سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

باب: --

صفحو :1

مقدمہ لطيفي

پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي

 

فصل 1

شاه جي سوانح عمري

حوالا اصل ۽ نسل ولادت ننڍپڻ ۽ تعليم عشق ۽ نا اُميدي سير ۽ سياحت مراجعت ۽ شادي اولاد دوست ۽ دشمن شاهه ڪريم جو قُبو اڏائڻ نور محمد ڪلهوڙي جي دعوت ڀٽ وسائڻ شاهه حبيب جو قضيو ڀٽ ڏي لڏڻ مريد ۽ معتقد آخرين ڏيدنهن ۽ وفات.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سنڌ جي مشهور شاعر کي وفات ڪئي، اڄ اٽڪل پوڻا ٻه سؤ وره ٿيا. اهو ڪو ايڏو وڏو عرصو نه چئبو، پر تڏهن  به، سندس حياتيءَ جو ڪو دل  گهريو ۽ ڀروسي جهڙو احوال ڪٿان ملي نٿو سگهي. البت آکاڻين ۽ افسانن جي ڪمي ڪانهي، جن  جو مضمون يا ته شاه جون ڪرامتون آهن، يا ته ڪن بيتن ۽ مصراعن جي تصنيف  جو سبب. مشرقي دماغ افسانه پردازيءَ لاءِ نهايت قابل آهي،  ۽ ڪرامتن ۽ معجزن جو  خواهان؛ ڄڻ ته ڪنهن بزرگ جي حياتي ئي هڪ وڏو معجزو نه آهي. ڪنهن به بزرگ يا شاعر جي سوانح عمري جاچي ڏسبي، ته سندس ساري حياتي، هڪ غيب جيد دائري ۾ عجيب ۽ غريب ڳالهين سان گهيريل ڏسڻ ۾ ايندي. ايتري قدر جو تاريخي ماهيت به ڪهاڻيءَ جي ڪاري ڪڪر هيٺ منهن ڇپايو ڇڏي، در حقيقت، اهي آکاڻيون ڀورڙن ماڻهن جا بناو آهن. انهن مان ڪي ڳالهيون ته اهڙڦيون آهن، جو ٿورڙيءَ ڦير ڦار سان ٻين مشرقي بزرگن جي حالت ۾ پڻ لاڳو ٿي سگهن ٿيون. اهڙين ڏند ڪٿائن، ماڻهن جي وات مان پشت به پشت گشت ڪري؛ نيٺ تاريخي لباس وٺي  شاهه جي شخصيت ۽ احُال کي هڪ حيرت انگيز افساو بنائي ڇڏيو آهي.

هڪ پارسي ڪتاب کان سواءِ، شاهه جو تاريخي احوال ٻئي ڪنهن به همعصر جي تصنيف ۾ ڏنل نه آهي.  اهو ڪتاب آهي تحفة الڪرام، جو سن 1181 هجريءَ، مطابق سنه 1767ع عيسويءَ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکيو  هو. انهيءَ ڪتاب جي ٽئي دفتر ۾، سنڌ ۽ سنڌ جي مشهور شهرن ۽ معروف بزرگن ۽ اوليائن جي بيان ۾، شاه جو به ذڪر آيل آهي؛ پر اهو اهڙو مختصر ۽ سرسري آهي، جو شاه جي حياتيءَ تي ڪا گهڻي روشنائي نٿو وجهي. علي شير اهو احوال هن طرح ڏنو آهي:

هو صاحب (شاه عبداللطيف) سيد حبيب شاهه جو پٽ، مشهور اولياءَ شاهه  عبدالڪريم جي اولاد مان آهي. سيد حبيب شاهه با خدا آدمي هو. ۽ جڏهن گذر ڪري ويو، تڏهن سندس فواتج ي تاريخ آ الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ القاءِ الحبيب[1] لکيائون. شاه عبداللطيف جو سندس زماني ۾ ولايت  ۾ ڪو ورلي مٽ هو. سندس اچرجن جا آثار ۽ سندس ڪرامتن جون ڪهاڻيون  سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ڪتاب ۾ انهن جي بيان جي گنجائش نه آهي. ۽ جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل هو ته به خدا تعاليٰ ان جي سيني جي فرهيءَ تي سڀيئي علم اُڪري ڇڏيا هئا. چون ٿا ته مرزا بيگ ارغون، جنهن جي نياڻي شاهه صاحب جي نڪاح ۾ هئي. تنهن کي اوائل ۾ شاه  صاب سان تمام بغض هو. جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن شاهه صاحب جي مريدن مان هڪڙي، سندس وفات جي تاريخ بود خبيث[2] ڳولي ڪڍي. جڏهن اُن عارف ڪامل هيءُ ٻڌو، تڏهن يڪدم بي اختيار چيائين ته  ائين نه چوڻ گهرجي، بلڪ چئو يک مغل به بوده[3]. جڏهن ابجد موجب حساب ڪيائون،  ته ساڳيو سال[4] نڪتو. تحقيق، هڪ اڻ پڙهيل انسان جي واتان ائين واقع ٿيڻ، هڪ ڪرامت آهي، جنهن ڏينهن هن دنيا مان انتقال ڪيائين،ت نهجن ڏينهن سندس افسوس ۾، ڪيترا مريد مري ويا. سندس پاڪ مزار، ڀٽ تي هڪ عجيب روح افزا جاءِ آهي، ۽ سندس مقبري تي، هڪ عاليشان گنبذ اڏيل آهي. جيسلمير جي راجا هڪ نقارن جي جوڙي نذراني طور موڪلي. صبح ۽ شام جو سندس درگاهه تي هڪ دل کي فرحت ڏيندڙ چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. سيد جمال شاهه[5] انهيءَ وليءَ جو قائم مقام پڻ صاحب ڪرامت آهي، ۽ سندس فقيرن جي سلسلي مان ڪيترا نامدار خليفا آهن.

هن کان پوءِ  پوءِ سنه 1851ع ۾ سر رچرڊ برٽن صاحب پنهنجي ڪتاب، جنهن جو سرنامو  سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي واديءَ ۾ رهدنڙ قومون آهي، تنهن ۾ شاهه جو پڻ احوال ڏنو آهي. اهو اهو احوال، اگرچه مير علي شير قانع جي ڏنل احوال کان بهتر، ۽ ڪي قدر حقيقتن جي مطابق آهي، پر تڏهن به، اهڙو خاطر خواه نه آهي؛ از انسواءِ اهو ڪتاب هاڻ ناياب آهي.

جڏهن سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي ڪراچيءَ جو فريئر هال سڏجڻ ۾ اچي ٿو، سنڌ جو ڪمشنر هو (1851ع-1959ع)، تڏهن سندس يناڻي جي وندر لاءِ، شاه جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ لکائي ويئيه ئي، جا پوءِ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪئي ويئي. هيءَ صاحبه هندستاني قصن ۽ ڪهاڻني جي شائق هئي، ۽ انهيءَ  باري ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي ڇپايائين. مگر ڪنهن سبب کان اهي ٻئي مسودا، سنڌي توڙي انگريزي، خطي حالت ۾ رهجي ويا؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين، ڪمشنر صاحب جي ڪتب خاني ۾ موجود آهن پر اهي مسودا به ڪو مستقل احوال نٿا ڏين،  رڳو وهمي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن سان ڇانيل آهن.

سنه 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل، سگما جي تخلص سان، هڪ ننڍو رسالو نالي سنڌ بابت ٿورو ذڪر انگريزيءَ ۾ ڇپايو هو، جنهن جو ڳچ  حصو شاه جي حياتيءَ جي احوال سان ڀريل آهي. هن صاحب، جيتوڻيڪ تاريخي حقيقتن ڏيڻ جي قدري ڪوشش ڪئآ يه، پر تڏهن به غالباََ سندس بيان جو دامن قصن ۽ ڪهاڻين جيڪ نڊن ۾ پاسجي ويو آهي؛ خصوصاََ سنن، مڪانن ۽ ماڻهن جي نالن وغيره ۾ گهڻيون غلطيون ڪيون اٿس. گهڻڻ هنڌن تي ته رڳو شخصي خيال ۽ رايا اظهار ڪيل آهن. انهن سببن ڪري، سندس ڏنل احوال تاريخي مسعيار تي پورو نٿو بيهي.

سنه 1887ع ۾ سنڌ جي مشهور مصنفم رزا قليچ بيگ، شاه بابت سندس مريدن ۽ فقيرن کان جدا جدا جاين تان، جدا جدا خبرون ۽ ڳالهيون گڏ ڪري، هڪ سلسليوار سوانح عمري ڇپائي هئي. ۽  وري 1889ع ۾ ديوان ليلا رام سنگ ه شاهه ۽ سندس شعر به نسبت هڪ ڪتاب، مقالن جي صورت ۾ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾  ڇپايو هو. هڪڙي مقالي ۾ خاص شاهه جو احوال ڏنل آهي.

مذڪوره ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙو ڪتاب نظر نه چڙهيو آهي، جنهن ۾ شاهه سجو مفصل احوال ڏنل هجي. انهن سڀني  حوالن کي مقابل ڪري ۽ تنقيد جي ترازيءَ ۾ توري، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سلسليوار سوانح عمري ڏني ويئي آهي. قصن ۽ ڪهاڻين کي حقيقتن کان ڇني ڌار ڪرڻ جي، حتي المقدور، ڪوشش ڪئي ويئي آهي، پر نتهنهوندي به جتي ڪو قصو صا ڪهاڻي عقل جي ابتڙ نه آهي، ۽ حقيقت سان همدوش آهي، يا  پنهنجي پر ۾ ڪا ذاتي خوبي اٿس، سا پڻ گذارش ڪئي ويئي آهي.

