سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:21 

باقي رهيل مکيه جنم ساکين جي ياداشت هيٺ ڏجي ٿي:

”شيخ منصور حلاج“- محمد صالح هالاڻي            -1918

”شاهه حسين“(پنجابي صوفي شاعر) آتمارام ميٺارام -1921

”صوفي سڳورا“ (فارسي ۽ سنڌي صوفي)-

ليلارام پريم چند ۽ جيٺمل پرسرام   -1921

”صوفي سونهارا“- محمد صديق مسافر       - ......

”سڄاڻ زالون“ (هندو ۽ مسلمان) ---           - ......

”ڀارت پوشڻ“ (پراچين هندو پرش ۽ ناريون)

                                        فتچند مينگهراج -....

”ودوان ناريون“ (ٽن آدرشي استرين جو وارتائون)

                                        -بولچند پرسرام       -1930

”پڇمي ناري چريتر“ [ديوان ڪوڙيعل جي ”آريه ناري چرتر“ جو پورائو (Coplement)]

        ”هندستان جون راڻيون “ – دين محمدوفائي- .......- منوهر داس ڪوڙومل—       .......

”جنم ساکي اڏيرو لعل“ - ٽهلرام آسودومل   -1927

”سنڌ جا مڻيا“- مختصر جيونيون:-                    )

(ساڌو نولراءِ هيرانند، ديارام گدومل،                   )

(ڏيارام جيٺمل، ديوان ڪوڙومل ۽ ڀڳت روپچند—“         )

        سيٺ هرچند راءِ وشنداس      —  ٺاڪرداس ڀوڄراج) 1932

        ريجهومل لاهوري      — ڪشچند بيوس  )

        مهاڳ— سنڌ ۾ برهمو سماج جو واڌرو     )

                                نرمل داس گربخشاڻي )

”سنڌ جا سنت“                        ٽهلرام آسودومل –  ......

”سنڌي سونهارا“— مختصر جيون چرتر:-

        ساڌو نولراءِ –نرملداس گربخشاڻي             )

        ساڌو هيرانند—واڌومل مولچند                       )

        ديارام گدومل—شيوارام ڦيرواڻي            )— ....

        ڪوڙومل چندمل—چرنداس ٺاڪرداس       )

        مرزا قليچ بيگ—مرزا همايون بيگ         )

        ڀائي مولچند مينگهراج—ٽهلرام آسودومل )

”سري رامڪرشن“              --پرڀداس برهمچاري  -- 1936

قرب قليچ“ (مرزا قليچ بيگ جي زندگي ۽

تصنيفن جو احوال)—محمد صديق مسافر- ....

”راڄ راشي ديوان ديارام گدومل جو جيون چرتر“

(سنڌ حياتيءَ ۽ لکيتن جو بيان)—شيوارام ڦيرواڻي-1938

”هيرانند—سنڌ جي آتما“ ديوان ديارام جي

انگريزي ڪتاب Story of a Humdle Soul جو

                مختصر ترجمو)—مولچند واسواڻي-   .......

”گروگوبند سنگهه جا جيون چرتر“

                - فتحچند مينگهراج ۽ لڌارام چنديراماڻي - ....

”سچو رهه“ جين ڌرم جي بانيڪار وجيه ڌرم

                سوريءَ جي جيوني)- پاروتي آڏواڻي -    1938

”جيون ڦلواري“ – جيون چرتر ۽ ڪلام هيٺين سنتن ڪوين جا:

(ڪبير، ميران ٻائي، نامديو، شاهه عبداللطيف،   )

(صورت بهار، سامي، شيخ سعدي، شيخ فريد،          ) ناراچند

(بُلا شاهه، گل محمد، قليچ بيگ ۽ خاڪي (ليلارامسنگ-) شوقيرام

(                               اصل لکيل (1898-)

