سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: گلشن بهار

باب: --

صفحو :4

داستان ڇهون

جان نثار جو هوش ۾ اچڻ، هڪ ديو جي مدد سان جزيري سياه ۾ پهچڻ، ۽ عاشق معشوق جو بند مان ڇٽڻ

شعر –

ڪٿي آهين اي ساقي ء خوش خصال

مٽايو سندم دل جو رنج و ملال،

نشو اوت سو بهرِ پرور دگار،

ته ممنونء احسان رهان زير بار.

چنبي غم جا گرفتار، وادي ء محبت جا جان نثار، طالب مطلوب جي آزاديءَ جي راهه هن نموني ٿا ڏيکارين ته جڏهين جان نثار دل افگار اُن واديءَ لاله زار ۾  (جتي آفت جان کيس پَرُ) هڻي، بيهوش ڪري، کڻي ويئي هئي) هوش ۾ آيو- هوڏانهن نهاريائين، شهزادو نه ڏٺائين، هڪُ هاءِ جو نعرو هنيائين، زار زار رنائين- فرياد داروگير ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ته ”هاءِ، هاءِ، پنهنجي شهزاد ڪُٺل فراق جان جنان جي مشتاق کي ڪٿي ڳوليان! ڪنهن کان ڏس پڇان؟“ آسپاس نهاريائين: نه پير جو نشان نه ڳولڻ جو امڪان، لاچار بيوس ٿي سورن جو سامان،  تنهائيءَ جو مڪان،  ساڻ ڪري، ارمان کائيندو صدمي جو سور پيئندو، شهزادي جي درد جدائيءَ جو دونهون، منزل جو سونهون، ڪري هڪڙو هيڪلائيءَ جو خيال، ٻيو جدائيءَ جو ملال، ٻيئي سائي ساڻ- افتادو پيرين پيادو، ويچارو وزيرزادو، ڪَڙهندو مصيبت جو ستم سهندو، جانورن جي دهشت ۽ دل جي وحشت کان حزين، هڪ طرف توڪل برخدا چئي اُٿي هليو- ڪي ڏينهن هلندي، جهنگل  بَر جهاڳيندي، هڪ رات ڪنهن جبل جي ماٿريءَ ۾ اچي ڊاٻو ڪيائين. ڪجهه جهنگلي ميوا کائي، پاڻي پي، رات ڪاڻ لاءِ مٿي ڪنهن ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ ويهي پنهنجي دوست  جي تات ۾ ساري رات الله الله جل ّ الشانھَ ياد ڪيائين، سُبحّان اَلله جي تسبيح پڙهيائين. ساري رات بي آرام، ننڊ حرام، قريب پوئينءَ رات جي، هڪ آواز درد ناڪ ٻڌائين. خيال ڪيائين ته هي آواز ڪنهن بندي خدا جو آهي؛ متان ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا يا قيدَ مشقت ۾ گرفتار بلا هجي. سو ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو- باربار اهو آواز تڪرار ٿيو ته آهي ڪو خدا جو بندو، جو منهنجي حال تي رحم ڪري، منهنجي مدد ڪري!، جان نثار لاحول پڙهي، دل ۾ خيال ڪيو ته ويرانيءَ جو مڪان آهي، متان ان ۾ ڪو غُول بيابان آهي- اجايو رلائي. سو اهو خيال لاهي،  ياد الاهيءَ ۾ مشغول رهيو. کِن گزرڻ بعد، وري ساڳيو آواز دردناڪ ٻڌائين. دل ۾  چيائين ته ”نه ڏسڻ کان هلي ڏسڻ بهتر آهي. متان ڪو ويچارو تڪليف جو ماريو، پڪاريندو هجي، ان جي مدد ڪرڻ سان مَنَ رب راضي ٿي، منهنجي مطلب برآري ڪري.“ اهو سوچي، ”ماشاءُ الله“ چئي، آواز جي توهه تي اُٿي روانو ٿيو: ڀلا هڪ اونداهي رات، ٻي راحت جان جي تات، ٽيون جبل جو پنڌ- واٽ کڙٻڙ ۽ گند، هڪ طرف غار ته ٻئي طرف وڻن جي قطار- ڪرندو جهرندو، اکيون ڦاڙيندو نهاريندو، ويجهو وڃي پهتو. سج به اچي اُڀريو، پري کان هڪ طرف سج جو چمڪو ٿيو، ته ٻئي طرف ڪجهه ڌمڪو ڏٺائين، جتان آواز پئي آيو. جان نثار ان ڏانهن وڌيو، ڏٺائين ته هڪ بلور جو گنبذ آهي، جنهن ۾ هڪ ديوُ بند آهي. ديوَ جان نثار کي ڏسندي، عاجزيءَ ۽  نيزاريءَ سان عرض ڪيو ته ”اي خدا جا  بندا مون کي هن بند دل تنگ مان، واسطي پنهنجي پروردگار جي آزاد ڪر ۽ دلشاد ڪر!“ جان نٿار سمجهيو ته ”هن ۾ ڪو جن“ يا ديو خبيث ڪنهن ڪامل اڪمل، عمل جي زور سان بند ڪري ڇڏيو آهي، اگرچ نيڪي ڪرڻ  ٻنهي جهانن جي سعادتمندي آهي، پر بڇڙن وٽ نيڪيءَ جو عيوض بدي آهي. ٻيو ته هي فرقو شيطان جو، اونڌي کوپڙي، دشمن انسان جو آهي، سو دشمن تي رحم ڪرڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي گردن تي ڇري ڦيرڻ آهي. سياڻا  چوندا آهن ته ”موذيءَ کي ماريو ايذاءَ رسائڻ کان اڳ.“ جيڪڏهين خدانخواسته ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿيان، جتان ڇٽڻ لاچار ۽ خلاصي بي اختيار ٿئي- انهيءَ حال ۾ هڪڙو شهزادي جي جدائيءَ جو ملال، ٻيو پنهنجي گرفتاريءَ جو رنج ۽  تنهائي جو خيال! خدا کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، ڪنهن به قسم جي پناهه ناهي- ڪير آهي جو اچي سختيءَ ۽ مصيبت کان ڇڏائي؟ اهو خيال پچائي، منهن مٽائي، پيرهٽائي، پنهنجي واٽ ورتائين، شيشي کي هٿ به نه لاتائين.- اوچتو آواز آيو: ”اي بندا خدا جا، هن مظلوم جي مدد ڪر، ڪو ڀلائيءَ جو پير ڀر، غريب نوازي ڪري خدا راضي ڪر، هن بازيءَ تي دل نوازي ڪر! اگرچ آءُ نامعلوم، تنهنجيءَ قوم مان نه آهيان، فقط هڪ واسطو  خدا جو آهي، جي مون کي ڇڏي ويندين ته آءُ سڀاڻي دانهن ڪندس ۽ تون اتي جواب نه ڏيئي سگهندين، شرمندو ٿيندين، بخدا مون کي آزاد ڪر، ساري عمر احسانمند رهندس،  جيئن چوندين تيئن ڪندس ۽ دل جان سان نوڪر وانگر ڪم ايندس.“ جان نثار اِهو ٻڌي چيو ته ”اوهين اصل کان اونڌي کوپڙي آهيو- مردم آزار آهيو. توهان جي ڳالهه ڪين پَري: اوهان جي قول اقرار ۽ فعل تي اعتبار نه آهي- اگرچ هن وقت عجز انڪسار آهي- مون کي تنهنجي ڪهڙي درڪار آهي! ضرور توکي ڪنهن ڪاملَ، مخلوق خدا  کي ايذاءُ رسڻ کان بچائڻ لا، هن قيد ۾ گرفتار لاچار ڪيو هوندو.“ هُن ناشاد فرياد ڪئي ته ”اول منهنجي ڳالهه ٻڌ، حقيقت سمجهه، پوءِ جي توکي دلجاءِ ٿئي ۽ عقل تنهنجو راءِ ڏئي، ته مون کي آزاد ڪج، جي نه ته اِهو بيداد  ته اصل  منهنجي ڪمبختي، نصيب جي سختي آهي.“ جان نثار چيو ته ”ڀلا پنهنجو سچو احوال بيان ڪر!“ ديو هن ريت احوال شروع ڪيو ته ”آءُ پنهنجي قوم ۾ تمام رحمدل عام مشهور آهيان؛ ڪنهن تي به ڪا سختي ڏٺيم ته نفس جي هستي ڇڏي، يڪدم ان جي مدد ڪيم- بهرحال، ڪوتاهي نه ڪيم. اهڙي ئي قسم جي تقصير جي تعزير ۾ تقدير آڻي  ڦاسايم. حقيقت جي ڳالهه هن طرح آهي ته هڪ پريزادآفت جان نالي، تنهن جو هي گنهگار خاص خذمتگار آهي. شهنشاهه بيپرواهُ- جنهن کي دولت حسن جي عطا فرمائي، دل ۾ سودا جو خيال رکائي آرزو پڄائي، ته جڏهين ڪو خريدار، مغز بيدار، پيدا ٿئي، دل شيدا ٿئي، ته جان فدا ڪجي. سچ آهي حسن خداداد مُيسر آهي ۽ خريدار آزاد حاضر نه آهي، ته پوءِ ان جو هئڻ نه هئڻ ٻيئي برابر آهن- ڀلا نياز ڪير ڪري، ۽ ناز ڪير کڻي؟ اصل ته هيئن آهي ته نه ”آر نِي“ چئجي نه لَن تَرانِي“ ٻڌجي، حسينن جي دماغ ۾ خلل پئجيووڃي، دل ڄُڪيو وڃي، وصل ڏي ڇڪيو وڃي. ڀلا جوڀن جو بهار، حسن جي سرڪار ۾ زلف پيچدار شڪار لاءِ تيار ٿيو، عشق جو رسالو هسوار ٿيو: هوڏي تير غمزي جو جو ڇٽو، هيڏي ڳلو ڦٽيو، سينو ٽٽو، جگر پاشپاش، راز فاش ٿيو. رفتي رفتي هڪ آدمزاد رشڪ شمشاد سان اک لڙي، دل اڙي، جدائي بي دستور آهي، تنهائي ڪنهن کي منظور نه آهي، ته وري رسوائي به ضرور آهي. دل بي اختيار، بيقرار ٿيس، لاچار ماءُ جي لڪ چوريءَ محلات ۾ آندائين، پنهنجي مڪان ۾ رکيائين. مگر عشق جي آتش، برهه جي باهه دٻائڻ ۽ خون کٿوري ڇپائڻ، سهل نه آهي، سخت مشڪل آهي. آخرڪار راز کلي پيو، ساز  رُلي ويو، پريزاد جو هيٺيون ڌڙ پنڊ پهڻ، ۽ آدمزاد سڄو پهڻ ڪري، پريءَ جي ماءُ ٻنهي عاشق معشوقن کي جزيري سياه ۾ قيد ڪرايو، ۽ الفت جو مزو چکايو. هي بردو، نمڪ پروردو قَدِيم، پريءَ جي حالت سقيم ڏسي ڏاڍي غم ۾ اچي، رحم کائي، لِڪي ميوا تر خشڪ کڻي، پريءَ کي کارائي، پاڻي پياري ايندو هوس. هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي ته پريءَ ڏاڍي درد ۽ جوش خروش مان وڍيءَ دل سان هڪ آه سرد پُر درد ڪڍي. مون کان به ان جي بيقراري، اشڪباري ڏسي، بي اختيار دانهن درد ناڪ نڪري ويئي، جا چوڪيدارن مان ڪنهن سنگدل بيرحم جي ڪن تي پيئي. ان وڃي آفت جان جي ماءُ مهر جان، وٽ چغلي هنئين- جنهن جي نتيجي ۾،  پاداش جي صورت ۾، نيڪيءَ جو هيءُ انجام قيد جي آلام ۾ ڏسي رهيو آهي. اڄ ورهين کان پوءِ تنهنجي صورت ڏسڻ ۾ آئي آهي. جيڪڏهين تون ڪو نيڪيءَ جو ننگ سڃاڻي، هن بيحال جي  حال تي رحم ۽ ٻاجهه آڻي، آزاد ڪندين، ته خدا تعاليٰ توکي به دلشاد بامراد ڪندو. جي نه، ته اُو رحيم ڪريم ٻاجهارو سلطان، مُسبب الاسباب آهي، پنهنجي ذات ۽ صفات ۾  نرالو، آخر ڪو حيلو حوالو، مون عاجز جو وسيلو پيدا ڪندو ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندو.“ جان نثار پنهنجي مطلب جي ڳالهه سمجهي چيو ته ”اُن آدمزاد جو نالو ڇا آهي؟“ ديو جواب ڏنو ته ”نالي ٻالي جي مون کي خبر ناهي، مگر پري جڏهين پنهنجي درد ۽ بخار کان دانهن ڪندي آهي ته ”راحت جان“ پڪاريندي آهي. خبر نه آهي ته پيار کان چوندي آهي، يا بي اختياريءَ کان.“ جان نثار اها گفتار ٻڌي، مثل گل نوهار جي کُلي پيو، درد غم ڀُلي ويو. ديو کي چيائين ته ”تون مون کي اوستائين پهچائي سگهندين.؟“ ديو چيو ته ”هڪ دم ۾.“ وري وزير زادي پڇيس ته ”ڀلا ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي دستور آزاد ٿين؟“ ديو چيو ته ”اها ڳالهه مشڪل نه آهي، مگر سهل آهي. آءُ گذريل رات درٻار باري تعاليٰ جي ۾ هميشھ وانگر آزيون نيزاريون ڪري رهيو هوس، مون کي ننڊ جو خمار ٿيو، خواب ۾ حضرت سليمان نمودار ٿيو، جنهن مون کي آزاد ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ هن گنبذ جي مُهر تي ڪو اسم لکيائين، ۽ فرمايائين ته ”ڪو آدمزاد ايندو، اُهو هي اسم ياد ڪري پڙهندو ته مُهر ٽٽندي ۽ تون آزاد ٿيندين: تنهن کان سواءِ، اهو اسم مبارڪ ڪنهن به جادوءَ جي ٽوڙڻ لاءِ ڪتب ايندو، . “ جان نثار مُهر تي نظر ڪئي. اسم بلڪ صاف اڪريل ڏٺائين، پڙهي ياد ڪيائين، ديو کي فرمايائين ته ”اوهين اصل اونڌي کوپڙي آهيو ۽ انسان جا خاص ويري، سو جيڪڏهن تون حضرت سليمان جي انگشتريءَ جو قسم کڻي وفادريءَ ۽ فرمانبرداريءَ جو انجام ڪرين، ته توکي آزاد ڪريان.“ ديو قسم کڻي اقرار ڪيو. جان نثار اسم پڙهي دم ڪيو، جنهن اهو ڪم ڪيو، جو گُنبذ بلورين ٽُٽو، ديو ڇُٽو: جان نثار جي قدمن تي ڪري، عرض ڪيائين  ته ”بندو فرمانبرداريءَ لاءِ حاضر آهي، جيڪو حڪم ڪريو ته بجاءِ آڻيان.“ جان نثار چيو ته ”ڪم خير جو آهي، فقط دل جي آرزو آهي ته جزيري سياه جو سير ڪريان، ۽ انهن ٻنهي عاشق معشوقن جو ديدار ڪريان.“ ديو گردن نمائي تيار ٿيو، جان نثار سوار ٿيو، ديو پرواز ڪيو ۽ ان دم جزيري سياه ۾ منزل انداز ٿيو. عرض ڪيائين ته ”اي محسن انسان، آءُ هت خذمت ۾ حاضر آهيان، هو سامهون برج زندان آهي، جتي ٻيئي عاشق معشوق گرفتار مصيبت آهن. منهنجو اڳتي هلڻ خطري کان خالي نه آهي: چوڪيدار مون کي يڪدم سڃاڻي وٺندا، هاءِ دُوس مچائيندا.“ جان نثار ديو کي اُتي ڇڏي، قدم وڌايو، برج ۾ داخل ٿيو- لڪي ڇپي نظر بچائي. زندان ڳولي  لڌائين. آفت جان ڏٺو ۽ وزير  زادي کي سڃاتو. جان نثار سلام ڪيو، وري هي ڪلام ڪيو ته ”سبحان الله،  آفت جان جهڙي پري، حسن ۾  چهرِي، گفتگوءَ ۾ کَهري، جنهن جو دماغ چوٿين آسمان تي هو، سا ههڙي درد مصيبت ۾ پائمال آهي، نه اُهو جمال نه اُهو ڪمال آهي، بستري خاڪيءَ تي بيحال آهي! هاڻي ٻڌاءِ ته ڪهڙو حال آهي؟“ آفت جان ويچاريءَ وزير زادي جو هي ڪلام نافر انجام ٻڌو، بي اختياريءَ کان ڳوڙهن جي بوند جاري  ٿيس. دل آزاريءَ کان هيءَ دانهن  ڪيائين:

