سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :32

سنڌ ۾ شاهه جو ”سارنگ“ تخليق ٿيندو نظر ٿو اچي، ”حڪم ٿيو بادل کي ته سارنگ ساٺ ڪجن“.

برسات اسان جي سنڌ ڌرتي لاءِ محض آسمان مان وسندڙ پاڻي نه آهي پر ساوڪ ۽ سڪار جي علامت آهي، سڪايل ماڻهن جي لاءِ سک ۽ سڪون، خوشي ۽ خريد جو اهڃاڻ به آهي. ماڻهو مرگهه، مينهيون، مينهن لاءِ آسائتا هوندا آهن. آڙيون ۽ تاڙا ان جي تانگهه ۾ اڀ ۾ اکيون وجهي ويهندا آهن ۽ سپيون سمنڊ جي تري ۾ مينهن ڦڙي لاءِ پيون وات پٽي واجهائينديون آهن. سڪل ٺوٺ ڌرتي پلر جي پالوٽ لاءِ پئي سڪندي آهي.

سارنگ کي سارين، ماڙهو مرڳ ميهيون،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ ۾ نئي سج نهارين،
پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي.
 

مينهن جو هڪ جمالياتي پهلو ۽ اهميت (Aesthetic significance) به آهي، جو اهو وڻن ٽڻن جي ميرن پنن کي ڌوئي اجرو ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ هر طرف گل گلزاريون ٿي وينديون آهن. ان جو هڪ تخليقي (Creative) پهلو پڻ آهي جو نه صرف ڌرتي جي پيٽ مان سوين سلا اڀري هر طرف ساوڪ پکيڙي ڇڏيندا آهن پر انسانن جي سڪل ٺوٺ دليون پڻ بوند ۾ ڀرجي  نوان گيت ڳائڻ ۽ نين ڪهاڻين کي جنم ڏيڻ لاءِ آتيون ٿي وينديون آهن. برسات جي روماني اثر (Romantic effect) به ٿئي جو ماڻهوءَ جو من پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ ماندو ٿيو پوي. ڏڪار سببان ڏور ويلن جي واپس ورڻ جي به اها ئي ويل هوندي آهي، سڪ وندين ونين جي ورن کي به انهي موسم ۾ موٽڻ لاءِ منٿ ڪرڻي پوندي آهي. برسات ۾ انگريزي شاعريءَ وارو رومانٽسزم (Romanticisim) به آهي جنهن جو فلسفو نيچر يا فطرت جي حسن ۽ ان  سان پيار جو فسلفو آهي. ان جا ٽئي پهلو فطرت (Nature) حسن، (Beauty) ۽ پيار (Love) پنهنجي پوري قوت سان انسان جي دلين تي ڌاڪو ڄمائين ٿا. بادل برساتيون، چنڊ تارا ڪتيون، گل مکڙيون، انهن جي خوشبو، پوپٽ ۽ انڊلٺيون ۽ انهن جا رنگ جنهن جا موضوع آهن، جيڪي انسان جي جذبن کي متحرڪ ڪري سندس اندر جي آرٽسٽ کي اظهار لاءِ مجبور ڪيو وجهن تڏهن ته ورڊس ورٿ شاعريءَ کي سڏيو ئي هو. Spontaneaous over flow of power ful feelings  اها ئي اڌمن جي اٿل اسان کي شاهه صاحب جي سر سارنگ جي نظارن ۾ ملي ٿي ۽ ان جي ڪردار عورت ۾ ملي ٿي. جنهن کي شاهه صاحب وانڍي سڏي ٿو.

“Sur sarang chiefly deals with the beauties and glories of the earth and the picturesque glimpses of nature in the rainy season, there are a few verses in it which show us the country women in weal and woe.

مطلب ته شاهه صاحب جي سر سارنگ جو تعلق ڌرتيءَ جي مهانتا کان سواءِ مينهن جي موسم ۾ فطرت جي رنگينين ۽ حسن سان آهي. ۽ ان ۾ ڪجهه بيتن ۾ ٻهراڙي جي عورت جي ڏکن سورن جو بيان به آهي.