شاه عبداللطيف جا ابا ڏاڏا، جن جو عالي نسب حصرت محمد صلعم سان وڃيو لڳي، سي اصل هرات ۾ رهندا هئا. ۽ ڀانئجي ٿو ته هميشه گمناميءَ جي گوشي ۾ گذاريائون، ۽ دنيا جي بي بقا جنسار کي ترڪ ڪري، آخرت جي خزاني گڏ ڪرڻ ۾ پنهنجي همت صرف ڪيائون. مگر جنهن صورت ۾ دنيا اهڙن الله لوڪن لاءِ واجهائيندڙ ۽ ڳوليندڙ آهي، تنهن صورت ۾ وٽن هن فاني  متاع جي به ڪمي ڪانه هئي. پيريءَ مريديءَجو طريقو شايد اصل کان ئي جاري هون، جنهن ڪري عام ۽ خاص ماڻهن ۾ سندين عزت ۽  رسوخ گهڻو هو. انهن گمنام سيدن مان، جن دنيا جي دفتر تي اهڙو ڪو ڪارنامو ڪونه ڇڏيو، جنهن مان جيڪر سندن حياتيءَ جي خبر پئجي سگهي، فقط هڪ جو مختصر پتو ملي سگهي ٿو. اهو آهي سيد مير علي، جنهن امير تيمور گورگان جي ڏينهن ۾ چڱو نالو ڪڍيو. سنه 1398 عيسويءَ ۾ جڏهن امير تيمور وڏي انبوهه سان هرات تي ڪاهيو، تڏهن سيد مير علي، سلطان جي خدمت ۾ حاضر ٿي، شاهي لشڪر جي مهمانيءَ لاءِ هڪ وڏي رقم نذراني طور پيش ڪئي. امير تيمور مٿس ڏاڍو راضي ٿيو، ۽ کيس شاهاڻا انعام اڪرام عطا فرامايائين. سيدم ير عيلءَ کي ڇهه فرزند هئا، جن تي پڻ شاهاڻي فيض جي نظر ٿي، ۽ جدا جدا علائقن جا حاڪم مقرر ڪيا ويا: پهريون مير عبدالباقي، جو اجميرل جو حاڪم ٿيو، ٻيو مير عبدالواحد، جنهنه کي ملتان جي حڪومت ڏني ويئي: ٽيون مير عبدالرزاق، جنهن کي بکر جي حڪومت ملي؛ چوٿون مير ابوبڪر، جو سيوهڻ جو والي مقرر ٿيو؛ پنجون مير شرف الدين، جنهن کي پڻ حڪومت آڇي ويئي، مگر ان نوڪريءَ وٺڻ کان  ناڪار ڪئي ۽ رخصت گهري ته پنهنجي والد سان سلطان جي خدمت ۾ همرڪاب ٿي رهي. سلطان سندس هيءُ عرض خوشيءَ سان قبوليو. هندستان ۾ پهچڻ کان پوءِ، ستت ئي سيد حيدر شاه پنهنجي پيءُ کان اجازت گهري، انيهءَ لاءِ ته پنهنجن ڀائرن سان ملاقات ڪري، ۽ پڻ نئين ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن جو سير ڪري. پنهنجي سير جي دوران ۾، مٿيون سيد سنڌ ۾ پراڻڻ هالن جي شهر ۾ اچي نڪتو. اتي هو هڪ معزز ماڻهوءَ شاه محمد پٽ دريا خان هالي وٽ اچي مهمان ٿيو، جنهن سنديس خاطر خواه خدمت ڪئي. انهي وقت، اتيجي حاڪم مير محمد، ڪنهن سخبب ڪري انهن ماڻهن تي 525روپيه ڏنڊ رکيو هو، هو مسڪينيءَ سبب ادا ڪري نٿي سگهيا، ۽ نهايت مايوسيءَ ۾ مبتلا هئا. سيد حيدر شاه کي جڏهن انهيءَ حال جي مقال ڪن پيئي، تڏهن هن قياس وچڇان اها رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏني. ازانسواءِ سيد حيدر شاهه انهن ماڻهن سان ٻيا به گهڻائي پير کنيا، ۽ اوکي سوکيءَ ۾ مددون ڏنائين. انيهءَ ڪري اهي ماڻهو سندس نهايت شڪرمند رهندا هئا؛ ۽ جنهن صورت ۾ هو عاليٰ خاندان مان هو، تنهن صورت ۾ اُن سان مائٽي ڳنڍڻ جي رغبت ڏيکاريائون. آخر سيد حيدر شاه جي شادي، شاهه محمد هالي جي نياڻيءَ سان ملهائي ويئي. بيبي صاحبه جو اصل نالو فاطمه هو، مگر جنهن صورت ۾ سيد حيدر ساهه جي والده جو نالو به فاطمه هو، تنهن صورت ۾ سندس نالو مٽائي بيبي سلطان رکيائون. چون ٿا ته سيد حيدر شاه کي هالن ۾ رهئي، اڃا ٽي سال ٿيا هئا، کيس پنهنجي والد جي وپفات جي خبرف پهتي، جنهن ڪري پنهنجي وطن وڃڻ واجب ڄاتائين،ا ن وقت سندسا هليه ڳورهاري هئي، جنهن ڪري لاچار کيس مائٽن وٽ ڇڏيائين؛ ۽ نشانيءَ طور وٽس ٽي شيون ڇڏي ويو: هڪ قديم سهڻي منڊي، جنهن تي سندس نالو اُڪريل هو، هڪ جڙادار خنجر ۽ هڪ قديم ٻانهي جا اصل هرات  کان آندي هئائين. ۽ وصيت ڪري ويو ته، منهنجي اُصهڻ کانپوءِ، جڏهن فرزند ڄمي ته ان کي منهنجي والد مرحوم مير علي جي نالي سڏجو، ۽ جڏهن ٿورو وڏو ٿئي، ته تڏهن انهن ٽنهي نشانين سميت هرات روانو ڪجوس؛ پر جي نياڻي تولد ٿئي ته ان کي منهني والده بيبي فاطمه ي نالي سڏجو.

سيد حيدر شاهه، هراتم ان پنهنجيگهرواريءَ ۽ سياءَ سان وقت بوقت لکپڙه پيو ڪندو هو. جڏهن هرات ۾ رهئي ٽي يا چار ورهيه ٿيس، تڏهن روح رليو ڏنس ته هيڪر سنڌ جا وڻ وري ڏسي اچان؛ مگر اجل فرصت نه ڏنس. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هن دنيا فانيءَ مان لاڏاڻو ڪيائين. کيس هرات ۾، ٻئيگ هر مان ٻه پٽ هئا؛ هڪڙو سيد محمد، ٻيو سيد حسن، جن سندس وفات بعد، سڀ مال ملڪيت پاڻ وراهي کنئي.

بيبي سلطان کي سيد حيدر شاه جي اسهڻ بعد جلي ئي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سندس والد جي وصيت موجب مير علي رکيائون. جڏهن هي نينگر عمر رسيدو ٿيو، تڏهن کيس پڻس جون ٽيئي ڇڏيل نشانوين سپر ڪيون ويون. ٿورن ڏينهن بعد، دائيءَ جي رهبريءَ سان سيد مير علي هرات روانو ٿيو، پهچڻ شرط، پنهنجي والد جي ڇڏيل ملڪيت مان، ڀائرن کان حصو ڇڪڻ لڳو؛ پر ڀائر ڦري آيس۽ چ يائونس ته، اصل نسل جي شاهدي ڏيئي، پنهنجو حق ثابت ڪر. هن پنهنجي پيءُ جي هٿ واري منڊي ۽ خنجر ڏيکارين، ۽ دائيءَ پڻ شاهدي ڏني؛ مگر هو باز نه آيا. آخر اهو معاملو قاضيءَ وٽ ويو، جنهن فيصلو ڪيدو ته ملڪيت جي ٽي پتيءَ کان ڪي قدر گهٽ سيد مير عليءَ جي ورثي ۾ اچڻ گهرجي. حصي وٺڻ کان پوءِ هو اتي وڌيڪ نه ترسيو ۽ موٽي هالين آيو؛ ۽ پاڻ زسان پنهنجو  چاچو سيد شرف الدين به آندائين، هتي هن سگهوئي ئي ٻه شاديون ڪيون؛ هڪ هالي ذات مان ۽ ٻي ترڪن مان. پهرين زال مان، هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شرف الدين رکيائين ۽ ٻيءَ مان پڻ فرزند عطا ٿيس، جنهن جو نالو سيد احمد رکيائين. سيد شرف الدين پرڻي کانپکوءِ جدا حويلي ڪري رهڻ لڳو؛ باقي سيد احمد پنهنجي پيءُ سان گڏر هندو  آيو. پهرئينءَ جو اولاد اڄ ڏينههن تائين شرف پوٽا سڏبو آهي؛ ۽ ٻئي جو اولاد ميرڻ پوٽا. اهي سڀيئي اڃا تائين مٽارن (مٽيارن) جي شهر ۾، جنهن کي اصل متعلوي چوندا هئا. رهندا اچن. مگر اها خبر نه ٿي پوي ته اهي سادات، ڪڏهن ۽ ڪهڙي سبب کان مٽاري (مٽيارن) ۾ لڏي آيا؛ ۽ سواءِ هڪڙيج ي، ٻئي ڪنهن جي احوال جي ڪابه خبر نٿي ملي سگهي. اهو هڪڙو سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ وارو، جو سنڌ جي مشهور اوليائن مان ڳڻيو وڃي ٿو، ۽ جنهن جو مفصل احوال بيان العارفين ۾ ڏنل آهي، جو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽوي، سنه 1038 هجري مطابق سنه 1628 عيسوي ۾، شاهه ڪريم جي وفات کان فقط ڇهه ورهيه پوءِ تصنيف ڪيو. اهو ئي ناميارو اولياءُ هو، جنهن جي پشت مان اسان جي فخر جو باعث،  شاه عبداللطيف پيدا ٿيو.

