مُورِ نه پُڇڻا

عادَتَ عَنبَرَ جهڙي، ساڌَڻُ لوڪُ سندونِ

جيڏو ڀَرُ ڏِبُون، تيڏو سَهندَلَ سُپِرين. [2320]

سمجهاڻي: منهنجا سهڻا سڄڻ صورت جي سهڻائيءَ ۽ ڳڻن جي ڳورائيءَ ۾ پوري ڌرتيءَ جي تور برابر آهن. هو اُٽل جا ڪڏهن محتاج ناهن (ڇو جو کين اُٽل يعني پنهنجي طرف وڌيڪ وزن وجهڻ جي ضرورت ئي ڪانهي) سندن هر ادا عنبر جهڙي سرهي ۽ من موهڻي آهي، هو سڄي لوڪ کي ٿا سنڀالين ۽ سکي ڪن. جيڏو بار پوندن اوترو سهڻ وارا آهن.

22

ڪُڇَنِ ڪِينَ مُهَا، اوتُون ڏِينِ اکينِ سان

اِنَهِين واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرين. [2321]

سمجهاڻي: پيارا پرين (تڪليف ۽ ايذاءَ وقت به) واتان ڪين ڪڇن (ڪجهه نه چون) بلڪ هو پنهنجي اکين کي سهڻو ڪري ڍارين ۽ اشارن ۾ اهڃاڻ ڏين. منهنجا سچا کرا ماڻڪ موتين جهڙا پرين هميشه صبر ۽ نهٺائيءَ واري واٽ وٺي هلڻ وارا آهن.

23

اَڄُ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيَان

ڏُونگَرَ ڏِينہَ لَڳانِ، مانَ وَرُ ڪَنِ سُپِرين. [2322]

سمجهاڻي: اڄ آءٌ وڏيون اميدون رکي اڱڻ کي پيئي ٻهاريان ۽ صاف سٿرو ڪريان. هنن کي پرديس وئي گهڻا ڏينهن گذري ويا آهن، شل هاڻي ڪو مون وٽان ڀيروڪن (مون وٽ پير گهمائن)

24

سِجُ لَهِي سانجهِي ٿِي، وَڻين هَنئِي وَڻِڪَ

ساجَنَ تُنهنجيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِهارِيَان. [2323]

سمجهاڻي: سج لهي سانجهي ٿيڻ واري آهي (نما شام) ۽ وڻن جو رنگ بدلجي ميرانجهڙو ٿيڻ وارو  آهي (وڌيڪ اونداهيءَ ۾ وڻ ڪارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن). پر منهنجا سهڻا سڄڻ، آءٌ اهو اصلوڪو هنڌ (جتي توسان ملڻ ٿيو هو) پيئي ٿي نهاريان.

25

سِجُ لَهِي سانجهِي ٿِي، وَڻين ڪئائُون ويرَ

ڪِٿي هُوندا هيرَ، صاحبَ منهنجا سُپرِين. [2324]

سمجهاڻي: سج لهي ويو ۽ منهن اونداهي ٿي ويئي. سڄڻن موٽي ماڳ تي اچڻ ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏي. خبر ناهي، منهنجا سڄڻ هينئر الائجي ڪٿي هوندا؟

26

سِجُ لَهِي سانجهِي ٿِي، ڪِٿي هوندَمِ هيرَ

ٿي وانهيري ويرَ، هُونِ سَلامَتَ سُپرِين. [2325]

سمجهاڻي: سج پيو لهي ۽ اوندهه ڦهلجڻ واري آهي. خبرناهي، منهنجا مُحب مهربان هينئر ڪٿي هوندا. پکي وڻن جي آکيرن ۾ اچي ويٺا آهن. شال منهنجا سڄڻ سلامت ۽ خيريت سان هجن.

27

سِجُ لَهِي سانجهِي ٿي، پَکِي وِئا پيهِي

پِرين پَرڏيهِي، حالُ ڳَرهيان ڪَنِ سِين. [2326]

سمجهاڻي: سج لهي ويو ۽ سانجهي ٿي ويئي. پکي آکيرن ۾ اچي ويهي رهيا. منهنجا پرين اڃان پري پرديس ۾ آهن، آءٌ پنهنجو حال ڪنهن کي ٻڌايان.

28

ڌَڻِي سو وارِيين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين

وَنهِينءَ واٽَ مَٿاءُ، هِنيَڙي آسَرُ نه لَهي. [2327]

سمجهاڻي: اي مالڪ، اهو واءُ  گهُلاءِ جيڪو مون کي سڄڻن سان ملائي. مون کي انهيءَ وهندڙ واٽ مان جتان سڀني ماڻهن جي اچ وڃ آهي، اها ئي اميد آهي ته سڄڻ اها واٽ وٺي  ڪڏهن لنگهندا ۽ ملڻ ٿيندو.