”هڪ عام ماڻهو سر سارنگ جي مطالعي ڪرڻ وقت سر سارنگ جي رنگن، منظرن، تاڙي جي تنوار، ڪڪرن جي ڪيهن، کنوڻين جي کيلن ۽ مينهن جي وسڪاري، پلر جي پالوٽ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پر سارنگ ۾ صرف سانوڻ جا ساٺ نه آهن ان ۾ هڪ اهڙو انسان به نظر اچي ٿو جيڪو سارنگ جي پر مسرت مند ۾ ڏکويل ۽ وياڪل آهي. جنهن جي دل اتر ۾ اڀرندڙ پهرين ڪڪريءَ کي ڏسي، پنهنجو سڄڻ سارڻ لڳي ٿي ۽ جنهن کي مينهوڳيءَ جي موسم ۾ پنهنجي ڪانڌ جي پاند ري سيءَ مرڻ جو احساس پيدا ٿي وڃي ٿو. اهو انسان ٿر جي اها عورت آهي، جنهن جو پرين پرديس ويل آهي ۽ هو ٻين جدائي جي ماريل عورتن وانگر پنهنجي ور لاءِ واجهائيندي رهي ٿي.“

جڏهن سوڪهڙو هوندو آهي، ڏڪار جهڙي حالت هوندي آهي، ته ٿر جا ماڻهو پنهنجو اڀرو سڀرو مال وڪڻي شهرن ۾ ڪمائڻ لاءِ ڏورانهن پنڌن تي هليا ويندا آهن۽ پٺيان ڇڏيل سندن زالون سندن اوسيئڙي سان گڏ مينهن جو اوسيئڙو به ڪڍنديون آهن، جيڪو سک آڻي کين به واپس آڻيندو. گذريل ڪيترين صدين کان ٿر جي معاشي حالت ساڳي رهي آهي. اتي جا مڻهو هميشه ڏکيا، بکيا ۽ اڃيا رهيا آهن، نه ڪنهن ڌارئين، نه پنهنجن جي حڪومت هنن جي حالت ۾ سڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه صاحب جي زماني ۾ به ”سموري ٿر ۽ لاڙ جي ڳچ حصي جي آبادي ۽ زندگي جو مدار برسات تي هو... سج ڪني ڪڍي، زمين تتي ڏينهن ڏاڍو ٿيو، ڪانو جي اک ٿي نڪري، جهولي جون جهوپڙيون آيون، يا پگهر ڪپڙا پسايا، مرگهه رڃ جي پٺيان، مارو مال جي پٺيان، مال گاهه جي پٺيان، ڊڪندا وتن، زمين خشڪ، پٽ تاساريل، پلر پاڪ، سنگهارن سک ڪٿي؟ ماٽيون، اونڌيون، گنديون، خالي، ڍور ڏٻرا، ٻار اٻالا، هر طرف اڻ هوند جا آثار آهن” پوءِ مجبورن ويچارن کي پنهنجا گهر ۽ ڇنا ڇڏي پٽ پوڻو پوندو آهي. پنهنجو اڀرو سڀرو مال وڪڻي وڃڻو پوندو آهي. سندن زالون وڇوڙي ويل پنهنجن سڄڻن کي گهڻئي سمجهائينديون آهن:

ڪانڌ مَ وڪڻ ڪنڍيون، ڌڻ سڀوئي ڌار،
اڀريون سڀريون پانجهون، سسيون سڀ سنڀار،
ٻن ڇڏي، ڇن پئي، وڃي ولهارن وار،
ته اچي اڱڻا بهار، سرلا ڪندي سڏڙا.
 

بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ هڪڙو ننڍڙو ڪڪر اتر کان ايندو ڏسي ڪا کنوڻ کنوندي ڏسي، پرديس لاءِ سنڀريل ويچارو بي دليو ٿري لڏ لاهي ويهڻ جي ٿو ڪري، ته سندس ونيءَ کي وري پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي بک ٿي سجهي تڏهن نه چاهيندي به چويس ٿي:

مون جهڙ ڏٺو اڀ ۾، ڍوليا! لڏ مَ لاهه.
اچي آب اکين ڪيو، وڄون اتر واءُ،
ڇن ڇڏي پٽ پاءِ، اڏ اتاهين پکڙا.
 

هن ويچاري سان وڏي ويڌن آهي، سفر لاءِ سنڀريل سپرينءَ کي روڪي نه ٿي ۽ جڏهن هليو ٿو وڃي ته ان کان سواءِ سريس نه نٿي:

محب منهنجا سپرين! آڻيدءِ الله،
توکي ساري ساهه، اڪنڍيو آهون ڪري.
 