غزل __

حاصل اهو ئي عشق جو آهي ٿيو مال،

يعني ته درد آه سريو هڪڙو لازوال.

نت نت نوان ٿا زخم رسن دل کي هاءِ  هاءِ،

ڳولڻ سان جنهن جو ڪو نه ملي ٿو ڪو اندمال.

هڪڙو سهارو عشق جو مون کي نصيب هو،

افسوس آه سو به ويو ٿي ته پائمال.

ڪو ڪو نه منهنجو آه ٿيو همدرد ۽ رفيق،

ڪنهن کي ٻڌايان ڪنهن نه ڏٺو منهنجو خسته حال.

آهي خدا جي فضل ۾ ”عاجز“ اميد وار،

ڪڏهين ٿو يارو ٿئي اُميد جو نهال!

...... ۽ چيائينس ته ”ڪي ڪين پڇ، جيئڻ جنجال مرڻ وبال، آهي، نه ننگ جو خيال نه ناموس جو لحاظ آهي- صبر دل تي جبر آهي: حضرت دل ڪفر جي نالي کان منهن ڦيرايو ۽ پيرهٽايو ٿي، پر مذهب عشق ۾ اچي گردن نمايائين، ڪمر جهڪايائين، دامن گريبان کي دين ايمان تائين به نه ڇڏيائين، وحشت جو سامان ڏيکاريائين، نه ننگ ناموس جي پاس، نه جيئڻ جي آس، نه موت جو هراس آهي- تن عُرياني زندگيءَ جو خاصو لباس آهي: نه ڦاٽي نه ٽٽي، نه سبڻ جو احتياج نه رفوگر جو محتاج، نه ميرو ٿئي نه ڌوٻي ڌوئي ؛ خدا تعاليٰ جي عنايت سان هاڻ  نه ڪنهن قسم جو خوف آهي، نه ضرر آهي.“ (وري راحت جان ڏانهن اشارو ڪري ”.... قسم آهي ته هي  منهنجو صنم آهي..... پوءِ ڪهڙو غم آهي! حضرت عشق  جي بدولت، آه زاري بيقراري ۽ اختر شماري آهي، ناله فروشي خانه بدوشي، غم کائڻ هنجون هارڻ، بيخوابي بيتابي، سڀڪي هيءَ دل سهسائي رهي، مگر افسوس، جو وصال  يار جو اچي تائين نصيب ناهي. اسان جو اجهو هيءُ حال آهي، جو تنهنجي اڳيان حاضر آهي.“ جان نثار چيو ته ”استغفرالله! تون محبت مان ڇا ڄاڻين؟ الفت جو نالو وٺڻ سهل ناهي، مشڪل آهي. اِها اسان جي دل آهي جنهن ايترو تحمل ڪيو، سچ چئج، هٺ ڌرميءَ تي نه اچج، محبت ۾ صبر گهرجي يا جَبَر؟ ڀلا ٻڌاءِ ته معشوق تي ظلم ۽ جفا ڪڏهين ڪنهن روا رکيو آهي ! اِهو ڪهڙي مذهب ۾ درست آهي؟ باوجود ممانعت جي، راحت جان کي زبردستيءَ کڻي، مون کي حيران پريشان ڪيئه ۽پاڻ کي به بدنام ۽ شرمسار ڪيئه- جهڙي ڪيئه، تهڙي لوڙيئه، هاڻ ويٺي ڇاڻ ٻُهار، “ آفت جان وزيرزادي جو اِهو بيان ٻڌي، ٻڏي ويئي، روئي روئي بيهوش ٿي ويئي، جان نثار  پٺي ڦيرائي، منهن ورائي، شهزادي تي اسم اعظم پڙهي دم ڪيو، ته ان دم پنهنجي اصل روپ ۾ آيو. جان نثار قدمن تي ڪري پيو. شهزادي ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لائي زار زار رُنو، وزيرزادي عرض ڪيو ته ”آقا، ڪهڙو حال آهي؟“ جواب ڏنائين ته ” وصل جي آس ۾ وصال ٿي چڪو. مگر افسوس جنهن جي دروازي جي  جبين سائيءَ لاءِ شاهيءَ کي گدائيءَ سان ميٽيم، ان جي مڪان تائين اڃا رسائي، ميسر نه ٿيم، زماني جي گردش، رقيب بدنصيب جي دروازي جي خاڪ ڇاڻائي، عمر جي ڪمائي گنوائي: جنهن لاءِ  تنهائي، ۽ ماءُ پيءُ جي جدائيءَ جو غم کائي، مصيبت وهائي، ڏک ڏولاوا ۽ سفر جا رولا سٺم ۽ جهنگ جبل جَر جهاڳيم، پر اڃا وصل ان جو حاصل نه ٿيم.“

غزل-

صنم جي سوز ۾ حاصل نه ٿيم سوائي فراق،

مسيح ڪا نه ڪڏهين ڪا ڪئي دوائي فراق.

وهاءِ چشمي مان چشمن جي توڻي درياء ٿي،

وسامي باهه جگر جي نه، ٿو لڳائي فراق.

سندُ ءِ فراق نه ويندم قبر حشر تائين،

عجب نه آهي جو نڪري سدا صدائي فراق.

وصال کان اي صنم پنهنجي خوش ڪڏهين نه ڪئي،

غمِ فراق ۾ آهيان، آءٌ مبتلائي فراق.

جڏهانڪر آهي خدا ڪيو جهان کي پيدا،

فراق مون لئه پيدا ۽ آءٌ برائي فراق.

فراق، فرق ۾، هڪ الف جو ٿيڙو فرق ”عاجز“،

جڏهن ٿئي فرق دلين ۾، تڏهين ٿئي جائي فراق.