(ديوان تاراچند شوقيرام جو جيون چرتر- واڌومل مولچند

( ----------    --------        --------                - مرزا فضل بيگ

( (سڀ گڏ ڪري ڇپايل ڪوڙيمل ساهتيه منڊل جا) – 1939

”راجا رنجيتسنگهه“            --ميلارام واسراڻي - 1942

”ماتا کستوريا“ (مهاتما گانڌيءَ جي

ڌرمپتنيءَ جو جيون چرتر)- ايم- آر- مائيداساڻي      -1944

”سوامي ديانند“        --------                              -1945

”نيتاجي“ (سباش چندر بوس جو جيون چرتر) ---     -1946

”گرو گوبند سنگهه“    -----------             ---   -1947

”شري شاردا ديوي“ (سوامي رام ڪرشن

جي استريءَ جي جيوني)  - راڌا ڪرشن گرناڻي     -1946

”نيتاجي بوس“                -پارومل ڪيولراماڻي .....

”وير گرجنا“ (سباش چندر برس

جي تقريرن مان چونڊ ٽڪر)-          ........       -1947

[1]”سائين قطب شاهه“ (سندس زندگيءَ

        ۽ ڪلام جو سربستو احوال)- جهامنداس ڀاٽيا- ....

داخلي يا شخصي مضمون نگاري- ادبي مخزنن ۾

مضمون نگاريءَ جو ٻيون دؤر ادبي مخزنن معرفت شروع ٿيو، جن ۾ وقت به وقت زندگيءَ جي هر موضوع تي سهڻا شخصي مضمون پوندا هئا، جي ئي مکيه طرح ادبي مضمون شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ جن ۾ لکندڙ جي ويچارن ذريعي سندس شخصيت جو اظهار ڪيل هوندو آهي.

(1)          ”سر سوتي“

اهڙي اوائلي ساهتڪ ۽ پنگتي مخزن هئي ”سرسوتي“ جا 1890 ۾ ساڌو هيرانند پنهنجي اڪيڊمي اسڪول ۾ جاري ڪئي هئي—جنهن اعليَ هستيءَ بنگالي سڀيتا جي جوت سنڌ جي ستل صوبي ۾ آندي، ۽ سنڌي جنتا جي شيوا ڪندي پنهنجي جوان جندڙي قربان ڪري ڇڏي. هن مخزن ۾ ان زماني جي برک اديبن جا عمدا علمي ۽ پنگتي سڌاري لاءِ ليک پوندا هئا، جي پوءِ سنڌي ساهت جو ڀاڱو بڻجي رسالن جي صورت ۾ نڪتا، مثلاً خود ساڌو هيرانند جي اخلاقي آکاڻين ۽ ليکن جو مجموعو، جو گهڻو پوءِ ڀيرومل مهرچند چونڊ ڪري ”هيري جون ڪڻيون“ نالي ڇپايو هو، جنهن جو ذڪر آکاڻين واري فصل ۾ ڪيل آهي. هن مخزن جا ڪي مکيه مضمون هئا: —

”سانوڻي“— پريتمداس حڪومتراءِ (جنهنجو ”عجيب ڀيٽ“ اوائلي اصلوڪو ناول هو.)

”اکين هوندي اَنڌ““ ڪنولسنگ پوهو مل.

”ڪرندڙ تارا“—              ---------

”وهيو“— صاحبسنگ شاهاڻي.

”موت کان ڪهڙو هنڌ خالي آهي“.— بولچند ڏيارام.

”سنڌ ۽ هند جا هنر“— خانچند پرتابراءِ (جو پوءِ ”سوسوتي“ جو سمپادڪ ٿيو.)

”ساڃهه“— ڀيرومل مهرچند.

