سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 27

 

کين رات جو شاروليٽ ليڪ تي وٺي آيس. ان جڳهه تي جتي ”رڃ ۽ پاڇا“ جا وندنا ۽ ڪمار ويٺا هئا. اتي زبردست سيءُ هو. آڪاش ۾ چنڊ. شاروليٽ ۾ چنڊ. سامهون بينچ تي چنڊ. هڪ وقت ٽي چنڊ. جوڙا چادرون پائي خوابن ۾ گم ٿي ويا. ڪمل ۽ مان آمهون سامهون. الڳ. چپ. هن اولهه طرف منهن ڪيو جتي وادين ۾ چانڊوڪي ۽ گيت تري رهيا هئا. مون اوڀر ڏانهن منهن ڪيو. مٿي چنڊ، هيٺ چنڊ ۽ ٻن چندرمائن وچ ۾ ڪمل جو ٻهڪندڙ مک. اتي ايندي چانڊوڪي وڻن ۾ الجهي، تڙپي. ان جي وٿين مان کسڪي هيٺ ڪري. اسان انهن چانڊوڪين جي لرزائيندڙ ٽڪرين تي پير رکندا اتي پهتاسين. نه کيس چادر، نه مون کي چادر.

مان اٿي هلڻ لڳس. ياد آيم: رابندر ناٿ ٽئگور چيو آهي:

ايڪلا چلو، ايڪلا چلو

اوري اوري اڀاڳا.

اوهه اڀاڳا آهستي آهستي هل. مان ان ڪوتا جي مارگ تي هلڻ

لڳس. واپس موٽي آيس. ساڳي جڳهه تي ويٺس. مان هن جي سامهون ويٺو هوس، پر اها ڳالهه مان کيس سمجهائي نٿي سگهيس. هوءَ چپ. ڌرتي چپ. آسمان چپ. البت هوا جي جهوٽي سان وڻن جي  پنن مان ائين آواز ٿي آيو، ڄڻ تيز برسات ٿي پئي، پر ڪير پسيو نٿي. ان ڏينهن هوٽل ۾ ته گفتگو ٿي، پر ٻئين ٽئين ڏينهن ڪابه گفتگو نه ٿي. شايد هوءَ پنهنجي ماٺ جي وال سان منهنجي تهذيب جي گهرائي ماپي رهي هئي ۽ هن جي ان ماٺ مون کي ٻڌايو ٿي ته هوءَ من ۾ فقط مون تي سوچي رهي هئي. ٻين سان به گهٽ ٿي ڳالهايائين. اسان جي اتي پتي راند ڪئي. بيئر پيتو، هڪ ٻئي سان چرچا ڪيا، پر هن ۽ مون بس جو هوٽل ۾ ڳالهايو، سو ڳالهايو.

آخري ڏينهن سامان ٻاهر ڪيوسين. سڀني چيو ته موهن گهمايو ته ڏاڍو، پر ٿڪايو به اٿائين. ڪٿ پنورما پائنٽ، ڪٿي آلمپيا ۽ ون ٽري پائنٽ. هتي ته کوکا بيئر جا کڻي مهينو  ٻه آرام اچي ڪجي.

عادت موجب مان بنگلي اندر ويس. ڏٺم ته سنان جاءِ ۾ هڪ ڊريس پيئي آهي. ٻاهر کڻي آيس. پڇيومانس، ”ڪمل ڏس هيءَ ڊريس تنهنجي آهي.“

هن مون ڏانهن نهاريو. چيائين، ”ها، اوهان  جي مهرباني.“

چيومانس، ”منهنجو اهو احسان ياد رکج.“

گهر وڃي ڏسان ته چادر گم آهي. ٻئي ڏينهن آفيس مان سڌو هن جي گهر ويس. غلطيءَ وچان چادر هنن وٽ هلي وئي. مان ويس ٿي ته ڪمل چيو: ”ويهو، چانهه پي وڃو.“ گهر ۾ فقط هڪ نوڪرياڻي هئس ۽ ڀائر اڃا ڪم تان نه موٽيا هئس. هن چانهه ڏني ته مون چيومانس، ”تون منهنجي چادر کڻي آئي آهين يا منهنجو  مستقبل؟“