هڪ سهاڳڻ عورت اهڙي موقعي تي ڇا محسوس ڪندي آهي؟ سندس من ۾ ڪهڙا جذبا جاڳندا آهن؟ انهن جذبن جي ڪهڙي اهميت آهي؟ اهو شاهه صاحب چڱي طرح واضح ڪيو آهي. برسات جي موسم ۾ جڏهن هر ڪو خوش ۽ موج ۾ هوندو آهي هڪ اڪيلي غريب عورت کي پنهنجي ور جي ورڻ جي خوشي ته هوندي آهي پر پنهنجي ڀونگن جي ڀڄڻ ۽ ڪکن جي ڪرڻ جو خدشو به هوندو آهي. جڏهن بادل ڀرجي اچن، سانوڻ ساٺ ڪري اچي، ماڻهو خوش ٿي جهومي اٿن، تڏهن هن ويچاري وانڍيءَ سان گڏ اسان جي شاعر جي دل به وڃيو غريبن جي جهوپن ۾ اٽڪي. ”هي ويچارا هن وڏ ڦڙي ۾ ڪيئن ڪندا؟ هنن جا نجهرا هيڻا آهن، واءُ ۽ مينهن انهن کي وڌيڪ جهوري وجهندو، ويچارا ڪهڙي وهه ويندا؟ نه اوڇڻ اٿن، نه آجڪو، ٻر ٻر حال وانڍين جا، جن جا جاني ور هميشه لاءِ جدا ٿي ويا آهن، شال سندن پکا نه پسن، ويچاريون گجگوڙ ٻڌي وسميو وڃن ۽ ساهه ئي سڪيو وڃين.“

شاهه صاحب محض هڪ  رومانوي شاعر ڪونهي رڳو صوفي ڪونهي، نه ئي هو محض نظرين جي بنياد تي شاعري ڪندڙ آهي. هو زندگيءَ جو شاعر آهي. انهيءَ جي ڪڙين مٺين حقيقتن جو عڪاس شاعر آهي. جذبن ۽ احساسن (feelings, emotions) سان گڏوگڏ خيال ۽ فڪر (thought) جو به شاعر آهي. هو ڏسي ٿو ته غريب پريشان آهن، گهر ڇڏي بي گهر ٿي پرديس ۾ پيٽ پالڻ لاءِ ويل آهن، باقي مالدارن جا ڀانڊا ڀريا پيا آهن، غريب مينهن جي آسري ۾ آهن، مينهن پوي ته سڪار ٿئ، ان سستو ٿئي، کير مکڻ جام ٿين ۽ ماڻهو، مال خوش ٿين:

اگميو آهه، پڳهه پس لطيف چي،
اٺو منهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي پٽ پئه سمر سنڀاهي،
وهوم لاهي، آسرو الله مان.
 

سانگي ۽ سنگهار خوش ٿيا آهن، جو کين موٽي ماڳ ورڻ جو موقعو مليو آهي، تڏهن سندن وره ۾ ويٺل وانڍين کي خيال ٿو اچي، ته بادل ۽ برسات جا اهي جلوا پرينءَ کي پسڻ کان سواءِ ڪهڙي ڪم جا؟ جي سڄڻ سنگ نه هجي، ته ڪيئن اهو سانوڻ روح کي ريجهائيندو، رنگ رچائيندو؟، سارنگ جو مزو ته تڏهن آهي، جڏهن پنهنجو جاني جوءِ موٽي اچي، قلب کي قرار ايندو ئي تڏهن جڏهن پرينءَ کي پسڻ ممڪن ٿيندو:

آگم ايءَ نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن ري سيد چئي، روح نه رچن رنگ،
سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾.
 

۽ جڏهن جاني جوءِ ۾ اچي وڃي ته پوءِ خوشيون ئي خوشيون آهن:

جاني آيو جوءِ ۾، ٿيو قلب قرار،
وهلو وچائين ويو، ڪري غم گذار،
نظارو نروار، پي پسايو پنهنجو.
 

جي پرين رٺل هجي ۽ اکين کان پري هجي ته پوءِ اتر کان ايندڙ ڪڪر ڪنهن آسوند کي ڪيئن ڪا خوشي ڏيندا؟ تڏهن وري کيس پرچڻ ۽ موٽڻ جي منٿ ڪرڻي ٿي پويس:

اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪئي چوٽي،
مندائتي مينهن جي، کنوڻ ناهي کوٽي،
آءُ لالڻ موٽي، گهوريا رسڻ ڏينهڙا.
 

هن ويچاري وڇوڙيل کي خبر آهي ته وسڪاري سان وڇڙيل پرينءَ موٽندا تڏهن ته چوي ٿي ته ”پرين جي پرديس مون کي مينهن ميڙيا“ هن سموري سر ۾ هڪ عورت جي پنهنجي سڄڻ لاءِ سڪ جو اظهار آهي. وڇوڙي جو ورلاب، ملڻ جي ماندگي اکين جي اوسيئڙي، ڳوڙهڻ وسڻ جو نقشو آهي:

اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اڀ ۾،
سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،
آئون آسائتي آهيان، مان ڀڄائي ڀون،
گهر ته گهرجين تون، مند مڙيئي مينهن جي.
 

