سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 12

 

استاد

”نصاري“ جي ٻوليءَ، انگريزيءَ، لاءِ سنڌ جي خاندانن کي سخت ڌڪار هوندي هئي. نصارو پاڻ ”دين جو دشمن“، سندس زبان ”گٽ مٽ“، بقول علمائن سڳورن جي، دوزخ جي رهاڪن لاءِ ذريعه ِّ گفتگو تجويز ٿيل هئي. خود هن دنيا اندر پڻ انگريزي سکڻ ڪري گهڻن ئي خراب نتيجن نڪرڻ جو خطرو ٿي رهيو. مثلا= انگريزي پڙهيلن کي ڏاڙهي ڪوڙائڻي ٿي پيئي، جا ڳالهه سُنت سڳوريءَ جي سخت خلاف هئي ۽ حديث سڳوري صاف ”بيٺل“ هئي ته ”من تشبہ بقوم فهومنہ“ انگريزي لباس پائڻ، جو انگريزي تعليم جو لازمي نتيجو ٿيڻو هو، سو ان کان به وڌيڪ ممنوع هو، خاص طرح ٽائي پهرڻ، جا نشان هئي صليب جو! ممڪن هو ته وقت جا علماءَ سڳورا انهن گناهن تي به عفو جي نظر فرمائين ها، مگر انگريزي تعليم جو هڪ ٻيو نتيجو نڪتو ٿي، جنهن کي هو قطعا= برداشت ڪري ڪونه ٿي سگهيا: يعني انگريزي پڙهيلن جو پتلون پهرڻ بعد بيهي پيشاب ڪرڻ، بغير ”وَٽَ پچائڻ“ ۽ بغير استنجا جي!

علمائن سڳورن جي اهڙيءَ تبليغ سبب سنڌ جي ڪنهن به ”خاندان“، پنهنجن ٻارن کي جديد تعليم ڪانه ڏني. ان خلاءَ جو فائدو هندن ۽ شهري يا هيٺئين درجي جي مسلمانن کي رسيو، جن پنهنجن ٻارن کي انگريزي پڙهائي سرڪاري ملازمتن ۾ داخل ڪيو، ۽ اڳتي هلي، انگريز جي نالي ۾ سنڌ تي راڄ ڪيو، ۽ نه فقط ”خاندانن“ بلڪ خود علمائن سڳورن ۽ سندن طريقهِّ تعليم جو پڻ ٿڏو ڪڍي ٻاهر ڪيو.

”خاندانن“، پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ، خانگي مڪتب پنهنجن ڳوٺن جي مسجدن اندر کولايا. سنڌ اندر شايد ئي اهڙو ڪو ڳوٺ يا واهڻ هو، جنهن ۾ مسجد، ۽ مسجد اندر مڪتب نه هوندو هو. پڙهائيءَ جو ڪم ”ملان“، يا “آخوند“، يا ”مولوي“ صاحب جي سپرد هوندو هو. پڙهائيءَ کان سواءِ کيس پيش اماميءَ جا فرائض پڻ ادا ڪرڻا پوندا هئا جن کي عام زبان ۾ چيو ويندو هو ”ٻانگ صلات (صلوات) ۽ روزو نماز“ ڪرڻ.

علم جي لحاظ سان ”ملان“ ۽ ”آخوند“ جي گريڊن اندر ڪو گهڻو فرق ڪونه هوندو هو. عام ماڻهو احتراماً ”ملان“ کي ”آخوند“ ئي سڏيندا هئا. ”آخوند“ عربيءَ کان قطعاً، ۽ فارسيءَ کان گهڻي حد تائين ناواقف هوندو هو، ٻارن کي فقط قرآن مجيد جو سبق ڏيئي سگهندو هو، بغير معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي. البت نمازون پڙهائڻ، ٻانگون ڏيڻ، نڪاح پڙهڻ، مُردن کي ڪفن ڍڪائڻ ۽ کين ”قرآن بخشڻ“، سندس ڏائي هٿ جو ڪرتب هوندو هو. وٽس هڪ ڪتاب موجود رهڻ لازمي هوندو هو: اُهو ڪتاب هوندو هو مجموعو خطن ۽ دعائن جو، ماستر هريسنگهه سکر واري، يا پوڪرداس شڪارپوري، يا مٺن شاهه حيدرآباديءَ جو ڇپايل. باقي علمي ڪاروبار يا درس تدريس جو ڪم محض دماغ جي سوجهري تي پيو هلندو هو.

آخوندن کي ماهوار پگهار ڪانه ملندي هئي، سندن گذارو هوندو هو خيرات جي ٽڪر ۽ ششماهي بٽئين وقت مليل ”حق الله“ جي ٽويي تي. خيرات جي ٽڪر جو شرح هيءَ آهي: ڳوٺ جو هر حيثيت وارو گهر، شام ويلي، پنهنجن مئلن ڀاتين جي نيت، هڪ ماڻهوءَ جي خوراڪ جيتري ماني آخوند جي گهر موڪلي ڏيندو هو - ان طرح سان ملان جي گهر ۾ ايتريون مانيون گڏ ٿي وينديون هيون جو ورندڙ شام تائين خود سندس گهر اندر ماني پچائڻ جي ضرورت ڪانه رهندي. ”حق الله“ جي ٽويي جي وري هيءَ حقيقت هئي: هر فصل تي، بٽئيءَ وقت، هر ٻارِ مان، هر خرار پٺيان هڪ ٽويو ڪڍيو ويندو هو، جو ملان کي ڏنو ويندو هو. ان طريقي سان ملان کي هر فصل جي موقعي تي، يعني سال ۾ ٻه دفعا، ججهي انداز ۾ اناج به ملي ويندو هو.

”ملان“ جي آمدنيءَ جا ڪجهه ٻيا ذريعا به هوندا هئا: مثلا=، دعائون تعويذ لکڻ، جن جي وسيلي سوالين جون ڪيتريون مشڪلون آسان ٿي پونديون هيون. ڳئون يا مينهن پورو کير نه ڏيندي ته ملان جي تعويذ جو ”پليتو“ ساڙي ٿڻن کي واس ڏيندس، ڪا ”مِهري“ ڇيڪوءَ کي هٿ نه ڏيندي ته ملان جو ڏنل تعويذ سندس اچ - وڃ واري رستي تي زمين اندر پوريو ويندو، مڙس زال جو مطيع نه ٿيندو ته تعويذ پاڻيءَ ۾ ڌوئي اهو پاڻي پياريو ويندس، زال کي ٻار نه ٿيندو ته تعويذ چيلهه ۾ ٻڌڻو پوندس، ٻار کي روئڻ جي عادت هوندي ته تعويذ مڙهي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندس، ڪنهن شخص تي مقدمو ٿي پيو ته تعويز وٺي پڳ جي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيندو، ڪنهن شخص کي پنهنجي دشمن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت پوندي ته ملان ان کي ميڻ جو بوتو ٺاهي، ان ۾ سُيون هڻي، سندس حوالي ڪندو ته وڃي دشمن جي گهر اندر پوري، جيئن جيئن بوتو ڳرندو ويندو، تيئن تيئن اهو دشمن به نجهرندو ويندو (ان قسم جي ملان کي عرف عام ۾ ڪيترن لقبن سان سڏيو ويندو هو: ”ڀوپو“، ”ڪاريهر نانگ“، ”واسينگ“، ”ارڙ بلا“، وغيره، وغيره).

هڪ ٻئي فن جي وسيلي پڻ ”ملان“ کي ڪافي ڪمائي ٿِي ٿي سگهي. - يعني زوريءَ نڪاح وجهڻ، ۽ زوريءَ نڪاح ٽوڙڻ مان.

ڪا ”رن جو“ ”نئين مڙس ڪرڻ تي راضي نه ٿيندي ته سندس عزيز قريب کيس ٻڌي گهر  ۾ بند ڪندا، ۽ ”ملان“ کي سڏائي، سندس نڪاح ڪنهن شخص سان پڙهارائي ڇڏيندا. عورت ڀل دانهون ۽ انڪار ڪندي رهي، پر ملان نڪاح پڙهي وڃي ٻاهر پوندو. نڪاح کان پوءِ، مڙس زوريءَ زال تي قبضو ڪري ويندو. ملان مناسب “نڪاحاڻو وٺي، گهر هليو ويندو.

ساڳيءَ طرح، ملان، نڪاح ٽوڙي به سگهندو هو، پر ان لاءِ ضرورت ٿيندي هئي ته تحرير لکي وڃي، ۽ ان تي ٻين ملن مولوين جون پڻ مهرون لڳن.