ائين چئي، اوڇنگارون ڏيئي زارو زار رنائين. وزير زادي پنهنجو حال هن طرح عرض ڪيو ته ”جنهن ڏينهن هيءُ ڪمبخت پري مون کي پَرُ هڻي، بيهوش ڪري، اوهان کي کڻي ويئي، صبح جو هوش آيم، اوهان کي نه ڏٺم، عجب ڪم بختي پيش آيم، ڏکيا ڏينهن گهاريم. آخر قسمت زبردست ٿي- بند ۾ بست، ديو دَست چڙهيم، اسم اعظم هٿ آيم،ان کي ڇڏايم،- جنهن جي مدد سان هتي پهتس ۽ برڪت اسم اعظم جي تنهنجو ديدار نصيب ٿيم، اکين جي روشني دل جو سرور رسيم. اهي سڀ سختيون هن آفتجان جي شامت کان ئي ڪاٽيم. جيڪڏهين اِها ڪم بخت، دل سخت، توکي چورائي کڻي نه وڃي ها، ته نڪي آءُ سختيون سهان ها، نڪي تنهنجي جان تي هيءُ آفت اچي ها. خير، جهڙي ڪيائين، تهڙي پيئي لوڙي. هاڻي خوشيءَ جو سامان آهي، هيءَ پري هاڻ ڏينهن ٻن جي مهمان آهي- اڄ نه مئي، ته سڀان مرندي.“ راحت جان اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته ”شال خدا پناهه ۾ رکي، اِها ڳالهه بي دستور آهي- مروت کان دور ۽ مون کي نامنظور آهي. هن ويچاريءَڏکن جي ماريءَ جو ڪهڙو قصور آهي- محبت ۾ نيڪ بد جي تميز جو ڪهڙو ضرور آهي- دماغ ۾ خلل اچيو وڃي، دل وس کان بيوس ٿيو وڃي. آفت جان چڱي ڀلي جان ڏيئي، سودا پرائي ۽ جان فدا ڪئي. خيال ته ڪر، اسان به ته ڪنهن جي محبت ۾ گرفتار، بي اختيار، پيءُ ماءُکي لاچار روئندو ڇڏي، غمن ۾ گڏي، جهنگل بيابان، سورن جو سامان اختيار ڪيو. اسان کي به ته فقط وصل جي آس، دل ۾ اُداس آهي- آفت جان ويچاري محبت جي ماري به ته وصال جي اميد تي تڳي رهي آهي، سا به جيڪڏهن ٽٽي ويس، ته پوءِ اسان کي حضرت عشق جي درٻار کان ڪهڙي اميد رکڻ گهرجي؟ عاشقن تي نرمي ڪجي نه ڪي گرمي. فقط وصال جي اميد تي جيئڻ ۽ درد  فراق جو صدمو سهڻ، انهن جو عين جيئڻ آهي: جيترو ٿي سگهي اوترو هنن جي دلجوئي ڪجي. جي خدا تعاليٰ نيڪيءَ جي همت نه ڏئي، ته بدي به نه ڪجي. اگرچ نازُ عين محبوبي شان آهي، مگر پنهنجي وقت شايان آهي- ڪرم جي وقت غمزو ستم ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا لطف اصل آهي. دلارام کي ايترو لحاظ ۽ خاطر پاس کپي، جو عاشق ڪُش مشهور نه ٿئي.

سبحان الله، اهڙا معشوق باوفا، دل جا صفا، خدا تعاليٰ پيدا ڪيا آهن، جو جفاڪاريءَ کان بيزاري ڪري، عاشقن جي غمخواري ڪن. البت، خوش قسمتيءَ کان چڱي نصيب وارن کي هٿ اچيو وڃن، جو جفا جي عيوض وفا ڪن، ۽ عاشقن جي همدرديءَ جو دم ڀرين.“ جان نثار شهزادي جو رايو معلوم ڪري، ان دم اسم اعظم پڙهي، آفتجان تي دم ڪيو، پري سحر جي گرفتاريءَ کان آزاد ٿي، هوش سنڀاليائين ۽ اکيون کوليائين، راحت جان کي مٿان بيٺل ڏٺائين، اُٿي سندس قدمن تي مٿو رکيائين. راحت جان کيس ٻنهي هٿن سان اٿاري، ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لاتو. اگرچ آفت جان جي دل درد ۽ غم ۽ وزيرزادي جي ڪيل ستم جي شڪايت سان ڀريل هئي، پر آب عنايت جي کان سڀئي مَحو ٿي ويس. فراق جي ذلت وصل جي لذت سان مٽجي ويئي. راحت جان دلاسو ڏيئي چيس ته ”آءٌ تنهنجو تابعدار آهيان، مگر ڪي ڏينهن صبر، دل تي جبر ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهين حياتي مستعار باقي آهي، ته يار اوطاقي آهي، نه ته موت ملاقي آهي.“

حاصل ڪلام،  پري اِها تقرير دل پذير ٻڌي، بهار جي گل وانگر ٽڙي پيئي، عرض ڪيائين ته ”اي شهزادا خاطر جمع ڪريو – تنهنجي محبوب جي ملائڻ جو اهتمام ۽ انهيءَ ڪم جو سرانجام منهنجي سر تي لازم آهي. اگرچ مذهب عشق جي ۾ رقيب بدنصيب جو غلام ٿيڻ عين ڪفر آهي-  بلڪه سراسر شرڪ آهي- اگر زهر ۾ ترياق جو اثر به آهي ته پوءِ عمدي دوا آهي، کائڻ روا آهي- جيڪڏهن وصل جو وسيلو آهي، ته اِهو مسئلو جائز رکڻ به هڪڙو حيلو آهي.“ شهزادي فرمايو، ”اي ديواني، عقل کان بيگاني، اِها ڪهڙي ناداني آهي! دل ۾ ته خيال ڪر، سمجهي ڳالهه ڪر! محبوب جو محبوب ته عين محبوب آهي! ڪيڏانهن حبيب آئينه رخسار گلعذار، ۽ ڪيڏانهن رقيب بي  نصيب مردار جفاڪار!“ آفت جان عرض ڪيو ته ”اي جان، بدگمان نه ٿي، جو تنهنجو پيارو آهي، منهنجي اکين جو تارو آهي. تقصير معاف دل صاف ڪريو، اِها ڳالهه يادگار هجي ته هڪ طرف عاشقن جو هزار هجي، ڏٺي کان پوءِ ضرور هر ڪو رقيب  بنجي وڃي، پر هتي ته جان نثاريءَ جو تڪرار آهي، سو ٻيو حيلو حوالو بيڪار آهي.“ جان نثار چيو ته  ”جيڪڏهن رقيب نه، ته به پهاج ته ضرور هوندي، سؤت ته هر طرح جو موت،  جيءُ جو جنجال آهي، سر تي وڏو وبال آهي.“ پريءَ مرڪي چيو ته ”خير، ڪي به هجي ۽ جيڪي هجي، سو ٿيڻ ڏي، وصل ۾ وصال نه آهي: فراق ۾ زبون ٿيڻ، پنهنجو خون ڪرڻ، ملڪ الموت  تي خواه مخواه الزام رکڻ آهي، غم ِ مفارقت کي مفت بدنام ڪرڻ آهي. جدائيءَ جي سهڻ جي طاقت ۽ دوست جي مفارقت تمام سخت آهي، نه ته هڪ ساعت ۾ تماشو عشق جو مزو ڏسي رهجي.“ ائين چئي آسمان ڏي نظر ڪيائين. تخت هوادار اچي حاضر ٿيو. سڀئي سوار ٿي آفت جان جي محل ۾ اچي لٿا. انهيءَ ديو کي انعام اڪرام ڏيئي ساڳئي، عهدي تي ممتاز ڪيائين. آفتجان شهزادي ۽ وزيرزادي کي آسودو آرامي ڪري، سڌي ماءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿي. هت ٻڌي عرض ڪيائين ته ”اما جان، هيءَ پرستار قصوروار، ۽ هو آدمزاد حضور جو گنهگار به حاضر آهي- هڪڙو عجيب غريب معاملو گذريو، جنهن جو ٻڌڻ حيرت جو مقام آهي، اڄ تمام ڏاڍي غم ۽ الم کان بيقراريءَ ۽ درد جدائيءَ بَلَم جي انتظاريءَ کان حالت غشي ۽ بيهوشي طاري ٿيم، روئندي روئندي ننڊ کڻي ويم، هڪ عجيب خواب نظر آيم: گويا حضرت سليمان زندان خالي ۾ تشريف فرمائي. مون سلام ڪيو ۽ پيشاني عبوديت لاءِ نمائي. پاڻ هن طرح مخاطب ٿي ڪلام ڪيائون ته ”افسوس جو هيءَ قوم آتش مزاج، اڄ تائين شرارت کان باز نه آئي آهي، ظلم ۽ ستم کان بس نه ڪئي اٿس، جو ههڙي ماه پاره انسان کي بيگناهه بند ڪري، اسان کي نهايت درد مند ڪيو اٿس. مون هٿ ادب مان ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور اهو قصور مهر جان جو ڪين آهي. اسين اڄ تائين امور شرعي ۽ دين جي پابنديءَ ۾ معمور آهيون، هي فقط منهنجي قصور جو بار آهي، جو هي بيگناهه ان ۾ گرفتار آهي- آءٌ اڃا به وڌيڪ پنهنجي ڪردار جي سزا جي سزاوار آهيان- حضرت عشق عقل جو آباد خانو برباد ۽ ويرانو ڪيو. دين ۽ دنيا ۾ ناشاد ۽ بيگانو ڪيو ۽ پاڻ بيگانو ٿيو.“ فرمايائون ته حضرت عشق جي مذمت گناهه آهي، محبت مقبول درگاهه  باري آهي- قلب مومن لاءِ ڦاهي آهي- ان جي گدائي شاهيءَ کان بهتر آهي، هاڻي، ٻيو فڪر نه ڪر، اهو شهزادو اسان توکي بخشيو. ائين چئي، هٿ پنهنجو شهزادي جي جسم تي ڦيرايائون، منهنجي مٿي تي هٿ رکيائون.  راحت جان کي زنده سلامت ۽ پاڻ کي آجو علالت کان ڏسندي، منهنجي اک کلي پيئي. جان ڏسان ته نه اُهو  زندان آهي، نه انهيءَ مڪان جو ڪو نشان آهي- حضرت عشق جي مدد ٿي، ڪل بلا رد ٿي. پنهنجي ۽ شهزادي جي اصلي صورت ڏسي، گهڻي خوشي ٿيم، شڪر جو سجدو ادا ڪيم، سڌو تنهنجي خذمت ۾ هلي اچان- هاڻي جيڪو حڪم هجي، سو بجاءِ آڻيان.“ مهرجان اگرچ انهيءَ بيان جي ٻڌڻ کان وهلور هئي، مگر مهر مادريءَ جي کان مجبور هئي، ٻيو چوڻي آهي ته ”عورت ناقص العقل آهي.“ آفت جان جي دم ۾ اچي ويئي، ڌيءُ کي ڀاڪر پائي زور و زار رنائين، ۽ چيائين ته ”هيءَ ته نصيب جي بازي آهي، جو اسان تي نبي سڳورو راضي ٿي رحم فرمائي، ۽ توکي غم کان ڇڏائي، اهڙو شهزادو سهڻو من موهڻو ملائي... ته ڪير آهي جو ان جي حڪم کان سر کينچي ۽ انڪار ڪري پاڻ کي غضب ۾ گرفتار ڪري؟“ ائين چئي، پرين کي حڪم ڪيائين ته ”شاديءَ جو ڪل سامان موجود ۽ تيار ڪريو!“  آفت جان چيو ته ”اهو ڪم بلفعل مهل  رهي- شهزادي کي ڪو مشڪل مهم درپيش آهي.“ ائين چئي، موٽي پنهنجي محل ۾ آئي، ۽ نئين سر محل ۽ مجلس سينگريائين- دور شراب جو هليو، عيش عشرت جو هُل هُليو، ڪو نشي جي خمار ۾ مخمور، ڪو شوق ديدار جي کان مسرور، ڪو شوخيءَ ۾ معمور، ته ڪو پنهنجي بت کان وهلور. راحت جان عشق جي نشي ۾ سرمست، ته آفتجان شوق ديدار کان نيم مست- ساري محفل شراب محبت جي کان المست. انهيءَ پور ۾ پريءَ حجاب جو پردو دور ڪري، راحت جان کي عرض ڪيو ته ”اي دلنواز، سراپا ناز، مهرباني ڪري پنهنجي هٿ پرستار کي دل جي راز کان سرفراز ڪريو. هاڻي هيءَ  بي اختيار واعدي بجا آڻڻ لا تيار آهي، مگر جو قول ۽ اقرار آهي، سو برقرار ۽ يادگار  رهي، جو هن ناشاد بي مراد جي دل شاد ۽ بامراد رهي. “ راحت جان پنهنجي عشق جو قصو، آرام جان کي خواب ۾ ڏسي عاشق ٿيڻ ۽ جان نثار جو پتو  ڳولي ڪڍڻ حرف بحرف بيان ڪري ٻڌايو، ۽ چيائين ته ”بغير وصال جانان جي حياتي محال جيئڻ جنجال آهي.“ آفت جان اهو بيان ٻڌي، جوٽ تي هٿ هڻي  چيو ته ”اي شهزادا، جنهن جو تون عاشق زار ۽ طلبگار آهين، ڏاڍي  شوخ ستمگار پري رخسار، غضب جي صورت، حسن جي مورت، ڏاڍي مغرور آهي. ڪيئي بادشاهه  ۽ شهزادا ان جي واديءَ طلب جي ۾ قدم رکي ڳري مري ويا، ۽ فراق ۾ سڙي ويا، پر ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نظر نه ڪيائين. اگرچ جان ڏيڻ آسان ڪين آهي، پر باوجود انهيءَ جي ڪنهن جو فقط ارمان به ڪين ڪيائين، ان جو هٿ اچڻ سهل نه آهي، مشڪل سخت آهي. پر جي خدا تعاليٰ جو فضل شامل  حال آهي، ته محبوب جو وصال ميسر بهرحال آهي- يار درڪنار، درد برڪنار آهي. اگرچ دلارام جو رام ڪرڻ محال ۽ دشوار آهي، جي ڪنهن به تدبير سان دام تزوير ان جي گردن ۾ پيو، ته اوهان ۽ منهنجي خوش قسمتي فيروز بختي آهي.“ ائين چئي، ديون کي حڪم ڪيائين ته ”جنهن سر زمين تي آءُ چاندني رات ۾ هوادار تخت تي سير ڪندي آهيان، انهيءَ هنڌ تي هڪ محل عالشان ۽ باغ فردوس نشان، نهايت دلڪش، بلڪل جلد تيار ٿئي- خزانو خواه جواهرات، جيڪي به درڪار ٿئي، سو  سڀ اسان جي خزاني مان ورتو وڃي.“ حڪم ٻڌندي، ديو ٻن ٽن ڏينهن ۾ شاهي محل، عجب جوڙ ۽ جنسار، عمدي نقش نگار سان سينگاري، باغ  وڻن ميويدار جو ۽ چمن سهڻي اطوار سان تيار ڪري اچي حاضر ٿيا. اُن دم  آفت جان شهزادي راحت جان ۽ وزير زادي جان نثار کي ساڻ ڪري، باغ بهشت برين ۽ محل خوش ترين ۾ آندو، ۽ منجهس هر طرح جو عيش عشرت جو سامان موجود ڪيو. اهڙي دستور شهزادي ۽ وزير زادي جي وندر جو سڀ بندوبست ڪري، پاڻ آرام جان لاءِ جان جنان ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪيائين.

