سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

باب:

صفحو:4 

کوٽائيءَ ۾ مليل هٿيار

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي هٿيار لڌا آهن، اُهي تمام خوفناڪ نه آهن. ڪجهه هٿيار هن ريت آهن: پِن جي شڪل وارو سپاٽ- پاسائون ڀالو يا نيزو، ڪهاڙين جا ڦر، ڪنڊيدار تيرن جون چنهنبون ۽ ڇُرا. اِهي سڀ ڌاتن جا ٺهيل آهن. انهن مان صاف ظاهر آهي ته موهن جي دڙي ۾ بچاءَ لاءِ ڪا به فوج نه رکي ويندي هئي. هن دڙي جي مٿ ڀرن حصن ۾ ڪجهه ٻئي قسم جا هٿيار به مليا آهن، جن ۾ ڏاٽا، ڇيڻيون، نؤڪدار هٿيار ۽ پاڪيون وغيره شامل آهن. هتان جيڪي چؤڪنڊيون ڪهاڙيون مليون آهن، اُهي يقينن مڪاني وڻن کي ڪٽڻ لاءِ استعمال ٿينديون هونديون. هتان ڪنجهي جو ٺهيل هڪ ڪُهاڙيءَ جو مٿ اهڙو مليو آهي، جيڪو بلڪل پنهنجي الڳ قسم جو ۽ نرالو آهي.

سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا ۾ جيڪي ڪلاميه شيون مليون آهن، اُهي سچ پچ اکيون چرخ ڪندڙ آهن. اُن وقت جا ماڻهو پٿر، ڌاتن، چيڪي مٽيءَ، ڪاٺ، عاج، هڏين، چمڙي، سپين وغيره جو استعمال ڪندا هئا. ماپ ۽ لکڻ جو سرشتو، شهر جي رٿابندي ۽ مڪانن جي اڏاوت واري ٽيڪنالاجي ان حقيقت تي روشني وجهي ٿي ته ان وقت جي سڀيتا ڪيتري قدر اؤج تي رسيل هئي. هڪ ڌاتوءَ جي اوزار تي لڳل ڪپهه جا ڪجهه ذرا اُن وقت جي سڀيتا جي هڪ ٻئي پهلوءَ تي روشني وجهن ٿا. ڪپهه جي حاصلات انهيءَ علائقي ۾ اُن جي پوک هئڻ جي پڪي ثابتي آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته ڀونوچ سمنڊ وارن مُلڪن ۾ عيسوي سن کان ست سؤ سال اڳ واري زماني تائين به ڪپهه جو واهپو عام طور نه ٿيندو هئو.

مڪمل اوج تي رسيل سڀيتا

سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا مان ٻيون به گهڻيئي ڪلاپورڻ شيون مليون آهن، جيڪي ڏيکارين ٿيون ته اها سڀيتا پوريءَ طرح اؤج تي پهچي چُڪي هئي. سونا زيور، چانديءَ جا برتن، پٿر مان ٺهيل جهروکا ۽ انهن تي ڪاريگريءَ جو ڪم، عاج ۽ سپين جو ڀرت، ڪنجهي جي آرسين ۽ پاڪين توڙي ٻين آرام بخش شين مان صاف ظاهر آهي ته هتي جا رهاڪو چڱا دولتمند هئا. مڪانن جي رٿائتي اڏاوت، سنان جايون، ناليون، ڏاڪڻيون، ڀنڊار گهر، نوڪرن جا ڪمرا وڏي پيماني تي عام ماڻهن لاءِ سنان جاءِ، شهر جي چوڌاري ڳڙهه واري ديوار ڀرسان ٻهورُخيون عمارتون، اهي سڀ ڳالهيون اُن وقت بيشمار ڌن دولت ميسر هئڻ جي پڪي ثابتي پيش ڪن ٿيون.

سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا وارا ماڻهو ڳئون جو ماس، گوشت، سوئر جو گوشت، ڪُمين ۽ ڪڇونئن جو ماس، تازي ۽ سُڪل مڇي ۽ بيدا وغيره کائيندا هئا. هتان ڪڻڪ ۽ جَوَن جا جيڪا نمونا لڌا آهن، سي ڏيکارين ٿا ته اُهي جهنگلي قسمن جا نه آهن، پر باقاعدي ٻج وجهي، پوک وسيلي پيدا ڪيل جنسن جا آهن. موهن جي دڙي ۾ ڪو به قبرستان نه مليو آهي. اهو ثابت ڪري ٿو ته اُتي مئل ماڻهن جي اگني سنسڪار ڪرڻ جو رواج هئو. اُن کان پوءِ رک ڪلشن ۾ رکي ويندي هئي ۽ اڻ- سڙيل هڏا ٺڪر جي دلن ۾ رکي زمين ۾ پوريا ويندا هئا. ائين به لڳي ٿو ته مئل ماڻهن جا لاش پکين کي کائڻ لاءِ آڇيا ويندا هئا ۽ پوءِ اُنهن جا بچيل هڏا دِلن ۾ وجهي زمين ۾ پوريا ويندا هئا. هتي جي کوٽائيءَ مان جيڪي زرعي شيون مليون آهن، اُنهن مان اِها ثابتي ملي ٿي ته ميدانن تي نديءَ جي پاڻي ڀرجڻ تي آڌار رکندڙ زراعت وارو سرشتو رواج ۾ هئو.