هن جو پنهنجي جانيءَ لاءِ جهرڻ جهڄڻ، اکين مان آب هارڻ، شاهه صاحب ڄڻ ته مينهن سان لاڳاپي ڇڏيو آهي. وسڪارو مينهن جو هجي، يا اکين جو ٻنهي جو تعلق هن سان گهرو آهي. مينهن ته پنهنجي وقت تي وسندو آهي پر هن ويچاريءَ جون اکيون هر وقت ٿيون مينهن وسائين. اڀ ۾ ته ورهيه ۾ هڪ ڀيرو بادل ڀرجي ايندا آهن ۽ برسات ٿيندي آهي. پر ويچاري وانڍيءَ جي نيڻن ۾ پنهنجي سڄڻ کي ساري، مسافر محبوب کي ياد ڪري، وڇوڙي جا سڀئي ورهيه جهڙ ۽ مينهن هوندو آهي.

جهڙ نيڻئون نه لهي، ڪڪر هون نه هون،

ساريو سپرين کي، لڙڪ  ڳلن  تي  پون،

سي مر رويو رون،  جن  مسافر  سپرين.

اها ويچاري وانڍيءَ جي دل جي ڪيفيت آهي. اها هڪ عورت جي دل جي ڪيفيت آهي، جيڪا شاهه صاحب اهڙي ريت چٽي آهي، جو ٻڌندڙ جي اکين ۾ به بادل ڀرجيو اچن، اهو هڪ اڪيلي عورت جي اکين جو عڪس شاهه صاحب نس  پس بيان ڪيو آهي. هن پاڻ محسوس ڪيو آهي ته مينهن ته ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿو وسي. ڪڏهن وسي ته ڪڏهن نه به ٿو وسي. پر جنهن ويچاري عورت جا نيڻ هر وقت پيا وسن ان جو ڪهڙو حال هوندو؟ مينهن ڇا سندس اکين سان ريس ڪندو؟

وسڻ اکڙين جئن، جي  هوند  سکئين،  مينهن،

ته هوند راتيون ڏينهن، بس بوندينئون نه ڪرين.

سورن جي ساڙيل ويچاري وانڍيءَ جي دل جو حال شاهه صاحب چڱي طرح ڄاڻي ٿو، بلڪه منهنجو خيال آهي ته هن سر ۾ شاهه صاحب پنهنجي پاڻ کي ان عورت ۾ محسوس ڪيو ۽ ڪرايو آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب پنهنجي پاڻ کي ان عورت ۾ محسوس ڪيو ۽ ڪرايو آهي، هو پاڻ ان وڇوڙي ۽ ويراڳ جا تجربا پيو بيان ڪري، جيڪو سندس عشق عطا ڪيو هوس. هن ڪٿي ڪٿي پاڻ کي ان وانڍي جي ويس ۾ پيش ڪيو آهي،  پنهنجن سورن کي هن عورت جي سورن سان ڀيٽي بيان ڪيو اٿس. جڏهن مينهن وسندو هوندو تڏهن پاڻ به ائين ئي محسوس ڪيو هوندائين:

ڪڪر منجهه، ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي،
جهڙا  منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملهار،
کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪيو.
 

سندس دل جي خواهش ڇا آهي؟ اهو هن وانڍيءَ واتان ٿو بيان ڪري:

اڱڻ تازي ٻهر، ڪنڍيون پکا پٽ سهن،
سرهي سيج پاسي پرين، مرپئا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، شال هجون برابر ڏينهڙا.
 

پرين پاسي ۾ هئڻ جي خواهش وانيءَ واتان چورائي اٿس، پر ان ۾ احساس سمورو سندس آهي، اهو پرينءَ جي پاسي ۾ هئڻ جو خيال ته ڏاڍو خوبصورت آهي پر گڏوگڏ زندگيءَ جون ڪڙيون حقيقتون به موجود آهن، پنهنجي ڪانڌ کي سارڻ لاءِ هنن وٽ ٻيو به سبب آهي ۽ اهو حقيقي سبب آهي:

ڪڻڪن ڪانڌ،  چت ڪيو، جهڙ پسو جهڄن،
ور ريءَ وانڊن، اڏيا پکا، سي مَ پُسن،
اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن،
وارث وري تن، اچي شال اولون ڪري.
 