 

داستان ستون

وصل جي دلداري، آفت جان جي تياري، جان جنان ۾ پهچڻ، آرام جان کي رام ڪرڻ، گفتگوءِ دوبدوء

شعر-

ڪٿي آهين اي ساقي برق دم،

تپش ٿي وڌي دل سندي دم بدم،

مگر شڪل ڏيکار او دلستان،

ڏيان رونمائيءَ ۾ آرام جان.

اڃايل شربت ديدار جا، فراقيل وصل دلدار جا، فرقت کان بيزار ٿي، ڪنوار مطلب جي کي، بصد  زيب و زينت، ڏوليءَ بيان جي ۾، هن طرح سوار ٿا ڪن ته آفت جان بطمع وصال حبيب، گهٽيءَ رقيب جي ۾ عجيب فريب بازي ۽ نئين نيرنگ سازي هن طرح پکيڙي، جي لباس معشوقي لاٿائين، ويس فقيري ڍڪيائين، گيڙوئين ڪُڙتي پاتائين، ڪارا ڪيس مثل ڪاري نانگ جي ڪلهن تي ۽ زلفن کي پيچ و تاب ڏيئي، عاشقن کي ونگ وجهڻ لاءِ، ڏاڍي ناز انداز سان رخسارن تي ڇوڙيائين. گويا نئين شڪار جي گرفتاريءَ لاءِ ڦاهيءَ جو حلقو بنايائين- ڪفني ۽ سيلي ڳچيءَ ۾، بين ۽ سمرنِي بغل ۾، بيراڳن هٿ ۾، ”يانبي يا عَلي، مدد“ الک اُچاري، تمام نياز ۽ گهڻي ناز انداز سان، شهزادي جي سامهون حاضر ٿي، حق موجود، جو نعرو هنيائين. ڪاريگر جي بگڙيل چٽ ۽ نقش کي نئون نمونو سمجهيو ويندو آهي، مگر حسينن جي بگڙڻ ۾ ته هڪ قسم جو اداءُ ۽ ناز محبوبي، حسن جو دلفريب بتاءُ يا نظارو نظر ايندو آهي. راحت جان ڏسندي ئي محويت ۾ اچي ويو،  ٻانهن ورائي، ڳراٽي پيار سان پائي، رخصت ڪيائينس. آفت جان شهزادي جي جدائيءَ ۾ جهرندي، سڪ ۾ سڙندي مرندي، ڪوچه گردي ۽ صحرانوردي اختيار ڪئي. قريب شام جي هوءَ آرام جان جي باغ ۾ پهتي، شهزاديءَ آرام جان جو هميشه جو دستور هوندو هو، جو سج لهڻ کان ٿورو اڳ شام جو باغ جي سير لاءِ، پنهنجين خواصين ۽ سهيلين سرتين سان تخت تي سوار ٿي، گلشن جي گلچينيءَ سان دل وندرائيندي ۽ طبيعت بهلائيندي هئي. اُن ڏينهن به دستور موجب، شام جوڏاڍي شان ۽ تجمل سان سواريءَ جو اهتمام، ڌام ڌوم سان محل مان نمودار ٿيو: اڳيان حبشڻيون مسلح رڪابدار، ڪلهي تي ترار جوهردار، انهن جي پٺ ۾ خواصيون خوبصورت ڪمر ۾ خنجر ۽ ڪٽار، عاشقن جي قتل لاءِ  سرگرم تيار، البيلي چال، مستيءَ جي حال- پرستاريون، ٻانهيون بي حجاب، شباب جنگجو اسباب..... ، عقل کي جواب، پوئتان خواجه سرا سونين روپين عصائن سان، سرتيون سهيليون چوڌاري جهرمٽ ۾ جيئن تارن ۾ چنڊ- کل چرچا ڪنديون، هڪ ٻئي تان ٺٺوليون ڪنديون، گل هڻنديون، غزل رندي پڙهنديون، ناز ادا سان ٽلنديون کلنديون- جوانيءَ جو پور، شراب حسن ۾ ڀرپور، نشي عشق جي ۾ چڪناچور، خوشيءَ جو سامان جنهن کي ڏسي انسان، ته عقل ٿئيس، حيران، هوش پريشان: خواجه سرا اُجرا، ايراني، داغستاني، حبشي اوقيانوسي- رنگ آبنوسي، قبا زربفتي ڪلهن تي، مٿي تي شملو، دستار ڪاري مرمرين، ۽ ماڪوڙن جهڙا وار، هٿ ۾ عصا زرين، ڪمر ۾ خنجر خمدار، قطار در قطار: تخت تي هڪ نازنين هسوار، لباس سارو جوهر جنسار، ڳهڻا من موهڻا جزادار، زلف ڪاڪل خمدار، شمع رخسار- بدر منير حسن ۾ بي نظير، چشم نيم مست  ۾ ڪجل جي لڪير، پتلي ڪمر لچڪيدار، سيني تي اُڀار مثل انار، صنم جي وصف  ڇا بيان ڪندو خاڪسار! صائع جي صنعت، ڪرد گار جي قدرت، اهڙي تصوير ڪئي تيار! آفت جان باغ ۾ قدم رکڻ سان هي سواريءَ جو شان ۽ حسن جو سامان ڏسي، وڻ جي اوٽ ۾ گلاب جي تلاءَ جيڪپ تي، لڪي ويهي تماشو ڏسڻ لڳي، جلوس هلندو، هڪ هنڌ حوض جي نزديڪ ترسيو. ٻه خواصيون پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ڪوزا کڻي گلاب جي حوض تي آيون: هڪڙيءَ ويچاريءَ جيئن ڪوزو ڀريو، تيئن سندس نظر پاڻيءَ ۾ ڪنهن پاڇي تي پيئي، جنهن جي ڌمڪ اوچتو ڏسڻ شرط ويچاري پاڻ سنڀالي نه سگهي. پوڙيءَ تي ئي پئجي رهي. غش ٿي ويئي.... ٻيءَ گهڻي ئي ان کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر بي سود. ويچاريءَ ڊوڙندي اچي ٻين کي ٻڌايو، سڄي عملي ۾ چرپر پئجي ويئي. هراس ڇانئجي ويو. ٻه حبشڻيون، ٻه خواجه سرا ۽ ٻه  ٻانهيون گڏجي ويچاريءَ ڏندڻيل کي کڻي آيا- ڪا ڇنڊا  بيد مشڪ گلاب جا هڻڻ لڳي، ڪنهن لخلخو سنگهايو- آخر مس مس ڪري هن کي هوش آيو. ڪا چوڻ لڳي، ”ٻڙي تو سان خيرته آهي!“ ڪنهن چيو ته ”تنهنجو ترڪيو پير آهي.“ ڪا چوڻ لڳي ته ”نه ڙي نه، هي به هڪڙو فند آهي، مڪر جو ڇنڊ آهي.“ شهزاديءَ اِهاچائون چائون ٻڌي چيو ته ”هي ڪهڙو گوڙ آهي، ڇا جو شور آهي؟“ ٻانهين عرض ڪيو ته ”حضور، هڪ ٻانهي حوض تان ڪوزو ڀرڻ ويئي، سا  بيهوشيءَ جي حالت ۾ آندي اٿئون. هاڻي هوش ۾ آئي آهي، جنهن ڪري هي چوٻول متو آهي.“ حڪم ٿيو ته ”حاضر ڪريوس!“ ٻانهيءَ کي حاضر ڪيائون، ويچاري ڏڪي رهي هئي. شهزايءَ پڇيس ته ”خير ته آهي! اهڙو ڪير آهي، جنهن اسان جي رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي!“ ٻانهي ويچاري هڪ اڳيئي مصيبت جي ماري، ٻيو هي حڪم جاري، سو هيڪاري ويس مت مارجي. فقط حوض ڏانهن اشارو ڪيائين، ۽ اکيون پوريائين. سڀني اوڏانهن نهاريو- اوچتو هڪ پرستار، ڪجرفتار جي نظر آفت جان تي پئجي ويئي. پريءَ جو حسن جمال باڪمال ڏسي، حيرت ۾ اچي، ٻن کي اشاري ڪنابي سان ٻڌايائين. هڪڙيءَ چيو ته ”ٻڙي، ڏسو ته هي جوان ڪير آهي! فقيري صورت ۾ جن آهي يا بشر، يا محبوبن جو افسر آهي.“ ٻيءَ چيو ته ”نه ڙي نه، ماه ڪنعاني، يوسف ثاني آهي!“ ڪنهن چيو ته ”ديواني، عقل کان بيگاني آهين، ماه  منير صورت ۾ بي نظير آهي،سرو آزاد ياپرستان جو پريزاد آهي ؛ پاسو ڪريو، سواري ڦيريو، خدا ڄاڻي ته ڪهڙو اسرار آهي- ڏسو متان  ساريءَ عمر جو سوز نه وِهايو!“ ائين چئي، هوادار جو پڙدو لاٿائون، سواري هٽايائون. آرام جان پڇيو ته ”خير ته آهي! سواري روڪيندڙ ڪير آهي؟“ هڪ خاص ٻانهيءَ آفت جان جي طرف اشارو ڪري، چيو ته ”هڪ مرد اجنبي آهي، ڏسڻ ۾ فقير آهي،  چهري مان دماغ شاهي عيان آهي. خدا گواه آهي ته محبوبن جو بادشاهه آهي.“ آرام جان ڏسي، بيڪ نگاهه بي آرام ٿي، عجب حالت بيقراريءَ جي ۾ اچي وري پاڻ سنڀالي حڪم ڪيو ته ”احوال پڇو!“ هڪڙو خواجه سرا آفت جان جي نزديڪ ويو، سلام ڪيائين، احوال پڇيائين ۽ هن طرح ڪلام ڪيائين  ته ”سائين، هي باغ خاص اسان جي شهزاديءَ جي تفريح گاهه آهي- هتي هوا کائڻ لاءِ تشريف فرمائيندي آهي، سواءِ ماديءَ جي نر کي مجال نه آهي جو اندر قدم رکي سگهي، نا محرم جو گذر محال آهي، هن باغ ۾ مرد جو گذر نه آهي- اڄ تائين بلبل کي به خبر نه آهي. هن گيڙوئين ويس سان فقيري بانا ڳچيءَ ۾ ڳانا ٻڌي، گوشي خلوت ۾ ويهي حقيقت جو سير ڪرڻ سڀ کان اُتم آهي، خدا تعاليٰ جو خوف ڪرڻ ۽ ممنوعات کان پرهيز ڪرڻ، نفس جي شوخ گهوڙي کي مهميز ڏيڻ، ڪاملن جو ڪم آهي، گهوڙي نفس جي کي ڇڙواڳ ڇڏڻ، ۽ پرائيءَ ڌيءَ ڀيڻ کي برائيءَ سان نظرڻ ۽ دنيائي حرص هوس ۾ پوڻ، اهو فقيرن جو ڪم ناهي: تنهنجي سر جو قسم آهي، مون چيو سچ آهي.“ آفت جان وڏي سر جواب ڏنو ته ”اي ٻڍا پيرسن، پُرفن، پهريائين تون ٻڌاءِ ته عورت آهين يا  مرد! جيڪڏهين عورت آهين ته ظاهر آهي ته هن رمز کان ماهر نه آهين، جيڪڏهين مرد آهين ته تڏهين عشق کان بيخبر دل سرد آهين، ۽ ڪڏهين اُن گهٽيءَ ۾ گذرنه ٿيو اٿئي، تنهن لاءِ بي اثر آهين، جيڪڏهين خُنثي آهين ته پوءِ صاف معاف آهين- (1)جاويد * يا امان (2) آهين، محبوب (3) ته نه آهين، نه عاشق نه طالب نه مطلوب، ته پوءِ محجوب آهين نه محبوب. اي نادان!  امير توڻي فقير، جنهن کي خداوند تعاليٰ طاقت ڏسڻ جي عطا فرمائي آهي، سو بيشڪ ان جي جلوي جي ڏسڻ جو لائق ۽ فائق آهي، هر طرح شائق آهي، هر وقت ان جي قدرت تان قربان آهي- اهو ڪبريائي شان آهي ؛ منهن جي دماغ ۾سوداءُ ناهي، رڳو خشڪ دماغ ڪين آهيان جو معشوقن جي ديدار کان منهن موڙيان ۽ ڏسڻيون واسڻيون پنهنجون اکيون ڦوڙيان: جنهن جي دل ۾ درد ناهي، سو عورت ۽ مرد ناهي، بلڪه دل سرد نامرد آهي- ان جي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي، بي درد ، آدميت جو شان ناهي، جنهن کي عشق  نه آهي سو انسان ناهي.