قديم آثارن جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا ۾ في اٺ سؤ چؤرس فوٽن پٺيان هڪ ماڻهو رهندو هئو. موهن جي دڙي جي پوري ايراضي ڳڙهه جي والاريل ايراضيءَ کي ڇڏي، باقي اندازن 55 لک چؤرس فوٽ آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي گهٽ ۾ گهٽ 41,250 ماڻهو رهندا هوندا. ايراضي، آدم ۽ گهرن وغيره جي خيال کان اُتي جي صورتحال هن طرح رهي هوندي. جيئن ته جملي پکيڙ جي فقط هڪ ڀاڱي ٽئين حصي جيتري ايراضيءَ ۾ کوٽائيءَ ڪئي ويئي آهي، ان ڪري هتي ڏنل انگن اکرن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي حصو ٻيو به جوڙيو ويو آهي، جيئن کوٽائي ڪيل ۽ اڻ کوٽائي ڪيل ايراضيءَ ۾ کوٽائي ڪئي ويئي آهي، ان ڪري هتي ڏنل انگن اکرن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي حصو ٻيو به جوڙيو ويو آهي، جيئن کوٽائي ڪيل ۽ اڻ کوٽائي ڪيل ايراضيءَ جي مڪمل انگن اکرن جي ڄاڻ ميسر ٿي سگهي.

هتان مليل ڪلاميه شين جي فطرت جي اڀياس ۽ کنڊرن واري هنڌ جي آڌار تي انهيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن شهر ۾ پيداوار جي ڪم ۾ ڪيترا ماڻهو لڳل هئا. سڀيتائن جي اڀياس ڪرڻ لاءِ هڪ عام مڃيل اصول هيءُ آهي ته ڏسجي ته اُتي کيتيءَ کان سواءِ ٻين ڪمن ۾ مهارت حاصل ڪيل ماڻهن جو تعداد ڪيترو آهي؟ انهن کي وري اتان جي کاڌي جي پيداوار ۾ ڪُُـل ملائي ٿيندڙ بچت جي حوالي سان ڏسجي ته اُها بچت ئي غير کيتيءَ وارن ۽ ٻين ڪمن جي ماهر ماڻهن جي هئڻ جو تعداد طئه ڪري ٿي. کاڌي جي بچت ۾ ڪنهن به سبب ڪري ڪمي اچڻ سان آرٿڪ سرشتي تي ڇڪ پوي ٿي. پوءِ ماڻهو اُتان اهڙن هنڌن ڏانهن لڏي ٿا وڃن، جتي کين گذاري جا بهتر وجهه ملي سگهن.

اهڙيءَ حالت ۾ سماج جو پهريون وڏو ورگ جيڪو لڏ پلاڻ شروع ڪندو آهي، اُهو ڪسانن مان ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنهن وٽ نين غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ جا وسيلا هوندا آهن. اُنهن تي ئي پنهنجن ڪم نه ڪري سگهندڙ ٻارن ۽ ٻُڍن توڙي ٻين ويجهن عزيزن جي پالنا جو ٻوجهه هجي ٿو. ڳوٺاڻي سڀيتا ۾ وري ٻين ڪمن جا ماهر ڪِسانن جي پُٺيان هلن ٿا.

کيتيءَ جا طريقا ۽ اُنهن سان لاڳاپيل ٻيون ڳالهيون سڀيتا اندر گهڻو ڪري اِسٿر جزا ٿين ٿا. انهيءَ ڪري سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا جا جيڪي به هنڌ کوٽائيءَ ۾ لڌا آهن، اُهي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڪافي دور آهن، تنهن هوندي به اُنهن ۾ عجب ۾ وجهندڙ هڪ جهڙائي آهي.

هاڻوڪي پاڪستان جي ڳوٺاڻين ايراضين ۾ زرعي پيداوار جو پندرهن کان ٽيهه سيڪڙو حصو ڳوٺن کان ٻاهر وڪيو ويندو آهي، باقي مقامي ماڻهن لاءِ ڪتب ايندو آهي. گهٽ پيداوار وارن سالن ۾ اهو سيڪڙو اڃا به گهڻو گهٽ ٿي ويندو آهي. ان ۾ شڪ آهي ته کيتيءَ لاءِ ٻوڏ جي پاڻيءَ تي آڌار رکندڙ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا واري زماني ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ڪا اڄ واري وقت کان بهتر ٿيندي هوندي. ان طرح جيڪڏهن اڄ جي حوالي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جا هاڻوڪي زماني وارا انگ اکر استعمال ڪجن ته اُتي هارين کي ڇڏي ٻئي آدم واري ويهه سيڪڙو آباديءَ لاءِ جملي زرعي پيداوار جو اٽڪل هڪ ڀاڱي چار حصو ميسر آهي. اهو مقدار هڪ ننڍو حصو آهي جيڪو ٻوڏن يا ٻين قدرتي آپدائن سبب تمام گهڻو گهٽ ٿي سگهي ٿو. جياپي جي جدوجهد ۾ هاري ٻئي هنڌ لڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، جنهن جي پٺيان ٻيا غير زرعي پيداوار ڪندڙ ماهر به لڏڻ شروع ڪندا. انهيءَ مان اسان کي اهو اهڃاڻ ملي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ واري سڀيتا جي ماڻهن کي اهڙي ئي ڪنهن حالت سنڌوءَ جي ڪناري لڳ ۽ سنڌوءَ کان پري لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو هوندو.

