سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:1

سنڌ نثر جي تاريخ

پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻي

مقدمه

ساڻيهه سنڌ جي آڳاٽي سڀيتا ۽ سڌريل جيون لاءِ موهن جي دڙي مان نڪتل وٿ ۽ هزارين سالن جي اهڃاڻ ڀلي ڀت ساک ڀرين ٿا. ساڳئي ريت سهڻي ۽ سندر ديش جي سلوڻي ۽ سٻاجهي سنڌي ٻولي، پڻ هتي جي قديم ايامن کان سڌريل ۽ الڳ زبان رهندي آئي آهي.

اسان کي هن کان انڪار نه آهي ته دنيا جي ٻين زنده ٻولين وانگر ڪن تاريخي تبديلين، ڌارين جي حملن، زماني جي ڦيرين گهيرين ۽ انقلابن کان هيءَ زبان به آجي نه رهي آهي، پر ان ڦير ڦار ڪن لفظن جي واڌاري کان سواءِ سنڌي زبان جي اصليت ۽ انفراديت تي ڪوبه اثر نه وڌو آهي. سنڌي زبان جي صورت خطي ۽ لکڻ جو نمونو به جدا جدا دۇرن ۾ بدلبو رهيو آهي، تڏهن به ان جي بنيادي جوڙجڪ اهائي هزارن سالن واري هلندي اچي.

ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ جي اوسر ان جي نظم ۽ نثر جي ارتقا ۽ اوسر سان ڳنڍيل آهي. سنڌي نظم جي شروعات ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي مولف پروفيسر ملڪاڻي صاحب جي تحقيق پٽاندر 14 صدي عيسويءَ ڌاري ٿي هئي جنهن جو مطلب ته ان جو نظم ساڍيون ڇهه صديون جهونو آهي. پر سنڌي نثر سندس تحقيق موجب 18 صدي جي وچ ڌاري شروع ٿيو. يعني اڃا ٻه صديون کن مس پوريون ڪيون اٿس. هن ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ آخوند عزيز الله مٽيارين واري جو ”قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو“ سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب ۽ سنڌي نثر جو ابتدائي نمونو ٻڌايو ويو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ٿي ٻيا لکندڙ اديب ۽ عالم به انهيءَ تحقيق کي دهرائيندا آيا آهن.

قرآن مجيد جو اهو سنڌي ترجمو، تيرهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ لکيو ويو. هن جو مترجم آخوند عزيز الله مٽياري ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. سندس پٽ آخوند علي محمد به پيءَ وانگر پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ خطاط ٿي گذريو آهي.

سنڌي نثر جي سلسلي ۾ تاريخي لحاظ سان ”ڪتاب عجائب الهند“تاليف بُزرگ بن شهر يار رامهرمزيءَ جي لکڻ پٽاندر اها پڪي ۽ پختي ثابتي ملي ٿي ته دنيا جي ٻين سڀني ٻولين کان اڳ، قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو ۽ اهو يارهن سؤ سال اڳ جو سنڌي ترجمو آهي، جو مهروڪ بن رائق راجا جي استدعا تي، منصوره سنڌ جي عرب حاڪم عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم لکيو.

اهو عالم سنڌ ۾ رهي سنڌي زبان چڱي طرح سکي چڪو هو، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو  ۽ شاعر پڻ هو. ان نه رڳو قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو لکيو، پر شرعي احڪامن کي سنڌي نظم ۾ به آندو. افسوس جو زماني جي انقلابن ۽ سنڌ تي ڌارين جي مسلسل ۽ لاڳيتو حملن ڪري اسان وٽ سنڌي نظم ۽ نثر جو اهو ابتدائي نمونو محفوظ رهي نه سگهيو، ان ڪري ان کي سنڌي نثر ۽ نظم جو رڳو تاريخي اهڃاڻ سڏي سگهجي ٿو.

پروفيسر ملڪاڻي صاحب سنڌي نثر جي تاريخ ۾ مرحوم ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي مقالي ”قديم سنڌي نثر“ جي حوالي سان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ لکيل ”ست گفتا حڪمت ڀريا نڪتا“ به آندا آهن، جن کي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ لکيل سنڌي نثر جو اوائلي نمونو ۽ قافيه وار نثر سڏيو آهي. اها پنهنجي مٿي سنڌي نثر جي تلاش ۽ تحقيق ۾ چڱي ادبي ۽ تاريخي جاکوڙ آهي.