 

29

[2328]

 

 

وائي

لائي جا وِڙَان کي، ڪانڌَ مُنهنجي ڪورا

اَچَنِ پِرين پَتَنگئا، ڪَرَ ٻاٻيهَلَ جي ٻورا

سيڻين سَرَکَنڊُ سَپَڄي، عَطرُ پِريين اتورا

ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِئو تازڙِي ڦُلَنِ ڦورا

ماءُ  مارِيندُمِ  ڪَڏِهين  هوتاڻِيءَ  جا  هورا. [2329]

سمجهاڻي:  (بدخواهه) جيڪي اسان جي ميٺ محبت  کي ڦٽائڻ وارا هئا، تن کي سندن مقصد حاصل نه ٿيڻ سبب سخت ايذاءُ پهتو. منهنجا  پيارا پرين سهڻن پوپٽن  وانگر  ٽلندا اچن ۽ ٻاٻيهي پکي وانگر سهڻا پيا لڳن. منهنجن سڄڻن وٽ صندل جي سرهاڻ آهي ۽ وٽن اڻ ميو عطر عنبير آهي. منهنجي سڄڻن جي ڪري سڄو جبل ۽ ٽڪر خوشبوءِ سان مهڪي ويو آهي ۽ ڪيترائي تازا گل  ٽڙي پيا آهن. اي امڙ، مون کي هوت بلوچ جي يادگيري وري وري پيئي ٿي ماري.

 

داستان ٽئو

 

1

ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مون نِماڻيءَ جي نِجهُري

پِرِين تُنهنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آهيان. [2330]

سمجهاڻي: اي منهنجا ڀتار، تون وري ڪو هن عاجز ۽ لاچار عورت جي اجهي ڏي لڙي اچ. پيارا پرين، تنهنجي پناهه ئي مون لاءِ وڏي ۾ وڏو ڍڪ ۽ اوڍر آهي.

2

جي تُون قائِمُ ڪانڌَ، ته آءٌ وَرَ وِلهيائِي نه ٿِيان

پَکِي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِئو. [2331]

سمجهاڻي: اي منهنجا مڙس، جيڪڏهن تون مون وٽ هميشه  موجود آهين ته آءٌ ڪڏهن ڪنگال يا سُڃي نه آهيان (مون کي ڪو سڃو سکڻو نٿو چئي سگهي). منهنجي هن ڇنل ۽ ٽٽل اجهي جا پلو پاسا توکان سواءِ ڳنڍڻ ۽ ٺاهڻ ٻيو ڪونه ٿو سُجهي.

3

ڪانڌَ ٻِئَنِي ڪيتَرا، مون وَرُ وَڏِي وَٿُ

مَٿان ڏيئِي هَٿُ، جِنہِ عيبَ منهنجا ڍَڪِئا. [2332]

سمجهاڻي: ٻين عورتن جا به ور ۽ مڙس آهن (جيڪي پڻ لائق هوندا)، پر منهنجو  گهروارو وڏي وَڙَ وارو لاکيڻو آهي. هن منهنجي مٿان پنهنجيون خاص مهربانيون ڪري سڀ اوڻايون ميٽي ڇڏيون آهن.

4

ڪانڌَ ٻِئَني ڪيتَرا، مون وَرُ وَڏي جُوءِ

لوڪَ نه آڇي اُوءِ، جي ڏِسي ڏوههَ اکِيُنِ سين. [2333]

سمجهاڻي: ور ۽ مڙس ٻين جا به هوندا پر منهنجو مڙس وڏيءَ دل ۽ برداشت وارو آهي. توڻي جو هو منهنجيون ڪمزوريون پنهنجي اکين سان پيو ڏسي، پر اهي ٻين ماڻهن ۾ پڌريون نٿوڪري.

5

ڪانڌَ ٻِئَنِي ڪيتَرا، مون وَرُ وَڏي کاندِ

پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوههَ اکِينِ سين. [2334]

سمجهاڻي: مڙس ۽ ور ٻين جا به آهن پر منهنجو گهروارو  وڏي  صبر  ۽  ڌيرج وارو آهي. هو (وڏيءَ دل وارو آهي جو) منهنجا ڏوهه ڏسڻ جي باوجود پاڻ ئي انهن کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ ظاهر ٿيڻ نٿو ڏئي.