Source:

1. Gregory L. Possehl, Ancient Cities of Indus. Vikas Publications Delhi.

2. Physical Roots of Ancient India, University of Chicago.

 

(5)

سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا ۾ سماجي سرشتو

لنڊن، نيويارڪ، چڪاگو، لاس اينجلس، پيرس، ماسڪو، پيڪنگ، روم ۽ دهلي هن دُنيا جا خوبصورت شهر آهن. انهن شهرن ۾ تمام سهڻا ميوزيم آهن. اسان انهن شهرن جا چڪر لڳايا آهن. سنڌو ماٿري سڀيتا جي کوٽائيءَ ۾ لڌل گهڻي ۾ گهڻيون شيون لنڊن جي برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهن. اُن کان پوءِ دهلي، نيويارڪ ۽ ٻين شهرن جي ميوزيم ۾ موجود آهن. انهن جي موجودگي اهو ثابت ڪري ٿي ته قديم آثارن جا ماهر سنڌو ماٿري سڀيتا کي وڏي اهميت ٿا ڏين. ڪو وقت هئو، جڏهن قديم مصر ۽ قديم يونان جي ملڪن جون سڀيتائون جهوني ۾ جهونيون ليکيون وينديون هيون. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ دنيا ڀر جا عالم هاڻي قبول ڪرڻ لڳا آهن ته سنڌو ماٿري سڀيتا پهرئين نمبر تي آهي. هيءَ سڀيتا اعليٰ درجي جي تهذيب هئي، جيڪا ٻين سڀني ملڪن جي قديم تهذيب کي شهه ڏيئي بيٺي آهي. قديم سنڌ جي ماڻهن، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسان سنڌين جي ابن ڏاڏن پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻيهي وڌو هئو. هنن ڪنهن ٻئي ملڪ تان نقل نه ڪيو هئو. هن وقت جيڪا دنيا جي سڀيتا جي تواريخ لکي ويندي آهي، ته اُها ضرور سنڌو ماٿري سڀيتا جي ساک سان شروع ٿيندي آهي. هن وقت ڪئمبرج، آڪسفورڊ ۽ هارورڊ توڙي ٻين ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ سنڌو ماٿري سڀيتا هڪ الڳ وشيه طور پاڙهي ويندي آهي. سن 1980ع تائين هن سڀيتا بابت فقط انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي اٽڪل سورهن سؤ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي الڳ الڳ لئبررين ۾ موجود آهن.

جيئن ته سڀيتا جي ڪهاڻي سنڌو ماٿري سڀيتا سان شروع ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري اسين سنڌي انهيءَ سڀيتا جا وارث آهيون. اهو سوچي اوهين پنهنجو ڪنڌ فخر ۽ ناز وچان مٿي رکو.

سنڌو ماٿري سڀيتا جي شهرن ۾ سماجي سرشتو ڪن اهڙن حڪمرانن جي هٿ ۾ هئو، جن جو سڄو ڪاروبار قبول ڪيل قاعدن، دستورن ۽ ٺاهيل جوڙجڪ مطابق هئو. پروفيسر پِگٽ جي لفظن ۾ ”اِن جي پنهنجي روزمرهه جي ننڍين ڳالهين کي به صدين تائين جيئن جو تيئن محفوظ رکڻ ۽ اُن جي اهڙيءَ حيرت انگيز دستوربنديءَ مان اِهو صاف ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو ماٿري سڀيتا جو سماجي سرشتو تمام مضبوط ۽ جٽادار هئو.“ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿيو آهي ته اُن جڳهه تي چئن جدا جدا دؤرن جون عمارتون آهن. جاين جي بار بار نئين سِر ٺهڻ جي صورت ۾ گهٽين جي اصلوڪي رٿابنديءَ جي باريڪيءَ سان حفاظت ڪئي ويئي آهي. انهيءَ مان اِهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اُن وقت جي سماج جي سرڪار نهايت ئي طاقتور ۽ مضبوط هئي. ڪنهن کي به سرڪاري زمين هڙپ ڪرڻ جي همٿ ڪانه ٿيندي هئي.

شين کي تورڻ لاءِ تمام گهڻي انداز ۾ وٽ حاصل ٿيا آهن. عجب جي ڳالهه اها آهي ته انهن بيشمار ماپن ۽ وٽن مان هڪ به ڪوڙو ۽ کوٽو وٽ نه مليو آهي. سڀ وٽ سچا ۽ تُز وزن جا آهن. اِهو ثابت ٿو ڪري ته اُنهيءَ وقت جي واپاريءَ جو اخلاق بلند هئو. هو ڪڏهن به ڪوڙن ۽ کوٽن وَٽن کي استعمال نه ڪندو هئو. واپاري پنهنجو واپار هميشه سچن وَٽن سان ڪندو هئو. انهيءَ ڪري عام جنتا کي پوري تور ملندي هئي. تور ۾ ڪا به ٺڳي نه هوندي هئي.

گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ رٿائتي نموني محنت ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ٺهيل ناليون اڄ به موجود آهن. اِهي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته سنڌو ماٿري سڀيتا جا رهاڪو خبردار ۽ قابل نگر واسي هئا. هو ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ڪاروبار گهڻي هوشياريءَ، قابليت ۽ ايمانداريءَ سان ڪندا هئا. هتي اسان کي اناج جا وڏا وڏا گودام به مليا آهن. هڙپا واري علائقي ۾ انهن سان گڏ اناج کي سٽي ڪُٽي صاف ڪرڻ جا ٿلها به مليا آهن. ساڳئي وقت مزورن جي رهڻ جي لاءِ ٺهيل جهوپڙيون ۽ ڪچن گهرن جون ڊگهيون قطارون به مليون آهن. اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته اُن وقت جي حڪومت کيتيءَ جي واپار کي ڪنهن مقرر قاعدي قانون موجب هلائيندي هئي. اِهي سڀ ڳالهيون ملڪ جي پختي ضابطي جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. موهن جي دڙي جي عمارتن مان اُن وقت جي حڪومت جو عڪس ملي ٿو. ڇا اِهي بلند ۽ پڪيون جايون اها ڳالهه نه ٿيون ثابت ڪن ته اُن وقت جي سرڪار هڪ مضبوط سرڪار هئي. اها سڀني کي قاعدي قانون موجب هلائيندي هئي، جنهن جو بنيادي اصول عام جنتا جي ڀلائي هئي. اهڙيءَ سرڪار کي سخت ۽ اڏول سرڪار به ڪوٺي سگهجي ٿو.

سنڌو سڀيتا ۾ گهڻا فيصلا ٿيندا هئا؟ سال ۾ ٻه فصل- ربيع ۽ خريف جا ٿيندا هئا. ربيع جي فصل ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَ ٿيندا هئا. خريف جي فصل ۾ تِرن ۽ ڪپهه جي پوک ٿيندي هئي. انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو فصل فصل ڪپهه جو آهي. انهيءَ جي پوک جو اندازو سوٽي ڪپڙي جي اُنهن ٽڪرن مان لڳايو ويو آهي جيڪي موهن جي دڙي مان هٿ آيا آهن. کيتيءَ ڪرڻ ۾ جيڪي ڌاتوءَ جا اوزار ڪم ايندا هئا، سي ڪهاڙي ۽ ڏاٽو هئا. کوٽائيءَ ۾ جيڪي به ڪُهاڙيون هٿ آيون آهن سي نرم ٽامي جون ٺهيل آهن. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهن کي وڻن ٽڻن ۽ جهنگلن کي ڪٽڻ لاءِ ڪوبه سخت اوزار ڪونه هئو. انهيءَ ڪري جهنگ کي صاف ڪرڻ لاءِ وڻن ٻوٽن وغيره کي ساڙيو ويندو هئو.

سر مارٽيمر ويلر موهن جي دڙي مان هڪ وڏو گودام ۾ هڪ وڏو ڀانڊو ڳولهي لڌو هئو. اهڙو ئي وڏو ڪشادو گودام انهيءَ کان اڳ هڙپا ۾ به مليو هئو. انهيءَ مان پختو اندازو اهو ڪڍي سگهجي ٿو ته اُن وقت جي سرڪار ماڻهن کان ڍل جنس جي صورت ۾ وٺندي هئي. شهر جي عملدارن کي پگهار به جنس جي روپ ۾ ڏنو ويندو هئو. مطلب ته سماج ۾ ناڻي جي ڏي وٺ اڃا شروع ڪانه ٿي ٿئي. شين جي مٽ- سٽ ۽ ڏي- وٺ سان ئي وڻج واپار هلندو هئو. سنڌو ماٿري سڀيتا جا سنڌي ٻين ملڪن سان به واپار ڪندا هئا. هو ڪپهه ۽ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندا هئا ۽ ماڻڪ، موتي، هيرا جواهر امپورٽ ڪندا هئا. هنن جو ايران ۽ ميسيپوٽاميا سان جهجهو واپار هلندو هئو.

اناج جي وڏي گودام جي موجودگيءَ مان اِهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته سرڪاري گودام جي هڪڙي اهميت اها به هوندي هئي ته جڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي پورو نه پوندو هئو يا ماڳهين فصل ٻوڏن ۾ لُڙهي ناس ٿي ويندو هئو، تڏهن سرڪار طرفان گودام ۾ محفوظ رکيل اناج عام ماڻهن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هئو. موهن جي دڙي ۾ وڏي گودام جي فرش واري جاءِ ٻارهن هزار چؤرس فوٽ هئي. اُن جي اونهائي جيڪڏهن ڏهه فوٽ ليکجي ته سڄي گودام ۾ پنجاسي هزار مڻ اناج ماپي ويندو. هر ماڻهوءَ کي مصيبت ۽ مشڪلات جي وقت سرڪار وٽان اٽڪل ٻه مڻ اناج حاصل ٿي سگهندو هئو.