بيت-

بي عشق آدميءَ جو جيئڻ شان ڪين آهه،

جنهن کي نه هوءِ عشق، سو انسان ڪين آهي.

”.... سچ پڇين ته حسينن جي ديدار کان منع ناهي، البت سهڻي صورت ملوڪ مورت جو لڪائڻ بهتر ڪين آهي.

بيت-

نازنينو! منهن لڪائڻ ٿيو گناهه،

سهڻي صورت جو ڇپائڻ ٿيو گناهه.

”........ افسوس، حسن جو جهلڪو، جو ڀن جو چٽڪو چار ڏينهن مهمان آهي، اِهو آدميءَ جي آزمائش جو نشان آهي، جواني فاني آهي، ان تي غرور ڪرڻ ناداني آهي، بلڪه حماقت جي نشاني آهي: جنهن مهل حسن هٽيو ۽ چهري جو رنگ مٽيو، منهن ۾ گهنج پيا، شباهت ڦري، ته پوءِ منهن لڪائڻ جي حاجت نه رهي. پوءِ جيڪو ڏسندو، سو پاڻهي منهن لڪائيندو، پاسو ڪندو، پري کان سلام ڪندو ۽ هي ڪلام ڪندو:

بيت –

زوال ِ حسن جي آيو ته هوندا ڪين مستانا،

نه هوندي شمع سوزان، ۽ نه هوندا تنهن تي پروانا.

غزل –

اندر ۾ عجيبا اٿم عشق اُٻَ،

وهن نيڻ نارا، وسي جيئن ٿي اُٻَ.

پرت ۾ پرينءَ جي ڏنم عشق ڌوڻ،

سندءِ درد دلبر ڏني ڏاڍي جُهٻ.

نه پِيجان انهيءَ تڙ جو پاڻي پليت،

اٿئي زال دنيا جي واتن جي لُٻ.

مثل الف قد هو جوانيءَ سندو،

پريو ٿيو، ڏنگي پٺ، پيا چيلهه ڪُٻ.

کڻي ٿا سگهون پير ”عاجز“ ته ڪين،

اڃا ڏور منزل، پيا پيرن ۾ کُٻ.

وڻون ڪين سهڻن کي هاڻي ادا،

چٽي ڏاڙهي ٿيڙي، پيا منهن ۾ گهُٻ.

”... حسينن کي ناز بيجا جي بجاءِ، شڪر خداوند ڪريم جو ڪرڻ گهرجي، جنهن دولت حسن جي سان مالا مال ڪري، اهڙي سندين موهڻي مورت بنائي: امير توڻي فقير، جوان توڻي پير، سڀئي حسن جي سرڪار ۾ گرفتار ۽ تابعدار آهن، ۽ سر ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پنهنجي شهزاديءَکي چئو ته فقير فقط ديدار جو طلبگار، ۽ هڪ  بوسه ؟ شڪر لب جو خواستگار آهي، ٻي ڪا درڪار نه آهي: حسن جي زڪوات  ڏيو، سوالي خالي نه ڪريو!“

المختصر، شيدي خواجه سرا آفت جان جو سڌو جواب ٻڌي، مُنهن ڦيرائي، پير هٽائي، سڌو سنئون پاهون اچي شهزاديءَ آرام جان جي اڳيان دم پٽيو. ڳچ مهل ته خاموش، گويا بيهوش هو. شهزاديءَ پڇيس ته ”خير  ته آهي، اهڙو ڀوتاڙيل ڇو آهين؟“ ويچاري هوش سنڀالي، هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”اي شهزادي، هي ته ڪو رند مستانو آهي يا ڪنهن پريءَ روءِ جو ديوانو، شمع حسن جو پروانو آهي- زبان تي آه فرياد اٿس، پر پٽڻ ۾ آزاد آهي، غيرت شيرين، رشڪ فرهاد آهي، زبان ۾ اُهو تاثير اٿس، جو هر ڪو ڪلام ان جو  جگر جو تير آهي، اهڙو سوال ڪري ٿو، جنهن جو پورو ڪرڻ محال آهي، حضور جي سامهون عرض ڪرڻ بندي جي مجال نه آهي ؛ سوال ڪندڙ ڏاڍو مغررو، سوال بي دستور فهم عقل کان دور آهي- غلام جو ڇا مقدور آهي!“ زبان خشڪ، چپن تي مُشڪ، اکين ۾ اشڪ ڏسي آرام جان مرڪيو ۽ حڪم ڪيو ته خواجه سرا هڪ خاص ٻانهيءَ ڏي منهن ڪيو ۽ چيو ته ”ڇا چوان فقير آهي، مگر هوش بي پير  اَٿس، تو کان هڪ چميءَ جو طالب آهي.“ خواص تپي باهه ٿي ويئي، چڙي منهن ٻئي پاسي ڪيائين، جُتي ڏيکاريائين، آرام جان مرڪيو ۽ مڙني ٻانهين ٽهڪڙو مچايو. پريءَ  چيو ته ”ڀلا بابوُ ڏهه دنيا ستر آخر!“ هي جواب ٻڌي سڀني ٻانهين ان خواص ڏانهن  نهاري کليو.هر ڪنهن کي وندر ۽ چرچو لڳي  ويو. آرام جان چيو ته ”ورهين کان دل  اُداس هئي ته هن عمر ۾ ڪو  عاشق مزاج، سهڻي صورت، من موهڻي مورت ڏسجي ۽ دل وندرائجي. سو خدا تعاليٰ اڄ مراد پوري ڪئي،  هلو ته  ويجهو هلي، ڏسي ٻڌي، دل بهلايون، طبيعت وندرايون ۽ اندر ٺاريون.“ هڪ شوخ سنگ ٻانهيءَ چيو ته ”اي راڻي! ڄاڻي واڻي هڪ غير مرد جي ويجهو وڃڻ دانائيءَ کان دور آهي، شروع ۾ اهو دستور ناهي، ٻيو هڪ چرئي، سودائيءَ، سڙئي جي منهن لڳڻ ڪهڙو  ضرور آهي!“ شهزاديءَ جواب ڏنو ته ”ظاهر آهي ته هيءُ ڪو سودائي آهي يا توائي آهي، هن کان پاسو ڪرڻ نه جڳائي، ان ۾ ڪو به خلل ناهي- مستن کان موشو ڪرڻ نخري ۾ داخل آهي، ان ۾ ڇا حاصل آهي! جيڪڏهين سالم عقل ڏي هوش آهي ته به خانه بدوش آهي، اڄ نه سڀان وڃڻ لاءِ تيار  آهي ۽ هر ڪو پنهنجي اختيار آهي- گهڙي کن جي مهمان ۾ ڪهڙو نقصان آهي!“ غرض حڪم ٿيو:  ”سواري اڳتي نيو!“ ويجهو پهچي شهزاديءَ عرض ڪيو ته ”شاهه صاحب، اسان جي حق ۾  ته دعاي خير ڪريو!“ آفت جان چيو:

”جو پاڻ زندگيءَ ۾ ٿيو ڪڏهن نه بامراد،

اهڙي مريضِ عشق کان تون ڪا دعا نه گهر!“

هن جواب کان آرام جان کي شرم آيو ۽ منهن ٻئي پاسي ڪيائين.

هڪ خاص  ٻانهيءَ چيو:

”سبحان الله، مُنهن ۾ موسيٰ ، اندر ۾ ابليس! ، ٻاهر خرقو، اندر ۾ ڀڙڪو- نه منهن نه مهانڊو، نه هنڊي نه ٽانڊو، هليو آهي عشق پچائڻ ۽ محب جو رنگ رچائڻ.

بيت –

”هتي ڪا نه تنهنجي هلي دسترس،

ڪڍي دل  منجهان ڇڏ اهو تون هوس،

نه ڪر نام بدنام تون عشق جو،

انهيءَ  ياده گوئيءَ کان ڪر پاڻ بس.“

پريءَ جواب ڏنو ته ”واه واه، صورت چرين جي، مزاج پرين جو- هي به اهو مثل ٿيو. هان هان، منهنجي چر نه ڪر، خدا  ڄاڻي ته ڪهڙي  ڌيان ۾ منهنجي زبان مان هڪ شعر نڪري ويو! توهان پاڻ ڏي ڇڪي ورتو، جهٽ پٽ معشوق بنجي ويٺؤ! اسانجي ته ملائڪن کي به خبر نه آهي، نه اسان کي ڪو اهڙو خيال آهي؛ جيڪڏهين ڪو ٻيو ارادو آهي ته پهريائين پنهنجي صورت بنايو، پوءِ ڪو ٻيو حرف زبان تي آڻيو.

