سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :1

چونڊ آمريڪي مختصر افسانا
سراج ۽ غلام رباني

 

پيش لفظ

 

        انگريزي زبان انهن زبانن مان هڪ آهي، جيڪي دنيا جي مختلف تمدنن ۽ تهذيبن جي عڪاسيءَ ۽ تعمير ۾ اڄ پيش پيش آهن. انگريزي زبان جي اظهار ۽ بيان جي قوتن ۽ همه گير صلاحيتن کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، - زندگيءَ جي لطيف ترين جذبن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ لاءِ هيءَ ٻولي اڄ دنيا جي ڪامياب ترين ٻولين جي زمري ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ نمايان جڳهه والاريو بيٺي آهي. هي مجموعو، جديد آمريڪي افسانوي ادب جو هڪ انتخاب آهي. آمريڪا جي زبان انگريزي هوندي به، ان جو تمدن، تهذيب ۽ زندگيءَ جو اسلوب ٻين انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪن کان ڪجهه قدر مختلف آهي: آمريڪي زندگي ڪن خاص متضاد عناصرن جو مرڪب آهي، ۽ انهن کي صحيح طرح بيان ڪرڻ آمريڪي ادب جو هميشھ هڪ عظيم مقصد پئي رهيو آهي. چنانچه هن افسانن جي مجموعي ۾ آمريڪي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي ئي اجاگر ڪيو ويو آهي.

        ’مختصر افسانو‘ اظهار جي بهترين اسلوبن مان آهي، ۽ افساني جي ذريعي ئي زندگيءَ جا لطيف ۽ گوناگون پهلو روشن ۽ نمايان ٿين ٿا. فني لحاظ کان افسانو ادب جي هڪ مشڪل صنف آهي؛ ۽ ان کي، ڪردارن، ماحول، منظر ۽ مقصد جي نقطه نگاهه کان ڪاميابيءَ سان نڀائڻ، ادب جي تخليقي قوتن جو عروج آهي. هن مجموعي ۾ آمريڪا جي چوٽيءَ جي ڪهاڻي نويسن جا افسانا آهن - ۽ هر افسانو، پنهنجي منهن، آمريڪي ادب ۾، هڪ بلند ۽ زنده مقام رکي ٿو.

        اسان جي زبان ۾ ٻين زبانن جي شاهڪارن کي پيش ڪرڻ جي ضرورت کان انڪار ڪرڻ، حقيقتن کان منهن موڙڻو آهي. اسان جو ادب ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ انهيءَ ميدان ۾ اڃا گهڻو پوئتي آهي. انهيءَ مان نه رڳو اسان جي پڙهندڙن اڳيان حقيقتن جون نيون دنيائون کلي پون ٿيون، بلڪ لکندڙن کي پڻ صحيح قسم جي ذهني تربيت ملي ٿي. هي افسانا اميد ته انهيءَ مقصد جي مناسب حد تائين پورائي ڪندا.

        اسان جي ڪن اديبن جي ذهن ۾ ترجمي لاءِ خواهمخواهه جي غلط فهمي ڦهليل آهي. هو ائين ٿا سمجهن ته ترجمو هڪ آسان چيز آهي -  ۽ جيڪي اديب تخليقي ڪم ڪري نٿا سگهن، اهي ئي ترجمي ڏانهن هٿ ٿا وڌائين! اسان جي گذارش محض هيءَ آهي ته ترجمو ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪا طبعزاد چيز لکڻ. طبعزاد چيزن لکڻ ۾ پنهنجي زبان جي همه گير ڄاڻ ۽ تخليقي قوتن جي ضرورت آهي، پر ترجمي ۾ انهن ٻن چيزن کان سواءِ هڪ ڌارينءَ زبان ۽ ان جي مزاج جي گهري احساس جي به ضرورت آهي. پُر اثر ۽ بامقصد ترجمو، تخيلقي قوتن ۽ صلاحيتن جو اهڙو ئي مظهر آهي، جهڙو طبعزاد ادب.

        اسان پنهنجي ممڪن ادبي ڄاڻ ۽ صلاحيت موجب ۽ ڪافي محنت سان هنن افسانن جو ترجمو ڪيو آهي، - اسين پنهنجي مقصد ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيا آهيون، ان جو فيصلو پڙهندڙن ۽ نقادن جي هٿن ۾ آهي.

        آخر ۾ اسين پنهنجي عزيز دوست محمد ابراهيم جويي صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جا انتهائي شڪر گذار آهيون، جنهن هر مرحلي تي، هن ڪم ۾، اسان جي رهنمائي ڪئي آهي.

 

ڪراچي                                        - سراج الحق

جولاءِ 5، 1958ع                              - غلام رباني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org