سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :2

 

داستان ٻيو

حضرت عشق جي آمد. سودا جي تياري. محبت جي فسونڪاري. راحت جان جو عالم خواب ۾ آرام جان تي عاشق ٿيڻ ۽ جان نثار جو پتي لهڻ لاءِ وڃڻ.

شعر-

پياريو ڀري ساقيا، جام عشق،

ته آسان ٿئي دل تي آلام عشق.

ميسر ٿئي جنهن سان ديدار يار،

لهِي دل مٿان سڀ وڃي غم غبار.

ترار محبت جا ڪٺل، خنجر الفت جا ڦٽيل، گرفتار زلفِ خمدار جا حُسن پرست، شراب محبت جا مَست، عشق جو داستان فرحت بيان هن طرح ٿا قلم کي سپرد ڪن، ته جڏهن راحت جان تي بعد فراغت علم جي ۽ مشقت مشق قلم جي، جوش جوانيءَ جو قائل ٿيو، تڏهن هو شوق شڪار ۽ عشق عاشقيءَ ڏي مائل ٿيو. جيئن ته اڪثرعاشق مزاجن ۽ گهٽيءَ حسن جي محتاجن جو حسن پرستيءَ ۽ عشق جي مستيءَ ۾ سهڻي نظاري خواهه موهڻي مورت ڏي دل جو لاڙو رهندو آهي، ۽ ان جو اُن بانُ پسند ايندو آهي، تن کي بڻڇي نگاهه خنجر آبدار وانگر بي روڪ  ٽوڪ سيني جي آرپار آهي، ۽ طوق ملامت ۽ زنجير خواريءَ جو ڳچيءَ جو ڳهڻو، لُڪڙي ۽ هار آهي. ڪُسڪڻ ۽ فرياد ڪرڻ  اُن مرد ميدان لاءِ بهانو آهي، تير نظر کي سينو سپر نه ڪري، سو مرد نه آهي زنانو آهي. عالم شباب ۾ عشق جو اسباب ڪنهن جي سيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جو ناهي. جتي فصل و بهار آيو، جوانيءَ جو گلذار کليو. حسن جو جهَلڪو ڏٺو، نسيم آه جو سَٽڪو سَٺو، ته ڏِيو عقل جو گُل ۽ بيڪار ٿيو- سامان وحشت جو تيار ٿيو، جنهن کان عاشق مجبور ۽ بي اختيار ٿيو.

عشق ۾ ڇا ڀلا هنر گهرجي،

آه ۾ ٿو ذرو اثر گهرجي.

اڪثر وقت تنهائيءَ جي ۾، جان نثار سان گفتگو ڪندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته ”اي يار دلدار، دل تمام بيقرار، مثل فرار* آهي. جيڪڏهن ڪو ڪو خريدار هٿ چڙهي ته اوڻي پوڻي ناڻي جو تڪرار نه ڪجي، مهانگي سهانگي دل هلائي ڇڏجي. مگر جي قدردان هٿ اچي ته ڪو ڏاڍو رنگ رچي! ڪو چوکو وکروهائجي. دوست کلڻو، من موهڻو، طبيعت جو تيز گهرجي، خفقانيءَ کان خوف، مطلبيءَ کان موشو، ۽ گانڊوءَ کان گوسو ڪجي. هڪ رات راحت جان کي عشق عاشقيءَ جو قصو، ليليٰ مجنون جي رسالي جو پهريون حصو، پڙهندي، غلبو  ننڊ جو چڙهيو. ڪتابُ سيني تي ڌري، ٿڌو شوڪارو ڀري ننڊ جي جهٽڪي ۾ سمهي رهيو.  شمعون، جي ٻري پنهنجوپاڻ ڳري رهيون هيون، رخصت ٿيون. ڪليو قاعدو آهي ته جنهن ڌيان ۾ انسان جي اک لڳي ويندي آهي، اهڙو ئي احوال خواب ۾ ضرور ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

شهزادي کي به خواب ۾ عجب آن بان ۽ شان مان سان هڪ نازنين، حسين مھ جبين، بصد ناز ۽ انداز، ڏسڻ ۾ آئي. ڏسندي اک اڙي، دل لڙي، طبيعت بگڙي.  پاڻمرادو دل ۾ ارادو ڪيائين ته  هٿ کان جهلي، سينو سيني سان ملي، ڳلو ڳلي سان لائي پيار ڪريان. پر ان معشوق پر ذوق ڏاڍي ناز انداز سان شهزادي کي ٿيلهو ڏنو، جنهن جي هيبت ۽ ڌڪي جي دهشت کان درد ناڪ دانهن ڪري جاڳي وري بيهوش ٿي ويو. اهڙي اوچتي هيبتناڪ دانهن تي ٻانهيون، ڪار غلاميون، خواجه سرا ۽ چوڪيدار ڊوڙي آيا. شهزادي کي ڏٺائون ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ صاحب فرش آهي. تمام ششدر ٿيا. ڪن وڃي ملڪھ دل آرام شهزادي جي والده کي چتايو، ته ڪن بادشاهه ذيجاه کي ٻڌايو. بادشاهه خواه ملڪھ اها خبر وحشت اثر ٻڌي، پيرين پيادا افتادا ڊوڙندا آيا. اچي ڏسن ته هٿ پير شهزادي جا سرد، سينو پُر درد آهي. ڪو چوڻ لڳو ”سر سام جو سَٽڪو آهي“ ، ته ڪو چوي پيو ته ”جنڙيءَ جو جَهٽڪو آهي.“ ڪنهن آکيو ته ”پريءَ جو پاڇو آهي“ ، ته ڪنهن وراڻيو ته ”ديو ديوس جو واسو آهي.“ الحاصل، جيترا وات اوتريون باتيون. آخر شاهه جمجاه جي حڪم سان طبي عامل، حڪمت جي فن جا ڪامل اچي حاضر ٿيا. پنهنجي پنهنجي خيال موجب بالا تفاق راءِ علاج ڪيائون. لخلخا سنگهايائون، ترياق فاروقي، نوشدارو، معجون ۽ ياقوتي کارايائون. ڪن نقش ڀريا تهڪن تعويذ لکيا ۽ ٻڌا، پليتا ساڙيا. مگر ڪجهه نه وريو. ويچارن کي خبر نه هئي ته هي مرض لا علاج آه. هت دوا جو نه، پر محبوب جو احتجاج آهي. عشق جي بيمار جي دوا آهي دوست جو ديدار، ان کي ڇا اثر ڪندو شربت دينار! سواءِ وصال يار جي مريض عشق جو ڇٽڻ محال آهي، گويا جيئڻ جنجال آهي، ٻيو فقط اجايو خيال آهي.