هن بيت ۾ اهو خوف آهي، خيال آهي، ته ڪٿي مينهن ۾ پکا پسي نه پون، پوءِ ويچاري اڪيلي بي آسري عورت ڇا ڪندي؟ موسم سخت آهي، اتر واءُ لڳڻ سان سيءُ به ججهو ٿي ويو آهي، سيءَ يا ٿڌ کي اڪيلائي جي علامت به ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

ڪانڌ تهنجي پاند ري، سنجهي سيءَ مران،
ڪامل! ڪپاهن ۾، پيئي ٺار ٺران،
تاري تنهن تران، جئن ورُ وهاڻي واريو.
ڪانڌ تنهنجي پانڌ ري، سيءَ مران سڀ رات،
ڪامل ڪپاهن ۾، جهب نه اچي جهات،
اچين جي پرڀات، ته آئون سيءَ نه ساريان.
 

محبوب کان سواءِ سوڙهين  ڪپاهن ۾ هوندي به اهو سيءُ ۾ مرڻ ۽ ٺار ۾ ٺرڻ جو خيال ڪيڏو نه رومانوي ٿو محسوس ٿئي پر گڏوگڏ اهو ڏکوئيندڙ به آهي. انهي کي صرف اهڙو تجربو رکندڙ هڪ اڪيلي گهاريندڙ عورت ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. ها جيڪڏهن کيس آسرو هجي ته صبح جو سندس سپرين ايندو ته اهو به سهي وڃي ۽ جڏهن هو ڀيڄ ڀنيءَ مهل گهر اچي ۽ مٿس پنهنجي پيار جي ورکا ڪري ته صبح جو اها ڌوتل پوتل عورت، وار ڀنل وني ائين ٿي ڀانئين ڄڻ مٿس محبت جو مينهن وٺو آهي. هر طرف خوشي ۽ خوبصورتي نظر ٿي اچيس.

ڍٽ ڍري،  پٽ  پييون،  ٿيا  ولهارن  ويءَ

سج چنڊ  نه  پاڙيان،  نيڻن  جي  شبيهه،

جي جاني اندر جيءَ سي پرين پيهي آئيا.

 

مندائتي  مينهن جي موج ئي جدا ٿئي، ان جي کنوڻ کوٽي ڪانه ٿئي، ٿر بر وسي ۽ تل ترايون ڀرجيو وڃن. پلر جي پالوٽ ٿيو وڃي. گسن تي گاهه ۽ گهٽين تي گل گلزاريون ٿيو وڃن. ڌنار ڌڻ ڪاهي ، ڇنا ڇڏي پٽ پوندا آهن، هاري، ناري هيج مان هر سنڀاهيندا آهن، اناج جون گنديون ڀرجي وينديون آهن ۽ پوءِ نه صرف ماڻهن جا ميلا جشن هوندا آهن پر ڪنڍيون، مينهيون، به موج ۾ هونديون آهن. سندن چرڻ لاءِ جام چراگاهه جو هوندا آهن. خوشيءَ مان ڇيڄ وجهندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ڪي اهڙا به موذي هوندا آهن جيڪي غمگين هوندا آهن. جن جا اڻ هوند ۾ ته ڀانڊا ڀريا پيا هئا، پر هاڻي هوند ۾ اهو ميڙيل مال مهانگو ڪري وڪڻڻ جو موقعو هٿان هليو ويو  اٿن. لطيف انهن موذين جي مرڻ جي دعا ٿو گهري، چوي ٿو”ڏڪار يا ڏيهه مان موذي شال سڀ مرن“ ڇو جو اهي غريب ماڻهوءَ جو رت چوسيندڙ ڄورن مثل آهن. اهو هن سر جو معاشي پهلو آهي. جيڪو تمام نمايان آهي ۽ عام ماڻهن، مردن، توڙي عورتن مٿان حاوي آهي، ان سان گڏوگڏ انساني جذبا.

“Latif’s poetry is not just philosophy, not just mysticism it deals with the beauties and glories of the earth and grapples with the problems of real life. His being is in the whirl pool of human struggle, he is an the midist of suffering humanity and rejoices at the relief and triumph of the common man sur sarang is the witness to his Humanitarian feeling and thought, to his love for the fauna and flora of Sind, to his tender love and sympathy for the common  folk.

مطلب ته لطيف جي شاعري ٺهلو فلسفو يا محض تصوف ڪانهي. ان جو تعلق ڌرتيءَ جي سونهن ۽ عظمت سان گڏوگڏ زندگيءَ جي مسئلن سان به آهي. هو انساني جدوجهد ۽ پيڙائن ۾ به شامل آهي ته عام انسان جي ڪاميابين ۽ ڇٽڪاري جي خوشي ۾ به شامل آهي. سر سارنگ سندس انساني پيار ۽ ان جي فڪر جو شاهد آهي. هن مان سندس سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ همدردي ۽ پيار کان سواءِ هتي جي ٻي زندگيءَ لاءِ پڻ پيار ظاهر ٿئي ٿو.