اهڙي شاندار ۽ ڀڀڪيدار سڀيتا کي ڇا ٿيو، جو هن جي تباهي ٿي ويئي ۽ سڄي شهر هڪ کنڊهر ۽ دڙي جي صورت اختيار ڪئي؟ سنڌو درياهه جي ڪري سنڌ ۾ ٻوڏون پونديون هيون. هماليه جبلن ۾ اونهاري جي وقت برف جو تيزيءَ سان ڳرڻ ۽ ساڳئي وقت تي جبلن کان هيٺ ميدانن ۾ زوردار برساتين جو شروع ٿيڻ، سنڌو نديءَ جي پيٽ ۾ جهجهو پاڻي آڻي ٻوڏون ڪندو هئو. سن 65-1964ع ۾ ڊاڪٽر ڊيل نالي هڪ آمريڪي ماهر موهن جي دڙي ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ کوٽائي ڪرائي. هن کي کوٽائيءَ ۾ شهر جي اندر ٻوڏ جي پاڻيءَ سببان لڙهي آيل ريتي ملي. خاڪي رنگ جي ريتيءَ جي موجودگيءَ اُن زماني ۾ اُتي سيلاب جي اچڻ جي پڪي ثابتي آهي. انهيءَ ڪري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هن سڀيتا جي انت جو ڪارڻ سنڌو نديءَ جون ٻوڏون آهن.

اسين سنڌي سنڌو سڀيتا جا وارث آهيون. سنڌي اديب، کوجنيڪ ۽ پروفيسر جيڪڏهن پنهنجو قلم سنڌو ماٿري سڀيتا جي انيڪ وِشين تي هلائين ته هو سنڌي ساهت جي گهڻي شيوا ڪري سگهندا.

(6)

موهن جي دڙي جا رهاڪو ۽

سندن کاڌو خوراڪ

سنڌي ماڻهو کائڻ پيئڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. انهيءَ ڪري هو هميشه سوال ڪندا آهن ته موهن جي دڙي جا رهاڪو ڇا کائيندا هئا؟ ڇا هو ويشنو هئا؟ ڇا هو گوشت کائيندا هئا؟ موهن جي دڙي جي ايراضي گهڻي هئي؟ اُتي جي آدمشماري گهڻي هئي، اُنهن ۾ گهڻا مرد هئا ۽ گهڻيون عورتون هيون؟ کاڌي ۾ ڪهڙيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائيندا هئا؟ ڇا ڪُڪڙ ۽ مُرغيون به کائيندا هئا؟ ڇا بيدا به کائيندا هئا؟ ڇا چانور ۽ آچار کائيندا هئا؟

انگلئنڊ، آمريڪا، روس ۽ يورپ جي قديم آثارن جي ماهرن مٿين سوالن جا جواب ڳولهي ڪڍيا آهن. ديش جي ورهاڱي کي پنجاهه سال پورا ٿيا آهن. ڪاڪي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ ”قديم سنڌ“ نالي هڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، جيڪو 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيل آهي. سنڌيءَ ۾ اِهو نهايت ئي بهترين ڪتاب آهي. اُنهيءَ ۾ ڀيرو مل مهرچند موهن جي دڙي بابت 1947ع تائين ٿيل کوجنائن جو باريڪيءَ سان بيان ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ موهن جي دڙي جي کوجنائن بابت گهڻو اُتساهه ۽ جوش نه آهي. سن 1973ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پريزيڊنٽ هئو، تڏهن سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي سڀيتا بابت انٽرنئشنل سيمينار ڪيو ويو هئو. دُنيا ڀر جا عالم، فاضل ۽ ماهر اچي ڪٺا ٿيا. پاڪستان جي پريزيڊنٽ اُن سيمينار ۾ تقرير ڪندي صاف لفظن ۾ چيو ته موهن جي دڙي جي سڀيتا جي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ لاءِ يونيسڪو کي مالي مدد ڪرڻ گهرجي. انهيءَ مسئلي جو هڪ ٻيو به اهم پهلو آهي. پاڪستان جو وجود اِسلام تي ٻڌل آهي، انهيءَ ڪري گهڻن مسلمانن عالمن جي ويچار موجب سڀيتا جي تواريخ اسلام کان وٺي شروع ٿئي ٿي. هنن جي راءِ موجب اسلام کان اڳ سنڌ ۾ ڪافر ۽ پٺتي پيل ماڻهو هئا، جن ۾ تهذيب ۽ علم، سڀيتا ۽ وِديا جو ڪو نالو نشان به نه هئو. پر حقيقت ۾ ڏسجي ته موهن جي دڙي جي سڀيتا ثابت ٿي ڪري ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ دُنيا جي پهرين سڀيتا جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. جيئن ته اِها اسلام مذهب کان گهڻو اڳ جي سڀيتا آهي، انهيءَ ڪري پاڪستان سرڪار موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ طرف گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي. هن ڪو به پڪو ۽ پختو ۽ رٿائتو قدم نه کنيو آهي. اِها اسان لاءِ نهايت ئي افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته دنيا جي ٻين ملڪن جا ماهر ڏينهن رات موهن جي دڙي جي سڀيتا جو اڀياس پيا ڪن. گذريل پنجاهه سالن ۾ ان تهذيب بابت انگريزيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ گهڻيئي نوان ڪتاب شايع ٿيا آهن. سنڌو ماٿري سڀيتا جا جيڪي قديم آثار ڀارت جي حدن اندر مليا آهن، انهن جي کوٽائي ڀارت سرڪار رٿائتي نموني ڪرائي رهي آهي ۽ اُتان ملندڙ شين جو اڀياس گهڻيئي ڀارتي ۽ يورپي عالم باريڪيءَ سان ڪري رهيا آهن. موهن جي دڙي جي آدمشماريءَ ۽ ماڻهن جي کاڌي پيتي بابت جيڪي نيون حقيقتون روشنيءَ ۾ آيون آهن، اُهي هن ريت آهن:

1. موهن جي دڙي جي سموري ايراضي 55 لک چؤرس فوٽ هئي.

2. اُتي گهرن جو ڪُل تعداد ڏهه هزار چار اٺاويهه هئو. هتي جي رهاڪن مان ايڪيهه هزار ست سؤ ٻيانوي مرد هئا ۽ اُڻويهه هزار چار سؤ اٺونجاهه عورتون هيون. ٻين لفظن ۾ چئجي ته مرد ٻاونجاهه سيڪڙو ۽ عورتون اٺيتاليهه سيڪڙو هيون.

هاڻي اچو ته ڏسون ته موهن جي دڙي جي رهاڪن جو کاڌو پيتو ڇا هئو؟ اڄ ڪالهه جي سائنس جي زماني ۾ هرهڪ ماڻهوءَ کي هر روز اهڙو کاڌو کپي جنهن مان ٻه هزار ڇهه سؤ ڪئلريون ماڻهوءَ کي ملن. انهيءَ اصول کي ڌيان ۾ رکندي عالم ۽ فاضل انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌو ماٿري سڀيتا جو رهاڪو هر روز اهڙا کاڌا کائيندو هئو جنهن مان هن کي ٻه هزار ڇهه سؤ ڪئلريون ملنديون هيون. هن کي روزانو نوَ سؤ پنجهتر گرام ڪڪ، ڀاڄين، ميون ۽ گوشت وغيره جا کاڌي لاءِ ملندا هئا. انهيءَ مان کيس سٺي طاقت ۽ شڪتي ملندي هئي. موهن جي دڙي جا رهواسي ڪڻڪ ۽ جوَ به کائيندا هئا. هو ساوا مٽر ۽ ٻيون ڀاڄيون به استعمال ڪندا هئا. ميون جا به گهڻيئي قسم (جيئن ته ڪيلا، انب، انجير، ڏاڙهون، هنداڻا ۽ کارڪون وغيره) کائيندا هئا. هو گيهه ۽ تِرن جو تيل ڪم آڻيندا هئا. ان وقت کنڊ نه هئي. انهيءَ ڪري هو ماکي کائيندا هئا. موهن جي دڙي جا ماڻهو ويشنو نه هئا. هو ٻڪريءَ جو گوشت، وڏو گوشت، مڇي، ڪُڪڙ، مُرغيون ۽ بيدا کائيندا هئا. کير ۽ ڏڌ به گهڻي چاهه سان واپرائيندا هئا. موهن جي دڙي جي رهاڪوءَ جي روزاني کاڌي پيتي جا ڪجهه انگ اکر عالمن هن ريت پيش ڪيا آهن:

1. ڪڻڪ ۽ جوَ: 477 گرام (1600 ڪئلريون)

2. مٽر ۽ سايون ڀاڄيون: 150 گرام (50 ڪئلريون).

3. ميوا، ڪيلا، انجير وغيره: 17 گرام (50 ڪئلريون).

4. گيهه ۽ تِرن جو تيل: 15 گرام (100 ڪئلريون).

5. ماکي: 34 گرام (100 ڪئلريون).

6. گوشت، مڇي ۽ بيدا: 160 گرام (200 ڪئلريون).

7. کير ۽ ڏڌ: 157 گرام (125 ڪئلريون).

8. ٻيون کاڌي جون شيون: 100 گرام (375 ڪئلريون).

انهن انگن اکرن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو سُکيا ستابا هئا. هو کيتي ٻاڙيءَ جي هنر ۾ ماهر هئا. اُن زماني ۾ چانورن جي پوک ڪانه ٿيندي هئي. اُنهن وٽ ڪُل چوپايو مال (ڍڳيون. ڍڳا وغيره) 8754 هئو. اُنهن ۾ ٽي هزار ڍڳا هئا ۽ ٻه هزار ڇهه سؤ کير ڏيندڙ ڍڳيون هيون.

انسان ذات جي سڀيتا ۽ تهذيب جي تواريخ قديم زماني ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ ايتري بلنديءَ ۽ اؤج تي ڪين پهتي هئي، جيتري سنڌو نديءَ واري ماٿريءَ ۾ پهتل هئي. هرهڪ سنڌيءَ کي پنهنجي آڳاٽي ۾ آڳاٽي سڀيتا تي ناز ۽ فخر آهي.