بيت –

”دل جو ملهه ڇا هي ڀَلا زلف ڇَليپا ٺهري،

ڪين هجي هڙ ۾ ميان عشق جو سوداءُ ٺهري.“

آرام جان فرمايو مُشڪي، ته ”هُن مردارِ کي ته هئي خشڪي، تنهن پنهنجي پورهئي جو پاڻي پيتو.ان کي اجورو مليو: پر ڳالهه ڪرڻ جو طريقو، سمجهاڻيءَ جو  سليقو ٻيو آهي. ڀلا هوءَ ته ماٺ ڪري رهي، اوهين ته پنهنجي زبان سنڀاليو! ڳالهه جو سِر آهي نه پير، ڀلا پنهنجي صورت ڏسي ڪير!“ آفت جان اهو ٻڌي جواب ڏنو ته ”معلوم ٿيو ته تماشبين آهيو، پاڻ کي حسين سمجهي، سهڻي صورت ڏيکارڻ هليا آهيو ته اسين  به حسين نازنين آهيون، جيڪڏهين اهو ارادو آهي ته اسان کي به اوهان جي خاطر منظور آهي. خير، فقير جي منزل دور نه آهي، اوهين دلارام آهيو، آءُ اوهان جو غلام بيدام آهيان.“ آرام جان چيو ته ”محبت ڪا سستي آهي! اها اوهان جي فاقه مستي آهي جو ڳالهه ڪرڻ ۾ جلي رهيؤ . واه واه ڏيڏر کي به ڪو زڪام ٿيو! مفت عشق بدنام ٿيو. رهن ڀونگين ۾، خواب ڏسن محل وارن جا- اهو بلڪل محال آهي. سائين جي اکيون کوليو، طبيعت کي ڳوليو، ڪهڙي پاسي خيال آهي، اهو به ڪو تال پخال آهي.“ آفت جان ورندي ڏني ته .سچ آهي، عاقن جو نالو اهڙو بد آهي جو جيڪي فرمايو، سو رد نه آهي، بلڪه بجا آهي ۽ معشوقن وٽ اها سزا آهي.

بيت –

عرض ڪرڻو ته بي حجابي آهه،

عاشقن لاءِ اِيءَ خرابي آهه.

”... اوهين ته خدا جي فضل سان محبوب آهيو، پر محبت جو نالو اهڙو معيوب اهي، جو گڏهه جي ڪن ۾ کڻي چئجي ته پوک جو ڀيلڻ ئي ڇڏي ڏئي، وري اوڏانهن پٽيءَ نه وڃي. اوهين ته ڏسي وائسي بسڙ ۾ پير ٿا هڻو، ڪنهن خوشرو جوان جو منهن ڏسڻ ٿا گهرو، سهڻي صورت ڏسيو ٿڌا شوڪارا ٿا ڀريو، ته پوءِ ٻين جو ڪهڙو ضرور آهي. جيڪڏهين فقير جي  صحبت منظور آهي ته خاڪ نشيني اختيار ڪريو، ٻيو ڪو به تڪرار نه ڪريو، - توهين هوائي گهوڙي جا سوار، فقير پيادو  پينار.“ ايتري ۾ ڪنهن ٻانهيءَ چالاڪ، بيباڪ، شهزايءَ کي ڪن ۾ چيو ته ”هي فقير مرد نه آهي، عورت آهي. ڳالهه ڪرڻ ۾ ڀرون چڙهيو وڃنس، نڪ مُڙيو وڃيس ۽ اک جو گوشو ڦريو وڃيس. قسم تنهنجي جان جو امتحان آسان آهي.“ ائين چئي، هڪ حبشڻ کي اشارو ڪيائين، جنهن لڪي آفت جان جي پٺ کان اچي قرابين ڇوڙيو. قرابين  جو ڌڪاءُ ڪري ڇٽڻ، آفت جان جو اوچتو ڇرڪ ماري پٽ تي ڪرڻ- بيهوش ٿي هوش حواس کان نڪري ويئي. آرام جان جهٽ پٽ تخت تان لهي، آفت جان کي کڻائي، تخت تي سوار ڪرائي، محلات ۾ آئي- پلنگ تي ليٽايائينس، ڪنهن لخلخو سنگهايو ته ڪنهن گلاب ڪيوڙو ڇڻڪايو، ڪنهن هٿ مهٽيا ته ڪنهن پيرن کي سهلايو، تڏهين مس مس ”شاهه صاحب“ هوش ۾ آيو. آرام جان ڳراٽي پائي اٿاريس ۽ ”ها ها، قهه قهه“ ڪري کليائين، سڀني ٻانهين ۽ سهيلين ٽهڪڙو مچائي ڏنو. ڪنهن چيو ته ”واه واه، ڀڳت صاحب ڏاڍو دلير آهي، عاشقيءَ ۾ شينهن شير آهي!“ ڪنهن کلڻيءَ دمباز چيو ته .سبحان الله، خزاني جي ضربخالي جي بچاءُ جو اپاءَ ته ڏسو!“ – غرض چوڌاري چوٻولو مچي ويو، هر ڪو انهيءَ رنگ ۾ رچي ويو. پريءَ جواب ڏنو ته ”عورت مرد تي ناهي- خير، فقير جي دل آهي، جيڏي آئي آئي: چوڻيءَ ۾ آهي ته ”صوفي سرمست، سودا دست بدست، اسين حُسن پرست آهيون مولا جي ياد ۾ مست، مي محبت جي ۾ معمور، نشي عشق جي ۾ چڪناچور، . “ غرض، دير تائين نوڪ چوڪ ۽ کل ٽوڪ جي گفتگو هلي. حاصل ڪلام، آرام جان حڪم ڪيو، حمام گرم تيار ٿيو ؛ غسل ڪري عمدي پوشاڪ ڍڪيائون، وار سڪائي هٿ هٿ ۾ ملائي ٻارنهن دريءَ ۾ اچي ويٺيون ؛ خاصو حاضر ٿيو، طرحين طرحين عمدا لذيذ طعام، ميوا خوشبوئدارکاڌائون، ٻه ٽي پَٽ شراب جا پيتائون، طبيعت تي سرور نشي جو پور پيدا ٿيو- دالان کان ٻاهر صحن چمن ۾ ڪرسيون جواهر نگار، جن تي  جهالريون زريدار وڇارائي ويٺيون. صحبت راڳ رنگ جي شروع ٿي، هڪ ڳائڻيءَ البيليءَ خوش الحان، هيءَ غزل ڇيڙيو:

غزل __

منهنجي گهر مهمان ٿيو آ دلربا اڄ رات جو،

پير پاتا پرت مان ڪي مھ لقا اڄ رات جو.

خانه ء ويرانِ دل آباد يڪسو ٿي ويو،

آه ڄڻ مون تي ٿيو راضي خدا اڄ رات جو.

”دور ٿيو  دور خزان، بستان ۾ آئي بهار‘ ،

بلبلن کي ٿي چوي بادصبا اڄ رات جو.

آه حاصل عشق که ٿي هم نشيني حسن جي،

معاف مستن کي مڙيئي  ٿي خطا اڄ رات جو.

دفترِ شڪوه وشڪايت، دفتر ِ رازو نياز،

بعد مدت جي کلن ٿا برملا اڄ رات جو.

اڄ ته اکين مان اها ڪر بند بارش ”عاجز“،

ٿي اجها پوري ٿئي من مدعا اڄ رات جو.

اهڙيءَ ٺاهه ٺوهه ۽ هاءِ هُوءَ جي  مجلس ۾ آڌي رات اچي لڙي، اهل محفل کي ننڊ اچي چڙهي، هر ڪا پنهنجي وڇاڻي تي، ڪنڌ وهاڻي تي، چاندني رات ۾ چاندني تاڻي، بيخبر، نه ڪنهن جو خوف نه خطر، سمهي رهي. آرام جان آفت جان جو هٿ هٿ ۾ وٺي هڪڙي جداعاليشان مڪان ۾ هڪ ڇپر کٽ تي آڻي ويهاريو، ۽ چيائين ته ”اَي اَدي، درد وندي، تو کي هن بنديءَ جو قسم آهي، سچ چئج تون ههڙي حسين صورت، من موهڻي مورت- نهن چوٽيءَ تائين سڄي ناز ۽ دلنواز آهين.- ڪنهن بي نياز جي الفت ۾، ڪهڙي دمباز جي دام تزوير ۾ جان گداز اهين؟ باوجود حسن دلپزير جي تنهنجي تقرير ۾ اهڙو سوز ۽ ساز آهي، جو ٻڌڻ وارو يڪدم دلگداز آهي، ٻڌندڙ ڏسندي اکين مان پاڻءَ جي عيوض رت جاري آهي- ٻڌاءِ توکي ڪهڙي بيماري آهي، جنهن جي ايڏي انتظاري آهي!“ آفت جان تمام بيقراريءَ، بصد آه و زاريءَ کان اکين ۾ لڙڪ آڻي، هي غزل پڙهيو:

غزل –

ڇا ٻڌايان اي طبيبو،   پنهنجي حالت  زار آهه،

مبتلاي عشق آهيان، عشق جو آزار آهه.

موت ري منهنجو نه باقي آه ڪو ٿيڻو علاج،

جنهن کي ڄاتو مون مسيحا، پاڻ سو بيمار آه.

هوت ويو هٿ مان هليو، سَو سور سامهون ٿيا اچي،

سوز دل ساڙي سندم، جا ڪئي لکئي لاچار آهه.

اوريان احوال ڪنهن سان حال محرم ناه ڪو،

پئي چڪاسيان چوطرف، ويجهو نڪو غمخوار آهه.

هي  نماڻي روزشب دانهون ڪري ٿي درد کان،

جان ”عاجز“ جي جيئڻ کان جانِ من بيزار آه.

”... اي شهزادي، هيءَ وره جي وادي، منهنجي سر تي بيدادي خانه بربادي آهي، تون عشق کان بيخبر ۽ ان جي اثر کان بي اثر آهين- انهيءَ درد کان دردمند نه آهين، تنهن ڪري دل سرد آهين.- ”موت“ انهيءَ بيماريءَ جو نالو آهي: اڪثر ماڻهو ”محبت“ به چوندا اٿس، دل کان گهرندا اٿس- اِهو مثل اوهان به ٻڌو هوندو ته فلاڻو فلاڻيءَ تي مري ٿو، دل سان گهري ٿو.، پوءِ جيڪو حضرت عشق جو نالو نيراني دل ۾ آڻي، تنهن کي سارو ڏينهن سواءِ درد غم جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿئي.“ آرام جان پڇيو ته ”انهيءَ درد جي دواڇا آهي؟“ آفت جان چيو ته ”دوا جي ڇا پڇا آهي! وڏي هچا آهي، ريءَ مريءَ مرڻو، ريءَ کٽيءَ لڏڻو آهي- - اِهو وري نئون جنجال آهي. عشق جي بيماريءَ جو علاج طبيب وٽ ناهي، مرڻ ۽ جيئڻ  نصيب کان آهي، هي معاملو عجيب آهي.

بيت - -

هاءِ، بيمار محبت جو ڪندو ڪير علاج؟

هاءِ، مسيحا نه ٿيو منهنجي دوا جو واقف!