شاهه عبدالطيف، سيد حبيب شاهه جو پٽ، سيد عبدالقدوس جو پوٽو ۽ سيد جمال شاه جو پڙپوٽو هو؛ ۽ سيد جمال، شاه عبدالڪريم جو ٽيون فرزند هو. شاهه عبدالطيف حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾، هالا حويليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. اهو ڳوٺ هاڻي ويران آهي ۽ ڀٽ کان اٽڪل نو ڪوه پري، سندس ڦٽل نشان اڃا ڏسڻ ۾ پيا اچن. جنهن گهر ۾ شاهه ڄائو هو، اتي پوءِ هڪڙي مسجد جوڙائي ويئي هئي، جا اڃا تائين قائم آهي.

شاه جي جنم جو ڏينهن پوريءَ طرح معلوم ٿي نه ٿو سگهي. مگر قرائن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنه 1102 هجري مطابق 1689-1690 عيسويءَ ڌاري ڄائو هو. ڊاڪٽگھر ٽرمپ پنهنجي شاهه جي رسالي جي ديباچي ۾ چوي ٿو ته شاه سنه 1680 عيسويءَ ۾ ڄائو هو، ۽ سنه 1161 هجري مطابق 1747 عيسويءَ ۾ وفات ڪيائين. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهيد، ته شاهه 67 ورهيه جئرو رهيو هوندو؛ مگر بيروني شاهدي ان يج اصل برخلاف آهي. سڀ  هن ڳالهه تي متفق آهن ته شاه 14 تاريخ صفر مهني سنه 1165 هجري مطابق 1752عيسويءَ ۾ وفات ڪئي، جنهن تاريخ تي سندس يادگڀار ۾ اڃا تائينس ال بسال ميڙو لڳندو آهي؛ ۽ پڻ روايت آهي ته، سنسد عمر، حضرت پيغمبر صلعم ۽ حصرت عليءَ جي عمر جيتري هئي، يعني 63 ورهيه. هن مان صاف  ظاهر آهي ته سندس جنم سنه 1102 گهري نطاڀق 1689-1690 عيسويءَ ۾ ٿيو هوندو.

چون ٿا ته شاه عبداللطيف جي پيءُ شاه حبيب کي پهرئين اولاد ڪونه ٿيندو هو. پوءِ ڪنهن وليءَ کان دعا گهريائين، جنهن خاطري ڏنيس ته توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو قطب ٿيندو، ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ. ستت ئي خدا جي فضل سان سيد حبيب شاه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر اهو ننڍي هوندي ئي مري ويو. وري ٻئي گهر مان هڪ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو جمال شاه رکيائين، جنهن جو اولاد اڃا تائين ڀٽ جي گاديءَ تي  وهندو اچي. وريپ هرئين گهر مان ٻيو پٽ ڄائس، جنهن جو نالو پٽ عبدالطيف رکيائين. اهو آهي شاه عبدالطيف شاعر، جنهن جي حياتي جو احوال اسان جو مقصد آهي. شاه عبدالطيف جي والده شاه دياني جي نياڻي هئي. شاه دياني کي مخدوم عربي نبه ڪري سڏيندا هئا، ڇو ته سندس ابا ڏاڏا اصل عربستان کان آيل هئا، هن بزرگ جي ساري حياتي مجذوبيءَ جي حالت ۾ گذري ۽ ماڻهن جو منجهس وڏو ويساه هو. سندس مقبرو اڃا تائين پراڻن هالن جي اڀرندي طرف ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

شاه عبداللطيف جي تولد ٿيڻ کان پوءِ، شاه حبيب هالا حويليءَ ۾  گهڻو وقت نه رهيو؛ پر جلد ئي ڪوٽڙيءَ نالي هڪ ڳوٺ ۾، جو هاڻ ڦٽي ويو آهي ۽ ڀٽ کان ٻه ڪوه کن پري آهي، اتي وڃي لڏي ويٺو. ڪهڙن سبن ڪري شاه  حبيب، هالا حويليءَ کي ڇڏي ڏنو، تن جي پوري خبر پئجي نٿي سگهي. پر يقين سان چئِ سگهبو ته شاه عبدالطيف جي ننڍپڻ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي گذري، ۽ کيس تعليم ۽ تربيت اتي ئي ملي.

شاه عبدالطيف جي ننڍپڻ جي نسبت جيڪي اڪيچار قصا ۽ ڪهاڻيون مروج آهن، سي جيڪڏهن اعتبار ۾ آڻبيون ته ڏسبو ته هو ڄاپندي ئي ڄا۾ هو. ننڍيءَ وهيءَ کان ئي وٺي، ڪڏهن ڪڏهن وجد ۽ حال ۾ اچي ويندو هو. ننڍي وهيءَ کان ئي وٺي، ڪڏهن ڪڏهن وجد ۽ حال ۾ اچي ويندو هو، ۽ اُن هالت ۾ غيبي مشاهدا نظر ايندا هُئس. پنهنجن جيڏن سرتن کي الاهيات جي باريڪ نڪتن تي وعظ ڪندو هو ۽ کين ڪيترا اچرج ۽ ڪرامتون ڏيکاريندو هو. چون ٿا ته جڏهن پنجن يا ڇهن ورهين جي ڄامر جو ٿيو، تڏهن سندس والد کيس آخوند  نور محمد وٽ پڙهڻ وهاريو. آخوند نور محمد ذات جو ڀٽي هو، ۽ وائيءَ جو ويٺل هو، جا ڀٽ کان ڇهه ڪوه پري ۽ اڏيري لعل کان ٻه ڪوه پري آهي. جڏهن آخوند الف بي سيکارڻ شروع ڪيس، ۽ چيائينس ته چؤ الف، ته شاه هڪدم چيو الف. وري جڏهن آخوند چيس ته چؤ ب، ته شاه ٺهه پهه جواب ڏنو ته ب وري ڇاجي؟ نيٺ گهڻي رد بدل کانپوءِ، نينگر کي شاه حبيب وٽ وٺي آيا ۽ ساري روئداد بيان ڪري ٻڌايائونس. شاه حبيب پنهنجي پٽ جي رمز سهي ڪئي ۽ خوشيءَ وچان ڳراٽڙي پائي، پيشانيءَ تي چمي ڏنائينس، ۽ چيائينس ته با تون بيشڪ حق تي آهين. پر جنهن صورت ۾ دنيا ۾ ٻاهريون لبيس به رکڻ ضروري آهي، تنهن صورت ۾ ظاهري علم به حاصل ڪرڻ لابد آهي. يقين سان چئي سگهبوت ه سندس والد جو فرمودو اجايو نه ويو هوندو؛ مگر ايترو سو  چئي نٿو سگهجي ته  شاه، آخوند نور محمد وٽ ڪيترو وقت پڙهيو،  ۽ ڪيتري قدر تحصيل ڪيائين.

عام اعتقاد  آهي ته عبداللطيف کي باترتيب درسي تعليم ڪانه ملي. ان مان منطقي دليل سان چئي نهس گهبو ته شاه، ڪو امي يا اڻڄاڻ هو، جئن تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايو آهي، ۽ ڪن ماڻهن جو وهم آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي ڇاپيل رسالي جي مقدمي ۾ سچ چيو آهي ته اهڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاه جو ديوان ئي ڪافي ثبوت آهي، جنهن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن جو اونهو محاوره ڏيکاريو آهي. بلڪ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ڪي قدر درسي تعليم جي ڪري ۽ ڪي قدر پنهنجي سر تجربي ۽ مطالعي ڪري، شاه عبدالطيف ان زماني جي لياقت آهر، هر علم ۾ چڱي  مهارت حاصل ڪئي. عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر هو ۽ پنهنجي مادري زبان تي ته کيس ڪلي ضابطو هو. نه فقط ائين، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪي قدر واقفيت هيس‏، جهڙوڪ بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره. ازانسواءِ سندس تاريخي معلوميت به وسيع هئي. سنڌ، توڙي هندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ڪهاڻين کان به چڱيءَ طرح واقف هو. قرآن ۽ حديث، فقه ۽ فلسفه، تصوف ۽ ويداينت، صرف ۽ نحو وغيره جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس، قرآن شريف، مثنويم ولانا روم ۽ شاه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراه هوندا هئا؛ ۽ روايت آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي،  هڪ نهايت عمدو سوناڪاري دستخط نسخو جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جو، کيس تحفي طور ڏنو هو. هاڻ جيڪڏهن شاه اُمي هجي ها ته اهڙي تحفي موڪلڻ جو ڪهڙو مقصود؟ انهن ٽنهي ڪتابن ۽ علمن مان ڪيترا مضمون پنهنجي شعر ۾ داخل ڪيا اٿس، ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڪن آيتن ۽ بيتن جو هوبهو ترجمو ڏنو اٿس. انهن جو وڌيڪ ذڪر پنهنجي پنهنجي جاين تي، خصوصاََ معني ۽ شرح واري ڀاڱي ۾ ڪيو ويندو. اها لاجواب ثابتي آهي ته شاه عبداللطيف پنهنجي زماني ۾ هڪ يگانو فاضل ۽ عالم شخص هو.