(7)

سنڌو ماٿري سڀيتا جي ٻولي ۽ لِپي

گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جي ڏسندي ڏسندي سنڌو ماٿري سڀيتا تي جيترو لکيو ويو آهي، سو حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن سڀيتا کي پنهنجو شان ۽ مان، جلال ۽ جس، مهما ۽ واکاڻ، ڌاڪو ۽ پرتاب حاصل ٿيل آهي. انهيءَ ڪري اسان جي من ۾ هميشه سنڌو ماٿري سڀيتا کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ سمجهڻ لاءِ بيتابي ۽ جوش هوندو آهي. اسان کي سنڌو سڀيتا سان نينهن ۽ پريم آهي. انهيءَ قديم تهذيب سان عشق ۽ اُنس آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته زيور هر ڪا پائي، پر ڪا زيور ٺمڪائي به ته ڏيکاري! اڄ جي زماني جي تقاضا آهي ته سنڌي جاتي ترقي يافته ۽ پرگتي ڪيل قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري، نه ته اُها پٺتي پئجي ويندي. هن خطرناڪ ۽ عجيب دؤر ۾ اُها ئي جاتي جيئري رهندي ۽ اُهو ئي ماڻهو آبرومند مقام حاصل ڪري سگهندو جيڪو زماني جي رفتار سان گڏ پنهنجي رفتار به ملائي هلندو.

سنڌو ماٿري سڀيتا جي کوٽائيءَ مان جيڪي مهرون مليون آهن، اُنهن تي چِترن سان گڏ ڪجهه اکر به لکيل آهن. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هتي جا رهاڪو لکڻ جو فن به چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا. اها حقيقت آهي ته ٻولي انسان سان گڏ وجود ۾ ايندي آهي، پر لکڻ جو هنر يا تحرير جو فن گهڻو پوءِ وجود ۾ ايندو آهي. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ ۾ لِڪل آهن اسان جي ڌرتيءَ جون ڳالهيون. موهن جي دڙي ۾ ڇُپيل آهن اسان جي بزرگن جا قصا ۽ ڪهاڻيون. موهن جي دڙي ۾ پوشيدا آهن اسان جي نيڪ مردن جون، سياڻ ۽ سرويچن جون، اديبن ۽ عالمن جون، سندن سوچ ۽ سياڻپ جون، سندن آسن ۽ اُميدن جون، سندن اُمنگن ۽ جذبن جون، سندن ڪوششن ۽ ڪاوشن جون، سندن ڪاميابين ۽ ڪامرانين جون، سندن جيت ۽ هار جون، سندن ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ ۾ لڪل آهن اسان جي ابن ڏاڏن جي محبتن ۽ ميلاپن، ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن ۽ رازن، ڏاهپن ۽ عقلن، طعنن ۽ تُنڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ۽ ٽوٽڪا. موهن جي دڙي جي سڀيتا سڀ کان قديم سڀيتا آهي. اسين سنڌي اُنهيءَ شاندار سڀيتا جا وارث آهيون.

سن 1875ع ۾ هڙپا جي دڙن مان هڪ پراڻي ۽ قديم مُهر لڌي. مهر تي هڪ ڏاند جو چتر هئو. ڏاند کي ڪُٻ يا گڪ نه هئو. ڏاند ساڄي طرف ڏسي رهيو هئو. هن جي ڳچيءَ هيٺان ٻه تارا هئا. مهر جي مٿان ڇهه اکر به لکيل هئا. انهيءَ ننڍي قديم مهر جي حاصلات سان شروع ٿئي ٿي سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لِپيءَ جي تواريخ. هڙپا هن وقت پاڪستان جي پنجاب صوبي ۽ منٽگومري ضلعي ۾ آهي. ڇهن سالن کان پوءِ هڙپا جي دڙي مان هڪ ٻي قديم مُهر ملي. اها پهرين مليل مهر کان ٻئي قسم جي هئي ۽ اُن کان وڏي هئي. مهر تي ڪوبه چتر يا تصوير نه هئي. اُنهيءَ تي فقط پنج اکر اُڪريل هئا. انهن مهرن جون تصويرون انگلئنڊ جي اخبارن ۾ ڇپيون. اُنهن سان گڏ مهرن بابت مضمون به لکيا ويا. انهيءَ سان دنيا ڀر جي ماهرن ۾ اُٿل پُٿل مچي ويئي. اِهي ٻئي مهرون پوءِ برٽش ميوزيم لنڊن جي حوالي ڪيون ويئون. انهيءَ مان ثابت آهي ته عالمن کي قديم مهرن جو علم 1875ع کان وٺي ملڻ لڳو. پر کين اُن وقت اهو علم نه هئو ته اهي مهرون گهڻيون پراڻيون آهن ۽ اُنهن تي ڇا لکيل آهي؟