”.... مون بارها عاشقن کان ٻڌو آهي ته محبت جي بيماري، علاج جي اختياري ڪين ڪري. انهيءَ ڪم ۾  توڻي ڪو مسيحا ئي دم ڀري، تان به زور ڪم نه ڪري-  جيئن مرهم رکي، تيئن درهم برهم ٿئي، زياده زخم ڪري، جي ناسور ٿيو ته وهلور ويو، گهٽ ۾ گهٽ به گدوبندر جي ديوانيءَ اسپتال وارو حال آهي، تقدير جي ڪمن ۾ تدبير کي مجال نه آهي- -  اوهان جو ڪيڏي خيال آهي“ آرام جان اکين ۾ پاڻي آڻي، چيو ته  ”ڀلا ! عشق نه ٿيو چٽي ٿي، حضرت مسيحا جي دوا کان شفا ملڻ محال جُڙي، ته پوءِ سر تي چٽي ٿي وبال ٿيو. اهڙي جيئڻ کان پوءِ ڇو نه خنجر هڻي  پاڻ کي ختم ڪجي،  ته هڪڙو ئي سور- ڏکن جي پور کان ڇٽي پئجي!“ آفت جان  چيو ته ”اي ڀيڻ، انهيءَ آزار کان بيزار ٿي، حرام موت ڇو مرجي، عمر تائين پنهنجو نالو بد ڇو ڪجي؟ جيتوڻيڪ عشق موت جو پيغام قضا جو سلام، رضا جو ڪلام آهي، ان ۾ هڪ قسم جو مزو ۽ حقيقت جو جزو آهي. جنهن دل تي ان جو  گذر آهي، تنهن کي ان جي لذت جي خبر آهي،  بي اثر کي ڪو اثر نه آهي- ڪڏهين درد فراق جو غم، ڪڏهين وصال جي اميد، ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي خبر انهيءَ حال جي! “ آرام جان چيو ته ”ادي، جنهن عشق جو نالو نه ٻڌو هوندو، نه عشق جو دم ڀريو هوندو، نه هم قدم ٿيو هوندو، سو ان جي ڪيفيت ڇا ڄاڻي؟ فراق جي  ذلت ۽وصال جي لذت، آزادن جي بلا ڄاڻي، اسان نه ڪڏهين عشق ڪمايو، نڪو ڪو معشوق ڏسڻ ۾ آيو، عمر ساري آزاديءَ ۾ گذاري. تون ٻڌاءِ ته ڪنهن جي جدائيءَ ۾ اِها وٿ ڪمايئي، ڪهڙي دلنواز جي ڦندي ۾ دل اڙايئي؟ ظاهر ڪري ٻڌاءِ، زرو به نه  لڪاءِ!“ پري ويچاري، درد جي ماري- بيقراريءَ کان هڪ دردناڪ آه دل غمناڪ  مان ڪڍي، چيائين ته ”دل صد چاڪ بيچاڪ آهي سوز فراق جي کان اک مشتاق جي نمناڪ، ٻڌڻ واري جو جيئڻ شاق آهي، اوهان جي دل شائق آهي ته اول جي غزل پڙهڻ جي لائق آهي:

غزل __

زماني ۾ ظاهر  جفا جو رواج،

ڪٿي ڪو نه ڏسجي وفا جو رواج!

روا خون عاشق جو اڄ جا بجاءِ،

نه باقي رهيو خون بها جو رواج!

مريض محبت ٿئي چاڪ ڪيئن،

دوا جو نه جن وٽ دعا جو رواج!

سدا چشم نرگس رهي شرمسار،

حسينن ۾ ناهي  حيا جو رواج!

منجهان خون عاشق ته ڪن لعل هٿ،

ڦٽو گلرخن ڪيو حناجو رواج!

اڳوڻا ويا ميٽجي داستان،

ڏسي تنهنجي  غمزي، ادا جو رواج!

وري اهلِ محفل کي ”عاجز“ ٻڌاءِ،

زماني ۾ ظاهر جفا جو رواج!

”... منهنجو سارو قصو، غم جو حصو آهي: آءٌ ڪمبخت، دل سخت، پرستان جي پري آهيان، آفت جان نالو اٿم، قسمت  زيردست ٿي، هڪ جوان طرحدار گلعذار جي زلف خمدار ۾ دل بي اختيار گرفتار ٿي، يعني هڪڙي آدمزاد، رشڪ شمشاد، ميدان مبت جي ۾ تنها ۽ ڪمزور ڏسي، دل ڦري فقير ڪيو- زلف گره گير جي دام تزوير ۾ اسير ڪيو. هاڻي نه اُهو حسن جو بهار آهي نه جوڀن ۽ جنسار آهي، نه اُهو حسن ۽ جمال آهي نه جوڀن جو ڪمال آهي، يڪدم زوال کائي پائمال ٿيو. دل ۾ درد، لبن تي آه سرد آهي، تنهائيءَ ۾ مفارقت جي قوت نه جدائيءَ جي طاقت آهي، نه وري ايتري جرات، جو بند قبا جو کولي، ناله فروشي ۽ سينه خروشي ڏيکاريان- متان مون بخت سياه جي  سوز واريءَ آه کان ڪنهن بي گناهه جي دل کي باهه لڳي وڃي، جو به مون وانگر دربدرخاڪ بسر ٿئي! جڏهين اوهان گهڻو اسرار ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن لاچار ۽ مجبور ٿي احوال ٻڌائڻ ضرور ٿيو. اي آرام جان، هي بيان دل جان سان ٻڌ... ته جڏهين آءٌ پنهنجي سمجهه ۾ آيس ته سرتيون سهيليون چونديون هيون ته ”آفت جان جي مزاج ۾ ڏاڍو سوز ۽ ساز آهي. هيءَ پري ته ڪا چري آهي، رکي چرٻيءَ جي ڀري ڪين آهي، هن جي گفتگو دلنواز ۽ هن جو ڳائڻ جان گداز آهي- جنهن ٻڌو، سو محرم راز ٿيو.“ جڏهين جوان ٿيس ته وحشت جو سامان ۽ حسن ڏانهن دل جو ميلان ٿيو، - عشق جي  نشي جو سُرور، حيا ۽ شرم دور ٿيو: حسن ۽ جمال ڏي دل بدر جي ڪمال راغب ٿي،  عقل پائمال ۽ هوش جو زوال ٿيو، تان ته اهڙو حال ٿيو، جو خلق آرام ۽ فرحت ڪندي هئي ۽ مون کي ساري رات ڪنهن جي طلب ۽ تات ۾ هيهات! جو کٽ تي پاسا ورائيندي ۽ ڦٿڪندي هيس. اهڙيءَ حالت ۾، صبح ٿي ويندو هو. غرض ته حسن پرستيءَ ڏي دل مائل ٿي، ۽ عشق عاشقيءَ ۾ درجي بدرجي ڪامل ٿي اڃا دل گهائل، طبيعت درد جي ستايل مس قابليت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي، ته هيءَآرزو پيدا ٿي ته ڪو زُهري شڪل، مُشتري شمائل خريدار ٿئي ته ڪا واپار جي گفتار ڪجي: مگر دل عزيز هلڪي چيز نه آهي، جا مفت ۾ ڪنهن بيقدر، تنگدل، بيتميز جي نذر ڪجي ؛ جيتوڻيڪ آءُ پاڻ محبت ۾ دلسوز  هيس، پر  نَؤ اَموز هيس. هڪڙي ڏينهن، انهيءَ فن جي استاد، رشڪ شيرين، غيرتِ فرهاد منهنجي آه و فرياد ٻڌي، مون کي چتائي ڏسي ورائي چيو ته ”اي سروُ آزاد، هي ڪهڙو بيداد آهي! جوانيءَ جي عمر ديوانيءَ ۾، حسن برباد آهي! نه اُهو ناز نه انداز آهي، رڳو سوز ۽ ساز آهي! هيءَ جواني مستاني چئن ڏينهن جي مهمان آهي. جي اجائي  ڌيان ۾ زيان ڪري وڃائجي ويئي، ته پوءِ پيريءَ جي  ذلت ۾ ڪهڙي لذت ايندي؟ مٺيس! مائي، ڌيان  ڌر، بس ڪر، اهو وحشت جو سامان، ان مان نيٺ خفقان آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي چيم ته پوءِ ان جو علاج ڇا ڪريان؟، کلي چيائين ته چانڊوڪيءَ رات ۾ گلن جو  سير ۽ نهرن جي نظاري کان طبيعت وندراءِ، ته دل جي وحشت دور ۽ ان کي سرور حاصل ٿئي.“ اهو بيان ٻڌي چيم ته ”اي همدم، تنهنجو قدم مبارڪ هجي- اها تدبير ۽ تقدير دلپذير آهي.“ ان ڏينهن کان وٺي ساري رات انهيءَ  تات ۾  هوادار تخت تي سوار ٿي، باغات جو چاندنيءَ رات ۾ سير ڪرڻ ۽ صبح جو خير سان وري گهر ۾ اچڻ، انهيءَ کان البت فرحت، جان ۽ دل کي راحت حاصل ٿي.ڪي ڏينهن ته خير جي پئي گذري، هڪ رات جو ذڪر آهي ته ڳوهه کي کٽي کڻي ته ڳولي شڪارين جا گهر، ان مثال مطابق خيال پيداٿيم ۽ حد پرستان جي پار ڪري، اڳتي وڌيس. پري کان بيابان ۾ هڪ مڪان عاليشان نظر آيم، قسمت ڀُلايم، هوادار هيٺ لاٿم، ڳالهه جو ڳاٽو نه سنڀاليم، عمارت سنگمرمرين خوش اسلوب، دل کي مرغوب لڳيم، زور پسند آيم، اڳتي وڌي ڏٺم ته چوڪيدار پهريدارَ، غلبي ننڊ جي کان ڀرپور ۽ غفلت جي خمار ۾ مخمور- بار بار جهوٽن جي لوڏ کان ڪنهن جي پڳڙي ور وَر ٿي، بگڙي، ڳچيءَ ۾ پيئي آهي، ته ڪنهن جي اڳيان مثل آنڊن جي ڍير آهي. تخت تان لٿيس، آهستي آهستي پير پير ۾ اڳتي وڌيس: سبحان الله، هڪ پلنگ جڙادار،  پايا ياقوت جا جڙيل، ريشمي رنگ آميز نهوار سان مڙهيل، مسند زريدار، تڪيا خود باف جا رکيل، سيجبند سان ڪشيل، مٿس نرم نرم گل پکڙيل، جن جي هٻڪار سان سارو مڪان ۽ محل مُعطَر هو. مڪان جي سامان کان عقل حيران، هوش پريشان هو.“