تحقيق، شاه ڪنهن مڪتب يا دارالعلوم ۾ باترتيب ۽ باقاعدي تعليم نه ورتي؛ نڪو ڪو انهي زماني جي ملن ۽ مجتهدن جئن ڪنز، قدوري، ڪافيه وغيره جا مشڪل مسئلا برزبان ڪري، ڀورڙن کي برغلايو. انيهءَ علم کان پڻ واقف هو؛ مگر اهو علم ستت ئي پنهنجي دل جي فرهيءَ تان ميسارڻو پيس؛ ڇو ته ڄاتائين ٿي ته انهيءَ علم مان قلب ۽ روح جي ترقيءَ جي اُميد رکڻ محال آهي. جو سچو علم هن حاصل ڪيو، سو ورلي ڪنهن کي نصيب ٿيو هوندو. انهيءَ علم اختيار ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي، جو آهي فطرتي ۽ انساني جمال ۽ جلال تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي اندروني ڳجهارت پروڙڻ. شاه، اهڙو علم بيشڪ اختيار ڪيو ۽ انهي ڪري ئي هو شاعرن جو شاه آهي. هزارها ماڻهو هر روز مصنوعي  مڪتبن ۾ پنهنجو وقتل وڃائين ٿا، گهڻا ئي ڪنڌ لوڏ ڪن ٿا، پر

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.

قدرت جو نظارو ئي شاهه جي مڪتب گاه هو:

برگ درخنان سبز در نظر هوشيار

هر ورقي دفتريست ز معرفت کردگار.

سندس ڪن قدرت جي ڪلام ڏي مائل هو، ۽ سندس آڱر هڪ حاذق حڪيم جئن، نوع انسان جي طبع جي نبض شناس. قدرت جي رهاڻ جو ڪوڏيو هو؛ ۽ قدرت به ساڻس نيون نيون لاتيون لنئي، رمزن ۽ رازن سان آشنا ڪري، کيس پنهنجو ترجمان الاسرار بنائي ڇڌيو.

شڪ نه آهي ته شاه عبداللطيف جي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جو ڪجهه حصو، ظاهري ۽ معنوي علمن حاصل ڪرڻ ۾ صرف ٿيو هوندو. اهڙو سلڇڻو ۽ علم وارو پٽ ضرور پنهنجي پيءُ جي ناز، سندس مريدن جي لاڏ جو سبب ٿيو هوندو؛ ۽ پڻ عام ماڻهن منجهه سندس مڃتا ٿي هوندي.

اسان مٿي ڏيکاريو آهي ته شاه حبيب، هالا حويلي مان لڏي اچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو هو. انيهءَ ساڳيءَ ڪوٽڙيءَ ۾ مرزا مغل بيگ  نالي هڪ وڏو ماڻهو رهندو هو. مرزا مغل بيگ، ارغون گهراڻي مان هو؛ ۽ سندس نسل وڃي چنگيز خان سان لڳي. انيهءَ گهراڻي جو پهريون حاڪم شاه بيگ هو،  جنهن سنه 926 هجري مطابق سنه 1519 عيسوي ۾، ڄام فيروز، سمن جي پوئين حاڪم کي، ٽلٽيءَ جي ميدان تي شڪست ڏيئي، سنڌ جي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ آندي. مرزا مغل بيگ ۽ سندس خانمان جو شاه حبيب سان مريديءَ جو رستو هو ۽ منجهس گهڻو اعتقاد هون. جڏهن ڪو منجهانئن بيمار پوندو هو يا ٻيءَ ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو، ته شاه حبيب کي دعا ڦيني لاءِ وٺي ويندا هئا. هڪ لڱا مرزا مغل بيگ جي نهايت حسين وڏور نياڻي، بيمار ٿي پيئي. شاه حبيب کي ماڻهو موڪليائون؛ پر جنهن صورت ۾ هو پاڻ بي مزي هو، تنهن صورت ۾  پنهنجي فڀرزند شاه عبداللطيف کي وڃن لاءِ چيائين. ڇوڪري ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي سمهي پيئي هئي؛ ڇاڪاڻ ته مغلن ۾ نهايت مستوري ۽ پرهيزگاري هئي، ۽ پنهنجي زناني عالم کان ڌارين ماڻهن جي منهن تي چڙهڻ نه ڏيندا هئا. رڳو سزيدن سان  ئي اها خاص مهرباني ڪندا هئا، جوگ هر جي چائنٺ لنگهي پنهنجي زالن ۾ اچڻ ڏيندا هئن. شاه عبداللطيف جو نينگر کي ڏسڻ ۽ مٿس عاشق ٿيڻ. پهرين نظر سان عشق جو تير سندس سيني ۾ چُڀي ويو. نينگر جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين ته جنهجن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو. اهي اکر ٻڌي، مرزا مغل بيگ ۽  سندس عزيز تپي باهه ٿي ويا. شاه عبداللطيف کي ان وقت ڪجهه نه چيائون، مگر پوءِ اته اچي ساڻس ابتا پير کڻڻ لڳا. شاه حبيب کي به اڳي جيڪو مان ڏيندا هئا، سو هاڻ نه ڏيڻ لڳا. مطلب ته سيدن کي ايترو آزاريائون، جو هو مغلن جي حويليءَ وٽان بنه لنگهي به نه سگهندا هئا. ڀٽي توڙي ٻئن قومن جا مانحو، جن جو اڳي سيدن سان گهرو ناتو هو، سي به هينئر کانئن منهن موڙڻ لڳا. لاچار سيدن کي ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃڻو پيو. ڳوٺ جي اتر طرف ڏانهن، ٿورو پرڀرو وڃي جدا پاڙو ٻڌي ويٺا.

شاه جي عمر، انهيءَ وقت شايد ويهه ورهيه هئي. جوانيءَ جي اوائل ۾، عشق جي ڏيکاري هڪ طرف فطرتي ڳالهه هئي؛ هڪ طبيعت جي تقاضا هئي، انهي شيرين شمائل جي سودا، سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراري ۽ بيتابي پيدا ڪئي؛ ۽ پڻ انهي مجازي معشوق جي رويا، منجهس هڪ نئين قسم جو روح ڦوڪيو. شڪ نه آهي ته سندس شاعراڻو شعور اول انهي واقعي تي ظاهر ٿيو هجي. شاعرييت، جا هيل تائين هن جي دل ۾ ڇپيل هئي، جئن باهه چمقمق ۾، سا هاڻ عشق هجي تاثير هيٺ ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي. فارسي شاعر حافظ نسبت پڻ قول آهي ته وائل  ۾ هن کي شعر چوڻ جو شوق، پنهنجي محبوب شاخ نبات جي مشاهدي ڪري پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي شاه، ماڻهن جي گهڻ کان گوشو ڪندو هو ۽ نويڪلائي پسند ڪندو هو. سندس پيشانيءَ مان هميشه فڪر ۽ خيال جا آثار پيا بکندا هائ، ڄڻ ته ڪنهن اونهيءَ ٽٻيءَ: ۾ آهي. بعضي ته پور پوندو هوس ته جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو. پر هاڻ ته هيڪاري ڏينهن جا ڏينهن، مجنونءَ وانگي برپٽ بيابان جهاڳڻ لڳو. عاشق شيدائيءَ وانگي محبوب جي فراق ۾ بيت چوندو وتندو هو؛ ۽ سندس نينهن جا نعرا رڃن  ۾ پڙاڏو ڪندا هئا. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڀيري، برپٽ ۾ هڪ واريءَ جي دڙي تي وهندي، عشق مٿس اهڙو  غلبو ڪيو، ۽ محبوب جي مورت ۾ اهڙو  محو ٿي ويو، جو غشيءَ ۾ اچي ويو. پنهنجي جسم ۽ جان، دنيا ۽ ماسوا جو ڪو سماءُ نه رهيس. ٽي ڏينهن برابر اهڙي حالت ۾ رهيو. جهولن جي  جهوٽن کان واريءَ جا ته مٿانس وري ويا. شاه حبيب گهڻي ئي ڳولا ڪئي پر پتو نه پيس. نيٺ هڪ ايل پنهوار، جنهن جي نظر انهي دڙي وٽان لنگهدي، شاه تي چڙهي هئي، تنهن اچي ساڻس ڳالهه ڪئي. شاه حبيب گهني اُڪير سان انهي ڏس ڏي ڊوڙيو. جڏهن اُتيپ هتو، تڏهن ڏٺائين ته شاه جو سارو ڌڙ واريءَ ۽ دز ۾ دٻجي ويو آهي؛ ڳولا سندس چادر جي ڪنڊ ٻاهر پيئي ڦڙڪي. سهي سڃاتائين ته سندس ڳولا جو مقصد اُتي ئي آهي؛ مگر تمان ٿيس ته شايد مري ويو آهي. نهايت رقت انگيز آواز ۾ پڪاري چيائين:

لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا لٽجي.

شاه عبداللطيف، انيهءَ دردناڪ دانهن تي، بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ماري اٿيو، ۽ وهلو وراڻي ڏنائين:

پيئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

هن ڳالهه ۾ البت وڌاءُت هجي؛ مگر ان جو  حاصل مطلب شاه جي هن وقت جي زندگي ساه هر طرح مطابق آهي.

شاه حبيب کي پٽ جي پريشان حالت ڏسي ضرور خيال ٿيو هوندو؛ ۽ سندس خاطري لاءِ، هن مرزا مغل بيگ کان سڱ ڇڪڻ جي هر وجه ڪوشش ڪئي هوندي. مگر ڏسجي ٿو ته سندس سخعيا سجايا نه ٿيا. شاعر نهايت نااميدي وچان ديس ڇڏي، پرديس جا ڏک ڏاکڙا برسر کنيا.

ساڄن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي.

هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، مائٽن جي موڪل بنا، جهنگ منهن ڏيئي اٿي هليو. واٽ تي شايد هڪ هندو سنياسين ۽ جوڳين جي ٽولي ملي ويئي ٿي ڏسجيس؛ جن سان گڏجي پنهنجيد محبوب جي وڇوڙي ۾، انهن جهڙي ڪفني پائي؛ رلندو رمندو رهيو.

اڄ ملينديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا

جيجا جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهل م پاءِ

هوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪُنر پائيان

بس، انهن جي صحبت ۾ گهڻيئي ملڪ پريو؛ ۽ ڪيتريون سندن تيرٿن جون جايون ۽ تڪيا ڀيٽيائين. لکپت ۽ گرنار تائين به ويو، جتان موٽندي، جيسلمير ۽ ٿر جو به سير ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ گنجي ٽڪر ۽ لس ٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گشتڪ ندي، لاهوت، لامڪان، هنگلاج ۽ سٻرسخيءَ جون زيارتون ڪيائين؛ ۽ شڪ نه آهي ته اتان ٿي ڪابل ۽ قنڌار ڏي به ويو، جتان موٽڻ بعد وري ٻيو دفعو هنگلاج ۾ آيو. هن دفعي اُتي جون ريتون رستمون پوري طرح بجاءِ نه آندائين، جنهن ڪري جوڳين ۽ سنياسين سان البت اڻبڻت ٿي پيس، تنٿهن ڪري انهن کان ڇڄي ڌار ٿي، ڪيچ مڪران لتاڙي، ننگر ٺٽي ڏي رخ رکيائين، رستي ۾ هلندي هلندي، هڪڙي هنڌان هڪ دردناڪ آواز جو پڙلا5، ڪن تي پيس. اڳڀرو وڌي ڇا ڏسي ته غار ۾ هڪ شخص، هيءَم صرع هر هر پيو چوي:

هيڪليائي هيل، پوررينديس پنهوءَ ڏي

شاه عبداللطيف، اُن ماڻهوءَ جي ويجهو وڃي،  سلام ڪري پڇيو ته اي شخص تون ڪير آهين، هٿ ڇا ٿو ڪرين ۽ هي ڇا پيو چوين؟ هن وراڻي  ڏنيته آءٌ هڪ جت آهيان. مان ۽ منهنجا ٻيا به سنگتي، اٺن تي شاهوڪاري مال  لڏيو پئي وياسين. اوچتو هالن جي ڳوٺ وٽان لانگهائو ٿياسين، جتي ڪن فقيرن راڳ پئي ڳايو. انهي راڳ جي هڪڙي تڪ، منهنجي دل ۾ اهڙي چڀي ويئي، جو انهي ڏينهنه کان وڍي مان پنهنجو مال ملڪيت سڀ ڦٽو ڪري، رڳو اها ئي اها تڪ ڳائيندو اچي هت نڪتو آهيان. شاه کي معلوم ٿيو ته هو ويچارو ڪو دردن جو ماريل آهي؛ ۽ کيس چيائين ته جي تنهنجي مرضي هجي ته بيت جون ٻيون مصراعتون به چئي ٻڌايانءِ جت انهي تي ڏاڍي خوشي ڏيکاري، ۽ شاه ٻي مصرع چئي ٻڌايس.

آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل.

جت هي مصرع ٻڌي ويتر وجد ۾ اچي ويو ۽ شاه کي بيت پوري ڪرڻ لاءِ منٿ ڪيائين، جنهن تي شاه ٽي مصرع به چئي ٻڌايس:

ته ڪر ٻي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.

شاه جو بيت پورو ڪرڻ ۽ جت جو مورڇا  ٿي ڪرڻ. شاه کي نهايت عجب لڳو ۽ ڏاڍو ارمان ٿيس. هٿ لائي ڏسيس ته حياتي ٺهيئي ڪانه. پوءِ ان کي اتي دفن ڪيائين، ۽ سندس قبر اڃا تائين واٽهڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. شاه اڪثر چوندو هو ته انهي جت جهڙوص ادق ۽ صسوخته دل آدمي، مون ڪڏهين ڪونه ڏٺو.

نيٺ شاه ٺٽي ۾ پهتو، ۽ شهر جي عالمن ۽ فاضلنس ان ملاقات ڪيائين. مخدوم معين، جنهن کي مخدوم ٺاروبه ڪري سڏيند اهئا، تنهن سنديس گهڻي خاطري ڪئي، ٻنهي جي ايتري قدر ته پريت ٿي ويئي، جو شاه جي ڀٽ وسائڻ بعد به هڪٻئي وٽ پيا ايندا ويندا هئا.

اهڙي طرح شاه عبداللطيف، اٽڪل ٽي سال سفر ۽ سياحت ۾ صرف ڪيا؛  ۽ دنيا  جو گهڻو تجربو حاصل ڪيائين. نيٺ اچي اهو خيال پيس ته هيڏي هوڏي رلڻ جي بدران، وري پنهنجي وطن وڃي، خدا جي بندگيءَ ۽ والدين جي خذمت ۾ گذاريان. شڪ نه آهي ته اهو خيال مخدوم ٺاري جي صحت ۽ فهمايش ڪري اتپن ٿيو هجيس. شاه حبيب،  پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾ بيحال ٿي پيو هو، ۽ رات ڏينهن خدا جي درگاه ۾ اهائي وينتي هوندي هيس ته سندس پٽ صحيح سلام موٽي اچي. ۽ هر روز مخدوم نوح جي مقبري تي وڃي دعا پنندو هو ته منهنجي وپڙيل پٽ جون وطن ڏي واڳون وار. سندس عرض ۽ آزيون نيٺ وڃي اگهيون. شاه عبداللطيف، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اچي گهر نڪتو. پيءُ پٽ، هڪ ٻئي کي وڏيءَ حب سان مليا؛ شادمانا ٿي ويا؛ ۽ ورهن جا وڇوڙا لحظي منجهه لهي ويا.

انهن ٽن ورهن جي دوران ۾ شاه عبدالطيف، دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جو چڱو آزمودو پرايو. گهڻائي ڏاکڙا ڏڍائِن، جهنگل جهاڳيائين، ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلاپ ڪيائين.ا نهي:ءَ جو نتيجو نڪتو، جو سندس قلب مڪان تعصب ۽ دوئيءَ جي ڪٽ ڪورجي ويئي؛ ۽ انسان ذات لاءِ سندس قرب ۽ همدردي زياده ٿي. انساني طبيعت جو هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو؛ جنهن  جو ڪافي ثبوت سندس رسالي مان ملي ٿو. هن پنهنجي دوربين  اک سان پروڙيو ته غريب ۽ اڻڄاڻ ڳوٺاڻن ۾، ڪي اهڙا گڻ ۽ خوبيون آهن،  جي شاهوڪار ۽ پڙهيل شهرين ۾ ملڻ مشڪل آهن. گمنام ماڻهن وٽان هن سهڻيءَ نصيحت جا سچا موتي، ۽ حقيقت جا هار حاصل ڪيا؛ ۽ بلڪ خبر پيس ته ڀونگين ۾ رهندڙ به، سچي عشق جا قبال آهن. اگرچه ٻاهران هو ميرا ۽ گدلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، مگر سندن دليون صاف ۽ اوجل آهن؛ ۽ ثابت صدمي، تحمل، بردباريءَ ۽ حب الوطنيءَ ۾ بينظير آهن. سندن راحت ۽ رنج، شادي ۽ غم ۾ شراڪت ڪيائين، ۽ ساڻ ملي هڪ ٿي وويو. ڏسو ته ڪهڙيءَ نه خوبيءَ ۽ لطف سان، اهي مضمون پنهنجي شعر ۾ آندا اٿس. انهن آزمودن ۽ اثرن، سندس حياتيءَ ۾ هڪ وڏي تبديلي پيدا ڪئي. مجازي عشق، پنهنجو فرض پورو بجا آندو؛ ۽ حقيقي عشق کي تحڙڪ ۽ ترقي ڏني. المجاز قنطرة الحقيقة. اڳيئي سون هو، مگر هاڻ پارس ٿي پيو؛ ۽ سندس شعر پڻ هينئر وڌيڪ چيدو، موزون ۽ معنيٰ دار ٿيڻ لڳو.

شاه عبداللطيف کي ڪوٽڙيءَ  ۾ آئي اڃا ٿورو عرصو مس گذريو، ته ڪي دل ذات جا شاهينگ، وجهه وٺي، اچي مرزا بيگ جي گهر تي ڪڙڪيا. مڙس ماڻهو ويا هئا ڪم ڪار پٺيان، سو چورن کي به لڳي ساڄي. جيڪو مال متاع هٿ آين، سو ٻهاري هليا ويا.  مغلن کي جڏهن انهي عقوبت جي خبر پيئي، تڏهن هٿيار پنوهار ٻڌي، ڌاڙيلن پٺيان ڪاهي پيا؛ ۽ سندن سارو ڊنبلو، سيدن جي پاڙي کان اچي لنگهيو. شاه عبدلالطيف ڏٺو ته اهڙي مهل ۾ واهر ڪرڻ واجب آهي؛ سو ڪي ماڻهو وٺي، هنن سان همراه ٿي وڃڻ لاءِ سنڀري آيو. پر مغلن، سندس مدد وٺڻ کان صاف نابري واري. شاه گهڻيئي منٿون ڪين، مگر هو هٺ کان هيٺ نه لٿا. ايترو به چيائين ته جي آءٌ انهي ڪشمڪش ۾ مري ويس ته  پاڻ اوهان جي خوشيءَ جو باعث ٿيندو؛ ۽ جي جيرو موٽيس ته ڄڻڪ پاڙي جي ننگ جي حق ادائي ڪيم. پر مرزا مغل بيگ اصل نه مڙيو؛ ۽ اجائي بڪ شڪ ڪيائين، ۽ شاه کي ويڻ ڏنائين. شاه جي دل کي نهايت رنج ٿيو، ۽ چون ٿا ته سندس زبان مان بي اختيار هيءُ پاراتو نڪري ويو؛