پرنسپال صاحبسنگ شاهاڻيءَ جو ”وهيو“ سنڌي ۾ ٿورن طعباتي مضمونن مان هڪ هو، جنهن کي لکندڙ جي جبري جاچ ۽ ٻهراڙيءَ جي اصطلاحي عبارت شاهڪار بنائي ڇڏيو. هيٺيون فقرو مثال طور ڏجي ٿو:-

”وهئي جو آواز آهي ’چرچر. ڏاڍي ڀڳت ٿو ڪري. رات جو ماٺ، باقي ڏينهن جو ٻه چار گڏيا ته ڳيڀي پيئي پوندي. هن پٽ ۾ (جمڙائو) چوڻي آهي ته ’فلاڻي، وهين واري چرچر کڻي لاٿي اٿيئي.‘ وهئي جي هل، نچڪي ۽ ٽپڪي کانپوءِ بس آهي. وهيو هن پٽ جو پکي نٿو ڏسجي. ويهه ويسوا روهه جو پکي آهي. هت سانگ ڪيو کاڄ تي اچي ٿو. وهين جو پاڻ ۾ صحبت ۽ سنگ جو پيچ پيل آهي. ولر سان اُٿندا، ولر سان وهندا. اڏاڻا ته سڀيئي اڏامندا. سانجهون ٿيون ته اجهو،

”پرو ٻڌائون پاڻ ۾ محڪم ڏيئي مام،

قطارون به شاهي ٿا ڪن. بعضي ميل پنڌ ۾ هوندا. هڪڙو پرو جهليو، واهيرن ڏي پيا ويندا. واهيرا وڏن وڻن ۾ ڪندا آهن. ٻٻر، ڪنڊي، نم يا انب جي ٽارين تي وهندا آهن. وهيو جهنگ جي ميوات سڀ ٿو کائي. پسيءَ جي رس پيئڻ جو ته استاد آهي. ٺونگي سان ٽوپي ڪڍيو ڇڏيس، پوءِ مٺي رس کي لڳيو وڃي.“

اُن زماني ۾ جهوني ۾ جهوني روزاني سنڌي اخبار ”پرڀات“ هوندي هئي ....... ۾ کيکراج تلوڪچند چالو هئي ۽ ماڻهو ڏاڍي چاهه سان اسر جو اٿڻ شرط پڙهندا هئا. ليکراج صاحب هڪ بي ڊپو ۽ قابل مهتمم هوندو هو، ۽ پنگتي، سرڪاري ۽ ميونسپل لوڻاين جي ڪڙي نڪتچيني ڪندو هو. ”پرڀات“ ۽ بعذي بعذي عمدا مضمون پڻ پوندا هئا، جن مان ٻه جيون چرتر: ”ساڌو هيرانند“ ۽ ”جسٽس تلنگ“ سمپادڪ جي قلم مان نڪتل، ليلارام پريم چند ۽ ڏيارام ميرچنداڻي جي انتخاب ”گلدستو“ مان هٿ لڳا آهن.