”اوهان ته اهڙيون گهڻيون چادرون وڃايون هونديون.“

”مون کي لڳي ٿو، اها پهرين آهي.“

هن پهريون دفعو مون سان مشڪيو. ٻاهر نڪتس ته چندرو گڏيو. موهن تون؟ هل هل. اها هل هل پورو سال هلي. روز آفيس. روز ڪمل جي گهر. روز رات جو اتي ماني. روز رات جو ٻارهين واپس.

ان وچ ۾، ماٿيران مان موٽي، ٻئي ڏينهن کيس هڪ لنبو خط لکيم،

جو پنجاهه صفحا هو. هفتي بعد ٻيو خط لکيم جو ستيتاليهه صفحا هو ۽ گهڻو پوءِ هڪ ٽيون جو فقط اٺاويهه پر لنبا صفحا هو. اهي سڀ پڪي جلد جون ڪاپيون هن مندر ۾ رکيون آهن ۽ ڪڏهن پڙهندي آهي. ڪڏهن مان به پڙهندو آهيان. مون کيس لکيو ته مون ماءُ کي مڃايو آهي. مان هڪ جڳهه مسواڙ تي وٺندس ۽ پنهنجو گهر الڳ ٺاهيندس. مان غريب آهيان ۽ نه آهيان. مون وٽ آدرشن جي پونجي ۽ ڪلا جي جائدا آهي. هن ڪنهن به خط جو ڪو جواب نه ڏنو، نه ان جو ذڪر ڪيو.

هڪ شام جو کيس نيتا جي ٿيڻ واري ڀاڄائي ديوڪيءَ سان ڏٺم. چيومانس: ”تو ۾ هڪ منٽ ڪم آهي. تون مون سان هلندينءَ؟“ ديوڪيءَ چيو: ”هلڻ ۾ ڪجهه ڪونهي. ڀل هلو.“

مان کيس هل لائين روڊ جي هڪ ڪنڊ تي وٺي ويس. ديوڪي ٿلهي تي ويٺي. مون همٿ کان ڪم وٺي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو، ”مون ڪڏهن فيصلو ڪيو هو ته مان ڪڏهن به شادي نه ڪندس. پر توکي ڏسي فيصلو بدلايو اٿم. هاڻ شادي ڪندس ته توسان، نه ته ڪنهن سان نه ڪندس. مان تنهنجي ها جو انتظار ڪري ٿڪجي پيو آهيان“ مون هن جي ڪلهي تي زور ڏنو، ”مون کي خبر آهي، مان توکي وڻان ٿو. ڇا تون پاڻ فيصلو ڪري نٿي سگهين؟ مون کي جواب ڏي: تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“

”ها.“ ائين چئي هن هٿ هٽايو ۽ ديوڪي سان هلي ويئي.

ٻئي ڏينهن ڀاڻس فون ڪيو ۽ پڇيو ته ڪهڙي گاڏيءَ ۾ ٿو موٽين. مان ڇهين لڳي سندس واچ ايمپوريم ۾ ويس. هن چيو: ”رات اسان فيصلو ڪيو آهي. اسان کي رشتو منظور آهي. پر هڪ شرط آهي.“

”نه، شرط ته مان ڪو منظور نه ڪندس.“

”اسان جي جڳهه جي پاسي کان وڏو پلاٽ آهي. اسان جو پنهنجي ڀيڻ ۾ ڏاڍو موهه آهي. آهي اسان کان ننڍي پر هن اسان کي ماءُ جيان پاليو آهي. تون به ليکڪ آهين، پيو ڪانفرس وغيره ۾ وڃين، پر پٺ جو خيال نه ٿيندو. يار، هي زمانو دوستي ياريءَ جو آهي. اسين ڪابه اچ وڃ نه ڪنداسين.“

مون سگريٽ دکائي ان سوال تي غور ڪيو ۽ کيس ها ڪيم.