بيت –

جنونِ عشق جو دارون دوا درمل نه ڪو ٿيندو،

چئو هيئن چاره گر کي، ”سڀ سندءِ بيڪار تدبيرون!“

گهڻيئي حيلا عقل جا وسيلا هلايائون، مگر شهزادو هوش ۾ نه آيو. ويچاريجان نثاربه گهڻي جان نثاري ڪئي، آخرڪار اچي شهزادي جي سيرانديءَ ويٺو. پنهنجا ٻيئي هٿ شهزادي جي ڳلن تي رکي، پيشاني چمي، اکين مان زارو زار پاڻي وهائي، بلڪل هيڻي آواز سان شهزادي کي سڏ ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير گذرڻ بعد، شهزادي اکيون کوليون، چوڌاري نهاري وري کڻي بند ڪيائين ۽ آهستي اشاري سان جان نثار کي فرمايائين ته ”سڀني کي رخصت ڪريو!“ جان نثار هٿ ٻڌي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ”حضور جن خاطر جمع رکن ۽ سڀني کي رخصت فرمائين.“ حاصل ڪلام، جڏهن سڀئي ماڻهو بادشاهه سيمت اٿي ويا، تڏهن شهزادي راحت جان فرمايو ته ”اي جان نثار، دوست غمخوار، آئون ڀائيندو هوس ته  محبت جي معنيٰ پيار فرحت آثار آهي، پر اڄ معلوم ٿيو ته هن ۾ وڏو آواز آهي، موتمار اگهاڙي ترار آهي. الفت ۾ سُود جي عيوض زيان، بلڪ جان جو نقصان آهي. عاشق لاءِ ته قيامت آهي. اگرچ نفس لاءِ قباحت به نه آهي، بلڪه روح جي خوراڪ به آهي، پر ڪا نصيب جي بازي هئي، دل وحشيءَکي گهڻن ڏينهن کان اها آس هئي، قلب کي ڪا ڍو ۽ پرت جي  پياس هئي ته ڪا سهڻي صورت من کي مست ڪندڙ مورت ڏسجي. سو اڄ رات انهيءَ تات ۾ عالم خواب ۾ هڪ ڌَڄ مَڄ جهڙو چَهَرو ڏسي، دل گهائل ٿي  ۽ طبيعت اوڏانهن مائل ٿي.“ جان نثار عرض ڪيو ته ”شرح وار بيان کي نروار ۽ روئداد جو اظهار ڪريو.“ راحت جان پنهنجو حال جان جو وبال هن طرح احوال ڪيو ته ”اي دوست غمخوار، قصو ليليٰ ۽ قيس جو پڙهندي ننڊ کڻي ويم، عالم خواب ۾ ڏسان ٿو ته هڪ ميدان بيابان ۾ شڪار لاءِ تيار آهيان. سواءِ ذات پاڪ جي ٻي نڪا سنگت آهي نه ساٿ آهي. آڌي رات آهي، ٻيو سڀ خير آهي، فقط چاندنيءَ جو سَير آهي، قسمت  جو ڪو ڀير آهي، جو پَري کان هڪ شهر عاليشان، محل مڪان با ساز و سامان نظر آيم، اڳتي قدم وڌايم، ويجهو وڃي شهر ۾ داخل ٿيس، سُبحَانَ الله! سڄو شهر عجائبات سان معمور، جايون جواهرات سان جَڙيَليون، سرون سون چانديءَ جون، فرش عقيق جا، ميخون مرجان جون، در زمردي، دريون  ياقوت جون: مطلب ته هر محل عجيب رنگ محل، هر مڪان تان ڪبريائي شان عيان آهي، سڄو شهر آباد آهي، هر ڪو دلشاد آهي. سندس رهاڪو نهايت حسين، مڙد توڙي عورتون مھ جبين. هڪ هنڌان تير غمزي جو ڇٽو، هيڏانهن جگر ٽٽو، گلو ڦٽيو، اهڙو جنسار نه ڪڏهين ٻڌو، نه ڏٺو: ڏسين هوند ته چوين ته غيرت ماه آهي، حُسن جو شاهه آهي يا محبوبن جو پيشوا آهي. بازاريءَ کان وٺي هفت هزاري درٻاريءَ تائين، امير توڻي فقير، چانديءَ ۽ سون ۾ غرق آهن. بازار ڪشادي، خلق جي آبادي، رستا صاف سنگ مرمرين،فرش زرڪاري، نهرون پاڻيءَ جون گچڪاري ۽ پاسن تي گلڪاري سدا بهاري، سڀ ڪنهن دڪان تي لکن جو سامان موجود ۽ تيار، دڪاندار خوش پوش هوشيار، خلق جو ازدهام، ايندڙن ويندڙن جي ڌوم ڌام: اهو تماشو ڏسندي، سير ڪندي، شاهي محل جي ويجهائيءَ ۾ هڪ باغ نظر آيم، قدم اندر وڌايم. ٿڌي ٿڌي هوا، باغ خوشنما، موسم بهاري، چوڌاري گلزاري، گل گلاب جي مهڪ، بلبل جي چهڪ، ڊيل جو ٽهڪ، مور جو شور قمريءَ کان زور، ڳيري جي هُو هُو، ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو. ڀلا اهڙو مڪان معمور، پُر سرور ڇڏي، ڪير ڪمبخت ٻاهر نڪري! اڳتي وڌيس ته عجيب قسم جي تياري، جيءَ جياري، قادر جي قُدرت  نياري ڏٺيم. سڙڪون هموار، پاسن کان وڻ ميويدار تيار، قطار در قطار، هر ڪو نئون نهال دوشبدوش، خوش نصيب وارن جيئن هم آغوش، هر قسم جو پکي خوش الحان، بلبل خوش بيان غزل خوان. صحن بلند، چمن دلپسند،  رستا صاف، ڪک ڪچري کان پاڪ. باغائڻيون حسين نازنين، غيرت لبين ۽ چين بجبين. جا بجا نهرون. هر ڪنهن سَرو جي ڀر ۾ ڦوهارو، گلن تي بوندن جو وسڪارو، خوش موگرو هزارو..... اهو چرچو ڏسندو، اڳتي وڌندو هليس. هڪ سبز خِطي ۾ شاميانو زر بفت جو کڙو ڪيل، منجهس فرش ايراني، غاليچا داغستاني پکڙيل، وچ ۾ هڪ تخت طلائي جواهرن سان جڙيل، مٿس مسند نوراني وڇيل. چوڌاري اُن جي تحرير، لعل ياقوت جا گل ٻوٽا بي نظير، جدول جي لڪير. چوڌاري  حوض، جنهن جي چئن گوشن تي ڦوهارا، جن مان وَهِي ٿي گلاب، چنبيلي، ڪيوڙو ۽ مگرو جي ڌارا. زمين سبز ميناڪاري. مسند تي تڪيو بلور جو هو. تخت تي صندلي جواهر نگار پيل، جنهن تي هڪ نازنين پدمني، مرگهه نيني ويٺل، جنهن کي ڏسندي سحرجادو جو گمان ٿئي، ۽ بيخوديءَ جو سامان ٿئي. جيڪر هزار بار درياءَ نور جي ۾ ٽٻيون ڏيئي، زبان مشڪ سان ڌوئي، اهڙين سؤ زبانن سان ان جي حسن جي وصف بيان ڪريان، ته به نا تمام آهي. ڇو جو عقل ”عاجز“ جو خام آهي، شمع نور چوان، يا جلوهء طور چوان، پري انسان برابري نه ڪري ذري حور پنهنجي حسن جي غرور جو قصور مڃي مٽ مور نه اچي. عمر چوڏهن سال، جمال با ڪمال، وه واه سندس خدو خال، جنهن جي پهرينءَ نظر ۾ دين ۽ ايمان جو سوال! هُتي حسن تي ناز انداز هو، هِتي طبيعت ۾ اعجاز هو. اُهو محبوب خوبصورت ڏسي، بي اختيار اوڏاهين وڌيس. عرض ڪيم ته ”پرواني تي به ڪا نظر جي عنايت ٿئي!“ ائين چئي پنهنجا ٻيئي هٿ کڻي، کيس سوال ڪرڻ لڳس:

غزل-

حسينن جا سرتاج اي مھ لقا،

سلامت رکي  حسن تنهنجو خدا!

لٽيئي صرف عاشق جي دل جو متاع،

متاع، جنهن کي سمجهو ٿي مون بي بها.

ڏجان دل کان ساق ڪو جام شراب،

جو گل جيان زماني کي ناهي بقا.

لٽي وئينم دلڙي مون کي ناهي غم،

سَندءِ زلف ڌاران نه ٿس جاءِ ڪا.

سندم آه جو تير وسندو پري،

رسي جنهن کي ان کي نه پهچي دوا.

سڄڻ کي سموريون سريون نعمتون،

عجب آه اهڙو جو نه آهيس وفا.

مثل مھ منورجي ٿيو ماهرو،

ڪجا شاه خو بان، هي ”عاجز“ ڪجا.

”اُن نازنين غور سان منهنجي صدا ٻڌي، مشڪي بيپرواهيءَ سان مننجو هٿ وٺي جهٽڪو ڏنو، جنهن کان پاڻ سنڀالي نه سگهيس، آه ڪري، غش کائي،  ڪري پٽ پيس. اُن ڌڪ جي صدمي سبب ننڊ مان سجاڳ ٿي، جان اکيون کوليان ته نه اُهو گلزار باغ بهار آهي، نه اُهو دل جو دلدار آهي. هي آستانو مثل  ويرانو آهي. فقط تير عشق جو سيني مان پار آهي،  جنهن کان دل بيمار آهي.هاڻي ڪيترو ئي پاڻ کي سمجهايان ٿو ۽ دل وندرايان ٿو ته ”اي ڪمبخت هي به هڪ خواب آهي يا خيال آهي، پوءِ ڇو جان تي جنجال آهي! ماڻهو ڇا چوندا، اهو احوال ٻڌندا ته چريو سودائي سڙيو ليکيندا. هٿن ۾ هٿ ڪڙيون، پيرن ۾ ٻيڙيون، ڳچيءَ ۾ ڳٽ ۽ چيلهه ۾ سنگهرون ڍڪائيندا. ٻڌاءِ ته  پوءِ ڪهڙي شاهي رهندي، ڪهڙي وڏائي؟،

پر دل نٿي ٻڌي، ورندي ٿي ڏئي ته اِهي ته حضرت عشق جا ڳهڻا، هار، گل ڦل ۽ ويس وڳا آهن. جي عاشق جي سونهن ۽ مرتبو دوبالاڪرڻ لاءِ حضرت عشق خاص نوازش ڪندو آهي. اي ديوانا، ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا ته عاشق جا بانا آهن! ، افسوس، مرض لا علاج ٿيو، جو نه حڪيم جو احتجاج، نه دو اجو محتاج ٿيو! هاڻي ڪيڏانهن وڃان، اهو درد ڪنهن کي سليان؟ موت جيڪڏهن هٿ سان حرام نه هجي ها، ته جيڪر هن جاڙ جيئڻ کان خنجر هڻي يا زهر پي  مرجي ها.

بيت-

صدمي فراق يار کان بهتر ٿيو موت آه،

کائي مران مان زهر، مگر سو حرام موت....“

جان نثار عرض ڪيو ته ”اي دوست، اي شهزادا، عاشقن وٽ خنجر سان يا زهر سان مرڻ  مرديءَ ۾ داخل ناهي.... انهيءَ ڪم ۾ ڇا حاصل آهي؟ جَامِعُ المُتَفَرقَينِ ان جو نالو نرالو آهي. دلدار جو وصل ان جي اڳيان سهل آهي، جيتوڻيڪ خواب خيال بي اعتبار آهي، ته به ان جي دربار ۾ اميدوار رهجي. جيڪڏهين عمر برقرار ۽ حياتي پائدار آهي، ته يار درڪنار درد برڪنار آهي. هن  جان نثار کي موڪل ملي ته انهيءَ گمنام بي نشان جو پتو لڳائي، ڪنهن طرح سان محبوب ملائي ته رنج دور ٿئي، دل مسرور ٿئي، فضل خدا جو شامل حال ٿيندو، ته پتو لڳي ويندو، جي انسان هم جنس هوندو، ته ان جو مطيع ڪرڻ به آسان ڪندو. جي هوندي پري ته به همت نه هاريندس ذري. کيس ڌتاري، شيشي ۾ اتاري بند ڪندس، هن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪو ڇند ڪندس.

بيت __

پهڻ ٿي پاڻي پوي، آهم اثر تقرير ۾،

آدمي ٿيو آدمي، ايندي پري تسخير ۾.