غرض ته ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ”ملان“ کي ڪافي اثرائتو مقام حاصل هوندو هو. ڳوٺن اندر، انهن ڏينهن ۾، گوشت ملڻ مشڪل هوندو هو. هوڏانهن ”ملان“ هر روز مٺاڻ کائي کائي ٿڪجي پوندو هو، تنهنڪري هر ”ملان“ دعا تعويذ عيوض، پئسن ۽ ”پنج هٿ“ ڪوري ڪپڙي کان سواءِ، هڪ عدد ڪڪڙ به وصول ڪندو رهندو هو. جنهن کي رستي کان پاسي تي ”حلال“ ڪري ديڳڙيءَ ۾ داخل ڪرڻو پوندو هوس. شريعت سڳوريءَ جو اهڙو حڪم هو، ڪڪڙ جي رت وهڻ کان سواءِ، دعا اثر ڏيکارڻ کان عاجزهئي!

ڪن ”ملن“ سڳورن کي عورتن مان جنن ڪڍڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو هو. عورت کي ”جن“ وٺندو ته وار ڇوڙي ”لهر“ هڻڻ لڳندي، ڪڏهن ڏندڻ پئجي ويندس، ۽ ڪڏهن زبان اهڙي کلي وينديس جو زمين آسمان جا راز پئي ٻڌائيندي. ”جن“ گهڻو ڪري نوجوان ۽ خوبصورت عورتن کي اچي وٺندا هئا، ۽ اوستائين جان نه ڇڏيندا هئن، جيستائين ”ملان“ واردات تي پهچي ڪو ”ساٺ سڳڻ“ ۽ ”جهاڙ ڦيڻو“ نه ڪندا هئن. اڪثر “جن اهڙا هوندا هئا جي ملان جي ڦيڻي کان پوءِ هڪدم رخصت ٿي ويندا هئا. پر ڪي اهڙا ”نامراد“ به هئا، جي خود ”ملان“ کي گاريون ڏيئي، کيس ڌڪ هڻي اٿاري ڇڏيندا هئا. ان حالت ۾، مريض کي ڪنهن مماتيءَ واري پير جي درگاهه تي وٺي وڃي ڪجهه ڏينهن رهائڻو پيو ٿي.

دنيا جو دستور آهي، طاقت يا اثر حاصل ٿيندو ته حسد ۽ دشمنيءَ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. ان عام قانون مطابق، ”ملن“ جي زندگي به دشمنين کان محفوظ ڪانه ٿي رهي. ڪنهن به معاملي ۾ هڪ ڌر جي طرفداري ڪيائون ته ٻي ڌر سندن حق ۾ نامناسب زبان درازي ڪندي وتندي. سنڌ جي ڳوٺاڻي لٽريچر اندر مُلن ۽ آخوندن خلاف ٺاهيل ڪيترا شعر ۽ پهاڪا موجود آهن، جن جو خواهه مخواهه استعمال شروع ٿي ويندو. مثلا=، خود حضرت شاهه لطيف عليہ الرحمة سان هيءُ بيت منسوب آهي:

ملان ملان نه ڪيو، آهيڙي آهين،
مرونءَ سندي ماس تي ٿا ماڻڪ مٽائين!

هڪ ٻئي شاعر جو فرمودو آهي:

لڳي اُلي ته آخوندن کي،
ڍرڙ نٿا ڍاپن، ڙي اديون!

سچل سائين درازائيءَ ته ملن سان منهن ڏيڻ جو عملي رستو به ٻڌائي ڇڏيو:

ڪُٽ مُلان جي ٺوڙ قاضيءَ واري مسئلو!

وغيره، وغيره.

خصومت جي حالت ۾، ملن جي دشمنن هروڀرو محض شعر شاعريءَ کان به ڪم ڪونه ٿي ورتو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ به کنيو ٿي وڌائون. ان ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ جون ڪجهه صورتون هي هونديون هيون: ملان جي گهر ڏانهن رات ويلي ڦورن جو وسڪارو ڪرڻ، سندس ”ٻڪري ٺڪري“ تڳائي ڇڏڻ، اک وٺي سندس دعائن جا ڪتاب گم ڪري ڇڏڻ، نماز وقت سندس جُتي چورائي وڃڻ، وغيره وغيره.

علم ۽ معلومات جي لحاظ سان، ملن بنسبت، مولوي صاحبن جو درجو گهڻو بلند هوندو هو. فارسيءَ کان شروع ڪري، عربيءَ تي انتها ڪيل هوندي هُين. سنڌيءَ کي بنهه هٿ ڪونه لاتل هوندن، ڇو ته سنڌي ”اسڪولي“ زبان هوندي هئي، ۽ ان جو ”دين محمدي“ ۽ ”علم شرعي“ سان ڪو به لاڳاپو ڪونه هوندو هو. منجهانئن گهڻن کي ته مولويت جي دستار ٻڌڻ کان پوءِ به صحيح سنڌيءَ ۾ فقط خط لکڻ به ڪونه ٿي آيو. پر ان زماني ۾ زور هوندو هو ديني (عربي) ۽ علمي (فارسي) ٻولين جو، جنهنڪري سنڌي نه اچڻ ڪري مولوي صاحبن جي علمي مقام ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي رهجي ويئي.

پاڻ سڳورا فارسيءَ ۾ ”ڪريما“ ۽ ”پندنامه“ کان شروع ڪري، ”گلستان“، ”بوستان“، ”سڪندر نامه“ پڙهندي، وڃي ”بهار دانش“ تي پڄاڻي ڪندا هئا، عربيءَ ۾ صرف - نحو کان هلي قرآن، حديث ۽ فقہ تي تعليم ختم ڪري، مولويت جي ”پڳ“ حاصل ڪندا هئا. مولانا جاميءَ جو ”يوسف – زليخا“ فقط خانگي وقت اندر مطالع فرمائيندا هئا، ڇو ته ان ۾ ”جامي صاحب“، بيبي سائڻ يعني حضرت زليخا جي جسماني جغرافي بيان ڪندي ڪندي، تصوف ۽ عشق الاهي جا ڪي اهڙا نازڪ نڪتا اهڙن مجازي محاورن ذريعي آشڪار ڪري ويو آهي، جي حقيقت کان ناآشنا عام مجهول ماڻهن جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان ٻاهر هئا.

درس تدريس کان سواءِ، عام مولوي صاحبن جي ٻي ”هابي“ هوندي هئي فقهي مسئلن جي سلسلي ۾ هڪٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري فرمائڻ ۽ مناظرا رچائڻ، جن جي دوران هروڀرو پارليامينٽري زبان ڪانه استعمال ٿيندي هئي.

پر ان جي معنيٰ اها نه هئي ته ان زماني جا سمورا مولوي صاحب انهن سطحي جهيڙن ۾ مبتلا ٿي رهيا. منجهانئن ڪيترا اهڙا به هئا، جن پنهنجون ساريون حياتيون الله تعاليٰ جي واٽ ۾ وقف ڪري ڇڏيون هيون، ۽ سندن زبان مان جو به ڪلمو ٿي نڪتو، سو ڪلمه حق هوندو هو، فرمان الاهي جي عين مطابق، ۽ مدني مير جي سنت موجب.

ان عام ”پس منظر“ کي سامهون رکندي، ڪن بزرگن جو ذڪر ٻڌو.

اسان جي پنهنجي ڳوٺ جو آخوند هوندو هو. فارسي ۽ طب کان واقف، ٻارن پڙهائڻ سان گڏ مطب به هلائيندو رهندو هو. پهرين پڙهائيءَ جو ڪم خود مطب اندر ڪندو هو، پر جڏهن خبر پيس ته سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، ٻار سندس معجونن جون برنيون کولي پنهنجي زبان مٺي ڪندا ٿا رهن، تڏهن مجبورا= مطب ٻاهران ڇپرو اڏائي ان هيٺان درس ڏيڻ شروع ڪيائين. رنگ سانورو هوس، پر دل اڇي، جنهن مريض ”ملان مٺو“ سڏيس، اُن جي نبض به نه ڏسندو، پر جنهن ”آخوند مٺل“ ڪوٺيس، ان کي ٻين دوائن سان گڏ ”ڪاڪت جو مازون“ (طاقت جو معجون) به اوڌر تي، بلڪ مفت به، ڏيئي ڇڏيندو. نهايت نيڪو ڪار شخص هو. ٻچڙيوال، ٻن زالن جو ور، ۽ وڏي ڪٽنب جو پاليندڙ، پر لالچ ۽ لوڀ کان قطعا= خالي هوندو هو. هڪ هٿ سان ڪمائيندو هو ته ٻئي هٿ سان ساڳي رقم نادار ڳوٺاڻن جي دوا سُتيءَ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو. ٻارن جي پڙهائيءَ جو ڪو به معاوضو نه وٺندو هو، پاڻ پنهنجي هڙان ڦرهيون ۽ ڪتاب به وٺي ڏيندو هون.