(2)         ”جوت“

تنهن کانپوءِ نڪتي مشهور دو- هفتي اخبار ”جوت“، جا 1896 ۾ سنڌيءَ جي ان پختي ڄاڻوءَ ۽ خدمتگار چالو ڪئي هئي جنهن کي ٻوليءَ جي ٻئي سچي پارکو استاد پيرومل ”سنڌ جو ائڊيسن“ جو خطاب ڏنو هو. پرمانند ميوارام مذهب ڪري عيسائي هوندي به، ادب جي ميدان ۾ بنا بغض يا ڪٽر جي، سدائين ٺيٺ ۽ گهريچي سنڌي واپرائيندو هو. ديوان ڪوڙو مل وچ ۾ سنسڪرت اکرن ۾ وڃي اڙيو، مرزا قليچ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي سليس لکڻي اڀوڳائيءَ ۽ الوڻائيءَ جي حد تي آڻي ڇڏي هئي، ديوان ديارام به بعذي بعذي ڏکيا سنسڪرت يا فارسي لفظ استعمال ڪندو هو، پر پرمانند صاهب، سنڌي نثر جي انهن چئن ٿنڀن مان هڪڙوئي ليکڪ هو جنهن ڪڏهن  به ڏکيو يا گٿل يا گهرگهلو اکر ڪتب ڪونه آندو، ۽ سدائين اهي سرل فارسي ۽ هندي لفظ ڏيهي سنڌيءَ سان  ملائيندو هو جي ڪن رس پيدا ڪن ۽ سنڌي گلن ۾ ڦاسي نه پون، ۽ نڪي محاورن جون غير سنڌي صورتون ورتائيندو هو. سندس مضمون اڪثر ڪري ڌرمي، اخلاقي، تعليمي، وگياني، تواريخي ۽ پگتي وشين تي لکيل هوندا هئا. تنهن کانسواءِ اعليٰ پرشن ۽ نارين جون مختصر جيونيون به لکندو هو ۽ سئر سفر جا دلچسپ بيان پڻ ڪندو هو، جن کي سيلاني ليکڪن (Travel Essays) جي نئين شاخ سمجهڻ کپي. مزيدار ٽوٽڪن ۽ پرولين معرفت، سنڌي ادب ۾ جا مذاق جي کوٽ هئي سا به پوري ڪيائين، جن کي مذاقي مضمون (Humourous) چوندا آهن. ان زماني جي ڪن مشهور مصنفن جا مضمون به وقت به وقت ”جوت“ ۾ وجهندو هو، نارائڻدس ملڪاڻيءَ، پرڀداس ڀيرومل ۽ آچاريه آسوديمل گدواڻيءَ جا ليک به پهرئين ”جوت“ ۾ پيا هئا. خود پرمانند صاحب جا جيون جي هر پهلوءَ تي لکيل مکيه مضمون هئا: ”سپ“، ”برهمڻ آباد“، ”سرچالس نيپئر“، ”نئون سال“، ”راڳ“، ”ماڪوڙيون“، ”سر ٿامس مور“، ”پليگ“، ”مان به ڪي آهيان“، ”اڳوڻو ۽ هاڻوڪو سمون“، ”ڳائيندڙ جبل“، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”سچي پريم جو لڇڻ“، ”منشي آوتراءِ صاحبراءِ“، ”سرشٽيءَ جو پستڪ“، ”ريل کان اڳ مسافري“، ”مرزا جي روپا“ (ائڊيسن جي Vision of Mirza تان)، ۽ خاص ڪري سندس شاعراڻا بياني مضمون: ”جهنگ جو شئل شڪار“ ۽ ”سارنگ ساوڻ لايا“. پڇاڙيءَ واري مضمون مان، ڦليليءَ جي زبانيءَ ۾، پرمانند جي سلوڻي سنڌيءَ کانسواءِ، سندس قدرت جي جاچ- شڪتي، شاعراڻي تصور ۽ ناٽڪي ڍنگ جو پڻ پرتو ملي ٿو:

”اڀ ۾ ڪڪر، هوا فرحتي، سملو لڳي ويو هو. شام جو ڪاري ڦردي ڏانهن ويس ٽرڻ ڦرڻ، مؤج به مؤج هئي، وسرڻ جي نه آهي. هوءَ ڦليلي سا ته ڏس ته هئٻر، هئٻر، هئٻرا! تڪڙي تڪڙي وهندي ڪرندي پئي ويئي. لڙ، لهرون، لس، ليٽ! وه تکا، وه کرا! اصل مائي ڪنهن جي ڳالهه نٿي ٻڌي. چي، ڏسو ڪين ٿا چرڪ ٿي ويئي اٿم، هاري پيا سارينم. منهنجو ڏوهه آهيئي ڪونه، چئو درياه کي، مستاني درياهه کي، ججڪين کاڌي درياه کي، تار خشڪيون اٿس. نه نه، ههڙي بي ادبي! ڪن پريمين جيان موج اٿس! ڪڏهن سراوندو، ڪڏهن انگل آرا پيو ڪري، ڪڏهن ته اٿليو ٻوڙ ٻوڙان ڪيو ڇڏي، ڪن کي سائو، ڪن کي سڃو ڪري. اهو ته سندس مرڪ آهي. اها ته سندس بڇڙي عذا آهي، نه ته سنڌ جي ماڻهن سان اهڙا پار هلڻ کپنس ئي ڪين. جيئن ڪا استري پتيءَ کي ڇڏي پر پٺيان ڊوڙي، تيئن سنڌي ماڻهو خدا کي به پاسي رکي، اول درياه لعل منائين ۽ منجهس آکا وجهن ۽ گونگيون ٽٻيون ڏين: مطلب ته پير ڪري ٿا پوڄينس، پوءِ به سندس اهڙا افعال! مون کان نه پڇن ته اڳتي ڇڏي ڏينس، نهارينس به نه. ماڳهين ’جنهن ڪين منجهان ڪي ڪيو اٿس‘، تنهن سائين کي ساراهين، ٽاريءَ کي ڇڏي ٿڙ کي وٺن، ته ڏسو ته ڪئن نه مستي ڇڏي سڌو ٿو ٿئي، ٽڪ مان ور لهي ويندس. پر آءُ هي زناني وات چوان ڇا پيئي! مئو ماريو ٻڌندو ته کامندو. منهنجو نالو نه وٺجو! آءٌ وري به سندس ٻوٽي آهيان، سندس شاخ آهيان، سندس ٻچڙي آهيان. رئس نه هجي ته گوني ته ٺهي، خود ڦليلي به ڪانه ٻڌو ها، هاڻي منهنجي موڪلائي اٿو. زميندار نه پڪار ڪن.‘ هوڏانهن سير ٿي ٿيس، هيڏانهن هيڏي بڪواس ڪري وڌائين.“

”جوت ۾ پيل ٻين برک لکندڙن جا ذڪر لائق مضمون هئا:-

”ڌوڙ مان ڌن“— ڪنولسنگ پوهومل

”ٿر جو سير“ – اُڌارام چانڊومل

”ڪٿي اڱر ڪٿي عطر“ – ......

”ڪک هيٺا لک“ – ..........

”ڪوهستان جو سير“ – ريواچند آڏواڻي

”دز“— هوتچند ڏيئلمل

”يورپ جو سئر“ – هيمنداس واڌواڻي

”اڳئين ۽ هاڻوڪي هلت چت“ – واڌومل گنگارام

”صحرا بيابان جو نظارو“ – شامداس چولاڻي

”ڪاڪو لڇيرام“ – آسودومل گدواڻي.

ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ديوان اُڌارام چاندومل جي ”ٿر جو سير“ مان، ڳوٺاڻي اصطلاح تي سندس عبور ظاهر آهي:- ”ٿر ۾ شيون جام آهن: واري، لوڻ ۽ نانگ، ملڪ وُٺو، ڇنڊوُن پيئون ته واهه، نه ته سڃ پيئي واڪا ڪندي، ماڻهو درندر، ڏٿ رڌي پيا گذر ڪندا، مال بک ۾ مري ويندو. جنهن سال آءُ هوس تڏهن خوب وس ٿي هئي. زمين نرم، هفتي کن ۾ جهرجهنگ سرسبز ٿي ويو، تل ترايون ڀرجي ويون. ماڻهن کيتن کي هرڏيئي ٻاجهريون کڻي پوکيون...... ڏاڍا خوش، کير جام، لسي، جنهن کي اڇ چون سان ٻهون، جيتري گهر اوتري ملي.... ٿر جي گهه کانپوءِ حد آهي، مارئيءَ جو پٿر، جو سرهو گاهه ٿو ٿئي—چي مارئي اُتس مٿو رکي سمهندي هئي—تنهن جو گهه کي واس ڏيندا آهن.“