راحت جان چيو ته ”اي جان نثار اگرچ هن بيڪسيءَ ۽ تنهائيءَ ۾ تنهنجي جدائي ناگوار آهي، مگر ڇا ڪجي- دل تي جو آزار آهي، سو مون لاءِ سراسر بار آهي، تنهن ڪري اُن تي به اِهو جبر ڪريان ٿو، ۽ تنهنجي موٽڻ تائين صبر ڪريان ٿو، هاڻي تيار ٿي ڪم تي وڃ، سگهو سِڌار ۽ وفا جو ثبوت ڏيکار، بسم الله، في امان الله- جلد ڪو پتو  ڪڍ، ۽  ڏي ڪو ڏڍ، رات ۽ ڏينهن ڪاهج، ويلو نه وڃائج، تنهنجي اچڻ جي اُميد ۾ دل بهلائيندس، طبيعت وندرائيندس. جيڪڏهن خدا مطلب حاصل ڪيو ته بهتر، نه ته لاچار دل بي اختيار آهي، پوءِ جيئڻ بيڪار آهي، جنهن کي معشوق جي  ديدار سان سروڪار آهي، اُهو سدائين بيمار، ان جي حياتي بي تار، بي اعتبار آهي.“

 

ٽيون داستان

جادو بيان: جان نثار جو  موڪلائي وڃڻ، شهر مَينَو سواد ۾ پهچڻ، شهزاديءَ جان جهان تي عاشق ٿيڻ، جادوءَ ۾ گرفتار ٿيڻ، ۽لڙائيءَ ڪرڻ بعد بامراد موٽي اچڻ.

شعر-

ڪٿي آهين اي ساقيء خضر دم،

ڪريو هاڻ ”عاجز“ تي نظرِ ڪرم!

ڏيو  جام ڪو رشڪِ آبِ حيات،

ته ظلماتِ غم کان وٺي دل نجات!

الفرض جان نثار، عاشق جو غمخوار، معشوقن جو طلبگار، حَسينن جو غلام، حُسن پرستن جي امام راحت جان کان رخصت وٺي، دل داغيل، جگر گهايل، هڪ طرف ڏي روانو ٿيو. پنج منزلون ائين ئي ڪاهيندو هليو. پاڻ به نيرانو ۽ گهوڙي کي به نه گاهه نه داڻو- بک ۾ گهوڙي جدائي ڪئي، پياده پائي پيش آئي. هلندي ڪهندي، منزلون ڪندي،سوين ڪوهه جهاڳي، اُتي وڃي رسيو، جتي آسمان جون رنگينيون ميٽجي ويون، ڪنڊن  سان تريون ڦٽجي پيون، پير ڦلڻا، جگر ڇلڻا ٿي پيو: هڪڙي عزيزن جي جدائي، اُن تي طره تنهائي، وري مٿان  پياده پائيِ سر تي آئي. ظاهر آهي ته جنهن کي سر سان لڳي هوندي، تنهن کي خبر آهي. بي خبر کي ڇا اثر آهي! حاصل  ڪلام، جان نثار با چشم اِشڪبار، مرندو جهرندو، بُکن مان ڍَؤ ڪندو، نيٺ هڪ شهر نَحُوست اثر ۾ اچي پهتو. ڇا ڏسي، سبحان الله، محل مڪان عاليشان، رستا سٿرا صاف، ڪشادي بازار،  هر ڪنهن دڪان تي، جاءِ بجاءِ، هر جنس هر وکر تيار، وڪڻندڙ ويچيندڙ بيشمار،ڪو پيادو ڪو هسوار،  حيوان کان انسان تائين، پيرمرد کان جوان تائين، تماشائي توڻي وڻجار، اصلي صورت، مگر پٿرجي مورت آهن، جان نثار اهو تماشو بي تحاشو ڏسي، هيبت ۾ اچي ويو. نيٺ دهشت جهلي، هڪ  ٻن تي هٿ رکيائين،جيئن ڏٺائين، تيئن سمجهيائين ته هي شهر جنات جو آهي، يا ڪارخانو طلسمات جو!آخر سير ڪندو، گهمندو ڏسندو اڳتي هليو، کيس هڪ شاهي گَس مليو. سامهون هڪ شاهي محلات ڏٺائين، اوڏانهن رخ رکيائين. ويجهو پهچي چوڌاري نهاريائين. مٿي ڏٺائين ته محلات جي هڪ دريچي ۾ هڪ عورت بلڪل حسين، مھ جبين، ناز انداز سان، مگر ڪجهه ملول خاطر، ويٺل ڏسڻ ۾ آس ويچاري جان نثار، تڪليفن جي شڪار، گويا جيئڻ کان بيزار جو، هڪڙي ئي ديدار سان، ڪم تمام ٿيو، عاشق ڇا بلڪ بيدام غلام ٿيو. سلام ڪيائين، وري هي ڪلام ڪيائين.؛

بيت –

هميشھ چوندا هئا ”الفت آهي زشت نصيب“

اسان کي تنهجي گهٽيءَ ۾ ٿيو بهشت نصيب!

اُن نازنين، صاحب جمال، با ڪمال، مرڪي چيو ته ”اي پنهنجي جان جا دشمن، موت جا طلبگار، ڇو مرڻ تي تيار ٿيو آهين! جي هن شهر بد اثر ۾ سر ڏيڻ جي آس رکي آيو آهين ته بهتر، اُها آس جلد پوري ٿيندي، سسي ڌڙ تان لهي ويندي، ورنه هتان پري ٽر، ڪو هوشڌر، جلدڪر، مٿي تي پير رکي پُر، لڪي ڀڄي نڪر، هي شهر ويرانو، منجهيل ۽ واٽ ڀليل لاءِ قيد خانو آهي. مون کي تنهنجي جوانيءَ تي رحم ٿو اچي، تنهن لاءِ توکي خبردار ڪيو اٿم، آئينده مختيار آهين.“ جان نثار اکيون ٻوٽي، گفتگو جوٽي، چيو ته ”اي ذره نواز، سراپا ناز، اوهين آسمان تي هوائي، آءُ زمين تي توائي، ٻئي پاسي سفر جي ماندڪائي.“