مون پاڻ پهريون سبق کانئس ورتو. هڪ ڏينهن آءٌ نل هيٺان وهنجي رهيو هوس، ڏاڏي مرحوم مون ڏانهن ڏسي حڪم ڪيو ته جنهن صورت ۾ آءٌ هينئر پڙهائيءَ واريءَ عمر کي پهچي چڪو آهيان، تنهن صورت ۾ مون کي هڪدم لٽا ڍڪائي ملان مٺل وٽ حاضر ڪيو وڃي. ان زماني جي دستور موجب، منهنجي مٿي تي لونگي ٻڌائي ويئي، ۽ جسم تي نون لٽن مٿان مخمل جو ڪوٽ، جيتري قدر ياد اٿم، ڳوڙهي آسماني رنگ جو. ملان مٺل ڏانهن حڪم اهو روانو ڪيو ويو ته الف - ب جي تختيءَ تي وقت ضايع ڪرائڻ بدران، مون کي پهريائين ”زليخا“ سان شروع ڪرائي.

ملان مون کي ڏسي، مٿي تي پيار جو هٿ گهمائي، گوڏن ڀر سامهون ويهاري، منهنجي حق ۾ دعا گهري. ان کان پوءِ ڪتاب ”يوسف – زليخا“ ڪڍي اڳيان رکيائين، ۽ چيائين، ”پڙهه:

الاهي غنچه اميد بڪشا،
گل از روضه جاويد بنما.“

پهرئين ڏينهن اهو شعر ياد ڪرايائين، ٻئي ڏينهن شعر جو ترجمو سمجهايائين. چي:

”اي الله تعاليٰ کول مکري اميدن منهنجن جي،
ڏيکار مون کي ڦل ڪنان باغ بهشت جي.“

ان طرح سان ڪيترا مهينا ”زليخا“ جي تعليم هلندي رهي. هڪ ڏينهن ڏاڏي مرحوم پاڻ امتحان ورتو. سندس راءِ ٿي ته ملان مٺل کان سندس شاگرد وڌيڪ ذهين ثابت ٿي رهيو آهي، تنهنڪري سندس پڙهائيءَ لاءِ هاڻي مولوي سومر بوهڙو ڊکڻن جي شهر (تعلقي ڳڙهي ياسين) مان گهرايو وڃي.

مولوي صاحب آيو. بنهه ڳوٺاڻو، سادو ۽ الله لوڪ، پر پڙهائيءَ جي معاملي ۾ خبردار ۽ سختگير. تجربي جو اهو عالم جو پسگردائيءَ جا اڪثر تعليم يافته ماڻهو، سڌيءَ طرح يا سندس شاگردن ذريعي، سندس شاگرد هئا، خود منهنجي والد مرحوم ڪجهه عرصو وٽس تعليم ورتي هئي. پڙهڻ پڙهائڻ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به دنيا جي شي سان قطعا= ڪا دلچسپي ڪانه هيس.

صورت ۾ وقت جو پورو پورو مولوي هوندو هو. قد جو ڊگهيرو، جسم ڀريل، رنگ ڪڻڪائون، ڏاڙهي چاپوئين اڇي، نڪ هيٺان مڇون ٻن آڱرين تائين ورتل، مٿي تي اڇي بافتي جي پڳ، جسم تي ڊگهو پيراهن ۽ ٻه - تختي شلوار، جنهن جا پاچا مُري کان مٿي بيٺل، پير ۾ سنڌي نموني جي موچڪي جُتي، هٿ ۾ لئي جي ڊگهي لٺ، ڪلهي تي کومون بوڇڻ، جنهن جي ڪنڊ ۾ ناس جي دٻلي ٻڌل رهندي هيس. لٽن جو فقط هڪ وڳو هوندو هوس، جو هفتي ۾ هڪ دفعو ڳوٺان وڃي ڌئاري ايندو هو. خميس جي شام جو پيدل اَٺ ميل پنڌ ڪري پنهنجي ڳوٺ پهچندو هو، جمعي ڏينهن گهر ۾ رهي، لٽا ڌئاري، غسل ڪري، ڇنڇر جي صبح جو ساڳيو فاصلو طئه ڪري موٽي اچي اسان وٽ پهچندو هو. ان لحاظ سان، اسان، سندس شاگردن لاءِ، خميس جو ڏينهن روز عيد، ۽ ڇنڇر جو صبح ڏهين محرم جو صبح هوندو هو.

پڙهائيءَ جو ڪم مسجد شريف اندر ٿيندو هو، جت استاد ۽ شاگردن جي ويهڻ لاءِ تڏا وڇايل رهندا هئا. پڙهائي شروع ٿي ته مولوي صاحب لٺ مسجد جي محراب ۾ اڀي بيهاري، تختيءَ تان ٻه - چار لئي جا سنها لڪڻ لاهي آڻي پنهنجي سامهون رکندو هو، جن جي ذريعي سست ۽ غافل شاگردن جي وقت بوقت طبع پرسي ٿيندي رهندي هئي.

شاگردن جي لکڻ لاءِ مڪتبن اندر انهن ڏينهن ۾ ڪاپيون استعمال ڪين ٿينديون هيون. ڪاغذ مهانگو هوندو هو ۽ پئسي ۾ هڪ يا ٻه فلوسي پنا ملندا هئا، ان کان سواءِ ڪاغذ پاڪ شي هو، ۽ ٻارن جي استعمال واريءَ حالت ۾ ڪاغذ سان بي ادبي ٿيڻ جو امڪان هوندو هو. مولوي صاحب پاڻ ڪاغذ جي معاملي ۾ ايتريقدر احتياط ڪندو هو جو رستي هلندي ڪاغذ جو جيڪو به پرزو زمين تي پيل نظر تي چڙهندس، سو کڻي ڪنهن ڀت جي ڏار ۾ وجهي ڇڏيندو يا گڏ ڪري کوهه ۾ اڇلائيندو. فرمائيندو هو، ”جنهن شخص کان ڪاغذ جو ادب نه ٿيو، تنهن کان قرآن پاڪ جي ادب جا حق به ادا نه ٿي سگهندا.“

پٿر جون سليٽون رواج ۾ اچي چڪيون هيون، پر مولوي صاحب انهن جي استعمال جي به اجازت نه ڏيندو هو، سندس خيال هو ته سليٽ تي لکڻ سان شاگرد جو خط خراب ٿيندو ۽ هو ڪڏهن به خوشخط نه ٿي سگهندو. سندس پنهنجو خط تمام سهڻو هوندو هو، ۽ پڙهائڻ کان جو به وقت بچندو هوس سو ڪتابن نقل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.

اسان جي حوالي وڏيون ڦرهيون هونديون هيون. انهن جي مهڙ تي پاڻ وڏن اکرن ۾ ڪونه ڪو شعر يا قرآني عبارت لکي ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته ان کي ڏسي پنهنجا اکر پڪا ڪريو. ڪن فارسي شعرن سان خاص دلچسپي هوندي هيس، مثلا=:

روز محشر ڪه جان گداز بود،
اولين پرسش نماز بود،
اگر خواهي ڪه خطت خوب گردد،
نويس و مينويس و مينويس.
قلم گويد ڪه من شاهِ جهانم،
قلم ڪش را بدولت مي رسانم.

مولوي صاحب جي تنخواهه فقط پنج رپيا مهينو هوندي هئي، ان سان گڏ ٽوقتي ماني ۽ ڇهين مهيني لٽن جو هڪ وڳو ملندو هوس. ماني به سادي ڳوٺاڻي قسم جي هوندي هئي: صبح جو ڪڻڪ جي مکيل ٿلهي ماني ڏڌ جي وٽي ساڻ، منجهند جو ماني ۽ دال يا ساڳ، رات جو چانور ۽ کير. ان نعمت ميسر ٿيڻ تي مولوي صاحب بار بار پيو شڪرانا ادا ڪندو هو. ناس سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. دٻلي هيٺ مٿي ٿي ويندي هيس ته هڪدم ڦرهيءَ تي هي شعر لکي ڇڏيندو هو، جو غالبا= سندس پنهنجو ٺاهيل هو:

ڪجا شد درجڪ نسوار من،
بيائيد يابيد پسران من.

ٻارن جي تعليم ۽ هشياريءَ متعلق وٽس ٽي درجا هوندا هئا: (1) ”اڃا پر نه ڄاوا اٿس“، (2) ”هاڻي پر ڄاوا اٿس ۽ کنڀڙاٽيون پيو هڻي“، ۽ (3) ”هاڻي آسمان ۾ پيو پرواز ڪري“. ڪو شاگرد خاص طرح هشيار نظر ايندو هوس ته ان جي پڙهائيءَ تي گهڻو زور ڏيندو هو، غير هشيار شاگرد سان بنهه ڪانه پوندي هيس.