پر سڀ کان وڌيڪ هن سُر ۾ آهي، سندس احساس، ان اڪيلي گهاريندڙ عورت لاءِ جنهن جو اندازو جهڙوڪر کاڌو پيو آهي ۽ سندس نيڻن جو جهڙ آسمان جي جهڙ کان وڌيڪ وسڪارو ڪندڙ آهي.

 

حوالا

(1)              ٽيگور رابندر ناٿ، سونار تري، بحوالا”آجڪل“ سيپٽمبر 1944، ص، 24.

(2)             Ansari akram The rain, symbolism in latif’s poetry Institute of Sindhology, sindh University Jamshoro. Pp.65

(3)             اياز قادري، ڊاڪٽر سارنگ جي سورمي، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، ينگ لياري ويلفيئر سينٽر، ڪراچي، 1982، ص، 31، 32.

(4)             تاج صحرائي، سر سارنگ، مڪتبه يونيسه، دادو، 1954، ص 34.

(5)              دائود پوٽو، علامه عمر بن محمد، شاهه جو سر سارنگ، مضمون ۽ مقالا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز، ڪاميٽي حيدرآباد، ڀٽ شاهه، 1978، ص 168.

(6)             Ansari Akram The rain symbolism in latif’s poetry. Pp

سُر سامونڊيءَ جون وڻجاريون

شاهه صاحب جا سمنڊ سان تعلق رکندڙ سُر، سر سامونڊي سر سريراڳ ۽ سر گهاتو، موضوع جو ٿورو فرق رکڻ جي باوجود سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي دلين جا ترجما آهن. انهن ۾ سامونڊي بندر تان ٻيڙا ڀري ويندڙ وڻجارن ۽ سندن گهر وارين جي جذبن جو داستان به آهي. ته ڪنارن تي آباد مهاڻن ۽ ملاحن جي زندگين ۽ سندن زالن جي جذبن جو احوال به آهي. سُر پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته شاهه صاحب نه صرف انهن پٽن تي خود موجود رهيو آهي پر انهن ماڻهن جي ريتن ۽ رسمن، جذبن، احساسن، وهمن، وسوسن جو چڱي طرح مشاهدو ڪيو اٿس. مجموعي طرح پاڻ سمنڊ جو جيڪو نقشو چٽيو اٿس ۽ ماڻهن جو جيڪو ماحول ڏنو اٿس. ان مان لڳي ٿو ته کيس انهيءَ تمام گهڻو متاثر به ڪيو ۽ کيس انهن سان انس ۽ پيار به محسوس ٿيو.

Latif is the greatest lover of the sea and is an silent sympathy with her moods. His observation is characterized by accuracy and precision his sketches are alluring and picturesque. His  expression is clear. Vivid, lucid and incomparable.  A keen sense of beauty whether of landscape or of rhythmic motion in nature or of human relationship lurks through out the gentle effusion of his delicate spirit .

مطلب ته لطيف سمنڊ جو وڏو عاشق آهي، ۽ ان جي مزاج کي سمجهي ٿو. سندس بيان ۾ جيڪا سچائي آهي، اها سندس مشاهدي جي شاهد آهي. سندس عڪاسي بيحد سهڻي ۽ رنگا رنگ آهي. پاڻ تمام سهڻي نموني چٽا ۽ صاف عڪس ڏيکاري ٿو. جن ۾ سندس فطرت ۽ ان جي نظارن لاءِ دلچسپي نظر اچي ٿي ان سان گڏوگڏ منجهس انساني لڳ لاڳاپن جي تمام پياري عڪاسي ٿيل آهي. هو انساني نفسيات جو وڏو ڄاڻو هو.