ڪنن تي هٿ رکي  چيائين ته ”ٻوڙو به آهيان، جنهن ڪري هوش به پورو نه اٿم، ۽ ٻڌي به پورو ڪو نه ٿو سگهان. جيڪڏهن ڪجهه فرمائڻواَٿَوَ ته پاڻ وٽ گهرايو، پوءِ ڪجهه سڻايو.“ نازنين دل ۾ سوچيو ته ورهن کان پوءِ،انسان جي بوءِ آئي اهي، خدا صاحب اهڙي سهڻي صورت، ملوڪ مورت پسائي آهي. من ڪو حيلو ۽ ڇوٽڪاري جو، وسيلو پيدا ٿئي. ازان سواءِ، جان نثار به حسن ۾ آفت روزگار هو، ٻيو وري حضرت عشق جو اسرار هو. شهزادي به هزار جان سان جان نثارتي فدا ٿي، اسير دام تزويرٿي. ڪمند دلبند اڇلايائين، جان نثارتي ڄار وڌائين، ڇڪي مٿي محلات ۾ آندائين. جان نثار، گفتگو ۾ هوشيار، رند بي باڪ، دامن پاڪ، چست ۽ چالاڪ هو. رمزدار ڳالهيون ڇيڙيائين. محبت جو دام پکيڙيائين، شهزاديءَ جي دل ورتائين، جا هزار جان سان قربان، خريد بي دام ٿِي. جان نثار شهزاديءَ کان تنهائيءَ ۽ ساري شهر جي هيڻائيءَ جو حال پڇيو. شهزاديءَ چيو ”اي جان، آءٌ ننگ خاندان، پنهنجي ڪئي تي پشيمان، ڪا گهڙي مهمان آهيان. آءٌ هن شهر جي شهزادي، ۽ باعث بربادي، آهيان. نالو جان جهان اٿم. هن شهرکي، مَينَو سواد، سدا آباد، چوندا هئا. جنهن ۾ منهنجو پيءُ، بادشاهه جان عالم نالي، سدائين دلشاد با مراد، هر غم ۽ اندوهه کان آزاد، راڄ ڪندو هو، قضاڪار، هڪ دفعي شهر يار سخت بيمارٿيو. حڪيم حاذق علاج کان عاجز ٿيا. هوڪو پئجي ويو ته جان عالم بيجان، موت جو سامان ٿيو. هر ڪو ذي روح پريشان ٿيو. مگر سڪرات جي وقت، هڪ شخص وارد ٿيو. فقيري صورت، شيطاني  سيرت جان لُوس نالي ظاهرٿيو. خدا وند واحد شاهد آهي ته ڇا پڙهي دم ڪيائين، جو  شهريار عالي وقار يڪدم تندرست، اڳئين وانگر چست ٿيو. غسل صحت جو ڪيائين، درٻار ڪوٺايائين، جنهن ۾ جان لُوس منحوس فتنهءِ نفوس، کي به سڏايائين، حڪم فرمايائين ته ”گهر جيڪي گهرين.، ان فقير بي پير، جاڻ لوس ديوس، چيو ته ”اي بادشاهه ذيجاه ”جان جهان“ ٿو گهران!“ شاهه ڪاوڙ کان ڪنڌ ورايو، جلاد کي فرمايو ته  ”هن گستاخ قُر مساق جي گردن اُڏائي وڃي.، انهيءَ حڪم ملندي ئي، جلاد پنهنجي ڇريءَکي توري، ڪنڌ تي رکي، جان لوس ديوس ڏي وڌيو ۽ چوڻ لڳس ته ”تو ناحق ملڪ الموت کي سڏيو، هاڻي نه ٿي ماندو، آءٌ هڪ ئي ڌڪ سان ڀڃي گڙ گانڊو، ڪندوسانءِ هيڪاندو.“ جان لوس منحوس فقير نه هو، پر ڪو ساحر بي پير، فن سحر و ساحريءَ ۾ بي نظر هو. هوڏانهن جلاد تيز رفتار، هٿ ۾ ترار کڻي وريو. هيڏانهن هن منتر پڙهيو، جنهن هي گهاٽ گهڙيو، جو سڀ درٻاري، شهري بازاري، خواه ٻهراڙي،  انسان توڻي حيوان، پرندا خواه درندا، جو جتي سو تتي، سواءِ هن هڪ نڀاڳيءَ جي، پنڊ پهڻ ٿي پيا. در حقيقت هو گبرناهنجار بدڪار، فقط جان جهان جو طلبگار هو. محبت جي پاس نه ڪيائين، ري  وسواس سارو شهر ناس ڪيائين، ۽ مون کي اداس ڪيائين.  جڏهن آءٌ ڪمبخت، دل سخت هيڪلي رهيس، تڏهن بدحواس ٿي ملعون محلات ۾ آيو. ان جي شڪل ڏسي، غش ٿي، اصل بيوس ٿي ويس: رنگ زرد، بدن سارو سرد، ساهه سڪي ويم، چلڻ چڪي ويم، ان وقت ڪو خنجر هڻي، ته رت جو ڦڙو نه ڇڻي. ڪو وقت ته اها حالت رهي، آخر غيرت کان پاڻ سنڀاليم، ۽ مجنون وانگر پاڻ کي سودائي، ديوانو توائي بنايم، هُن نادان ڄاتو ته مون کي ڪنهن جن يا پريءَ جو پاڇو آهي، جنهن کان هي حال ٿيو آهي. سو ويهي سحر جو شور، جادوءَ جو  زور ڏيکارڻ لڳو. مانهن جا داڻا پڙهي اڇلايائين، سوين حيلا هلايائين، مگر ڪجهه نه وريو. ڀلا هتي ته هٿرادي جن ڀوت جو آثار هو، سو جادو ڇا بلڪه اسم اعظم سان به لهڻ دشوار هو. آخرڪار جک ماري، سرڳاري، لاچار ٿيو، ويو هليو. آءٌ هن عمر ۾، هن وحشت جي گهر ۾ بي يار مددگار، نه مونس نه غمگسار، مثل خاطي گنهگار  جي، گرفتار آهيان. ڏينهاڻي شام، اچڻ جو انجام، مقرر اٿس. بلا ناغي، بي دغدغي اچي، پريان ويهي بڙ بڙ ڪري ۽ ڪجهه پڙهي ۽ ڪجهه ميوا ۽ پاڻي هتي رکي هليو وڃي. آءٌ هن هيڪلائيءَ ۾ پيءُ ماءُ جو غم کائي جيان ٿي، حياتيءَ جاڏينهن ڪٽيان ٿي، افسوس، جيئڻ جنجال آهي، جان و بال آهي!