هوتچند ڏيئلمل، جو اڪيڊمي اسڪول جي پوين پرنسپالن مان هو، تنهنجي وگيانڪ ليک ”دز“ ۾ ڪيتريون نه ادبي خوبيون سمايل آهن:- ”ڪي ته خفي ٿي چوندا آهن ته ڌڻي ڌڌڙ ۽ ڌوڙ اُلاجي ڇو ٿو خلقي. حقيقتن، اها خاڪ، جا اسين خسيس شيءِ ڪري ٿا سمجهون، سا به وڏي وٿ آهي. انهي تي اسانجي حياتيءَ جو ايترو مدار آهي، جو اُها جي نه هجي ته اسين هن جهان ۾ جيڪر گهڻي تائين جالي ڪين سگهون. تنهن ڪري اها ڌوڙ به ڌن سمان آهي. ڪي پڇندا ته اهو وري ڪئن؟ اهو اجهو هئن. آسمان ۾ (ڪڪرن جي) رڳي ٻاڦ اسان کي هوند پريان ڏسڻ ۾ ئي ڪين اچي، پر دز جا جزا، ٻاڦ سان وڃيو ملن، ته اُڀ ۾ ڪڪر ٺهيون پون جي پريان ئي پيا پسجن، ۽ مند تي مينهن ٿا وسائن ته اُن مان ڀاڄيون، ٻيون ڀانت ڀانت جون پيداشون ٿيون ٿين. اها سڀ مٽيءَ جي مهرباني آهي، جا ٻاڦ سان ملي ڪڪر ٺاهي ٿي، ۽ ساندهه بوندن برسڻ بدران مندائتا مينهن پون ٿا، ته نه رڳو اسين انسان، پر پسون، پکي، جيءَ چنتر، سڀيئي اگوندرو گذاريون ٿا. اها دز آسمان ۾ وڃي، ٻيا به ڪيترا ڪرامت جهڙا ڪم ڪري ٿي. ڀيڄ ڀنيءَ جو، اڃا سج باکون ئي ڪين ڪڍي، ته اڳيئي آسمان ۾ اهڙي صاف صفائي ٿيو وڃي، جو ماڻهو ڏيئي يا بتيءَ بنا، پنهنجو ڪرت ڪار آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. اهو به انهيءَ پڻيءَ جو پرتاب آهي. اها دز آسمان ۾ نه هجي، ته اوڏيءَ مهل جيڪر تارا چمڪندا نظر اچن، ۽ روشنائي رڳو اوڏيءَ مهل ٿئي. جڏهن سج نڪري نروار ٿئي.“