ملان ٽلو جيهو اسان سان گڏ وٽس پڙهندو هو. ذهن جو غير معمولي طرح مُڏو هوندو هو. اڄ سبق ورتائين ته ڪالهوڪو سبق دل تان ميسارجي ويندو هوس. اکر به بلڪل ڪَچا هئس. مولوي صاحب جيتري به محنت ٿي ڪئي، سا رائگان هئي. آخر تنگ ٿي فرمايائين، ”ٽلوءَ کي هنيانءَ تي وارا آهن، ڪيتري به محنت ڪندؤ، دل تي اثر ڪونه ٿيندس“. ملان ٽلو ورهين جا ورهيه پڙهندو رهيو، ايستائين جو ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار به اڇا ٿيڻ لڳس، پر علم ۾ ڪو سوجهرو ڪونه ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي متعلق پاڻ فيصلو ڪيائين ته هاڻي هو ”ملان ٽلو“ نه، پر ”مولوي محمد رمضان“ ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ”ملان ٽلو“ سڏيندو هوس ته هڪدم لٺ کڻي پٺيانس ڪاهي پوندو هو: ”عقل جا انڌا، ناماقول (نامعقول)، اها به خبر ڪانه ٿي پويئي ته مان هينئر جنديديره مان تاسيل (تحصيل علم) ڪري پڳ ٻڌي آيو آهيان! منهنجو سڄو نالو آهي مولانا مولوي محمد رمضان صاحب جيهو ابڙو، تون اڃا پيو بڪين - ٽلو، ٽلو، ٽلو! ڪاٿي آهي هاڻي ٽلو؟ هڪڙي تحرير ڪڍان ته ماڻهين پڻهين جو نڪاح سندن قبرن ۾ به ٽُٽي پوي!“

ملان ٽلوءَ جي علم جا اهي جلوا مولانا محمد سومر جي انتقال بعد ظاهر ٿيا، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي اچي چوندو هو: ”سائين علڻ شاهه! ڪر خبر، اڄ اسان جو علم ڇا ٿو ڀانئين؟ جيڪڏهن اڄ پنهنجو استاد مولوي محمد سومر جيئرو هجي ها، ته جيڪر ڇا چوي ها؟“

انهن ڏينهن ۾ علمي ڪمال جي هڪ ڪسوٽي اها به ليکي ويندي هئي ته ماڻهو فارسي زبان ۾ شعر، خاص طرح سان سجع چئي، ۽ ڄمڻ مرڻ جي تاريخ ابجد جي حساب سان ڪڍي. اهڙين سجعن چوڻ ۽ تاريخن ڪڍڻ تي وڏا ماڻهو شاعرن کي پهرائيندا هئا ۽ کين انعام ڏيندا هئا.

مولانا محمد سومر منهنجي ۽ حسام الدين جي ڄمڻ جي تاريخ ڪڍي، هڪ ڊگهي نظم تيار ڪري، ڏاڏي مرحوم اڳيان پيش ڪئي. آسرو هوس ته پهراڻيءَ ۾ مينهن نه، ته گهٽ ۾ گهٽ ململ جي پڳ ضرور ملنديس. پر بدقسمتيءَ سان ڏاڏي مرحوم جي راءِ ٻيءَ طرح هئي. نظم ڏانهن ڏسي، مولوي صاحب ڏانهن پيغام موڪليائين ته:

”مولوي صاحب کي چئو ته شعر گوئيءَ تي وقت ضايع ڪرڻ بدران، اهو وقت به جيڪڏهن ڇوڪرن جي تعليم تي ڏيو ها ته وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ها“.

ان ڏينهن بعد مولوي صاحب وري ڪڏهن شعر جي ميدان ۾ طبع آزمائي نه فرمائي. شاگردن کي استاد انهن ڏينهن ۾ خوب ماريندا هئا. مار جا ڪيئي نمونا هوندا هئا: چماٽ، چهبڪ، ڪن گوشي، اٿ ويهه، سج ڏانهن منهن ڪرائي بيهارڻ، آڱرين جي وچ ۾ پينسل ڏيئي مٿان زور ڏيڻ.

مارڪٽ جي جواز ۾ مولوي صاحب دليل پيش ڪندو هو:

”جور استاد بہ ز مهر پدر.“

آءٌ هرو ڀرو ڪاهل شاگرد ڪونه هوندو هوس جو مولوي صاحب کي منهنجي مرمت ڪرڻي پوي، پر ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ جو ٿي وڃڻ لازمي هو. هڪ دفعي مولوي صاحب چماٽ هنئي يا دڙڪو ڏنو، سو ياد ڪو نه اٿم، پر ايترو يقين اٿم ته مولوي صاحب ناراضگيءَ جو اظهار فرمايو. ۽ هڪدم تڏو مٿان پائي، سنئون نئون ٿي سمهي پيس، ۽ مولوي صاحب کي چيم: ”ڪيترو به ماريندا، پر آءٌ هرگز ڪونه اٿندس. نڪي پڙهندس ئي!“ هنگامو برپا ٿي ويو، گهر تائين وڃي خبر پهتي. منهنجو اصرار هو ته مولوي صاحب مون کي ماريو يا مون سان سختي ڪئي، ته آءٌ ڪڏهن به وٽس نه پڙهندس. آخر فيصلو منهنجي حق ۾ ٿيو ۽ مولوي صاحب وري ڪڏهن به درشتي کان ڪم ڪونه ورتو- گهڻو ڪري کيس سبب آءٌ به ڪونه ڏيندو هوس. پر مون تان بلا لٿي، ته حسام الدين مٿان وڃي پئي. هڪ ڏينهن مولوي صاحب کيس چماٽ هڻي ڪڍي. حسام الدين ٽپ ڏيئي کڻي ڏاڙهيءَ کان جهليس. مولوي صاحب ٻي چماٽ هڻي ڏاڙهي ته ڇڏائي، پر ان کان پوءِ حسام الدين سان به ڪڏهن سوڙهو ڪونه پيو.

مولوي صاحب مرحوم ڪيترا سال مون کي پڙهايو. دنيا جو سفر ڪهڙيءَ ريت طئه ڪجي، سو ڪو کانئس سکي ها. زندگيءَ جون ضرورتون گهٽائي وڃي هڪ وڳي ڪپڙن، هڪ لٺ ۽ هڪ دٻليءَ تائين پهچايون هئائين. رلهي نه مليس ته مسجد يا اوطاق جي نک تي سمهي آرام سان ننڊ ڪري اٿندو. سواريءَ جو نانءُ نه ڳنهندو، جيڏانهن ڪم پوندس، پيدل هليو ويندو. سوال بنهه نه ڪندو. سارو ڏينهن درس تدريس، ڪتابن نقل ڪرڻ، ۽ عبادتگذاريءَ ۾ گذاري ڇڏيندو. اوائل ۾ شادي ڪئي هئائين. ٻه پٽ ٿيا هئس، جي جوانيءَ کي رسي ڪاٽڪو بڻجي پيا هئا- گهٽ ۾ گهٽ مٿن الزام ته اهڙا هئا. مولوي صاحب کي ساڻن ڏاڍو پيار هوندو هو، پر ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن هيءُ به زبان مان نڪري ويندو هوس:

”شاديءَ جي غلطي ٿي ويئي، اهي سڀ ان هڪ جرم جون سزائون آهن، الله تعاليٰ اولاد ڏئي ته صالح، ورنه

پسر نوح با بدان بنشت،
خاندان نبوتش گم شد!“

آءٌ نٿو سمجهان ته مولوي صاحب ساريءَ عمر اندر ڪڏهن ڪو ڪوڙ ڳالهايو هوندو، يا ڪنهن انسان کي رنجايو هوندو. جنم جو جنتي هو، اتفاقا= اچي هن دنيا منجهان گذر ٿيو هوس. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن!

مولوي محمد سومر جي رخصت وٺي وڃڻ بعد، ڏاڏي مرحوم، مولوي محمد صديق نالي هڪ ٿاريلي استاد کي منهنجي وڌيڪ تعليم لاءِ گهرايو. محمد صديق مرحوم اصل ٻاڙمير طرف سروپي جي تڙ تي رهندڙ هو، ۽ مولوي عبدالرزاق مرحوم جو شاگرد هو. مولوي عبدالرزاق، وڏيري بلاول هاليپوٽي جي ڳوٺ ۾، ڍوري ناري (ضلعي ٿرپارڪر) جي نزديڪ، پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو، ۽ پنهنجي دؤر اندر وڏو عالم ليکيو ويندو هو.