سر سامونڊي ۾ سامونڊين ۽ سندن زالن جي باري ۾ تمام سهڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي. سموري دنيا ۾ سمنڊ جا سيلاني (Mariners) پنهنجا گهر تڙ ڇڏي سفر تي ويندا آهن. پٺيان سندن گهرواريون سدن خيريت سان وڃڻ ۽ موٽي اچڻ جون دعائون ڪنديون رهنديون آهن. سندن انتظار جو ڪو مدو مقرر ڪونه هوندو آهي. اڄ ڪلهه ته وري به جديد قسم جي جهازن سبب وقت جي بچت ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه اندازو به ته ڪنهن سفر ۾ ڪيترو وقت لڳندو، پر اڳوڻي زماني ۾ نه وقت جي خبر هوندي هئي نه موقعي جي. اهي سيلاني جڏهن موٽي ايندا هئا ته وري جلد ئي وڃڻ جي به ڪندا هئا. ان ڪري سندن زالون ويچاريون سدائين اوسيئڙي ۾ هونديون هيون ۽ جڏهن ايندا هئا ته سندن پاسو ئي ڪونه ڇڏينديون هيون:

پڳهه پاسي ويهه   آيل،   سامونڊين   جي،

تون ويسري وک کڻي، هو پوريندا پرڏيهه،

سمنڊ جن ساڻيهه، ڪونه ويئينءَ   تن سين.

لڳي ٿو ته شاهه صاحب سنڌ جي سامونڊي بندرن تي وڻجارن جي سفر تي اسهڻ مهل سندن زالن جو ڏاڍو ويجهو کان مشاهدو ڪيو آهي ۽ اهو دردناڪ منظر ڏٺو آهي. وڇوڙو ته هونءَ  ئي دردناڪ هوندو آهي پر هنن جي وڇوڙي سان وري نه ملي سگهڻ جو هڪ اڄاتو خوف به شامل هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ان وقت سامونڊي مسافري ضرور خطرناڪ سمجهي ويندي هئي.

اهو اڙانگو سفر ڪرڻ وارا جهڙوڪر سر جو سانگو لاهي ويندا هوندا. پراڻي طرز جي ٻيڙن ۾ وقت ته گهڻو لڳندو ئي هوندو سالن جا سال گذري ويندا هوندا پر بي يقيني ۽ انتظار جي ڪيفيت وڌيڪ ڏکوئيندڙ هوندي. سامونڊين جون زالون وري نه ملي سگهڻ جي انديشي کي دل ۾ سانڍي سخت عذاب ۾ گذارينديون هونديون. ان ڪري انهن جي وڃڻ وقت رئڻ، رڙڻ، درد کان دانهون ڪرڻ، ٻيڙيءَ جا رسا جهلي رڙڻ ۽ مڙس کي منٿون ڪري وڃڻ کان منع ڪرڻ جا منظر ساهه صاحب کي تمام ڏکوئيندڙ محسوس ٿيا هوندا:

ان بيت ۾ ڪيڏو نه درد ۽ بيوسي آهي، جڏهن چوي ٿي ته” آيل ڪريان ڪيئن؟“ تڏهن اصل دل ۾ وڍ ٿا پون.

اهي سامونڊين جون زالون اهڙين سڀني عورتن جي علامت آهن، جن جا پرين سپرين، کين اڪيلائي، اوسيئڙو ۽ انتظار ڏيئي هليا ويندا آهن. لڙڪ ته پٿر به پگهاري ڇڏيندا آهن پر هي سامونڊي اهڙا سخت دل آهن جو هنن کي ڪابه ڳالهه نه ٿي روڪي ۽ هو هليا ٿا وڃن. هن سر ۾ ان سمنڊ جي مسافري جو ذڪر آهي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي ان ٻاهرئين وڻج واپار جي ساک ڀري ٿي جيڪو سنڌ جا جهازي ۽ ٻيڙياتا يا وڻجارا ڪندا هئا. جڏهن سنڌ جو واپار ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان انهن سنڌ جي سامونڊي بندرن تان ٿيندو هو، جيڪي پوءِ جي دورن ۾ لٽجي برباد ٿي ويا. ان دور ۾ سنڌ کان ٻاهر سنڌ جي ڪاريگرن جو ڪم (work) مشهور ڪندڙ انهن وڻجارن کي سنڌ ورڪي پڻ سڏيو ويندو هو. جن جي جاوا وڃڻ ڪري سندن گهر وارا ”جاوا“ ڪندا هئا. اهي واپار لاءِ پري پري وڃڻ وارا وڻجارا ويندي مهل پنهنجي پويان ونيون روئنديون ڇڏيندا هئا. اهو سندن وڃڻ، موڪلائڻ جي مهل کان وٺي اوسيئڙي ۽ ملڻ ۽ ملي وري وڇڙڻ جون ڪيفيتون هن سر ۾ شاهه صاحب بيان ڪيو آهن ۽ اهڙو ته درد ڀريو نقشو چٽيو اٿس جو سامونڊين جو سفر ڪو سندن ڏوهه نه هوندي به ويچاريون عورتون اجايون ڀوڳيندڙ محسوس ٿيون ٿين. ويچارا نوجوان وڻجارا پنهنجون نيون پرڻيل ڪنوارون ڀرپور جوڀن ڏينهن ۾ خوشي سان ڇڏي ته ڪونه ويندا هوندا پر شاهه صاحب انهن جي جذباتي ڪيفيت جي باري ۾ ڪجهه نه ٿو چوي. هو صرف انهن عورتن جي اندر جي عڪاسي ٿو ڪري اهي ويچاريون ونجهه ۾ هٿ وجهي وينتيون ٿيون ڪن، ڪيئن ٿيون شڪوا شڪايتون ڪن ۽ ڏوراپا ميارون ڏين.:

الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه ۾،

رهه اڄوڪي راتڙي، لالن مون لائي،

وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي  سفر  سپرين.