پرمانند صاحب، 1938 ۾ پنهنجي وفات تائين، ڌڪ گهٽ چاليهه سال، ڀيري ڀڃڻ بنا، ”جوت“ چالو ڪندو آيو ۽ اُنجو معيار اوچو رکندو آيو. کائنس پوءِ سندس مذهبي ۽ ادبي مريد ن-ف ڪوٽواڻي، ڪراچيءَ مان ”جوت“ ڪڍندو هو، جنهن ۾ نه رڳو پنهنجي گروءَ جا ڌرمي ۽ اخلاقي اصول قائم رکيائين، بلڪه ان جي پيماني ۽ رنگ روپ کي سڌارڻ جي ڪوشش به ڪيائين. 1964 ۾ ڪوٽواڻي صاحب، هن مخزن جون پنجاهه سالن جون ساهتڪ شيوائون ملهائڻ جي موقعي تي ”جوت“ جو ”سونو جبلي پرچو“ ڪڍيو هو، جنهن ۾ ڪيترن بزرگ ۽ نوجوان عالمن جا مضمون، پرمانند صاحب جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي پيل هئا. اُنهن مان مکيه ليک هئا: ڏيارام وسڻمل جو ”ماسترن جو سرتاج“(پرمانند پهرئين اڪيڊميءَ ۾ ڏيارام صاحب جو استاد هوندو هو)، پروفيسر لعل سنگ اجواڻيءَ جو ”جوت جا پنجاهه سال“، ۽ صوڀراج نرملداس جو ”پرمانند ۽ سندس ٻولي“. پڇاڙيءَ واري ليک ۾ قابل مصنف ٻوليءَ لاءِ هڪ اصول قائم ڪيو هو جو سنڌي ليکڪن کي خوض سان هنڊائڻ کپي:- ”سرڳواسي هن اصول جو حمايتي هو ته سنڌي ٻوليءَ جي صحت سوڌائيءَ لاءِ اُنجي وياڪرڻي ٺاٺ جو پابند هجڻ ضروري آهي. سرڳواسيءَ جي ليکن ۾ فارسي زير اضافت ۽ فارسي- عربي جمع وارو استعمال ڪو نالي ماتر به مس ڏسبو. هر ٻوليءَ جي وياڪرڻ ئي آهي اُن جو ٻول ٻڌو ٻنو، جو پراون پدن کي پنهنجي ٺاٺ تي بيهاري پنهنجو ڪندڙ آهي..... سندس قلم مان جيڪي به پڌرو ٿيو سو انهيءَ اصول پٽاندڙ ۽ سندس ٻولي سدائين سپڪ، سڀاويڪ هئي، جا زالون ۽ ٿورو پڙهيل به سولائيءَ سان سمجهي سگهيا ٿي.“ هن جبلي پرچي ۾ جن ٻين ليکڪن پرمانند صاحب جي يادگيريءَ ۾ شرڌا جا ڦول چاڙهيا هئا، سي هئا: جيٺمل پرسرام، لعل چند امر ڏنومل شيوڪرام، ڀوڄراجھ، منوهر داس ڪوڙومل، هيرانند ڪرمچند، جڳتراءِ ايسرداس، پروفيسر ڦيرواڻي، چيتنب ماڙيوالا، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڀيرومل مهر چند. پڇاڙيءَ واري عالم لکيو هو:- ”سندس ليک اهڙا آهن جهڙا ائڊيسن صاحب جا مضمون، جنهن ڪري کيس سنڌ جو ائڊيسن سڏي سگهجي ٿو.“ هن نڪتي کي پروفيسر اجواڻيءَ واضح ڪري لکيو هو:- ”انگريزيءَ جي شائقن کي صلاح ڏني ويندي آهي ته جي سليس، سهڻي انگريزي سکڻي هجيوَ، جنهن ۾ وڌاءَ ۽ ڏيکاءَ نه هجي، پر شائستگيءَ ۽ نزاڪت ته به ٻوليءَ مان پيون بکن، ته ائڊيسن جا ليک مطالع ڪريو. سنڌيءَ جي شائقن کي جي صلاح جي ته ”جوت“ جو اڀياس ڪري، مستر پرمانند جي سنڌيءَ جي پيروي ڪريو ته بلڪل ٺيڪ ٿيندو.“