مولانا محمد سومر مرحوم وانگر، مولانا محمد صديق مرحوم به سادگي پسند انسان هو، جهڙا ٿر جا ماڻهو عام طرح ٿين ٿا. مار - ڪٽ کان وڌيڪ، پيار سان پيو شاگردن کي پڙهائيندو هو. انگريزن جو سخت دشمن هوندو هو. ان زماني ۾ پهرين عالمگير لڙائي هلي رهي هئي. مولوي صاحب مسجد جي ٻاهران ميدان ۾ ڀترن جون ٺُلهيون ٺهرائي، شاگردن کي چوندو هو ته انهن کي ڀتر هڻي ڊاهيو. هر ٺلهيءَ تي ڪنهن نه ڪنهن انگريز جرنيل جو نالو رکندو هو، ۽ جا ٺلهي ڊهي پوندي هئي ته چوندو هو ته اهو جرنيل مارجي ويو. هڪ وڏو ڪئلينڊر انهن ڏينهن ۾ آيو هو، جنهن تي لارڊ ڪچز جي تصوير ڇاپيل هئي. اهو ڪئلينڊر ڀت تي هڻائي، مون کي هوائي بندوق ڏيندو هو ته اُن سان ڪچز جي صورت کي چُٽيان. هر روز اها ورزش ٿيندي رهندي هئي، تان جو ڪئلينڊر پرزا پرزا ٿي ويو.

سرؤ جي موسم ۾ مليريا جي تپ جا راڱهڙا هوندا هئا. انهن ڏينهن تائين اڃا فقط ”ڪونين“ به ميسر ڪانه ٿيندي هئي. غريب ويچارا مرندي مري ويندا هئا، پر علاج ڪرائي ڪونه سگهندا هئا. مولوي صاحب مرحوم پاڻ به مليريا جو مريض هوندو هو، پر جڏهن بخار اچي حملو ڪندو هوس ته مسجد ۾ تڏي تي ليٽي ۽ انتهائي خوش الحانيءَ سان ڪلام پاڪ جي سورت يوسف پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سورت شروع ڪرڻ شرط کيس پگهر اچڻ لڳندو هو. هوڏانهن قرئت پوري ٿيندي، ۽ هيڏانهن مولوي صاحب جو بخار ختم.

مرحوم کي ڳاڙهن گوگائي مرچن کائڻ جو سخت شوق هوندو هو. ڳنڌڻ نه ملندس ته ڳاڙها مرچ، پاڻيءَ ۽ گيهه جي ذري ۾ وجهي، ٽانڊن جو تؤ ڏيئي، سموري ماني انهن سان کائي پوري ڪري ڇڏيندو.

سندس ”هابي“ هوندي هئي خط لکڻ. هر هفتي هيڏانهن هوڏانهن پيو پنج - چار خط لکندو هو، جا تمام وڏي ڳالهه هئي انهن ڏينهن جي لحاظ سان. مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ پوسٽ ڪارڊ تي هڪ پئسو ۽ لفافي تي ٽڪو لڳندو هو. پر پئسي جو به ان زماني ۾ مانُ هوندو هو، ٽڪو ته بنهه وڏي رقم هوندو هو. مولوي صاحب، سرڪاري دفترن وانگر، پاڻ وٽ ٽپال جي آمدني - روانگيءَ جو رجسٽر ٺاهي رکيو هو: جو خط روانو ٿيندو تنهن جي داخلا ٿيندي، ۽ جڏهن جواب ايندو ته داخلا جي سامهون ”جواب موصول شد“ جو نوٽ ٿيندو.

پئسو ٿيندو هوس ته فارسي عربي جا ڪتاب گهرائيندو هو. ان باري ۾ دهليءَ جي هڪ ڪتبخاني سان مستقل لکپڙهه جاري رکيو ايندو هو. ڪتبخاني جو نالو هوندو هو ”مطبع مجتبائي“، دهلي، جنهن جو مالڪ هوندو هو مولانا عبدالاحد صاحب.

مولانا محمد صديق جي زماني ۾ منهنجي فارسي عربي پڙهائي ختم ٿي. ايستائين زمانو به ڪجهه ترقي ڪري چڪو هو، انگريزي تعليم جي ضرورت خاندانن کي محسوس ٿيڻ لڳي هئي. اسان جي گهر ۾ ڪنهن انگريزدان نه هجڻ ڪري، ڏاڏي مرحوم کي هڪ - ٻن معاملن جي سلسلي ۾ تڪليف رسڻ لڳي. کيس شوق هوندو هو شڪار ۽ بندوقن جو. بندوقن جي سلسلي ۾ سندس لکپڙهه لنڊن جي بندوق سازن سان هميشه پئي هلندي هئي. خاص پنهنجيءَ منشا مطابق، آرڊر ڏيئي بندوقون ٺهرائيندو هو ۽ سالن جا سال ان باري ۾ نوشت - خواند جاري رهندي هئي. ان کان سواءِ، وقت جي عملدارن ڏانهن به ڪڏهن ڪڏهن چٺي چپاٽي رواني ڪرڻي پوندي هيس، جيڪا اوستائين سوال سٽي تي پيو لکائيندو هو.

مون کي انگريزي اسڪول ۾ موڪلڻ جو خيال تنهن هوندي به پيدا ڪونه ٿيس. اتفاقا= پاڻ آبو روڊ شڪار تي ويو، جتي سيد همت علي نالي، آبو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سان دوستي ٿي ويس. سيد صاحب کي چئي، هڪ نوجوان انگريزي ماستر هٿ ڪيائين، جنهن کي ٽيهه رپيا درماهه پگهار تي مقرر ڪري، پاڻ سان گڏ وٺي آيو. ان ماستر جو نالو هو محمد رفيق، اصل ويٺل هو رياست ٽونڪ (راجپوتانا) جو.

انگريزي ماستر محمد رفيق صاحب ئي مون کي پهريون سبق ڏنو. پاڻ به شايد مئٽرڪ تائين پڙهيو هئائين. نماز، روزي، صفائيءَ ۽ طهارت سان خاص چاهه هوندو هوس. گفتگو اردوءَ ۾ ڪندو هو، سنڌيءَ کان ناآشنا هجڻ سبب. جنهن تي به ناراض ٿيندو هو ته اُن کي ”چغد“ سڏيندو هو. مون کي پرائمر پڙهڻ بعد اڃا انگريزي درسي پهريون ڪتاب ئي مس پورو ڪرايو هئائين ته هڪ معاملو ٿي پيو، جنهنڪري هو ناراض ٿي واپس پنهنجي وطن هليو ويو. بنگلي جي اڱڻ ۾ هڪ ڪنڊ ڏانهن چوديواريءَ اندر پاخانو هوندو هو، جنهن جي استعمال جي مانوپلي ماستر صاحب کي ميسر هوندي هئي. ڳوٺ ۾ ڀنگي ڪين هوندا هئا، جنهنڪري ان پاخاني جي صفائي ڪانه ٿي ٿي سگهي. هوا لڳي ٿي ته صحن ۾ ويهندڙن کي بدبو ٿي آئي. تنهنڪري ڏاڏي مرحوم، ماستر صاحب جي زوردار احتجاج هوندي به، پاخاني کي ڪيرائي ختم ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. هيڏانهن ڪاڪوس جون ديواريون ڪِريون. ۽ هوڏانهن ماستر صاحب جو بسترو گول ٿيو.

ماستر صاحب جي روانگيءَ بعد، منهنجيءَ والده جي اصرار تي، ڏاڏي مرحوم انتظام ڪري ڏنو ته آءٌ هر صبح جو نصرت اسٽيشن تي وڃي اتانهون جي اسٽيشن ماستر کان سبق وٺي اچان. فاصلو ميل کن جو هو. پهرين پنڌ ويندو هوس، پوءِ هڪ ننڍي گهوڙي وٺي ڏنائين. گهوڙيءَ جو نالو هوندو هو ”بجلي“، جا عملاً به بلڪل اسم بامسميٰ هوندي هئي. منهنجي مٿانئس لانگ وري، ۽ پاڻ سرپور وٺي گهر ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪندي هئي. رستي ۾ ڪو سائي گاهه جو ٻوٽو نظر آيس، ته ڊوڙندي ڊوڙندي، هڪدم ۽ اوچتو اچي ان ٻوٽي وٽ بيهي رهندي، تنهنڪري لوڏي تي آءٌ هيٺ ڪِري پوندس. جيستائين آءٌ ڌڌڙ ڇنڊي ڪتابن جو ٿيلهو هٿ ڪري وري مٿانئس سوار ٿيندس، اوستائين گاهه جو ٻوٽو کائي پاڻ به فارغ ٿي ويل هوندي. ان طرح سان، هفتي ۾ ٻه - چار دفعا زمين بوسي ڪرڻ جو اتفاق پيو ٿيندو هو.