آرامجان آفت جان کان ايترو ٻڌي، ٿدو شوڪارو ڀري، چيو ته ”پوءِ ڇا ٿيو ادي!“ آفت جان چيو ته ”اُن تي هڪ شهزادو، حسين محجبين، نئين جواني، آفت جي نشاني، مُنهن نوراني، لباس سارو زرافشاني، ان جي پيشاني ڏسي، دل مان دانهن اندر مان آهه، نڪتي، دل شيدا ٿي – ٻيئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهيس. اکين آڏو انڌوڪار ۽ جان کي ڍڪر  اچي ويم. بيوس ٿي هوش حواس کان نڪري ويس. ٿوري وقت گذرڻ بعد، جڏهن هوش سنڀاليم، حواس درست ٿيم، خيال ڪيم ته ويجهڙو هلي ديدار ڪريان، ۽ جاڳائي دل جي سوز کان خبردار ڪريان. پر، دل جي وحشت ۽ حسن جي دهشت جهلي ڪين سگهيس.  لاچار بي اختيار ٿي، هٽي، تِري افسوس کان مهٽي، تخت تي سوار ٿي، موٽي پنهنجي جاءِ تي آيس. بس، جڏهن وس نه هليو، تڏهن بيوس ٿي ماٺ ڪري، منهن ويڙهي ليٽي رهيس، باقي رات روئي، هنجن مان منهن ڌوئي، تنهائيءَ جي حالت ۾ جدائيءَ جي ملالت ۾، دل کي چيم ته ”اي ڪمبخت! جيڪڏهن رسوائي ٿي، ته ساريءَ عمر جي ڪمائي برباد آهي، ڪا ڳالهه ياد نه آهي، پر دل ديواني، حيا شرم کان بيگاني، ڪٿي ٿي ٻڌي! آخر سارو ڏينهن سخت مسڪلات سان ڪٽيو. رات ٿي ته وري اُها ئي تات ! هوادار تي سوار ٿي، پري کان ديدارڪريو، دل ٺاريو، ڏينهن ٿيو وڃي- آخر جُڙي بَني، پريءَ مان چري ٿي رهيس، هوش حواس کان نڪري ويس. انهيءَ رڳيءَ آمدرفت کي ڪئين مهينا گذري ويا آهن، نه اُها صورت رهي آهي، نه اُها سيرت! ڏيهاڻي نوان مضمون گهڙيو ۽ ور ور ڏيو پڙهيو وڃان، پر اُتي نه ڪجهه ڪڇان نه هُن کان ڪجهه پڇان، هاڻ نه نصيحت جو اثر آهي، نه جيئڻ مرڻ جي ڪا خبر آهي، رات ڏينهن رڳو اهو ضرر آهي. آخر غم کائيندي، سورسهندي، طاقت طاق ٿي، هن مشتاق جي دل صد چاڪ ٿي- راز فاش ٿيو، جگر پاش پاش ٿيو، اسير دلگيرٿيس. هٿن ۾ ڪڙيون، پيرن ۾ زنجير پيم، حاصل ڪلام، گهڻيءَ مدت کان پوءِ، شربت وِصال جو وعدو ٿيو- اهڙيءَ تلخائيءَ سان، جو ان کان هوند زهر کائي مرجي، نينهن جو نالو به نه وٺجي! يعني جڏهن ملاقات جي نوبت پهتي ته معلوم ٿيو ته اُو پاڻ ڪنهن جي عشق جي تار ۾ گرفتار، جيئڻ کان بيزار آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته بيمار ڪيئن بيمار جو علاج ڪري! جنهن کي حضرت مسيحا ڌڪائي پنهنجي دروازي تان، سو سواءِ قبر جي ڪا ٻي جاءِ نه پائي- لاچار ٿي، اهو ساڙو سر تي هموار ڪيم، انهيءَ ڪم جي اهتمام جو انجام ڪيم، ۽ هي ڪلام ڪيم ته ”اي جان من! اگر تنهنجو مطلوب، دل مرغوب توکي آڻي ملايان، ته ڪهڙو انعام پايان؟“ کلي چيائين ته ”دولت وصال جي کان مالا مال، ۽ ساري عمر نهال ڪريان!“ آفت جان کن رکي چيو ته ”اي ڀيڻ، خيال ڪر ته پهرين پنهنجي جان بچائڻ عين فرض آهي، پرعشق ڪمائڻ به مکڻ جي سيخ پچائڻ آهي. ان دم لباس معشوقي لاٿم، ويس فقيري پاتم، خداوند رحيم ڪريم آهي، پنهنجو ڪرم ڪندو، ۽ هن عاجز تي رحم فرمائي، دولتِ وصال کان مالا مال ڪرڻ جو ذريعو پيدا ڪندو. اگرچ هيءَ نازنين ، عالي دماغ، پنهنجي خاندان جو چشم چراغ آهي- وڏو ستم  هي آهي جو حسن ۾ تمام اُتم آهي- پر تڪبر اُها بلا آهي، جنهن حضرت عزازيل کي گمراهه ڪري، شيطان ڪيو، فرعون جو گهر تباهه ڪيو ۽ نمرود روءِ سياهه ٿيو. اي آرام جان! آءٌ حضور ۾ عرض ڪريان ٿي، جيڪڏهين هن مغرورِ کي دماغ ۾ فتور آهي، ته هِتي عجز نياز منظور آهي، اگرچ اُنهيءَ رقيب، خوش نصيب جو گهر زندانخاني کان سخت تر آهي، پر هتي دلبر جو امُر پيش نظر آهي! مگر افسوس، منهنجي لاءِ عين ماتم آهي: غم الم  عاشقن جي غزا آهي، درد ۽ زَخم انهن لاءِ سزا آهي. ڇا لاءِ جو رقيب جو الم، حبيب جي غم سان اچي مليو، ته وصل جو مزو ذلت سان بدليو، ۽ مونس اُنس بلڪل ويو هليو. ۽ پهاڄ پڻي جو طعنو مون پاڻ لاءِ منظور ڪيو، اهو به هڪ نئون دستور ٿيو“ اهو افسانو آرام جان لاءِ افسون ٿيو- ٻڌندي بيخوديءَجا آثار، سودا جا اطوار ظاهر ٿيس، گويا مجنونءَ وانگر جنون لڳس- حيرت جي حالت ۾ در ديوار تڪڻ لڳي، سودائن وانگر اجائي وائي بڪڻ لڳي. وري دل کي سنڀالي چوڻ لڳي ته ”ادي، پوءِ ڇا ٿيو، سو ته ٻڌاءِ، آفت جان مرڪي چيو ته ”آءٌ پنهنجي جهوپڙيءَ جو خير ويٺي گهران ته ڪٿي باهه عشق جي وسامي، متان ڪو ٻيو نه کامي! وڏائي ڌڻيءَ جي آهي، جو تيز هوا لڳي ويئي، پاڙي واري جو گهر جلائي خاڪ ڪيائين.“ آرام جان چيو ته ”ادي، اُهو گهر ڪنهن جو هو؟“ آفت جان چيو ته ”ڀيڻ، جنهن وقت عشق جي باهه ڀڙڪو ڪندي ۽ اُن جي تابش  تڙڪو ڪندي، تنهن وقت پاڻهي خبر پوندي، اڃا الله توهار ٿي دکي آهي، - دل کي لاڳي لڳي آهي، هن کان وڌيڪ ڪلام فضول آهي. منهنجو شهزادو  دير کان دل ملول هوندو.“ آرام جان اهاڳالهه ٻڌي،  ته سردي وٺي ويس. منهن ۾ زردي، حالت ردي ٿيس. آفت جان اُٿي کڙي ٿي. آرام جان جهٽ ۾ پري کي چنبڙي ويئي،  چيائين ته ”واه واه! بره جي باهه دکائڻ ۽ پرائي دل جلائڻ، مروت کان بعيد آهي. منهنجي واسطي شور ”هَل مِن مزيد“ آهي! اها حقيقت ڏسڻي آهي- ٻڌڻي ناهي! جنهن شمع روءِ تي ديواني، پرواني وانگردل شيدا، جان فدا ڪئي اٿئي، ذرو اسان کي به ان جي ديدار کان سرفراز ڪر- انهيءَ ساز کان جان گداز آهي، تنهنجو هتان ڇٽڻ محال آهي، نه ته منهنجي جان جو تو تي وبال آهي.“ صبحان الله! قادر ذوالجلالَ، حسُن جُمالُ، اهڙي چيز بنائي آهي، جو صاحب جمال جي هڙان هڪ پائي به خرچ نه ٿئي، ۽ ڏسڻ وارو بي خرچ ڏسي ته دل سير ٿي پوي- آخر هر طرح خير ٿي پوي. هان، البت عاشقن جي ڏسڻ وائسڻ کان سهڻن کي معشوقيءَ جو مرتبو حاصل آهي، ويچارو عاشق سوئي دل گهايل آهي، ۽ وري هيءَ مصيبت جو عاشقن کان منهن لڪائڻ ڏي سهڻن جي دل مائل آهي. جيڪڏهن عشق جي منزل ۾ بدناميءَ جو خوف نه هو، ته دنيا ۾ اهڙو ڪو به  موچارو شغل نه هو- هيءَ غذا روحاني آهي، ان کي بد سمجهڻ به ناداني آهي. هي غزل محبت جي تعريف ۾ پڙهڻ، موافقت جي نشاني آهي.

غزل –

سهسائي کنيو سر تي جني  بار محبت،

اُنهن کان ڇڏائي ٿي پوءِ گهر ٻار محبت.

بازار ۾ الفت جي ٿئي سؤدو نه سوا ”سر“ ،

اي ڪاش ڏسي، ٿي ڪو خريدار محبت.

هيءَ جاءِجتي ناهه ڪو وهنوار ۾ پئسو،

تنهن لاءِ چون چهري ٿا بازار محبت.

منصور سٽيو آهه جڏهن سر سندو سانگو،

تنهن بعد ڪيو آهيس اظهار محبت.

تبريزيءَ جيئن جام جفا جو نه پين جي،

هر گذر نه ٿين تيسين طلبگار محبت.

فرياد و فعان ناله، جو ڪجهه به ٻڌون ٿا،

سو آهه مڙئي راز ۽ اسرار محبت.

تاثير ادا اهه اهو نظم ۾ منهنجي،

تنهن لاءِ مٿم آهه گوهر بار محبت.

دلبر جي طبع تيز، ڪجان آزي نيازي،

”عاجز“ به ڪري عجز بدر بار محبت.

حاصل ڪلام، آفت جان چيو ته ”ادي، تو ته چيو ٿي ته محبت کان بيخبر  ۽ بي اثر آهيان. انهيءَ سور جو پور ٻڌا ته ڪيئن  ظاهر ٿيو؟ دل لڳيءَ ۾ ته مون کان به غالب آهين، ذري ساعت ۾ پاڻ طالب ٿي ويٺي آهين.“ تنهن تي آرام جان چيو ته ”عشق، استاد ڪامل آهي!ڏسي وائسي پڇڻ مان ڇا حاصل آهي. جيڪڏهن وٺي هلڻو اٿئي ته وٺي هل، نٽائڻ بي اصل آهي.“ آفت جان چيو ته ”واه واه، يڪ نه شُد، دو شُد. هٿن جي صفائي نه ڏٺي هجيو ته هن زال کان سکو، پهاڄپي جو دم ڀرڻ ۽ منٿ به ان کي ڪرڻ، ادي، هن واديءَ ۾ جان جو خطرو آهي، موت جو ضرر آهي- هتي ته عشق جو سفر آهي- نانيءَ جو گهر ناهي-  بس کچڻي کاڌي، هلو ته پيڪي گهر هلون- هتي وڏو جگر گهرجي! چوندا آهن ته جگر شينهن جو نه رکين، ته عشق جو سفر نه ڪر“ مون کي نه اڳهين ماڻهو چوندا آهن ته هيءَ پري ته ڪا  چري اجايو کري آهي. سچ آهي، بيشڪ انهيءَ ڳالهه ۾ ذري لِڪَ به نه آهي، مگر دوست، دشمن مان ڄاڻي ٿو سگهجي، توکي به سڃاڻان ٿي- هڪڙي رقيب ڪم نصيب جي غم کان هن در جي کي پهتي آهيان ته قضا الاهيءَ جي سان تون به وچ ۾ ٽپي  پيئي آهين- مُٺيس، آءٌ ته هر طرح سان  مُٺيس ؛ باقي جگر جو ٽڪر رهيو آهي، سو به ڪنهن سِرڻ يا ڪَٻر جي ور چڙهيو ته پوءِ ”پڙهيو جِن سِر چڙهيو“ وارو ذڪر آهي-  اسان جو خدا حافظ ۽ ياور آهي.“ آرام جان اهڙو خشڪ جواب ٻڌي، بيوس ٿي،  زار زار رنائين، ۽ چيائين ته ”اسان جو به مالڪ مهربان، مسبب الاسباب، وصف جو صاحب آهي. هو ئي  ولهين جو وسيلو آهي، اُن جي ئي هٿ ۾ هر ڪو حيلو آهي.“ آفت جان ڳراٽي پائي، ڇاتيءَ سان لائي، پيار سان چيس ته ”اي ڀيڻ، مون تو سان چرچو ڪيو، تو ساڀيان سمجهو، پاڻءَ کان اڳي موزا لاهڻ سياڻن جو ڪم ڪين آهي. آءُ تنهنجي حڪم جي تابعدار فرمانبردار، بلڪل تيار آهيان، جيئن  چوين تيئن ڪريان، جتي چوين اُتي وٺي هلان- توکي اختيار آهي، مون تي ڪنهن به قسم جو بار نه آهي.“ انهيءَ دلاسي کان البت آرام جان کي راحت ۽ دل کي فرحت ٿي. آفت جان وري چيس ته ”اي ڀيڻ، هاڻي رات وهامڻ تي آهي، جي قسمت سڻائي ۽ گهر  خدائي آهي، ته سڀاڻ سانجهيءَ اچي حاضري ڏينديس. بلڪل خاطري ڪر. آءُ هينئر رخصت ٿي گهران.“ ائين چئي، آسمان ڏانهن نظر ڪيائين- تخت هوادار حاضر ٿيو، ان تي آفت جان، آرام جان جو آرامُ جان تي حرامڪري ۽ آفتَ جان جِي پويان بڇي تخت تي سوار ٿي پنهنجي محلات ۾ اچي لٿي. ۽ راحت جان کي جان جي راحت، ۽ معشوق جي ملاقات فردا جي وعدي جي بشارت ڏنائين. والله اعلم.


* (1) (2) (3) نالا آهن خواجه سرائن جا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org