(3)         ”ڊي- جي- سنڌ ڪاليج مسلني“

ديوان ديارام گدومل جي سرجوشيءَ سان، ديوان ڏيارام جيٺمل جي فراخليءَ سان 1887 ۾ ”ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج“ ڪراچيءَ ۾ برپا ٿيو هو، ۽ 1901 ۾ اُنجي سهاري هيٺ نڪرندڙ مخزن ”ڊي- جي- سنڌ ڪاليج مسلني“ شروع ٿي، جنهن جو باني هن زماني جو معزز ودوان ساڌو ٿانورداس واسراڻي هو جڏهن پاڻ ڪاليج ۾ نؤجوان پروفيسر هوندو هو. هن مخزن جي سنڌي وڀاڳ ۾ به ان زماني جي مڙني مشهور توڙي نون ليکڪن جا مضمون پوندا هئا. هيءَ انگريزي سنڌي- مخزن 1947 تائين، شمار اڌ صديءَ جي عرصي تائين ششماهي پرچا ڪڍندي آئي ۽ سنڌي ساهت جا گهڙا ڀريندي آئي، جنهن ڪري انجي آور جا ”جوت“ جيتري ئي چئبي. پر عام رايو آهي ته پڇاڙيءَ ۾ اُنجو ادبي معيار ڪي قدر پٺتي پيل هو. هن مخزن جي ڪيترن هٿ آيل پرچن مان عمدا ۽ مکيه مضمون چونڊي، لکندڙن جي نالي هيٺ ڏجن ٿا:- 1901 واري شروعاتي پرچي جو بهترين مضمون هو پرمانند ميورام جو ”سنڌي عبارت“، جنهن ۾ هن مثالي مضمون نويس، سڀاويڪ ۽ موزون عبارت استعمال ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون هيون جي اڄ ڏينهن تائين ڪارگر آهن:-

”پرجي عبارت سيکارڻ جي نه آهي ته به اُنجي سٺائي ۽ صفائيءَ جي پڇاڻ ته پئجي سگهندي يا ان جي نسبت ڪي اشارا ته ڏيئي سگهجن ٿا. عبارت سٺي سا جنهن ۾ هرڪو لفظ ۽ تڪ ۽ پهاڪو پنهنجي پوري جاءِ وٺيو بيٺو هجي. ائين نه جو سسي ريڍي ۽ ڌڙ ٻاڪرو. ٻيو ته جئن خيال پيا اچن تئن ويو ماڻهو اٽڪائيندو ته عبارت زور ۽ رس ڀري ۽ اثرائتي ٿيندي. هار سينگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪجسي ٿي پوندي. جي ڀانئين ته چڱو لکان ته اٽڪل شٽڪل ۽ کيڏبازي ڦٽي ڪر. سڀاوڪ ۽ سرلو ٿيءُ. عالمن جو چوڻ آهي ته عبارت ته هاري ماڻهن جي، جي نڪو مرچ مصالح ڄاڻڻ نڪو گڏين. سڀاويڪ طور جيڪي اچين سو وڃن چوندا..... سنڌي ٻوليءَ اڃا چئبو ته سلو ڪڍيو آهي اُسري پيئي. ٻين ٻولين جيان زور ڪينهي. اڪثر ڏسجي ٿو ته جنهن کي جيئن ٿو اچي تيئن وڃي اُبتو سبتو قلم کي وهائيندو. وهي  نه وهي وٺ رينگهٽ کي. تنهن لکڻي ۾ ڪو لاءُ ڪوساءُ، نه ڏسجي مهل نه ويل. مثلاً هوندي رواجي ڳالهه ته به ’ارٿانت‘ ۽ ’ڪيول‘ ۽ ’ڪداچت‘ ۽ ’پٿارٿ‘ جو ڦهڪو پيو پوندو. هاڻي ’جتن‘ حرف اڳيئي سنڌي ۾ آهي ته به اُرهه زورائي ڪري، چي فلاڻا ’يتن ڪجانءِ‘. وري ڪٿي ڏس ته اهڙا ڀاري سنسڪرت حرف جو ڄڻ پٿر ويٺو چٻاڙ، ته ڪٿي هڪڙيئي جملي ۾ سنسڪرت ۽ فارسي لفظ ٽنبيا پيا آهن؛ مٿون پڳڙي ۽ تلڪ ٻانڀڻ جو، ته
هيٺيون پهراڻ ۽ سٿڻ ٻروچڪي! وري ڪٿي ته ٺاٺ ۽ بناوت ئي انگريزي. پڙهه ته کل پيئي اچي، چي گول ڪلي چؤرس ٽنگ ۾.“


[1]  مٿينءَ ياداشت ۾، هن نشانيءَ وارن ٽن ڪتابن جو بيان تنقيد واري فصل ۾ ڪيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org