نصرت اسٽيشن جي بابوءَ جو نالو هوندو هو مسٽر ڄيٺانند ٺارومل هڱوراڻي، ويٺل هو ٺارو شاهه ضلعي نوابشاهه جو. انگريزيءَ جا ٻه - چار درجا پڙهيل هو، پر وڏيءَ عمر سان گڏ وڏي تجربي جو صاحب به هوندو هو. ماستريءَ جا ڍنگ پورا پورا ياد هئس. منهنجي پڙهائيءَ تي سخت ڌيان ڏيندو رهيو. نظر به ڏاڍي ڪرڙي هيس. ڇا مجال منهنجي، جو سندس اڳيان فقط مرڪي به سگهان. پگهار سرڪار مان فقط ٽيهه رپيا کڻندو هو، ۽ اسان وٽان پنج رپيا ماهوار، مگر نصيب وارو شخص هو. انهن ڏينهن ۾ مال جي چڙهائيءَ لاءِ ريلوي گاڏن جي سخت تنگي ٿي پئي. ڀر واريون وڏيون اسٽيشنون (نئون ديرو ۽ مدئجي) مال جي چڙهائيءَ لاءِ بند ڪيون ويون، تنهنڪري پسگردائيءَ جو سارو مال (اناج وغيره) نصرت تان چڙهڻ لڳو. هر ڳوڻ پٺيان چار آنا بابوءَ جي خرچي مقرر ٿي، شاهه شاهوڪاري - نه شڪايت جو شائبو، نه ائنٽي ڪرپشن پوليس جي وٺ پڪڙ جو خطرو. ان طرح، بابو ڄيٺانند هر مهيني ڪيئي سؤ رپيا ڪمائيندو رهيو. رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڪفايت شعار هوندو هو. دال - ڦلڪي تي پيو گذر ٿيندو هوس، گوشت مڇيءَ جي فڪر کان آجو هوندو هو، البت ڪڏهن ڪنهن پاڙيواري آڻي ڪا مفت جي ڪُرڙي پيش ڪيس ته ان جي واپرائڻ ۾ به ڪو اعتراض ڪونه هوندو هوس. هر صبح، ”ڏندڻ لائڻ“ ۽ ”سنان پاڻي“ ڪرڻ بعد، ٻه گهڙيون ويهي ”پرارٿنا“ ڪندو هو. پرارٿنا بعد ئي ٻيو ڪم شروع ٿيندو هو. کيس ٻه پٽ هوندا هئا: رامچند ۽ ريواچند. ماستر صاحب کي انهن جي پڙهائيءَ، نوڪريءَ ۽ شاديءَ جو سخت فڪر لڳل هوندو هو. سندس همعصر ڪو شخص اچي ساڻس مليو، ته فورا= رامچند ۽ ريواچند جي مستقبل جو ذڪر ڇيڙي ڏيندو.

ماستر ڄيٺانند جي بدلي ٿي وڃڻ بعد ماستر ڪشنچند آيو، جو روهڙيءَ جو ويٺل هو. ماڻهو کلڻو ۽ سلڇڻو، پر انگريزيءَ جي گهڻي واقفيت ڪانه هوندي هيس. منهنجي پڙهائيءَ ۾ پڻ تنهنڪري ”لم ٺپ“ ڪرڻ لڳو. مثلا=، مون کي حڪم ڪيائين، ته انگريزي - سنڌي ڊڪشنري هٿ ڪريان، ۽ هر صبح گهران هر هڪ ڏکئي انگريزي اکر جي معنيٰ ڊڪشنريءَ مان ڏسي اچان. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سبق وٺڻ بدران آءٌ خود کيس سبق ڏيڻ لڳس. سال - اڌ اهو حال رهيو. پاڻ بدلي ٿي ويو ته اسان جي انگريزي تعليم به ختم ٿي.

ان حقيقت مان انهن ڏينهن جي ”تعليمي سرشتي“ جو ڪجهه پتو پوندو.

وڏيرو سائين

ڳوٺ جي وڏيري زور ورتو، راڄ هٿ ڪيائين، ڪامورن جي پشتي مليس، ”بدمعاشن“ خلاف ٻن - چئن ڪيسن ۾ ڊپٽي صاحب اڳيان ڪاميابيءَ سان اظهار ڏيئي آيو، لاڳيتا ٻه - ٽي سال فصل به چڱا کنيائين، ته هڪدم ”وڏيرو سائين“ بڻجي ويو.

پر ان منصب جو حاصل ڪرڻ ايترو ڏکيو نه هوندو هو، جيترو اُن جو سنڀالڻ ۽ ان جون ذميواريون نباهڻ. وڏي هشياري ۽ معاملي فهمي درڪار هوندي هئي. ماڻهوءَ کي ڏينهن رات خبردار رهڻو ٿي پيو. عام چوڻي هوندي هئي: ”جيڏا اوتا تيڏا ڀوتا، جيڏا اُٺ اوڏا لوڏا“. پاڙيوارن جون رقابتون، عملدارن جون متلون مزاجيون (اڄ هڪ وڏيري کي هشي ٿي ڏنائون ته سڀاڻي ٻئي وڏيري تي سندن نظر ڪرم ٿي پيئي)، مهمانخاني جا خرچ، گشتي عملدارن جون رسايون، ”پوزيشن“ کي سنڀالڻ لاءِ آمدني وڌائڻ جا ويچار، راڄ جي اندروني جهيڙن جهڳڙن کي سموهي ساري پاڙي کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ، پنهنجن گهرن ۽ ٻارن جي حفاظت ڪرڻ، جيئن ڪو دل سڙيو ”بدمعاش“ يا زهريلو رقيب جاني يا مالي نقصان پهچائي نه سگهي، وغيره، وغيره -- هزارين هونديون هيون مصيبتون هڪ ”وڏيري سائين“ جي گردن ۾.

جن ماڻهن انهن سمورين جوابدارين کي ساري عمر احسن طريقي سان نباهيو، انهن مان هڪ شخص وڏيرو جان محمد خان ابڙو مرحوم، ڀونڀٽ پور تعلقي رتيديري جو زميندار هو.

زمين ٿوري، گهاڙ واهه جو پاڻي ڪڏهن چڙهي ڪڏهن لهي، فصل ڪڏهن پچن ڪڏهن سوڪ ٿي وڃن، پاڙي جا وڏا زميندار راضي ”گهڙي پهر“. باقي سارو وقت ڇيڻن ڀورڻ ۾ مصروف، عملدارن جي ياري ”هڪ هٿ پڪ ٻي سڄي واري“، چوطرف هڪ راڄ نه پر ”ست راڄي“، تعليم بنهه ڪانه، وڏي ڪوشش سان صحيح وجهي سگهبي، پر جڏهن ڳوٺ جو نالو لکڻو پوندو ته ”ڀونڀٽ پور“ ”پوپٽ پور“ پئي پڙهبي، اولاد فقط هڪ پٽ، سو به ڦوهه جوانيءَ اندر گذاري ويو، مٽ مائٽ ڪجهه حاسد، باقي سڀ اڻگهڙيا ڪاٺ: غرض ته حالتون ناسازگار، ذريعا محدود، مگر وڏيري جان محمد مرحوم جي وڏيرپ جو ڏونڪو پورا پنجاهه سال انتهائي ڪاميابيءَ سان وڄندو رهيو.

عجيب خوبين جو صاحب هوندو هو، سياستدان، دور انديش، موقعي جو ڄاڻو، متحمل مزاج، حوصلي مند، ڪفايت شعار، گفتگو ۾ سخت هشيار. ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿئي ها ۽ تعليم پرايل هجيس ها ته وڏو نانءُ پيدا ڪري ها. هت سندس هشياريءَ کي نظر ۾ رکي، عام ماڻهو، پنهنجي مخصوص ڳوٺاڻيءَ زبان ۾، فقط کيس ”ڪانءَ“ سان تشبيهه ڏيندا ٿي رهيا.

ڪانءَ سان سندس ڀيٽ جو مقصد هرگز سندس گهٽتائي ڪرڻ ڪانه هئي.

سنڌ جي ادب ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ڪانءَ تمام وڏي شيءِ هوندو هو، هر خيال کان ۽ هر لحاظ  سان. سياڻپ ۽ دورانديشيءَ جي معاملي ۾ سندس ثاني ڪونه سمجهندا هئا. خير ۽ خوشيءَ جو خاص خابرو ليکيو ويندو هو. وڇڙيلن ۽ آسائتن جو آخرين آسرو هوندو هو. ستن ڪوٽن اندر ڪڙيل ۽ قابو ٿيل مُٺيءَ مارئيءَ تائين مٺن ماروئڙن جي مخفي سنيهن ۽ سنديسن پهچائڻ جو ڪم سندس سپرد ٿي رهيو. ان عالمِ حبس اندر، جيڪڏهن کنياتو هر فجر جو ان ڪاري ڪوٽ جي ڪنگرن تان ويهي پنهنجين لاکيڻين لاتين سان کيس وندرائيندو ۽ آزاديءَ ۽ مارن سان ميلاپ جا آسرا نه ڏيندو رهي ها، ته هوند گهڻا ڏينهن مارئي زنده رهي سگهي ها؟ اهڙين خصوصي خدمتن عوض ئي سنڌ جي شاعرن ڪانءَ کي اهو درجو ڏنو، جو ايران اندر بلبل کي حاصل هو. منجهانئن ڪيترن سندس خدمت ۾ جيري ۽ هنيانءَ جا هديا پيش ڪيا. جن کان ايترو گهڻو پڄي ڪونه سگهيو، تن پڻ گهٽ ۾ گهٽ کيس مٺا لولا ضرور کارايا.