“ جان نثار ته اڳي ئي جيئڻ کان بيزار هو، تنهن اهو حال پرملال ٻڌي سر ڏيڻ لاءِ تيار ۽ پاڻ تي مرڻ هموار ڪيو. غيرت ۾ اچي لاحول پڙهيائين، تلوار ڪڍيائين،  ۽ هي ڪلام ڪيائين ته ”جادوگر ڇا بلا آهي، ڏسان ته منجهس ڪهڙي ڪلا آهي! فضل  باري شامل حال ته هن جو پهچڻ محال آهي. انشاءَ الله ضرور اهو منُهم سٿر ڪندس، ان کان هرگز درگذر نه ڪندس. اهو جادوگر ماري، تو تان آفت ٽاري، دل ٺاري، توکي ان جي ڦندي مان ڇڏائيندس، پاڻ ملهائيندس!“ جان نثار اها لٻاڙهني، مُڇون مُنڊي، ڏاڙهي ڇنڊي، ترار کڻي اُٿي هليو. شهزاديءَ هن کي هٿ کان جهليو، چيو ته ”شال خدا پناهه ڏئي! هو گمراهه، جادوگرن جو بادشاهه آهي. جنهن وقت اچي ٿو ته دهشت کان در ديوار  دهليو وڃن. انهيءَ خيال بيحد محال تان درگذر ڪر، هوش ڌر، وڃي پنهنجو ڪم سرانجام ڪر، مون کي مفت بدنام نه ڪر، هيڏانهن به ته ڪو خيال ڪر.“ جان نثار بي حجاب ٿي هي جواب ڏنو ته ”اي جان جهان، تنهنجي قدم تان سر قربان، هيءُ آهي محبت جو نشان. مون کي قسم آهي تنهنجيءَ جان جو، اها تنهنجي بيپرواهي، سراسر ڪج ادائي  آهي. مون کي قسمت آزمائڻي آهي، تو تان مصيبت لاهڻي آهي. حق وارن کي خدا جي حمايت حاصل آهي، پوءِ ڇا ٿيو جي ديو مقابل آهي؟ آءٌ انهيءَ کي ماريندس، تو تان  آفت ٽاريندس، عاشقيءَ جو نالو اُجاريندس!“ شهزاديءَ جان جهان گهڻو ئي جهليس ۽ پلئه پائي پليس، پر جان نثار هڪ به نه ٻڌي. ترار زهردار ۽ خنجر آبدار ڪمر سان ٻڌي، ترڪش ۾ تير بي پير، ڪلهي ۾ ڪمان، موت جو سامان، سپر سيني ڪري، توڪل خدا تي ڌري، اُٿي روانو ٿيو. جان جهان ويچاري، درد جي ماري، دل زار بنهه بيقرار ڏسندي رهي. غرض ته جان نثار اڃا محل کان لهي، سنڀري سهي، شهر کان ٻاهر مس پهتو، ته اوچتو هوا جو طوفان کڙو ٿيو. هڪ طرف کان هڪ سياهه بادل چڙهندو  نظر آيو، ڏسندي ڏسندي سڄي آسمان ۾ ڇانئجي ويو، گوڙ جا گڙڪاٽ وڄ جا چمڪاٽ ٿيا. هڪ وڏو ڌڪاءُ ٿيو، جنهن جي دهشت ڏهڪاءُ وڌو. ڪڪر ڏريو، منجهانئس تخت آتش ڍريو، جنهن تي هو ساحر، فن سحر جو ماهر، فقيري لباس ۾ ظاهر ٿيو. زمين تي پهچي، تخت تان لٿو، محلات ڏانهن قدم وڌايائين، جان نثار هن جي هيبتناڪ صورت ڏسي دهلجي ويو. وري به پاڻ سنڀالي ترار ڪڍي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. ڪمان ڪلهي تان لاٿائين، منجهس تير چاڙهيائين، جادوگر کي للڪاريائين. جادوگر ڪنڌ ورائي ڏٺو. هيڏانهن تير ڇٽو، جادوگر مُٺو. جلدي ڪيائين، هٿ کنيائين، چمڪو ٿيو، تير جليو، جادوگر کليو، جان نثار تلوار ڪڍي وريو، جادوگر مٽي کڻي منتر پڙهيو، جان نثار ڏانهن اُڇليو، نئون گل کُليو، غبار ٿيو جنهن ۾ جان نثار غار ٿيو. کن بعد غبار ٽريو، وزير زادو ٺريو، هيٺيون ڌڙ پٿر مٿيون ڀڙ ٿي پيو... ويچاري انسان ضعيف الحال جو ڇا احوال آهي، هن بي پر و بال جي ڪهڙي مجال آهي، جو تقدير جي اڳيان ڪجهه ڪڇِي پڇي سگهي! هڪ رات جان جو خيال، ٻيو پنهنجي گرفتاريءَ جو ملال- جان جهان جي دُوري، ڻيو وري  درد مهجوري، رقيب جو ظلم ۽ ستم، عجب غم اَلَم،- هٿ کڻي شاهي محلات ڏي نهاري، وڏي سڏ پڪاري، چوڻ لڳو ته ”اي جان، تو تان قربان، تنهنجي عشق ۽ محبت ۾ سر ڏيڻ کان انڪار نه ڪيم، بي تڪرار مرڻ اختيار ڪيم، افسوس! بلا ۾ گرفتار، بيوس لاچار ٿيس.“