6

ڪانڌَ ٻِئَنِي ڪيتَرا، مون وَرُ وَڏي ذاتِ

لوڪَ نه آڇي واتِ، جي ڏِسي ڏوههَ اَکِيُنِ سين. [2335]

سمجهاڻي: ٻين سڀني عورتن جا ڀتار آهن، پر منهنجي مڙس جو ڪو مٽ ناهي. هو ذاتي چڱائي ۽ ڳڻن وارو آهي، ڪڏهن به پنهنجي زبان سان ٻين ماڻهن جي سامهون عيبن کي نٿو اوگهاڙي (ظاهر نٿو ڪري).

7

ڪانڌَ تُنهنجي پاندَ ري، سيءُ مَران سَڀَ راتِ

ڪوڙين ڪَپاهَنِ ۾، جَپُ نه اچي جاتِ

اَچِين جي پِرڀاتِ، ته وِلهه نه سارِيان وَلَها. [2336]

سمجهاڻي: اي منهنجا ڀتار، تنهنجي (چادر جي ڍڪ) پاند کان سواءِ، آءٌ سڄي رات سيءَ ۾ مري ٿي پوان. ڀلي ڪيتريون به ڪپهه جون سَوڙيون ڇو نه هجن، پر مون کي ٿوريءَ دير لاءِ به آرام نٿو اچي. اي گهوٽ، جيڪڏهن تون رات جي پوئين پهر به اچي وڃين ته جيڪو سخت سيءُ لڳي چڪو، اهو به وساري ويهان (ڀُلجي وڃان)

8

ڪانڌَ! تُنهنجي پاندَ ري سَنجهي سيءَ مَران

ڪامِلَ! ڪَپاهَنِ ۾ پيئِي ٺار ٺَران

تارِيءَ تِنہ تَران، جِنہِ وَرُ وِهاڻِيءَ آئيو. [2337]

سمجهاڻي: اي منهنجا ور، تنهنجي (لوئيءَ جي پلئه) پاند کان سواءِ مون کي سج لهڻ سان ئي سخت سردي پيئي لڳي. اي سڄڻ سائين، آءٌ ڪپهه جي ڪيترين سَوڙين ۾ به سيءَ کان پيئي ڏڪان ۽ لڇان. بس انهيءَ آسري تي پيئي جيئان ته پوئين رات جو منهنجو ور ضرور موٽي ايندو.

9

نه مون سَوڙ نه گَبرو، سَٻَرُ سِيءُ پِئو

نه مون ڪانڌُ نه قُوتُ ڪِين، جوڀَنُ وَهِي وِئو

تَنِي حالُ ڪِهو، نِڌَرَ جَنِي نِجهُرا. [2338]

سمجهاڻي: مون وٽ نه ڪپهه سان ڀريل گرم سَوڙ آهي ۽ نه  ٿلهي وڏي گبري (جنهن سان آءٌ پاڻ کي ڍڪيان)، هوڏانهن سخت سيءَ پئجي ويو آهي. مون سان گڏ منهنجو مڙس به ڪونهي ۽ نه وري پيٽ  قوت لاءِ ڪجهه اٿم. منهنجي سموري جواني اهڙي حال ۾ گذري ويئي. انهن غريبن جو ڪهڙو حال هوندو، جن جا اجها پراڻا ۽ ڪمزور آهن (۽ جن جا ور گهرن ۾ نه آهن).

10

نه مُون سَوڙِ نه گَبَرو، اُترُ اوتُون ڏي

سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجهُرا. [2339]

سمجهاڻي: مون وٽ نه سوڙ آهي ۽ نه سرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪو اوڇڻ،  هوڏانهن اتر جي تيز ٿڌي هوا لڳڻ شروع ٿي ويئي آهي. سياري جي سردي انهن کان ڪيئن وسرندي جن ويچارين جا اجها يا جهوپا ڀڳل ٽٽل آهن (جيڪي سرديءَ کان بچاءُ نٿا ڪن).

11

نه مُون سَوڙِ نه گَبرو، اُتَرَ ڏِني اوتَ

چارَئِي چُنِيءَ پوتَ، مون ريڙِهيندي راتِ ڳَئِي. [2340]

سمجهاڻي: مون وٽ نه سوڙ آهي ۽ نه سرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪو اوڇڻ (سرديءَ کان بچاءُ جو ڪو بندوبست ڪونهي) جڏهن ته اتر جي سخت سرد هوا پوري زور سان لڳڻ شروع ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڄي رات مون پنهنجي (ننڍڙي) چنيءَ جا چارئي پلاند ڇڪيندي ( هيٺ مٿي ڪندي) گذاري آهي.