تنهنڪري وڏيري جان محمد خان مرحوم کي جن ماڻهن اهڙي پکيءَ سان ٿي ڀيٽيو، تن حقيقت ۾ محض سندس سياڻپ ۽ ڪارآمدگيءَ جو داد ٿي ڏنو.

سندس ڪچهري ڏسڻ وٽان هوندي هئي.

پاڙي جي معززن ۽ عزيزن، ۽ ابڙا قوم جي مهانڊن لاءِ کٽون هونديون، باقي آئي وئي لاءِ نکون ۽ تڏا. صبح ٿيندو ته غسل ڪندو، نماز پڙهندو، نماز بعد وار کولي اچي ڪچهريءَ ۾ ويهندو ۽ کين سيرون ڏيئي پيو سڪائيندو. گهڙيءَ پهر اندر ماڻهو اچڻ شروع ٿيندا. ڪن جون ٻڌيءَ ڇوڙيءَ جون دانهون هونديون، ڪن جا پاڻ ۾ ملڪيتن جا تڪرار هوندا، ڪن جا ڪن ڏانهن ”پاڻيءَ جا پاءَ“ رهيل هوندا. پاڻ ڳالهيون ٻڌندو فيصلا ڏيندو ويندو، جيڪو فيصلو نه مڃيندو تنهن کي دٻ دڙڪو پيو ڪندو. ڪنهن لچ لونبڙ واتان ڪو نا مناسب گفتو نڪري ويو ته سخت تنبيهه ملنديس. ڪامورن جو بيحد آڌر ڀاءُ ٿيندو رهندو. وڏن عملدارن جي ويجهو گهڻو ڪري ڪونه ويندو. هيٺين ڪامورن سان سخت نياز ۽ نوڙت سان پيو هلندو. ۽ کين هميشه راضي رکيو ايندو. مٿين عملدارن مان وڌ ۾ وڌ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي سپريڊنٽ پوليس تائين ويندو، عام طرح سندس اٿ - ويهه مختيارڪار ۽ صوبيدار تائين هوندي. پاڙي جا ٻيا زميندار سڀ وڏا ماڻهو ۽ مغرور هوندا هئا، جن جي ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ کان هيٺين عملدارن ۾ بنهه اک ئي ڪانه ٻڏندي هئي - ان ڳالهه جو فائدو جان محمد خان وٺندو رهيو.

هيٺين عملدارن سان حسن سلوڪ ڪري کين هميشه پنهنجو طرفدار ۽ مددگار بڻايو ويٺو رهيو. انهن جي وسيلي، پنهنجي درجي آهر، هر سرڪاري عزت حاصل ڪيائين. ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسي، ڪجهه عرصي لاءِ آنرري مئجسٽريٽي، بندوقن جا ليسن، وغيره وغيره. پنهنجيءَ وزارت جي زماني ۾ مون کيس ”جسٽس آف دي پيس“ (جي. پي) پڻ مقرر ڪيو.

پاڙي جا زميندار، حسد وچان، کيس نقصان پهچائڻ لاءِ هزار ڪوششون ڪندا، پر حد جا ننڍا عملدار سندس پاسو وٺيو بيٺا هوندا، جنهنڪري کيس ڪا به تڪليف ڪانه ٿي رسي.

”رعب تاب“ ۽ ”حفظ مراتب“ جي اصولن جو خاص خيال هوندو هوس. ڄٽ ڄاموٽ کي اک ۾ رکيو ايندو. مجال آهي جو ڪو سندس اڳيان گستاخي ڪري يا کٽ يا موڙي تي چڙهي ويهي، هڪدم هڪل ڪري مٿان اٿاري هيٺ ويهاريندس.

مون پنهنحيّ ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زماني ۾ دستور جاري ڪيو ته ڪو به ماڻهو منهنجي اڳيان هيٺ نه ويهي. هر آئي وئي ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ به ڪرسيون، کٽون ۽ موڙا رکائي ڇڏيم. جان محمد خان مرحوم کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هر ڀيري شڪايتون ڪندو رهيو - چي، ”تو لچن لوفرن جي دل وڌائي ڇڏي آهي، ان مان ڏاڍو ڏچو پيدا ٿيندو.“ پسگردائيءَ جي ڪنهن ”ڄٽ“ سرڪشي اختيار ڪئي ته هڪدم صوبيدار سان بندوبست، ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان شڪايت ڪري، بدمعاشيءَ ۾ جهلائي ڇڏيندس. ننگاوتيءَ جي ڳالهه تان ڪنهن خون ڪري وڌو ته پراڻي فيوڊل دستور موجب ان شخص جو هرگز ”پن نه کڻندو“، بلڪ ڦاسي پوندو ته مناسب مدد ڪري ڇڏائي به وٺندس.

سندس دورانديشيءَ جو هيءُ عالم هوندو هو جو پاڻ کان ڏاڍي سان بنهه هٿ نه اٽڪائيندو. اڳواٽ ڏسي وٺندو هو ته ڪهڙي شخص مان ڪيتري فائدي ۽ ڪيڏي نقصان پهچڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو، پوءِ بعينہ ان انداز ۾ ان سان تعلقات رکيو ايندو. مثلا=، منهنجن بزرگن سان اوائل کان وٺي سندس تعلقات اهڙا نه هوندا هئا، جهڙا هجڻ کپندا هئا. انهن جي انتقال بعد منهنجو وارو آيو، سمجهي ورتائين ته مون ۾ نقصان پهچائڻ جي وڌيڪ صلاحيت آهي، تنهنڪري مون سان هڪدم ميٺاج، بلڪ فرمانبرداريءَ جو سلوڪ ڪرڻ لڳو. سالن جا سال اها ڪيفيت قائم رهي. مرحوم مون سان اهڙا پير کنيا جو سندس قضيو ٿيو ته مون ائين سمجهيو ته ڄڻ منهنجو هڪ بزرگ گذاري ويو.

هڪ ٻيءَ خوبيءَ سبب پڻ آءٌ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هوس. مثلا=، ڪنهن پاڙيواري سان ڪيڏي به دشمني هونديس، مگر ان شخص تي ڪا تڪليف اچي ويئي ته هر مناسب طريقي سان اُن جي مدد ڪندو. هڪ واقعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. جنهن زماني ۾ منهنجن بزرگن ۽ وڏيري جان محمد خان جا تعلقات خراب هوندا هئا، ان زماني ۾ هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڀٽي واهه کي کنڊ پئجي ويو، جنهنڪري اسان جي ڳوٺ ٻڏي وڃڻ جو سخت خطرو پيدا ٿيو، پاڻيءَ جو ايڏو زور هو جو ڳوٺ ٻڏڻ ۾ باقي گهڙيءَ پهر جو سوال وڃي رهيو، ۽ ڳوٺ غرق ٿئي ها ته اسين هميشه لاءِ برباد ٿي وڃون ها. جان محمد خان کي خبر پئي، پاڻ لٽا لاهي، گوڏ ٻڌي، پنهنجي شهر جا سمورا ماڻهو ڪڍي اچي کنڊ ٻڌائڻ بيهي رهيو. سندس پنهنجو ڀاءُ پاڻيءَ کان ٻاهر واهه جي ڀر تي بيٺل نظر آيس، هڪل ڪري چيائين: ”نامراد، اڃا ڀڪ تي ويٺو آهين! اندر گهڙ، مر، مري سر ڏي، ويل اٿئي، ويل ٿو وڃائين!“  سندس ڀاءُ ٽپو ڏيئي واهه ۾ گهڙي پيو. وڏيءَ محنت بعد کنڊ ٻڌو، ۽ اسان جو ڳوٺ غرقابيءَ کان بچي ويو. چوندو هو:”ميان علي محمد شاهه! پاڙي ۾ ويٺا آهيون، ورو وري تي رکيو، پاڙو پيغمبرن کي به پيارو هوندو هو.“

مون سندس ڪفايت شعاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم جي زمينداري تمام محدود هوندي هئي، مگر تنهن هوندي به ٻيءَ طرف ڪفايت ڪريو پنهنجي ”اوطاق“ قائم رکيو آيو. آئي وئي لاءِ مانيءَ جو ٽڪر هر وقت موجود هوندو. اجائي خرچ کان ائين ويندو، جيئن ”ڪانءُ ڪمان کان“. ساري عمر ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪيائين، نصرت اسٽيشن کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو فقط چار آنا هوندو هو، پر بغير اشد ضرورت جي لاڙڪاڻي تائين به ڪونه ويندو. ڪنهن لڱا لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ته شهر ۾ بگي ڀاڙي نه ڪندو، پنڌ هلندو  رهندو، مگر اهڙي شان سان، جو ٻه - چار ماڻهو ضرور ڪڍ هوندس. صورت ۾ به ڏاڍو معزز پيو لڳندو هو - بت ڀريل، قداور، ڏاڙهي چاپئين، سهڻي. لباس: کنڀيل سفيد پڳ، ڊگهو سفيد پيراهن، سفيد سٿڻ، پير ۾ سنڌي جُتي، ڪلهي تي دائما سفيد بوڇڻ، ڪوٽ گاهي ماهي پائيندو، هٿ ۾ سنهو نيٽ جو لڪڻ.