جڳهه ٺهڻ ۾ سال لڳي ويو. کين به گهڻو پئسو نه هو، پر مڇيءَ ماني وارا هئا. مان هر شام ۽ سڄو آرتوار اتي. رام دادلاڻي بهتر پگهار جي آڇ ڪئي ته لالائن جي پراڻي نوڪري ڇڏيم. هاڻ فقط هڪ دفتر ۽ ڪمل.

منهنجي پراڻي گهر ۾ هڪ پراڻي تصوير ٽنگيل هئي. اتي منهنجو سنڌ جو هڪ پراڻو فوٽو ٽنگيل هو. اتي جهرڪين پنهنجو آکيرو ٺاهيو هو. جنهن ڏينهن، ٺاهه موجب اها جڳهه ڇڏڻي پئي، ان صبح جو جهرڪيون اهو آشانيو خالي ڪري ويون. فوٽو به هيٺ ڪري پيو ۽ ان جو شيشو ڀڄي پيو.

ان بعد ان گهر ۾ ڪير به ٻن ڏينهن کان وڌيڪ رهي نه سگهيو آهي. چون ٿا: اتي جن آهي، رات جو جن ماڻهن کي ڏڪائيندو آهي ۽ ماڻهو ڀڄي ويندا آهن. ان پاڙي جي هڪ لوڪ ڪٿا آهي. چون ٿا اتي هڪ مهاپرش رهندو هو. پوءِ ڪن بدمعاشن اها مهاپرش کي اتان لوڌي ڪڍيو. ان گهر ۾ ان مهاپرش جي آتما آهي.

اها لوڪ ڪٿا ٻڌي مان کلندو آهيان، ڇو ته اهو ”مهاپرش“ مان آهيان. هو ڳالهه ائين ڪندا آهن، ڄڻ صديون اڳ جي آهي.

بيمار پوڻ جي ٽئين ڏينهن جڏهن ڪمل کي چيم: مون کي ڪجهه ڪونهي، پر ٽيون ڏينهن هيڏي تڪليف ٿي ته چيائين، ”تون خيال نه ڪر. مان به ساوتري آهيان. مان تولاءِ ڪال سان وڙهنديس.“  مون کي هن جو اهو وشواس ۽ اڀمان ڏاڍو وڻيو. مان ڪلاڪار هوس. زندگيءَ ۾ هوءَ منهنجي صلاحڪار ٿي.