بيگ تهجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان

اٿم آس الله ۾، دل ماريني مان

ڪرامتن جي قائلن وٽ، فقير جو چوڻ ڪڏهن مڙڻ جو نه آهي. پر اسان جي نظر ۾ پٽڻ ۽ پاراتا به فقير جي شان وٽان نه آهن؛ ۽ نڪو ڪو اسين اعتبار ۾ آڻيون ٿا، ته شاه جهڙي بردبار ۽ رحمدل انسان جي واتان اهڙا اکر نڪتا هوندا. خدا جي طرفان ازل ۾، مرزا مغل بيگ جي لاءِم وت لکيل هو. پاسڻ ۽ سندس ساٿي دلن جي هٿان مارجي ويا. اهو حادثو سنه 1124هه مطابق سنه 11713ع ۾ ٿيو. مرزا مغلل بيگ جي مرداني پهر مان هينئر فقط سندس هڪ صغير پٽ وڃي رهيو، جنهن کي گولو ڪري سڏيندا هئا.هيڏانهن مغلن جي زالن جي دل ۾ اچي سنسو پيدا ٿيو ته سندن سمردن جو موت سيدن جي رنج کان ئي ٿيو آهي. سي ڏاڍو پشيمان ٿيون ۽ اچي سيدن جي پيش پيون ۽ کانئن معافي مڱيائون. آخر ٻنهي طرفن جو پاڻ ۾ پرچاؤ ٿيو، ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جو سڱ، شاه عبدالطيف کي ڏنو ويو. هيءَ اها ساڳي بيبي هئي، جنهن جي چيچ شاه پنهنجي هٿ ۾ ورتيه ئي. سندس نالو سيده بيگم هو، پر پوءِ مريد ادب  وچان، کيس تاج المخدرات ڪري ڪوٺيند اهئا. بيبي  صاحبه پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گولو به وٺي آئي؛ پر هو جلد ئي مري ويو.

بيبي سيده بيگم، هڪ نهايت پاڪدامن، خليق ۽ حلم واري زال  هئي. پارسا ۽  عابد به هڪڙيائي هئي. صبوح سانجهيءَ، قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي؛ ۽ اگرچه خاندان ۾ ناز  پروردي هئي، تڏهن به گهر جو سمورو ڪاروبار، جهڙوڪ رڌڻ پچائڻ، صفائي وغيره، پنهنجي ڪومل هٿن سان ڪندي هئي. مطلب ته جهڙو شاه صاب ڀلارو هو، تهڙيائي سنديس بيبي صاحبه ڀلاري هئي؛ ۽ ٻنهي جو هڪ ٻئي سان نهايت پيار هوندو هو.

شاه عبداللطيف کي ڪو اولاد  ڪونه ٿيو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي يڪبار اميدواري ٿي هئي. هڪ ڏينهن شاه، پنهنجي هڪ فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو. پڇيائين، ابا خير ته آهي.  فقير وراڻي ڏني ته بيبي صاحبه کي اميدواري آهي؛ کين پلي کائڻ  جي سڌ ٿي. جو آءٌ هاڻي گهڻي پنڌ تان ڊوڙندو وڍي آيو اهيان. شاه کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي. ۽ چيائين ته اهڙو اولاد ئي گهوريو، جو اڃا ڄائوئي ڪين آهي ته منهنجي فقيرن کي رلائي خراب ڪيو اٿس، جي ڄائو ته الاجي ڪهڙا ڪلور ڪندو. چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ڪهياءُ ٿيو، ۽ تنهن کان پوءِ يا عمر اميدواري نه ٿيس. شاه اڪثر چوندو هو ته منهنجو اولاد هي فقير آهن، جن جون دليون عشق، سان ڦٽيل آهن.

هاڻي سنديس زندگي هموار ۽ موزون بنجي پيئي. ڪجهه وقت شعر گوئکيءَ ۾ صرف ڪندو هو،ت ه ڪجهه وقت رياضت ۽ عبادت ۾. ڪڏهين ڪڏهين ته اصلوڪي عادت موجب جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو هو. جبلن ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو کيس گهڻو شوق هوندو هو. برسات جي موسم ۾، باغ ۽ راغ  جو چهچٽو ۽ لقاءُ ۽ فطرت جو جمال ۽ جلال، کيس ڪشش ڪري،گهر کان ٻاهر ڪڍندا هئا. سر سارنگ پڙهبو، ته ڏسبوته موج ۾ پيو جهولي، اتي سندس دل قدرت جي دل سان يڪسان ٿي ويدئي آهي؛ ۽ جيڪي خيال سندس من مان پرگهٽ ٿيا آهن،  سي قدرت جي پوري ترجماني ڪري رهيا آهن. قدرت جي موهيندڙ نظارن، سندس روح کي راحت ٿي ڏني، ۽ سندس قلب کي قوت؛ ۽ بي اختيار سندس وات مان شعر جا سندر موتي ريلا ڏيئي ٿي نڪتا. نڪلف ۽ تصنع جو سندس ڪلام ۾  ذرو به ڪونهي. هڪ اندرج ي اُڇل آهي، هڪ روحاني راز آهي؛ محض ايقان آهي.

ڪڏهين ڪڏهين ته الهيات جي باريڪ نڪتن تي فڪر ڪندو هو؛ ۽ هميشه سندس من ۾ اها اُڻ تڻ هوندي هئي ته اسين ڪٿان آيا آهيون؟ ڪيڏاننهن وڃڻو اٿئون؟ هي سڀ ٽڪساٽ اڇجو آهي؟ ۽ اسان جو اصلي مقصد ڇا آهي؟ سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتيءَ جيتريءَ رهاڻ سان به طنبور جي تارن جئن، واڄي ۾ اچي وينديون هيون.

رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀڪهم

هڪ هوندي هيس ٻاجهاري طبيعت ۽ ٻيو هو آل رسول، سو جيڪو به سندس صحبت ۾ ايندو هو، سو دام ۾ ڦاسي ويندو هو؛ ۽ قرب جي ڪڙي ۾ قابو ٿي پوندو هو. جئن جئن ماڻهن ۾ ويو منجهس يقين وڌندو، تئن تئن ويا سندس مريد زياده ٿيندا.

هر کجا چشمهءِ بود شيرين مردم و مرغ و ماهي گرد آيند

اها ڳالهه آسپاس وارن پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي. خود سندن مريدن مان به ڪيترا اچي، شاه عبداللطيف جا فقير ٿيا. تنهن تي ته هيڪاري سندن سيني ۾ حسدج ي باه ڀڙڪي. انهن مان هڪڙا هئا هالن واري پير مخدوم نوح جو اولاد، جن مان پير پنج  پاڳ تن ڏينهن ۾گ ادي نشين هو؛ ۽ ٻيا هئا مٽارن (مٽيارن) وارا آجناڻي سيد، جي خود شاه جا عزيز خويش هئا.انهن جي مرضي هئي ته ڪو هيءُ شخص، نئين سر پير ساماڻجي، ۽ پٺيانس ايتري خلق هجي، ٽيون دشمن شاه جو هو ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718-1755). جو سنڌ  جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهنداره و. ڪلهوڙا انهن ڏينهن ۾ وڏي اوج تي رسيل هئا؛ منجهن پيري ميري ٻئي هيون. سندن جو هنڌ خداباد هو، جو اُن وقت وڏو عاليشان شهر ليکبو هو.

مٿين ٽنهي ڌرين، شاه عبدالطيف  کي ستايو. ڪيترائي دفعا ڪوشش  ڪيائون ته شاه کي ماري کپائي ڇڏيون، پر؛

دشمن چه کند چو مهربان باشد دوست.

شاه، خدا تي توڪل رکي، هنن سان ڏکيو سکيو وقت ڪاٽيو؛ ويتر اهڙي روش هليو، جو ماڻهن منجهس يقين پاڻ ويو وڌندو،۽ مڃن لڳا ته بيشڪ وڏو ولي آهي.

شاه عبداللطيف، شاه عبدالڪريم جي درگاهه تي، وقت بوقت زيارت لاءِ ويندو هو. شاه ڪريم جو مقبرو، پهريائين هڪڙي وڌي ڄار جي هيٺان هوندو هو. هڪ دفعي شاه جي دل ۾ اچي پيو ته اها ڄار وڍرائي، جيڪر هڪڙو قبو اڏاريان. چون اٿ ته  اها ڄار اهڙي ڳوري هئي، جو جيڪو ماڻهو اون مان ڪا ٽاري ڀڃندو هو، ته هڪ نه ٻئي مرض ۾ مبتلا ٿيندو هو. پر شاه، جڏهنانهيءَ وڻ کي وڍائي ڦٽو ڪيو ته کيس ڪي ڪين ٿيو. قبي جي لاءِ ڪاشيءَ جي سرن آڻڻ ڪاڻ ملتان وڃڻو پيس؛ جتان ڳچڍ جيترو سامان وٺي،س گهوئي درياه جي رستي ٻيڙيءَ ۾ لهوارو ٿي آوي. جڏهن خداباد وٽپهتو، تڏهن ساهي کڻڻ لاءِ سندس ٻيڙيءَ لنگر هنيو. شهر جي ماڻهن کي جڏهن شاه جي اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن ٽولين جون ٽوليون سندس قدمبوسيءَ لاءِ اچڻ لڳيون. ميان نور محمد ڪلهوڙي به پنهنجي  طرفان هڪ قاصد موڪليو،  جنهن اچي ميان جي پاران سلام ڏنا ۽ پڻ هڪ دٻلي،  جنهن ۾ موتين جي معجون پيل هئي،  نذراني طور عرض رکي، شاه  دٻلي وٺي، يمر بحر کي ڏني ته درياه ۾ اڇلائي ڇڏ. مينا جي ماڻهوءَ عرض ڪيوته قبلا،  اها هڪ تمام قيمتي ۽ مفيد شي آهي، سا ڪئن ٿا درياه ۾ اڇلارايو؟ پر شاه، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، دٻلي درياه ۾ ڦٽي ڪئي. چون ٿا ته جنهن به ماڻهو اتان پاڻيِءَ جو چڪو ٿي پيتو، سو وهلو وهاٽجي ٿي ويو. شاه قاصد کي هيءُ نياپو ڏنو ته ميان صحب کي منهنجا نياز ڏج ۽ چئج ته جي اوهان جي سوکڙي رڳو اسين کائون ها، ته رڳو اسان کي ئي فائدو پهچي ها؛ هاڻ ڀل ته اونهي عميق تائين، جيڪا خدا جي خلق آهي، تنهن کي به فيض رسي.