سن 1920ع ۾ هڙپا مان ٻيون به ٽي قديم مهرون مليون. ڪئمبرج يونيورسٽيءَ 1966ع ۾ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ نالي ڪتاب شايع ڪيو. انهيءَ ۾ هڪ الڳ باب انهن پراچين مهرن تي لکيو ويو. هڙپا ۾ ديارام ساهني کوٽائيءَ جو ڪم ڪري رهيو هئو. ساڳئي وقت سنڌ ۾ راکلداس بئنرجي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري رهيو هئو. اهو دڙو سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي. انهيءَ جي کوٽائيءَ ۾ به پراچين مهرون هٿ آيون. سر جان مارشل هڙپا جي مهرن ۽ موهن جي دڙي جي مهرن کي ماهر جي حيثيت سان جاچيو. انهن ٻنهي هنڌن جي مهرن جي مشابهت ڪئي ويئي. حيرت جي حد نه رهي، جڏهن سر جان مارشل انهيءَ نتيجي تي پهتو ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جون مهرون ساڳيون آهن. هن پوءِ هڪدم لنڊن جي اخبار ۾ مهرن جون تصويرون ۽ انهن بابت هڪ تحقيقي مضمون به شايع ڪرايو. اُهو پرهندي سنسار جي عالمن ۽ فاضلن ۾ هلچل مچي ويئي. مهرن جي اڀياس ڪرڻ بعد عالم انهيءَ نتيجي تي پهتا ته اهي مهرون عيسوي سن کان ٻه هزار سال اڳ جون آهن. برٽش ميوزيم جي ٻن ماهرن گئڊ ۽ سڊني سمٿ سن 1924ع ۾ موهن جي دڙي جي وليءَ ۽ لِپيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اها پهرين ئي ڪوشش چئبي. انهن کان سواءِ انگلئنڊ جي ايل. ويڊل ۽ فرانس جي اَٽرن به ٻوليءَ ۽ لِپيءَ کي سمجهڻ جي شروعات ڪئي. پوءِ ته هر سال دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۾ سنڌو ماٿري سڀيتا جي ٻوليءَ ۽ لِپيءَ بابت جدا جدا ماهرن جا مضمون شايع ٿيڻ لڳا. جي. آر. هنٽر آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو ماٿري سڀيتا جي ٻوليءَ ۽ لِپيءَ تي پنهنجو لکيل مقالو پيش ڪيو. هن پنجهتر مهرن جي مٿان لکيل چترن ۽ اکرن جو اڀياس ڪيو. هنٽر جو اهو ڪتاب سن 1934ع ۾ شايع ٿيو. کيس انهيءَ تحقيقي مقالي تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پي. ايڇ. ڊي. ڊگري عطا ڪئي. انهيءَ يونيورسٽيءَ  جي هڪ ٻئي پروفيسر ايس. لِنگ ڊان به انهيءَ وِشيه تي هڪ ڪتاب لکي ڇپايو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته ڀارت جي پراچين براهمي لِپي سنڌو سڀيتا جي لِپيءَ مان ئي پيدا ٿي آهي. سنڌو سڀيتا جي لِپي چِترلِپي (Pictograph) به آهي ۽ آئڊيوگراف به آهي. هتي اِهو ڄاڻائڻ ضروري آهي  ته موهن جي دڙي جي لِپي ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي. انهيءَ لکاوٽ بابت ڀارت ۾ پراڻناٿ چوپڙا ۽ سوامي شنڪر انند ۽ بي. ايم. بروئا نالي وِدوانن ڏاڍي ڪفاڪشي ۽ کوجنا ڪري پنهنجا عالماڻا ويچار پيش ڪيا آهن. سن 1953ع ۾ فادر هيئرس پنهنجن گهڻن سالن جي اڀياس کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي انهيءَ لِپيءَ بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. پاڪستان ۾ اي. ايڇ داني، اِدريس صديقي ۽ سراج الحق به پنهنجا ويچار ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيا آهن.

سن 1973ع ۾ آمريڪا جي نئچرل ميوزيم طرفان هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويو. لِپيءَ جي ماهرن سامهون ٻه مشڪلاتون هيون. پهرين مشڪلات اِها هئي ته سنڌو سڀيتا جي لِپي ۽ ٻولي پراڻي ۾ پراڻي آهي، انهيءَ ڪري اُن جي ٻيءَ ڪنهن لِپيءَ سان مشابهت ڪري نه ٿي سگهجي. ٻي مشڪلات هئي ته مهرن تي وڌ ۾ وڌ سترهن نشانيون ملن ٿيون. انهن کان وڌيڪ نشانيون ڪنهن به هڪ مهر تي نه مليون آهن. اهي نشانيون اکرن کي ڏيکارين ٿيون. موهن جي دڙي جي مهرن تي اهڙي ڪا به لکت نه ملي آهي، جنهن ۾ ٻه ٽي سٽون يا پورا جملا هجن. انهن مشڪلاتن جي باوجود روس جي ڪن عالمن موهن جي دڙي جي لِپيءَ کي ڪامپيوٽر جي مدد سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجا انومان ظاهر ڪيا آهن. گذريل ويهن سالن کان فنلئنڊ جا به ڪي عالم  انهيءَ قديم ٻوليءَ ۽ لِپيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org