موهن ڪلاڪار، ڪمل صلاحڪار، زندگيءَ جو ڄڻ ختم هاهاڪار. هن جون صلاحون منهنجي ادب لاءِ نه هيون. هن ڪڏهن به لکڻ ۾ دستندازي نه ڪئي آهي، نه صلاح ڏني آهي ته هيئن جا هونءَ لک. کيس خبر آهي ته منهنجو لکڻ معنيٰ خاموشي ۽ چانهه. هوءَ گهر جي ڪم ۾ مشغول رهندي يا ڪو ڪتاب رسالو پڙهندي. گيتا ننڍي هئي ته هٿ مان پين ڇڪي ڀڄي ويندي هئي. هاڻ چوڏهن سالن جي وڏي، ڊگهي متاري آهي. ڪو ڪم هوندس ته اچي ڪرسيءَ مٿان ويهندي هئي. ماءُ کي چوندي: ”اجائي وڏائي ٿو ڏيکاري ته مان به لکڻ ڄاڻان.“ کيس خبر آهي ته کيس لکڻ وقت ٽيبل ڀرسان ان جي ڪرسيءَ تي مان ڪنهن کي ويهڻ نه ڏيندو آهيان. پوءِ هوءَ اکين تان چشمو لاهيندي، وري ڀڄندي، ڀلا بنا چشمي مان ڪيئن لکان. ڪڏهن سنان ڪري وار ٽيبل ڀرسان ڇنڊيندي پاڻيءَ جا ٻه چار ڦڙا پني تي ڪرندا. دوست سمجهن مون اهو خط کين روئي لکيو آهي. چوندي پاپا تنهنجا دوست سرڪاري پاڻيءَ کي تنهنجا ڳوڙها سمجهندا. ڪڏهن ڏسان ته پنا غائب. هند سنڌ مان روز ٻه چار جيڪي خط  اچن ته ان ۾ اڪثر هڪ سٽ ساڳي هوندي آهي: ڪمل کي سلام گيتا کي پيار. ايلچي خانن، صوبائي مرڪزي ادبي ادارن يا ٻين هنڌان دعوت ناما اچن ته گيتا چوندي، ٻيا مڙئي گشا پتا لکين، ويٺو سڀني کي بيوقوف بڻائين. ڪير کانئس پڇي: تنهنجو نالو؟ چوندي: گيتا لال. ڪڏهن به ڪانه چوي: گيتا موهن ڪلپنا. بس، دنيا کي اخبارن کي نالو کپي. ان ڏينهن ٽي ويءَ تي کلي ائين پيو ڄڻ اميتاب بچن جو چاچو آهي. نه نه، ڄڻ دليپ ڪمار آهي!

ڪمل ئي منهنجا سڀ خط کوليندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي خط سخت هوندا آهن، ڪي شخصي هوندا آهن. کيس لعل پشپ ۽ ماهتاب محبوب جا خط ڏاڍا وڻندا آهن. لعل پشپ لکندو تون هتي آهين، ماٿيران آهين يا ٻئي هنڌ آهين، حرامي خبر نه اٿم ته ڪٿي آهين. هڪ تون ئي آهين جو هڪ ئي وقت هتي، ماٿيران ۾ ۽ ڪٿي به ٿي سگهين ٿو! هڪ دفعي لکيائين: موهن کي نه ملي ۽ گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ کي ساهت اڪادمي انعام ملي ته لعنت ڏيڻ وارن تي آهي. شاهه لطيف بعد موهن ئي سنڌين جو وڏو ليکڪ آهي. منهنجي پٽ سبوءَ چيو: ڊئڊي، جيستائين موهن انڪل کي انعام نه مليو آهي، تيستائين سمجهندس سرڪار توهان سان چرچو ڪيو آهي. ڪجهه ان طرح هو گهر ايندو. ڪمل سان هٿ ملائيندي چوندو: ڪملا ڪيئن آهين؟ سندس ڪلهي تي هٿ رکي چوندو: هاڻ موهن ۽ مان، وسڪي ۽ گشا. اسين ٻئي ڏاڍا لچا آهيون. رامجي ۽ ٽي ٺڳ. پاڏي کي ڪتو ثابت ڪري ڏيکاريون. پر گنو ٺڳ نه ٿي سگهيو آهي. ماهتاب به سنڌ جي اديبن، رسالن ۽ ڪانفرنس جا اهي تفصيل لکندي، جو ڪمل پئي کلندي. جڳهه ٺهڻ ۾ فقط هڪ سال لڳو. پر گذرندي اهو سال لنبو ٿي ويو. وچ ۾ گنو ٻه چار دفعا اتي آيو. تمام شان سان ڪرسيءَ تي ويهندو. ٽيون چانهه جو ڪوپ پيئندي چوندو: مان ته چاهيندو آهيان سڄو سمنڊ چانهه ٿي وڃي. پوءِ حيدرآباد سنڌ، هر دوار، رشيڪيش ۽ گنگا جون اهي ڳالهيون ڪندو، ڄڻ مهاڪوين جا الڳ ٽڪرا مرتب ڪندو هجي.