هن بعد، شاهه عبداللطيف بلڙيءَ آيو؛ ۽ ٿورن ڏينهن ۾ قبو اڏارائي راس ڪيائين. هڪڙيءَ سر تي لطيف اُڪرائي. اها دروازي جي ڀرسان هڻائي ڇڏيائين. تن ڏينهين بلڙيءَ جي گاديءَ تي مخدوم عبدالواسه ويٺل هو؛ سو جڏهن قبو ڏسڻ آيو،  تڏهن اها سر ڏسي چوڻ لڳو ته واه! عبداللطيف ڀانئين ته هنگ اديءَ جو به مان وارث ٿيان. ائين چئي اها سر يڪدم ڪڍرائي ڦٽي ڪيائين؛ ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ ٻي لسي سر هڻائي ڇڏيائين. محمد  صلاح، جو مخدوم عبدالواسع جي عزيزن مان هو، مگر شاه جو گهڻگهرو هو، تنهن اها سر کڻي وڃي شاه کي ساري حقيقت ٻڌائي.  شاه کي ڏاڍو تعجب لڳو، ۽ چيائين ته لطيف الله تعاليٰ جي اسمن مان هڪڙو آهي، جنهن جو آءٌ پڻ هڪ ٻانهو آهيان.

هڪ دفعي ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه عبدالطيف جي ملاقات جو شوق ظاهر ڪيو؛ ۽ کيس دعوت  چوائي موڪليائين. شاه دعوت قبول ڪئي ۽ مقرر ٿيل ڏينهن تي وٽس ويو. جڏهن مهماني کائڻ کان پوءِ، شاه رخصت وٺڻ لڳو، تڏهن ميان نور محمد کيس هڪ سونن  سنجن سان سينگاريل گهوڙي، تحفي طور ڏني. اها گهوڙي ڏاڍي سرڪش هئي؛ ۽  ڪنهن کي به هٿ لائڻ نه ڏيندي هئي. جيڪو اوڏوا يندو هوس، تنهن کي چڪ ۽ لتون هڻندي هئي. ميان نور محمد جي اها نيت هئي، ته شاه عبداللطيف سان پڻ اهڙي هلت ٿئي. شاه نڪا ڪئي هم نڪتا تم،  ٽپ ڏيئي گهوڙيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ لغام پڻ اڇلائي ڦٽو ڪيائين. گهوڙيءَ وٺي کيس کنيو، ۽ کن ۾ نظر کان غائب ٿي ويئي. ڪيترا ماڻهو پٺيان ڊوڙيا، مگر پهچي نه سگهيا. آخر هڪ ساعت پٺاڻان، شاه گهوڙيءَ کي ڪڏائيندو اچي نڪتو،  ۽ آڻي نور محمد جي اڳيان بيهاريائينس. نور محمد جڏهن هيءُ حال ڏٺو، تڏهن ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽  شاه سان پنهنجي نيت باسي، معافي گهريائين؛ ۽ پڇيائين ته لغام ڪهڙي سبب کان لاهي ڇڏيو؟ شاه وراڻي ڏنيس ته اي مورک! جنهن صورت ۾ منهنجي حياتيءَ جي واڳ ئي ڌنيءَ جي وس آهي، تنهن صورت ۾ هن وهٽ جي واڳ، پنهنجي هٿ ۾ جهلڻ مناسب نه ڄاتم؛ اها به ڌڻيءَ کي ئي سپرد ڪيم. انهيءَ واقعي کان پوءِ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو شاه ۾ وڏو ويساه ٿيو، ۽ دشمن مان ڦري دوست ٿي پيو. چون ٿا ته سندس پٽ ميان غلما شاهه ڪلهوڙو، شاه جي دعا سان ڄائو هو.

شاه عبداللطيف جهڙي ايڪانت پسند آدميءَ کي ڪوٽڙيءَ ۾ به آرام نه آيو؛ ۽ ستتئي اتان لڏي وڃن جي سٽ سٽيائين، پنهنجي سيرن جي دوران ۾ هڪ خلوت گاه اڳيئي چتائي ڇڏي هئائين، جا اگرچه ظاهر ۾ هڪڙو سيهرو  هو، مگر شاه جي نوراني نظر ۾ هڪ نور جو ٽڪر هئي. هُن جي آسپاس واريءَ جا دڙا، کٻڙن جون ويڙهيون، ۽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن جا جهڳٽا هئا. ڀرسان ڪراڙ نالي ڍنڍ ۽ ٻيا ننڍا پاڻي:ءَ جا دٻا ۽ دُبيون هيون. انيهءَ مڪان کي سڏيندا ئي ڀٽ ڪري هئا، يعني واريءَ جو دڙو. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ مخدوم نوح هالن وارو، ٻئي همعصر اولياءَ، پاڻ ۾ نهايت گهرا سنگتي هوندا هئا، ۽ هڪ ٻئي وٽ گاهه گاه ملاقات لاءِ ويندا هئا. چون ٿا ته هڪ لڱا شاه عبدالڪريم، مخدوم صاحب جي چارچشميءَ لاءِ ٿي ويو. واٽ تي ڀٽ وٽان لنگهڻو پيس.  اتي پنهنجن فقيرن کي اشارو ڪيائين ته ساڱري واه جي ڪپ تي منزل ڪبي؛ تنهن ڪري اتان ٿورو جهنگ ڪپي. زمين هموار ڪريو. فقيرن ائين ڪيو. پوءِ سڀني مريدن ث۽ معتقدن کي سڏي، اتي باجماعت نماز پڙهيائين. نماز ادا ڪري  فرمايائين ته منهنجي اولاد مان هڪ الله لوڪ پيدا ٿيندو، جنهن جو هن هنڌ آستان ٿيندو، ۽ جو پڻ هڪ زبردست شاعر ٿيندو. اهو ويرانو، جنهن بنسبت شاه عبدالڪريم پيشنگوئي ڪئي هئي، ۽ جو هاڻ شاه جي ڀٽ جي  نالي سان پڌرو آهي، سو نون هالن کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. اتي شاه عبداللطيف لڏي اچڻ کان اڳيئي، پنهنجن فقيرن سميت ڪجهه وقت ايڪانت ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو، فقيراڻي گذر لاءِ ڪنهن وڏي ڏيک ويک جو ضرور ڪونه هو،. پهريائين،  پري کان چيڪي مٽي آڻي واريءَ مٿان وجهايارايائين  ته ڀل ته زمين ڄمي. ڪم گهڻو ۽ ڪشالي ڀريو هو، مگر همت سان حل ٿي ويو. شاه پنهنجي سر به هن ڪم ۾ چڱو بهرو ورتو. آخر هڪڙو جهوپڙو پنهنجي لاءِ، هڪ حويلي پنهنجي والدين لاءِ، ۽ هڪ ننڍڙي مسجد پنهنجي جماعت لاءِ اڏارايائين، پنهنجي فقيرن کي پڻ ليڪاڪ ڍي پٽ وراهي ڏنائين؛ جن پڻ پنهنجي رهڻ لاءِ جهوپڙيون جوڙيون.

شاه عبدالطيف اڃا ڀٽ تي ڪم ۾ مشغول هو، ته لاوچتو هڪ قاصد اچي کيس خبر پهچائي ته سندس پيءُ سخت بيمار آهي، ۽ سندس چڙهڻ جو ڪو امڪان نه آهي؛ ۽ چيائينس ته هلي سندس آخرين ملاقات ڪريو. چون ٿا ته شاه حبيب، قاصد جي هٿان هڪ ساڻس چيل بيت  به نياپي طور ڏياري موڪليس، جو هيءُ آهي:

ڪه جه نيه ننڌاه، جي مون واجهائندي نه ورو

جيڪين مئي ڪنداه، سو جانب ڪرهو جيري.

شاهه عبداللطيف، قاصد کي چيو ته آءٌ اجهو ڪي آيس، ۽ هيءُ بيت سندس هٿان روانو ڪيائين:

متان ٿين ملور، ڪين آڳاهون آهيان

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.

شاه حبيب جي دل کي، پٽ جي پيغام ملڻ شرط آٿت اچي ويو؛ مگر هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي سندس روح وڃي پنهنجي حبيب سان  واصل ٿيو الموت جسرءُ يوصل الحبيب اليٰ لقاءِ الحبيب. انهن عربي لفظن ۾ محمد صادق نقشبنديءَ، شاهه حبيب جيد وفات جي تاريخ ڏني آهي. ابجد جي حساب موجب سنه 1155 هجري مطابق 1742 عيسوي نڪري ٿو. شاه حبيب کي ڀٽ تي دفن ڪيائون ۽ سندس تربت، شاهه عبدالطيف جي قبي کان اتر طرف، اٺن نون وکن جي  مفاصلي تي آهي.