اسان کي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان به گهڻو اڳ جا سنڌي نثر جا نمونا ۽ عبارتون هٿ آيون آهن، جيڪي هڪ فقهي فتاويٰ ”بياض“ ۾ آيل آهن اهو سنڌي نثر وارو مجموعو ان فقهي بياض جو هڪ الڳ باب ۽ عنوان آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري اڍائي سئو سال جا ڪتب آندل سنڌي نثر جا جملا ۽ عبارتون آيل آهن، جيڪي هتي سنڌ جي هندو رهاڪن ۽ رعايا کان ٻڌا ويا ۽ انهن تي ان دۇر ۾ قاضين ۽ مفتين پنهنجا فيصلا ۽ فتوائون صادر ڪيون ۽ انهن جي تقريظ ۽ تصديق وقت جي ٻين وڏن شرعي عالمن ڪئي ۽ مهرون لڳايون. انهن قاضين ۽ مفتين ڪهڙا ڪلور وهايا، هتي ان جي اپٽار اجائي ۽ نامناسب آهي. اسان رڳو اتي آيل سنڌي نثر جي نمونن جي فيصلن ۽ فتوائن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن جي نالن، تاريخي ۽ سن کي هتي بيان ڪيو آهي.

(1) هن بياض جي ورق 428 تي هڪ 13 صفحو سنه 1100هه جو بيان ٿيل آهي ته نالي موسيٰ پٽ حاجي خضر چانديءَ جي منڊي هڪ هندو وٽ ڳهه رکي. اڳتي هلي ٻنهيءَ جو وياج تي جهڳڙو ٿيو، ان تي ان هندو هي جملا زبان مان اچاريا: ”شرع محمد جي مُن منڃي قبول“ شرع محمد جي مُنُ منڃي“ انهن جملن جي صورت خطي به اها آئي جا لکي وئي آهي. انهن سنڌي ۾ اچاريل اکرن بابت سوا ٻن ورقن ۾ عربيءَ ۾ فتويٰ صادر ٿيل آهي. مفتي آهي مٽيارين جو عبدالباقي جنهن تي پوءِ هلي هنن عالمن تصديقون ڪيون آهن ۽ مهرون لڳايون آهن. ابوالعالي 1159هه عبدالخالق 1156هه.

(2) ورق 434 تي هڪ عربي عبارت: قال رسول الله کذا وکذا آڻي  ان جو سنڌي نثر ۾ هن طرح ترجمو ڪيو ويو آهيِ: الله جي رسول هِي فرمايو.

(3) ورق 437 تي هڪ هندو نالي ٻالچند جو هيءَ جملو اچاريل آندو ويو آهي : ”آءٌ وَانيُو، نَاهِيان.“ هن تي ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي هنن مفتين جا نالا آيل آهن: مخدوم ضياءَ الدين، مخدوم حاجي محمد هاشم، شيخ عطاء ا﷢ مفتي، شيخ عنايت مفتي، شيخ محمد عارف مفتي، اهي سڀ ٺٽي جا علم آهن ۽ شيخ عزت الله جو نصرپور جو مفتي آهي.

(4) ورق 425 تي هڪ هندو عورت جو مسلمان کي هي خطاب ”ادا محمد صالح“ آيل آهي.

(5) ورق 428 تي هڪ هندو جي واتان هي جملو اچاريل آهيِ ”هَلُ آءٌ تو جهرو آهيان“ هن جو سن 1148 هه آهي.

(6) ورق 437 تي اچي ٿو ته 14 تاريخ شعبان مهيني جي 1155هه  تي سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ جو واقعو آهي ته چيٽو پٽ مسمات ڇتان جو ٺٽي ۾ مڪلي دروازي تي بيٺو هو جو سنڌيءَ ۾ هي اکر اچاريائين: آنکهي نبيءَ جو کَهَتنُ آهي جي پر تي نه هلندا.“

(7) 438 تي اچي ٿو ته هڪ هندو عورت، مسلمان نالي احمد ڪينيگران جي گهر آئي ان سان ڳالهائيندي چيائين ته تون بي ايمان آهين ”آس ايمان تار کوُ“ اهو اچاريل سنڌي جملو 12 رمضان 1159هه جو آهي.