دروازو کليل هوندو ته ڪلڪتي مان لکمي کلاڻي بمبئي ويندي، پهرين سڌو مون وٽ ايندو. سڌو اندر. ڪو راڳ جهونگاريندو ايندو. ڄڻ هفتي کان گهر ۾ رهيل آهي ۽ ٻاهر ڪمپائوند ۾ ڇولا کائي اندر آيو آهي. گنو، لعل ۽ لکمي هميشه گيتا لاءِ بسڪيٽ، چاڪليٽ يا ڪو ڪتاب، پين ڪجهه نه ڪجهه کڻي اچن.

اُتم دروازي کان گهڙندو ته هميشه پنهنجو تڪيه ڪلام پيش ڪندو: فلاڻو؟ ڪتي جو پٽ، پئسي جي گپ ۾ ڦاسي پيو آهي. ڪمل جي ماني کائيندي کيس پنهنجي ماءُ ياد ايندي آهي. ڪيرت اڪثر گنڀير رهندو يا وقتي ڪمل سان چرچو ڪندو: هاڻ کيس پنهنجي زلفن جي پيچ و خم مان آزاد ڪر ته ڪجهه سنڌي هلچل ۾ اڳرو ٿئي. مالهي گهٽ اچي، پر اچي ڪڏهن ڀڳونتي ۽ ڪلاڪارن سان.

ڪيترا دوست آهن، جن جا خلوص ۽ شفقتون، رامايڻ کان پياريون، بائيبل کان مٺيون آهن. سنڌ جي سابق وزيراعليٰ خان بهادر کهڙي مرحوم جو ناٺي ڊاڪٽر انصاري، ڪمل جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ادي، اوهان جي قرب اسان کي ماري ڇڏيو آهي. ٻئي سال مان زال کي وٺي ڪار ۾ لاهور وارو رستو وٺي، مهينو اوهان وٽ اچي رهندس.

ابراهيم منشيءَ چيس: ادي، مون ته پاسپورٽ تي ائڊريس ئي موهن جي لکائي. هن لاءِ هڪ اجرڪ آندو اٿم. سنڌ جي پهرين اجرڪ موهن ڪلپنا لاءِ پر توکي ٿو پايان. ۽ پوءِ هن جڏهن ٻه ڪلاڪ پنهنجو ڪلام ٻڌايو ته اکين مان پاڻي وهيو ڪجهه نه، پر لڳو درياهه وهي رهيو هو.

شاهه لطيف جي گادي نشين شاهه نثار حسين لطيفيءَ کيس چيو: مونکي اوهان جي گهر ۾ لڳو ته سنڌ ۾ ئي آهيان. هيءُ گهر سنڌ آهي ۽ اوهان جي شفقت سنڌو دريا آهي. پاڻ ڪار ۽ جيپ ۾ آيو. ست باڊي گارڊ گڏ هئس. سگريٽ دکائي مشڪي ته لڳي لطيف جو شعر پڙهي رهيو آهي. چي: سنڌ اچو. اوهان کي سڄي سنڌ گهمايون.

ماهتاب محبوب ڪمل کي ڀاڪر پائي ملي. ڇا اوهان کي حيدرآباد جا منگهه ياد نٿا پون؟ اچو ته ڀٽ جي ميلي تي قربن جون ڪچهريون لڳايون.

اهي ئي ته اسان جا خزانا ۽ سلطنتون آهن. اسين ان جا بي تاج بادشاهه آهيون. البته ڪي اديب گلائن جا تاڪيا کولڻ شروع ڪن. ڪمل اڪثر اٿي وڃي ۽ مان کلڻ لڳان. مان نٿو سمجهان ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن جي گلا ڪئي هوندي. مان نڪته چيني ڪندو آهيان. جا ڳالهه منهن تي چئي نه سگهان، اها پرپٺ ڪڏهن نه چوان. بلڪ اڪثر منهن تي نڪتچيني ۽ پرپٺ تعريف ڪريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org