۽ بلڪل ڏک ۾ ڀرجي هي غزل پڙهيائين؛

غزل -

عشق ۾ حاصل ٿيو آزار، قسمت کي چوان!

دوستن جو دور ٿيو ديدار، قسمت کي چوان!

جنهن جي ڪارڻ هيڏيون سختيون سهايم سر مٿي،

بند ۾ بيوس ٿيس لاچار، قسمت کي چوان!

هڪ وطن کان دور، ٻيو جنهن ۾ رهيو ٿي آسرو،

هاءِ تنهن کي ناه ڪو اختيار، قسمت کي چوان!

هو ته بيوس هو اڳيئي، منهنجو وس ويندو رهيو،

ڪير آهي جو ٿئي آڌار؟ قسمت کي چوان!

يا الله العالمين، ڏي غيب مان امداد ڪا،

آه مشڪل منهنجي سامهون تار، قسمت کي چوان!

عاجزيءَ سان آه ”عاجز“ جي اها ٿي التجا،

ڏينهن ڏکن جا مون مٿان تون ٽار، قسمت کي چوان!

ويچارو جان نثار ڪي ڏينهن مجنونءَ وانگر انهيءَ بر ۾ اُڃيو بکيو پيو هو. رات ڏينهن پنهنجي پروردگار جي دربار ۾ پيو التجا ڪندو هو ته ”اي ڪريم ڪارساز، بنده نواز! تون ئي رحمت ڪندڙ دکُ مٽيندڙ آهين، تو کان سواءِ ڪو به سڏ ٻڌندڙ ڪو نه آه، تون پنهنجي فضلَ ڪرمَ سان هن بلا مان آزاد ڪر، ۽ هن جادوگر بي پير، جنهن کي هن سڄي ملڪ برباد ڪرڻ تي ذرو به ترس نه آيو، تنهن کي ذليل ۽ خوار ڪر. آخرڪار، ڪنهن مدت پڄاڻان سندس آه و زاري اثر واري ٿي. هڪ رات جو خواب ڏٺائين: هڪ پير مرد سفيد ريش، نوراني ويس آيس پيش، جنهن پٺي ٺپري هٿ بدن تي گهمائي، سيني سان لائي، دلداري ڏيئي، فرمايو ته ”سڏ تنهنجو رب العالَمين اُونايو. هاڻي ڪو فڪر نه ڪر، دل جمع ڪر، احوال ظاهر ڪر، جو مون کي ڪم سرانجام ڪرڻ لا حڪم مليو آهي.“جان  نثار عرض ڪيو ته ”اي پير، نيڪ تصوير، جيڪڏهن اوهان کي بارگاه ايزديءَ مان اهڙو  حڪم حاصل آهي، ته ضرور منهنجو ڪُلي حال روشن هوندو. زياده عرض ڪرڻ بي ادبيءَ ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا حاصل آهي!“ اها ڳالهه ٻڌي، پير مرد ٻه لفظ ”اسم دعا، جا سيکاريس ۽ فرمايائين ته ”موليٰ مدد ڪري، ته اهو ڪلام جادو سحرکي رد ڪري، باقي ٻيو ڪم راحت جان جي سر تي منحصر آهي، فقط ايتري خبر آهي ته ”آرام جان“ نالي شهزادي، جان جنان جِي ملڪ جي، خواب ۾ ڏسي بي تاب ۽ مفتون ٿيو آهي: ڪوه قاف جي اڀرندي کي قريب، اهو شهر عجيب آباد آهي. ان کان وڌيڪ ڪهه چوڻ جو  حڪم نه آهي.“ ائين چئي، نوراني صورت بزرگ غائب ٿي ويو. جان نثار خوشيءَ مان اڇليو، جنهن ڪري خواب مان بيدار ٿيو. تمام شاد، ۽ لفظ دعا جا ياد هئس، جهٽ پڙهي پاڻ تي دم ڪيائين ته جادوءَ جو اثر جسم کان صاف ۽ ڪُل درد غم  معاف ٿيو- بدن جي ڳورائي دور، دل مسرور ٿي. صبح ٿي چڪو هو، محلات ڏي رخ نه ڪيائين، بلڪه  هي پهه پچايائين ته اول جادوگر ماري، اها آفت ٽاري، پوءِ منهن ڏيکاريندس. اهو خيال ڪري، هڪ طرف تلاءَ تي آيو. هٿ منهن ڌوتائين، نفل دوگانه شڪريي جو ادا ڪيائين. انتظار۾ ويٺو رهيو ته جادوگر اچي، ته ان  سان مقابلو مچي. الغرض سج لڙيو، ساڳيو ڪڪر چڙهيو، طوفان وريو، جادوگر ڍريو... جان نثار هڪ هيبتناڪ هڪل ڪيس ۽ چيس ته ”اي شيطان جا ٻچا! گهڻا ڏينهن تڪبر ۽ غرور ۾ گذاريا اٿيئي، اڄ تو کي قضا هن پُنر فضا ۾ گهلي آئي آهي- خبردار هيڏانهن گوش ڪر، يڪجاءِ هوش ڪر،  محلات جو قصد نه ڪر، پوئتي پير ڌر!“ هُن ابليس جان نثار ڏي نهاري ٽهڪ ڏنو. چوڻ لڳو ته  ”ڪنهن کي موت تي ريس ٿي آهي، جنهن اچي توکي آزاد ڪيو آهي. آءُ توکي ۽ تنهنجي انهيءَ حمايتيءَ کي بخش   ٿو ڪريان- هتان هليو وڃ، نه ته ڪچو ئي ڪچومر ڪري کائي ويندو سانءِ.“ جان نثار ورندي ڏنيس ته ”اي ابليس جا سالا، منهن ڪالا، تون خسيس ملعون ڇا ڪري سگهندين؟ منهنجو مددگار قادر ڪردگار آهي!“

جادوگر اهو جواب ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي ويو-

ڪجهه پڙهي آسمان تي دم ڪيائين، مٿان بيٺل ڪڪر مان گوڙ ٿي، هزار هزار مڻ جا پٿر ڪِرڻ ۽ زمين جي ڇاتِي ڇنڻ لڳا. جان نثار خدا کي ياد ڪري، پير اڳتي ڀري، پيرمرد وارو ياد ڪرايل ”اسم“ پڙهي دم ڪيو، جنهن هي ڪم ڪيو جو پٿرن جو مينهن بند ٿي ويو، ڪڪر دونهانٽجي غائب ٿي ويو، ۽ جادوگر اٻاٽجي ويو. جادوگر اهو حال ڏسي، ڪجهه  پڙهي، باهه وَسائي،جيڪا جان نثار ”اسم اعظم“ جي اثر سان اُجهائي... هُو پاڻي وسائي، ٻوڙ ٻوڙان ڪرڻ لڳو ۽ هي جادوگر کي مارڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو. جادوگر اهو حال ڏسي ڊنو، ٻئي هٿ زمين تي هڻي، ڪجهه پڙهي بازُن سان لاتائين، پَر پيدا ڪيائين، ڀڄڻ ۽ جان بچائڻ لاءِ اڏامڻ لڳو. جان نثار اهو حال ڏسي، تير ڪمان ۾ ڪشيو، ”اسم اعظم، دم ڪري جادوگر کي تڪيو، تير ڇٽو، جادوگر مُٺو. سحر ڪيائين، بجلي چمڪايائين، مگر قضا کان ڪيڏانهن وڃي نه  سگهيو، موت کان بچي ۽ ڀڄي نه سگهيو، تير بي پير، سيني پُر ڪيني مان لنگهي، پٺيءَ کان نڪري نروار ٿيو، ساحر خجل ۽ خوار ٿيو، ڏاڍو انڌوڪار ۽ غبار ٿيو. ٿوريءَ دير ۾ صاف صفائي ٿي ويئي ۽ جان نثار خوشيءَ کان ڪَڇَون ٺوڪيندو، ڊڪندو، سڌو شاهي محلات ۾ آيو، جان جهان کي ڪمال، لڙائيءَ جو احوال ٻڌايائين. چيائين ته ”خدا جي فضل سان جادوگر مئو، سڀ غم ويو، هاڻي دل ٺاريو، ٻيو قصو وساريو“