(8) ورق 439 تي اچي ٿو ته ڪن مسلمانن هڪ غير مسلم کان پنهنجي حق جي گهر ڪئي. هو ان جي ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم وٺي رهيو هو. تنهن تي هڪ مسلمان، ان هندو کي چيو ته ”تُن اَسَاسٍ ستم ٿو کري شرع محمد منڃئي ڪه نَه“ هندو ان کي ورندي ڏيندي چيو ته ”شرع محمد جي منڃيم منڃيم پر آهجي شرعي قاضي گندو.“

هن تي ٺٽي جي عالمن مير سيد عبدالقدوس شيرازي، مخدوم هاجي محمد هاشم مخدوم حاجي محمد قائم، سيد نجم الدين ۽ ٻين جي تقريظن کان کانسواءِ کاهي راهو جي عالم محمد ڪامل، هالا ڪنڊيءَ جي مخدوم، پير محمد، مٽياري جي مخدوم محمد بقا، اگهم قلعي جي سيد محمد مقيم رضوي، بوبڪن جي مخدوم عبدالغني، نصرپور جي مفتي عزت ا﷢ ۽ نوشهري جي مخدوم ابوالعالي ۽ لاهور ۽ دهلي جي ڪن عالمن جون نصيحيتون پيل آهن. ان طرح سنڌي نثر جا اهي اٺ نمونا هن سلسلي جي هڪ نئين کوجنا ۽ تحقيق آهي.

سنڌي ٻوليءَ بابت ٻي مکيه ڳالهه آهي ان جي اصل نسل جي. پروفيسر ملڪاڻي صاحب هن بابت، ”سنڌي ٻولي ۽ ائيوٽيا“ جي عنوان هيٺ پراڻي سوچ کي دهرايو آهي ته سنڌي ٻولي، پراڪت جي وسيلي ڌاران سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. هن لاءِ ڀيرومل، سر رچرڊ برٽن ۽ ڊاڪٽر آرنسٽ ٽرمپ جا پراڻا حوالا آندا ويا آهن، جڏهن ته اڄوڪي دۇر ۾ ٻولين بابت کوجنا ۽ تحقيق گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي ۽ نوان نظريا وجود ۾ اچي چڪا آهن. اسان کي هن وسهڻ ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو نه آهي ته سنڌي جو هن کنڊ جي جهوني کان جهوني ٻولي هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جي ٻي ان جهڙي ٻي جهوني ٻولي سنسڪرت ۽ ان مان ڦٽل پالي ۽ پراڪرت سان ويجهو لاڳاپو ۽ سٻنڌ رهيو آهي. پر تڏهن به لسانيات جي ماهرن جو اڃا تائين ان تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ته انهن مان ڪير ماءُ آهي، ڪير ڌيءَ؟ يا مورڳو سنڌي ٻولي انهن ٻين ٻولين جي هڪ کنڊ  ۾ رهڻ ڪري ساهيڙي ضروري آهي. پر انهن جي نک مان نه آهي.

هن سلسلي ۾ منهنجي پياري دوست ۽ ساٿي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تازو تصنيف ٿيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ ان سنڌي زبان بابت ديسي يا ٻاهرين اديبن ۽ عالمن جي نظرين کي جاءِ ڏني آهي ۽ پوءِ هلي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي شاخ نه آهي جي الانا صاحب جي هن تحقيق جو بنياد ٻولين جي سٽاءَ ۽ ساخت تي رکيو ويو آهي،، جنهن ۾ آوازن ۽ صوتن  جو مطالعو، صوتياتي سٽاءُ جو مطالعو، علم صرف موجب سٽاءَ جو اڀياس ۽ نحوي سٽاءَ جو اڀياس جهڙن اصولن کي وڏو دخل آهي.