جنهن سماج ۾ مرد اڪيلو ڪمائيندڙ هوندو آهي اتي هو روزگار جا سڀئي فڪر پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري جذبن ۽ احساسن کان عاري بنجي وڃڻ لاءِ مجبور هوندو آهي. ان ۾ سندس ڪو ڏوهه به ڪونه هوندو آهي. پر سندس پويان اهو عذاب سهڻ تي مجبور هوندا آهن. پوءِ جڏهن هو هليو ويندو آهي ته کين اهي بندر ۽ بازاريون سڃا محسوس ٿيندا آهن:

ننگر ۾ ناڙيون، پڳهه کڻي  پنڌ پيا،

بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.

ويچاريون وڻجارن جون ونيون، پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن، ملڻ جون راتيون، اڪيلائيءَ جو درد ۽ اٻاڻڪيءَ جو احساس ڀوڳڻ لاءِ مجبور هونديون آهن ۽ پوءِ پنهنجي سرتين سان اهي سور  سلينديون آهن:

نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن  جيون،

سرتيون! سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مارنهيون   فراق،   پاڙيچيون   پرينءَ   جا.

اهي چڪندڙ چاڪ ڏيکارڻ مان به وري ته ڪي ڪين ٿو ۽ هر وقت سپرين جي سار ۾ واٽون نهارڻ نصيب ۾ اٿن.

سامونڊي ساري، مٿي   تڙ   گذرايان،

مون کي ٿي ماري، انين سندي ڳالڙي.

وڻجارن جو واپار پنهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ وڇوڙي جو سبب سمجهه انهيءَ واپار سان جهڙوڪر وير سمجهنديون آهن:

وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو،

اڃا آئين ڪال، پڻ   ٿو   سفر   سنبهين.

ويچاري وڻجاري جي زال کي هڪڙا فراق ۽ ڦوڙائي جا فڪر اٿس، ته ٻيا وري اهي خيال ته  متان مون کي وساري نه ويهي.

چتاءِ جي  نه  چُرن، الا   ان  مَ   وسران،

مون منهن آهي تن، مڙهيو منجهارا هيين.

ڪڏهن پنهنجي مون پئي اٺ سٺا ٺاهيندي ته جيڪر منهنجو محبوب اچي ته ڪيئن نه روح رهاڻيون ڪريانس. ڪيئن نه ڏوراپا ڏيانس. وڙهانس، جهڙانس ته هيترا ڏينهن ڇو وڃي لاتئي ۽ هاڻ مون وٽ ڪيڏو ٿورو وقت ٿو گذارين.

آيل!   ڍولئي  ساڻ،   اچي   ته  جهيڙيان.

لائيه ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئه ٿورڙا.

ان جهيڙي جي آس ۾ ڪيڏو نه پيار سمايل آهي. اهي جهيڙا ته صرف پنهنجن پيارن سان ئي ڪبا آهن. جهيڙا ته انهن سان ئي سونهن جن سان ميڙا هجن. هوءَ سندس سهڻي صورت ياد ڪري ٻين اچڻ وارن کان ان جو ڏس ٿي پڇي:

سنهي لڪ، نڪ سنئن، ڪجل  ڀنن   نيڻ،

سامونڊي! مون سيڻ، ڪَ تو ڪال لنگهايا.

موسمون مٽجن ٿيون، وڻجارن جي موٽڻ جي مند به آئي آهي، وڻجاري پنهنجي ور جي لاءِ اکيون سمنڊ مٿان کپايو انتظار پئي ڪري.

سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماءِ سامونڊي آئيا.
مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾.
 

سمنڊ ۾ اکا وجهي، تڙ تي سوڻ ساٺ ڪري هر ڪا پنهنجي پرينءَ جي خير سان موٽڻ جي دعا پئي ڪري.

جنين ڪارڻ مون تڙ پوڄارا پوڄئا،
پنم اميدون، سيئي سڄڻ آئيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com