شاهه عبداللطيف کي پنهنجي پيءُ جي وفات ڪري نهايت صدمو پهتو، ۽ ڪيترا ڏينهن ماتم ۾ گذاريائين، هينئر ته آقي باقي ڪوٽڙيءَ مان دل کٽي ٿي پيس.  سگهوئي سڄي اٽالي سميت اچي ڀٽ وسايائين؛ ۽ دنيا جي ڪوڙي جنسار کي ترڪ ڏيئي، قناعت جي ڪنڊ اختيار ڪيائين. هاڻ سندس نالي جي هاڪ، هر هنڌ پوڻ لڳي. ڪٿان ڪٿان جا  ماڻهو، ڀٽ تي سندس زيارت لاءِ اچڻ  لڳا. ڪيترائي استاد راڳيندڙ گويا، هندستان جي جدا جدا ڀاڱن مان پڻ اچي نڪتا. چون ٿا ته اٽل ۽ چنچل نالي، دهليءَ جا ٻه مشهور راڳيندڙ به اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. سارو ڏينهن سرود ۽ سماع  لڳو پيو هوندو هو؛ ۽ شاه پاڻ به پنهنجا ٺاهيل بيت ۽ ڪافيون  ڳائيندو هو. سندس مريدن جو عدد پڻ هينئر وڌڻ لڳو. انهن مان تمر فقير سندس خاص خليفو هو، جنهن جو اولاد اڄت ائين سندس درگاه جو مجاور آهي. ٻيو هڪڙو فقير هو، جنهن کي ورو يا وڳنڌ ڪري سڏيندا هئا. ان سان پڻ شاه جي خاطر هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻس چرچو گهٻو ڪري، پنهنجي دل وندرائيندو هو. محمود شاه به شاه صاحب جي خاص مريدن مان هڪڙو هو. چون ٿا ته هيءُ شخص اصل ۾ هڪ خاندان گهراڻي مان هو ۽ گهڻي مال ملڪيت وارو هو، مگلر جڏهن شاه سان ڏيٺ ٿيس، تڏهن سڀ ڪجهه ترڪ ڪري، فقط هڪ پاڻيءَ جو ڪوزو کني اچي سندس مريد ٿيو. شاه عبداللطيف کي هن شخص لاءِ ايڏي عزت هوندي هئي، جو وصيلت ڪئي هئائين ته منهنجي تربت هن جي پيرانديءَ کان ڪجو. شاه عنات، جاني ڏيري، ڀٽ جي آسپاس رهندڙ هڪ زميندار جو پٽ هو، ننڍيئي هوندي کان اچي شاه عبداللطيفج و مريد ٿيو هو. هو چڱو  شاعر هو ۽ شاه کي سندس ڪلام مان گهڻو رس ۽ مزو ايندو هو. ميون هاشم علوي ريحان پوٽو به سندس مقرب مريدن ۽ راڳيندڙن مان هڪڙو هو؛ ۽ لکپڙهه جو ڪم به سندس ذمي هو. شاه جي هڪ ٻئي مريد سان پڻ گهڻي دل هوندي هئي، جنهن جو نالو بلاول هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاه سندس ملاقات لاءِ  سندس ڳوٺ ڏانهن ويندو هو. مٿين ڄاڻايل مريدن کان سواءِ، بيا به ڪيترائي سندس خاص مريد هوندا هئا، جن تي جدا جدا ڪم رکيل هوندا هئا.

شاه عبداللطيف جي حياتي، هاڻي سالن جي جدول تان هٽي، اچي مهنن جي مدي تي بيٺي آهي؛ ۽ قلب ۾ اچي ڪشش ٿي اٿس ته ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪريان، سنڀري نڪتو آهي، ۽ اچي ونگ ولاسر ۾ منزل ڪئي اٿس، جتي سندس عزيز رهندا هئا. سيد جمال شاه، سندس ڀائٽيي جي پٽ، سندس گهڻي خاطري ڪئي. شاه به منجهائنس ڏاڍو راضي ٿيو، ۽ کيس اشاري طور چيائين ته کانئس پوءِ پاڻ ئي گاديءَ تي وهڻو آهي. ساڻس گهڻي محبت ڏيکاريائين، ۽ پاڻ سان گڏ ساڳئي هنڌ تي سمهاريائينس؛ ۽ ائين به چيائينس ته ابا، پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي. ٻئي ڏينهن اتان روانو ٿيو. واٽ ۾ هڪڙو مريد گڏيس، جو پڻ خدا رسيدو شخص هو. شاه کي ڏسنديئي چيائين ته قبلا، هي ڇا؟  ماڻهن کي چوندا وتو ته اوهان جو ڪفن دفن به ڀٽ تي ٿيندو، ۽ هاڻ وري پڇاڙيءَ جي وقت نڪتا آهيو هڪ وڏي سفر تي. شاه جي دل ۾ اهي اکر چُڀي ويا. ڳچ تائين ته بيخوديءَ  جي حالت ۾ اچي ويو. آخر ارادو رد ڪري موٽي ڀٽ ڏانهن رخ رکيائين. پهچندي شرط، ويس کڻي ڪارو ڍڪيائين، ۽ ڪربلاج ي شهيدن جي ماتم ۾  سر ڪيڏارو چيائين. چون ٿا ته اهو سندس آخرين ڪلام آهي. پورا ايڪيهه ڏينهن خلونت اندر رهيو. انهي ساري عرصي ۾، ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين.  جڏهن ٻاهرن ڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادري اوڍي، مراقبي ۾ ويهي، پنهنجي رب سان رهاڻ ۾  مشغول ٿيو. فقيرن کي سماع ۽ سرود جو اشارو ڪيائين. ٽي ڏينهن برابر اهو لقاءُ لڳو پيو هو. چوڌاري چپ چپان لڳي پيئي هئي. سڀڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو هو. آخر راڳ بند ٿيو. فقير شاه جي نزديڪ وڃي ڇا ڏسنت ه شيءِ ٺهيئي ڪانه. سندس روحاني ڪبوتر، هن خاڪي پڃري مان الائجي ڪيڏي مهل پرواز ڪري، وڃي عالم ارواح ۾ پهتو.

سنه 1165 هجري مطابق سنه 1752 عيسوي جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جڏهن هن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جهان مان رحلت ڪئي. نڪا ڪا بيماري ٿيس، نڪو ڪو درد ڏڍائين،مراقبي ۾ ويٺي دم ڏنائين.

شاه صاحب جو مبارڪ لاش سندس وصيت موجب، محمود شاه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو. ستتئي سندس تربت مٿان، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي خرچ سان هڪ عاليشان قبو اڏايو، جو سنه 1167 هجري مطابق سنه 1754 عيسويءَ ۾، انهن ڏينهن جي نامياري عيدن رفازي، جوڙي راس ڪيو. تالپرن جي راڄ ۾ مير نصير خان، انهي قبي ۽ مسجد جي چڱي مرمت ڪرائي، ۽ سندس ارادو هو ته قبي جي چوڌاري هڪ پڪي ديوار ٻڌائي، مٿس چار گنبذ رکايان؛ ۽ پڻ خيال هوس ته قبي ۾ اندر سونهري ۽ ميناڪاري ڪم ڪرايان، مگر زماني جي گردش ڪري ٽالپرن جي صاحبي جلد ختم ٿي، ۽ ڪم اڌورو ئي رهجي ويو. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان، قبي جي اڳيان ايوان ۾ هڪ وڏو کوه کڻايو ۽ سندس سوٽ مير محمد خان، قبي کي چانديءَ جو دروازو وجهايو، جو اڃا تائين قائم آهي.  قبي جي دروازي مٿان ڪيترا فارسي بيت اُڪريل آهن، جن مان شاه جي وفات جي تاريخ نڪري ٿي. انهن مان هڪ محمد پناه رجا ٺٽي واري جو چيل آهي، جو هئن آهي:

گفت اين رجام ريد سن ارتحال پير

گرديده محو عشق، وجود لطيف مير.

مٿئين بيت سان لڳو لڳ وري هڪ ٻيو بيت آهي، جو پڻ محمد پناه رجا جو چيل آهي.

زر نعره در فراق، دگر گرده سينه چاک

شد محو در مراقبه، جسم لطيف پاک.

ازانسواءِ مسجد جي هڪ ديوار تي، جا قبي جي اتر طرف آهي، هيٺيان ٻه بيت نقش ٿيل آهن، جن جا پويان ٻه لفظ رضوان حق شاعر جي وفات جي تاريخ ڏين ٿا:

شاه صاحب، ذوالمناقب، سيدي عبداللطيف

آنکه قطب وقت خود بودست در مردان حق

چون ز جام اارجعي مخمور نوش وصل شد

گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق.

*


 


[1]  موت آهي هڪ پل جنهن تان هڪڙو دوست لنگهي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو. اتي حبيب لفظ ۾ ايهام آهي. پهرئين حبيب ۾ شاه حبيب ڏي اشارو آهي ۽ ٻئي جي معنيٰ دوست يعني خدا آهي.

[2]   خبيث هو.

[3]   هڪ چڱو مغل هو.

[4]  يعني سنه 1144هه مطابق 1712ع-1713ع

[5]  شاه عبداللطيف جي ڀائيٽي جو پٽ، جو کانئس پوءِ گاديءَ تي ويٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com