پروفسر ملڪاڻي صاحب کي به کپندو هو ته ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ سنڌي زبان بابت نون قائم ڪيل نظرين کي جاءِ ڏئي ها ۽ پويءَ هلي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پنهنجي تحقيقي راءِ لکي ها ته تقابلي مطالعي سنڌي نثر جي تاريخ ۾ اهو بحث به ڇيڙيو ويو آهي ته سنڌي زبان جا دفتر، شاعري، نظم، نثر، سڀ ناپيد آهن. راءِ گهراڻي ۾ برهمڻ جو آرٽ ڪٿي پر ڪري اڏامي وڃي آرامي ٿيو؟ ملڪاڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: پهرين عرب فاتحن پنهنجي دستور موجب شايد انهيءَ علمي خزاني کي نذر آتش ڪري، سنڌي جي آزاديءَ سان گڏ، ادب جو چراغ به گُل ڪيو ٿو ڏسجي. ابتدائي اسلامي جوش شايد انهن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي، شايد اهو ئي سبب هجي جنهن لاءِ محمد بن قاسم کي آزاد اميه خليفن پنهنجي دربار ۾ جواب طلبي لاءِ گهرايو.

اسين ڪنهن به تعصب ۽ ڪٽرپڻي کان بنهه پري رهيا آهيون. ٻالجتيءَ کان نڪري سن شعور ۽ سمجهه ۾ پير پائڻ کان وٺي هن عمر تائين سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي ساهتي سان سٻنڌ ۽ پيار رهيو آهي پر تحقيق جي ميدان ۾ صداقت جي اصول کي ڇڏڻ نامناسب آهي. انهيءَ بنا تي اسان پروفيسر صاحب جي مٿئين ڳالهه کي ڪڏهن به مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون. بيشڪ جنگين ۽ لڙاين ۾ اهڙن انومانن کي رد نٿو ڪري سگهجي اڄوڪي سڌريل دۇر ۾ به جڏهن شهرن تي لڙاين ۽ بم ڪرن ٿا جيئن هيروشيما ۽ ناگاساڪي ۾ ٿيو ته لکن ماڻهن ۽ جناورن سان گڏ سوين لائبرريون ۽ ڪتبخانا ڪتابن سميت رک ٿيو وڃن. پر تحقيق ۽ تدفيق ۾ اهڙا انومان ۽ ”شايد“ تي ٻڌل نظريا نه آيا آهن. ان لاءِ ثابتي کپي. اڃا هيئن چئجي ته ديبل ۾ جنهن هنڌ پٿرن جا پري کان ڳوڙها وسايا ويا ”نفظ“ سان باهيون لڳايون ويون اتي ماڻهن سان گڏ ڪي جزوي ڪتاب به سڙيا هوندا ته مڃي سگهجي ٿو پر ڇا ساري سنڌ مان رڳو انهن ٻن ٽن هنڌن تي سنڌي ادب ۽ ساهتيي جو ڀنڊار هو باقي سمورو ديس جو هاڻوڪي سنڌ کان گهڻو وڏو هو سو سڀ سنڌي ساهتي کان خالي هو؟

عرب فاتح مذهبي جوش مان اهو ڪڌو ڪم ڪن ها ته سنڌ کان اڳ فارس فتح ٿيو هو جنهن جون سرحدون سنڌ سان مليل هيون، اتي به جيڪر اها هلت هلن ها پر ائين نه آهي، نه وري محمد بن قاسم کي انهيءَ الزام هيٺ واپس گهرايو ويو. اهو رڳو هڪ جڙتو مفروضوآهي جو پنهنجي ڪمزوري ۽ نااهلي کي لڪائڻ لاءِ گهڙيو ويو آهي. مصر جي بطليموسي ڪتباخاني جي سڙڻ بابت جيڪو الزام عربن تي مڙهيو ويو آهي اهو به ڪنهن تحقيقي بنياد تي ٻڌل نه آهي. هن دۇر جي هڪ وڏي مورخ علامه شبلي، هڪ تحقيقي، مقالي ”ڪتب خانه اسڪندريه“ ۾ ان الزام کي بي بنياد ثابت ڪيو آهي.

هيءَ ڪتاب هن جزوي اختلاف کان سواءِ هر طرح واکاڻ ۽ تعريف جي لائق آهي. پروفيسر ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ لکڻ سان سنڌي ادب ۽ ساهت تي هڪ نه وسرندڙ وڏو احسان ڪيو آهي. هن ڪتاب جهڙو مفصل ڪتاب اڳ نه لکيو ويو آهي ۽ وطن جي آزادي واري دۇر کان اڳ جي سنڌي نثر جي تحقيق ۾ وسان نه گهٽايو ويو آهي. هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق لاءِ هيءَ ڪتاب سنڌي عالمن لاءِ بنيادي پيڙهه جي حيثيت رکي ٿو.