جان  جهان کي انهيءَ ڳالهه تي يقين نه ٿيو، بي چين ٿي چيائين ته ”اَجايو ٺوڙهيءَ وارو دم پيا هڻو، خواه مخواه قسم پياکڻو. اهو ڪم ڪرڻ ڪو حلوو کائڻو آهي ڇا، جو بي ناڻي گهران نيراني کائي اجهي آياسون!“ جان نثارکلي چيو ته ”اي جان، ان جو امتحان تمام آسان آهي، تنهنجي سر جو قسم، هي ڪوڙو بم نه آهي، تو کي خاطري ڪرڻي آهي ته پريان ان موذيءَ جو هڏ ۽ چم پيو آهي، ۽ هي مون وٽ برزبان  اسم اعظم آهي.“ شهزاديءَ چيو ته ”هي ڪهڙو ڪم آهي، جو سڄو شهر اڃا تم آهي، جنهن جو مون کي وڏو غم آهي!“ ان دم، جان نثار شهزاديءَ جي تسلي لاءِ اسم اعظم پڙهي دم ڪيو، جنهن هي ڪم ڪيو، جو ان جي برڪت سان سڄو شهر، انسان خواه  حيوان پنهنجي اصلي صورت تي آيا. واه واه، تعريف  خدا لم يزل جي! اجڙيل شهر وري نئين سر آباد ٿيو، جادوگر برباد ۽ هر ڪو دلشاد ٿيو. جان جهان پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڏسي خوش ٿي ۽ شڪرانو پروردگار جو بجاءِ آندائين، جان نثار جا ٿورا مڃيائين. بادشاهه جان عالم، جلاد کي جان لوس ديوس جي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، سو سڄيءَ درٻار سميت، هوشيارٿيو... جان لوس کي نه ڏٺائين، جلاد کي تلوار الاريندو ڏٺائين. جلاد ويچارو جان لوس کي نه ڏسي ششدر ٿيو، ڏاڍو منتظر ٿيو. سڄيءَ درٻار اها حالت ڏٺي. بادشاهه کي ڪجهه ٿڪاوٽ محسوس ٿي، ۽ درٻار برخواست ڪري، محل سراءِ ۾ وارد ٿيو. راڻيءَ کي ڏٺائين، تسلي ڪيائين، وري ٻيئي گڏجي شهزاديءَ جان جهان جي محل ۾ آيا. شهزادي بادشاهه جو ٻڌي، استقبال لاءِ اچي حاضر ٿي، سلام ڪيائين. بادشاهه جان نثار کي ڏسي عجب ۾ پيو. ڌيءُ کان پڇيائين، جنهن اول کان آخر تائين، سڄي ڳالهه ٻڌائي. بادشاهه جادوگر جو لاش گهرائي ڏٺو، نهايت مسرور  ٿيو، سڀ درد دور ٿيو، جان نثار سلام ڪيو، بادشاهه کيس ڳراٽي پائي مليو، خوشيءَکان کليو، - جواهر  بيشمار جان نثار تان نثار ڪيائين، ۽ پاڻ سان گڏ تخت تي وهاريائينس، ڪيترا ڏينهن مجلس عيش برپا رهي. هڪ ڏينهن، جان عالم پنهنجي وزير پُنر تدبير سان صلاح ڪئي ته ”شهزادي جان جهان جي شادي خانه آبادي، جان نثار سان ڪجي، تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ وزير ادب سان عرض ڪيو ته ”جان نثارهر طرح لائق آهي، ان جو اسان تي وڏو حق آهي. حضور جو اهو راز آهي، ته اسان مڙني کي ڪهڙو اعتراض آهي؟“ اها ڳالهه ڳڻي، جان نثار کي شاديءَ جو چيائون، جان نثار بادشاهه کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”مون کي يار جو وصل، منظور بَدِل آهي، مگر ڪي ڏينهن سفر مد نظر آهي. بلفعل بي اختيار، لاچار آهيان.“ ۽ پنهنجو سارو قصو ڪري ٻڌايائين، چيائين ته ”مون کي فرحت وٺڻ عقل ۽ نمڪ حلاليءَ کان دور آهي، جيڪڏهن منهنجي مرضي منظور آهي ته هن وقت آءُ معذور آهيان، بلڪه مجبور آهيان. جيڪڏهن حياتي برقرار آهي ته پو اوهان جي اختيار آهي، هينئر مون کي لاچار آهي.“ ائين چئي سنبريو، وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. جان عالم خواه جان جهان کان رخصت گهريائين، جن بَصدَ دقت سندس ڳالهه قبول ڪري، رخصت ڏني. وزيرزادو موڪل وٺي پوئتي موٽيو. سگهو ئي اچي آذر بائيجان ۾ پهتو، شهزادو راحت جان ان جي اچڻ جو منتظر هو، تنهن کي دلبر جي خبر فرحت اثر ٻڌايائين، يار جي ڳليءَ جو ڏس  ڏنائين. عرض ڪيائين ته ”اُها حور، حُسن ۾ مشهور، باعث خوشي ۽ سرور، ڪوه قاف جبل جي اڀرندي ملڪ ۾ شهر جان جنان جي مقيم آهي. نالو آرام جان، با شان مانُ، اَٿس-  سچ پُچ جان جو آرام، ۽ محبوبن جو  امام آهي.“

راحت جان اها خبر فرحت اثر ٻڌي، هلڻ لاءِ تيار ٿيو، ذرو ترسڻ به  دشوارٿيو، جان نثار ساٿ ڏيڻ پاڻ تي هموار ڪيو.

شعر-

محبت کي ٿيو عقل و  دانش  سان وير،

ڪرائي محبت بيابان جو سير،

ملائي اُها ڪوهه کي ڪاهه سان،

ته ڪو ساهه پنهنجو ٿو ڏي چاهه سان،

اُنهيءَ کان جگر گل جو ٿيو پاشپاش،

رکي غم کي بلبل ٿو پنهنجو معاش،

ٿيو قيس ”مجنون“ انهيءَ ئي سبب،

مليو ”ڪوه ڪن“ ڪنهن کي اُن کان لقب،

محبت ۾ ٿي تلخ ”شيرين“ کي جان،

ته ”مومل“ ڦٽايا مڙيئي مڪان،

ڳچيءَ ۾ ڍڪايائين اُلفت جو طوق،

سريو ان کان ”عاجز، کي مجني تي فوق.


*  فرار = پارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org