12

اوڇَڻُ گهُرجِي آجِڪو، پَکو نه پِيتَمُ

دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جا رَهي سا رَنَ ٿِئي. [2341]

سمجهاڻي: سرديءَ ۾ ڍڪڻ لاءِ ٿلهو ڪپڙو ۽ کاڌو پيتو ضروري آهي، پر جيڪڏهن پکي ۾ پنهنجو سڄڻ ڪونه آهي ته دلبر دوست کان سواءِ هڪڙي ساعت به جيئڻ رنڙ يا رن زال وانگر آهي.

13

اوڇَڻُ گهُرجي آجِڪو، جهُوپو سَهي نه سيءُ

سُڻائيجِ سُوَڙَ کي حالُ منهنجو هِيءُ

اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، ته ڍولا ڪِنہِ ڍَنگِ ٿِيان. [2342]

سمجهاڻي: سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪپڙو لٽو ۽ ٻيو ثمر ٿو گهرجي. منهنجو اهڙو حال ڪو هن وڙائتي ور کي وڃي ٻڌائي ۽ سمجهائي. اي پيارا پرين، تون پاڻ مون وٽ اچ ته آءٌ ڪنهن چڱي حال ۾ ٿيان (توکان سواءِ منهنجو ڪهڙو جيئڻ!)

14

وَرَ سِين وِجهئو ڪاڻِ، کَرَ سِين کِلُون پائِيين

ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻَ، ڪَڻَ ڇَڏِئو تُههَ ميڙِيين. [2343]

سمجهاڻي: اي نادان عورت، تون پنهنجي مڙس کي ميارون پيئي ڏين (کانئس ڪاوڙيل آهين) پر ٻين غيرن سان کِلي پيئي خوش ٿئين. تون (ڇو نٿي سمجهين) اصل قيمتي داڻا ڇڏي، انهن جي بجاءِ ڪنهن نه ڪم جون کَلون پيئي گڏ ڪرين!

15

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڇَڏئو پِيَه پَچَارَ

ڀانيوءِ سَڀَ ڄَمارَ، سڄَڻَ هُوندا مان ڳَري. [2344]

سمجهاڻي:  (اي بي سمجهه عورت)، تون سڄي رات مزي سان سمهي پيئي ننڊون ڪرين ۽ پنهنجي سڄڻ جي ڪا يادگيري ڪانه ٿي ڪرين. تو اهو ڪيئن سمجهيو ته تنهنجا سڄڻ سڄي عمر توسان (سواءِ ياد ڪرڻ جي) گڏ هوندا.

16

ڍولُ مَ کَڻي ٻانهَڙِي، پِرَههَ مَ کَڻي پاندُ

آءٌ پَنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رانئِيان. [2345]

سمجهاڻي: شل، منهنجو ڀتار مون مٿان پنهنجي رکيل ٻانهن پري نه ڪري (مون کي پاڻ کان ڌار نه ڪري) ۽ شل پرهه نه ڦٽي (رات نه کٽي) ته جيئن آءٌ انهيءَ وچ ۾ ٻين ماڻهن کان لڪي (خبر پوڻ کان سواءِ) پنهنجي سڄڻ کي راضي ڪري وٺان (جيئن هو وري مون کي ڇڏي نه وڃي).

وائي

نيئِي پِريان کي ڏيجُ، تان ڪو نِيہَ نِياپو

ڪَڏهِن مون سين ڪونه ڪِئو سيڻَنِ سياڪو

ڪڏهن مُڪائون ڪونه ڪو ڏُکِئان ڏوراپو

اَٿَمِ گهڻو اُنِ جو اَندَرِ اولاڪو

وَڃي  ڏِجا  مُئِيءَ  جو  پانڌِيا  پاراپو. [2346]

سمجهاڻي: اي (قاصد) تون منهنجي طرفان وڃي پرينءَ کي منهنجي پريت جو پيغام ڏجانءِ. هُنن مون سان ڪڏهن پنهنجي ويجهي مائٽيءَ ۽ پنهنجائپ وارو سلوڪ نه ڪيو. جيتوڻيڪ مون تي پاڻمرادو مهربان رهيا ۽ وڏا ٿورا لاٿائون ۽ ڪڏهن ڪاوڙجي ڪو ڏوراپو به ڪونه ڏنائون (مون سان ڌارين يا شريڪن وارو رويو رکيائون). مون کي اندر ۾ اهو ئي الڪو يا ڳڻتي ۽ فڪر آهي (ته هُنن مون کي پنهنجو ڪري نه سمجهيو). اي ادا، پانڌي، تون هن مئل مسڪين عورت جو اهوئي پيغام وڃي کين پهچائجانءِ.


·  هي بيت سُر سامونڊي ۾ سلسليوار نمبر 722 طور موجود آهي، ان ڪري هتي رد سمجهڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org