آخر ۾ اسين حيدرآباد سنڌ جي ”زيب ادبي مرڪز“ جي واکاڻ کان رهي نه ٿا سگهون جن هن علمي مرڪز جي اها هڪ وڏي ادبي خدمت آهي جنهن کي سنڌي ساهت جا شائق ڪڏهن به وساري نٿا سگهن.

غلام مصطفيٰ قاسمي

اعزازي پروفيسر سنڌي شعبو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ

1976-9-19

مهاڳ

 

تنهن ڏينهن منهنجو جهونو شاگرد ۽ هاڻي پريتوان متر، پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻي مون وٽ لنگهي آيو. کيس هٿ ۾ هڪ ٿلهو نوٽبڪ هو. چيائين ته مون هي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ تيار ڪيو آهي، مهرباني ڪري نظر مان ڪڍي مون کي ان جو مهاڳ لکي ڏيو. پنهنجون اوڻايون محسوس ڪري معافي گهريم. چيومانس- هي منگل ڪارج ٻئي ڪنهن برک سنڌي ساهتڪار جي هٿان ٿيڻ گهرجي. پر هو پنهنجي ارادي تي محڪم رهيو. سندس قربائتي زور ڀرڻ تي ڪنڌ ڪڍائڻ ڏکيو لڳو ۽ ’ها‘ ڪرڻي پئي. چيم چڱو ”حال پريان نال.“

ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان اڳ گرنٿڪار جي باري ۾ ٻه اکر لکڻ نامناسب نه ٿيندي. منگهارام جو جنم سن 1896ع ۾ هڪ ڀاڳئي، نيڪ رهڻي ڪرڻي واري ۽ سماجڪ سڌاري ڏي مائل خيالن واري ڪٽنب ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو ديوان شيوڪرام ۽ پتا ديوان اُڌارام، ٻئي اُدار چت ۽ آزاد ويچارن وارا هئا. ديوان شيوڪرام جون ٻه نياڻيون پهريون سنڌي ڇوڪريون هيون، جن انگريزي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو. وڏي ڇوڪري ته ويچاري اکين سڄي هئي. ان جي لاءِ ساڌو هيرانند جي صلاح ۽ مدد سان بريل (سورداسن جي اکرن) جا ڪتاب گهرائي ان جي سکيا جو بندوبست ڪيو ويو. اهڙي چڱي وايو منڊل ۾ نپجڻ ڪري، منگهارام ۾ ڪچيءَ کان سٺا سنسڪار پيا.

هن حيدرآباد جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۽ ڪراچي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم پرائي. ننڍي هوندي کان هن کي ڪتابن جو شوق پئي رهيو آهي. هو عمدا ۽ دلپسند ڪتاب انگريزي توڙي سنڌي پڙهي پاڻ وٽ سانڍي رکندو آهي. جڏهن اڃا ٻالڪ هو تڏهن سڄي اسڪول ۾ انگريزي شبدن جا اچار تمام شڌ نموني ۾ ڪندو هو. ڪوتا پاٺ (Recitation) ۾ جهڙس ٻيو ڪونه هو. قدرت هن کي انوکي ناٽڪي ڪلا جي ڏات به بخشي آهي. اسڪولي توڙي ڪاليجي جلسن ۽ ٻين شڀ موقعن تي پنهنجي (Part) ادا ڪندي ملاقين ۽ ٻڌندڙن جو عقل چرخ ڪري ڇڏيندو هو ۽ سڀا ۾ واهه! واهه! ڇائنجي ويندي هئي.

سنڌي ساهت جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ هن گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي. منهنجي ڄاڻ موجب ننڍي يا ايڪانڪي ناٽڪ جو سرشتو سنڌيءَ ۾ پهريائين هن جاري ڪيو. اهي سندس ناٽڪ پنگتي، سماجڪ گهرو وشين تي لکيل آهن ۽ ڏاڍا اثرائتا ۽ سکيا دائڪ ثابت ٿيا آهن. سندس لکڻي ۽ عبارت وڻندڙ سليس، سپڪ ۽ ننڍي وڏي کي سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ٿئي ٿي. ڇا آکاڻي، ڇا مضمون، ڇا ناٽڪ، ڇا سفر جو بيان، ڇا قدرتي نظارو، ڇا سمالوچنا!  تنقيد جي ڪنن وشيه ۾ هي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس ۽ ڪتابي سمالوچنائون، جي اڪثر سنڌي اخبارن ۽ مخزنن ۾ پڙهبيون آهن، سي هر طرح واکاڻ جوڳيون هونديون آهن. سمالوچڪ ۾ علميت ۽ قابليت کانسواءِ ٻيااخلاقي گڻ به هئڻ گهرجن جهڙوڪ سچائي، بي ريائي، انصاف پسندي، تعصب ۽ وير وروڌ جو اڀاو ۽ قدر شناسي، اهي خاصيتون منجهس ڀليءَ ڀت موجود آهن.

هن پستڪ ۾ جيتوڻيڪ پروفيسر ملڪاڻيءَ سنڌي نثر جي شروعات گهڻو آڳاٽو ڏيکاري آهي. تنهن هوندي به انگريزن جي راڄ ۾ ئي سنڌي نثرپورو زور پڪڙيو هو. اهو احوال به هن تاريخ ۾ ڏنو اٿس، پر ان زماني جي ڪن تفصيلن جي مون کي ذاتي سڌ يا سانڀر آهي، جي هيٺ ڏيان ٿو.

يورپي عملدارن جا بنيادي ڪارگرڪتاب

انگريزي حڪومت جي شروعات ۾، سنڌ جي پهرئين چيف ڪمشنر سر بارٽل فريئر يورپي عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي ٺهرايو هو، انهيءَ مراد سان ته اهي ڏيهي ٻوليءَ جو اڀياس ڪري رعيت سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ پرڳڻي جو انتظام بخوبي هلائين. هن ڪم ۾ ڪيترن صاحبلوڪن گهڻي دلچسپي ڏيکاري، سنڌي ٻوليءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيائون ۽ محنت ڪري ٻولي جي بنياد بنسبت کوجنائون ڪيائون. ڪن ته بلڪل ڪمائتا، عالماڻا ۽ بنيادي ڪتاب جهڙوڪ وياڪرڻ، لغتون ۽ عالم لوڪن جي واتان ٻڌل نظم ۽ نثر ۽ قصا ڪهاڻيون قلم بند ڪري باترتيب ڪتابي صورت ۾ آڻي پرڪاشت ڪيا. ان وقت اسان جا سنڌي لوڪ ته گهڻو پٺتي پيل هئا، انهن کي نڪا ايتري علميت هئي نڪو هن علم ۾ چاهه ورتائون. يورپي لوڪن جو ڪم سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي کوجنا ڪرڻ ۾ آفرين جوڳو ۽ ذڪر قابل آهي ۽ انهن جون خدمتون وسارڻ نه گهرجي. اهي بنيادي ڪتاب اڃ تائين موجود آهن، ۽ انهن جي آڌار تي ۽ انهن جي مواد سان ئي سنڌي ساهت جو وڪاس ۽ واڌارو ٿيو آهي.

انهن عالمن مان پهريون هو ڪئپٽن جارج سٽئڪ، حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر، جنهن ٽي ڪتاب لکيا؛ ”سنڌي وياڪرڻ“ (1849)، ”انگريزي سنڌي ڊڪشنري“ (1849) ۽ سنڏي انگريزي ڊڪشنري“ (1855) جو پڇاڙيءَ وارو ڪتاب سندس اڻ مندائتي موت کانپوءِ ڇپجي راس ٿيو. هنن ڪتابن لکڻ ۾ هن صاحب پنهنجي جان قربان ڪئي. کيس سرڪاري ڪم به ڳاٽي ڀڳو هو، ته به فرصت جو جيڪو به وقت هٿ آيس ٿي سو صرف ڪري راتيون جاڳي، پنهنجي پيار ۽ خفت جي ڪم کي لڳي ويو. موڪل تان موٽڻ تي، سرڪار قياس ڪري کيس سٺيءَ آبهوا واري ملڪ ۾، اضافي سان وڏي عهدي جي آڇ ڪئي. پر هن نه مڃيو. چيائين پهريائين هٿ ۾ کنيل ڪم کي پورو ڪندس. نتيجو اهو ٿيو جو ڊسمبر 1853م گذاري ويو. اهڙي ساهتڪ شيوا ۽ تياڳ جا مثال ٿورا ٿيندا. سٽئڪ صاحب پنهنجي ٽن ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي واپرائي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org