گفتگو ڪندو ته سمجهي سوچي، اثرائتن اکرن ۾، دليلن، سببن ۽ ثابتين جي بنياد تي. هر جملي مان اڳلي لاءِ عزت پئي بکندي، جنهنڪري ٻڌندڙ هڪدم موهجي ۽ طرفدار بڻجي پوندو. پنهنجن ذات ڀائين ابڙن کي هميشه ڇاتيءَ سان لايو ويٺو هوندو هو. کيس پنهنجيءَ قوم آبڙ جي ماضيءَ تي فخر هوندو هو، ۽ سياسي فائدن جي خيال کان ”آبڙ“ جي حلقي ۾ پسگردائيءَ جي هر ذات کي شامل ڪري ڇڏيو هئائين، مثلاً ڪماريا، دائودجا، راهوجا، جيها، ککراڻي، ڏيٿا، گهانگهرا، جوڻيجا، وغيره. جا ذات سڌيءَ طرح آبڙ ۾ اچي نه سگهندي، ته ان کي ”سماٽ“ ۾ داخل ڪري، ابڙن جو سؤٽ ثابت ڪري ڇڏيندو. پاڙي جي هر ڳوٺ اندر هڪ ”مهانڊو“ پيدا ڪيائين، جنهن جي ذريعي ان ڳوٺ جي ماڻهن تي پنهنجو اثر قائم رکيو آيو. سندس سلوگن (Slogan) يا نعرو هوندو هو: ”آبڙ جو ننگ!“ ان ”ننگ“ جي بنياد تي ساريءَ آبڙ کي سلهاڙيو ويٺو رهيو. پري پري جا ابڙا به کيس پنهنجو اڳواڻ سمجهندا رهيا. ساريءَ اپر سنڌ اندر جت به ڪو ابڙو وڏيرو نظر آيس ته ان سان وڌي وڃي تعلقات پيدا ڪيائين. کين چوندو: ”ادا، ابڙا آهيون، پاڻ ۾ ڀائر آهيون، آبڙڪيءَ جو ننگ اسان کي نه پوندو ته ٻئي ڪنهن کي پوندو!“ غرض ته نه فقط خاص پنهنجي پسگردائيءَ اندر، بلڪ ساريءَ اپر سنڌ ۾ سندس دوست هوندا هئا: وڏيرو صاحب خان جوڻيجو مرحوم (ڌامراهن تعلقي لاڙڪاڻي وارو)، وڏيرو شير محمد خان ڪماريو، (لاڙڪاڻي وارو)، عبدالرحمان موهل (نئين ديري جي ڀر وارو)، رسول بخش خان جوڻيجو (مرزانپور تعلقي ڳڙهي ياسين وارو)، وڏيرو پيرل خان ککراڻي (لڳ نوشهرو تعلقو ڳڙهي ياسين). کهڙن مان محمد ايوب خان کهڙي زور ورتو ته کهڙا به ”سماٽ“  ۾ شامل ٿي ويا، باقراڻيءَ واري وڏيري غلام عمر خان انڙ ترقي ڪئي ته انڙ به ان زمري ۾ منسلڪ ٿيا. غرض ته مرحوم جان محمد خان جي اها پاليسي پڇاڙيءَ تائين ڪامياب رهي، ۽ پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو شمار ٿيڻ نه ڏنائين. في الحقيقت، ان زماني جي هوندي به اها وڏي ۾ وڏي ضرورت هئي.

پنهنجي ڳوٺ تي ساهه ڏيندو هو. سندس بيٺلائي ڏسي، ڪيترائي ماڻهو ٻاهران لڏي اچي سندس ڳوٺ ۾ ويٺا، جنهنڪري سندس ڳوٺ ڏاڍو وسيو. هر قسم جا ڪاسبي ۽ پيشه ور ماڻهو، جن کي ڳوٺن جي سونهن سمجهيو ويندو هو، موجود ٿي ويا. لوهرن مان مرحوم عثمان عجيب، سچو، معزز، همدرد ۽ نيڪ سيرت انسان سمجهيو ويندو هو. سندس دڪان هڪ قسم جي ڪلب يا ڪچهريءَ جي جاءِ هوندو هو. مُلپيءَ جو ڪم ملان الله بخش (يا ملا علو) جي سپرد هو. ڳوٺ جو موچي استو عارب هوندو هو، جنهن جون ٺاهيل سنڌي جُتيون پنهنجو مثال پاڻ هونديون هيون. پر گراهڪن کي جُتين ٺاهي ڏيڻ بدران گهڻو ڪري ”موچڪن دلاسن،“ تي رکندو هو. استو محمد ڪنڀر هوندو هو، جنهن جي آويءَ تان لٿل ٿانو ڏاڍا مرغوب هوندا هئا. واڻين (هندن) جو هڪ سڄو پاڙو هوندو هو، جن جو مُکي هوندو هو وهنواريو مل. وهنواريومل، وهنوار جي ڪمن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري وانگر ”صاحبِ پاليسي“ هوندو هو. هٽ هلائڻ کان سواءِ، زمينن جا ٺيڪا به کڻندو رهيو. پنهنجي نياز نوڙت ۽ هيٺانهينءَ وسيلي پاڙي جي کاتيدارن جا ڪَنَ ڪتري ڇڏيائين. غريب کان غريب مسلمان کاتيدار جي اڳيان به ڌرتيءَ تي ويهي رهندو، ۽ هٿ ٻڌي پيو چوندس. ”سائين، تون هاٿي آءٌ ڪِول، تنهنجو پير مون تي پوندو ته منهنجو نشان به ڪونه رهندو“ - پر ان ”ڪول“، وقت آئي، ڪيترن ئي ”هاٿين“ جا نشان مٽائي ڇڏيا. ڀائي هرداسمل ڀونڀٽپور جو ٻيو مهانڊو هوندو هو، وهنوارئي مل کان گهٽ ”پيرڙيو“، ۽ وقت آئي ”مڙس ماڻهو“.

جان محمد خان جو ڳوٺ وسيو، تنهن جا سبب اُهي ئي هئا، جن جي بنياد تي ان زماني ۾ ٻهراڙيءَ اندر ڳوٺ وڌندا ٿي رهيا. مثلاً:

(1) ڳوٺ - وڏيري جي زورائتي هجڻ سبب چوريءَ چڪاريءَ جو امڪان ڪونه رهيو،

(2) لچ لونبڙ اشرافن سان ”آسيب“ ڪري ڪونه ٿي سگهيو،

(3) آئي وئي ڪاموري سان وڏيرو پاڻ منهن ڏيندو ٿي رهيو، جنهنڪري شهر جا ماڻهو عملداري آزار کان محفوظ ٿي رهيا،

(4) وڏيري پاڻ يا سندس ڪٽنب جي ننڍن وڏن مان ڪنهن به راڄ جو لوڙهو ڪونه ٿي لتاڙيو، جنهنڪري ننگاوتيءَ جي معاملي ۾ راڄ جي ماڻهن کي اطمينان حاصل هو.

عام چوڻي هوندي هئي ته ”ماڻهو ٿڌيءَ ڇانو هيٺان ئي اچيو آسائش وٺي ٿو“. وڏيري جان محمد خان مرحوم ٿڌي ڇانوَ پيدا ڪئي، جنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن ڊوڙي اچي ان ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان آسائش ڪئي.

مائي حليمان ميربحر، ڀونڀٽپور جو هڪ خاص ڪئريڪٽر هوندي هئي. سياڻي، فضيلت ڀري، شاديءَ غمي جي ڪمن ۾ هرهڪ جي همدرد. پاڙي ۾ جنهن به سڏ ڪيس، خوشيءَ سان ورنائيندي. سڱابنديءَ جو معاملو هوندو ته طرفين جي وچ ۾ نياپا سنيها پڄائيندي ۽ آخر آڻي گهوٽيتن خواهه ڪنواريتن کي هڪ ئي نڪتي تي بيهاريندي. ڪنوار کي ”ونواهه“ جي ڏينهن اندر ”ٺاهڻ“، سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻندي. هر صبح جو اچي ڪنواريتي گهر رسندي: ڪنوار جي جسم کي اَٽي ۽ سرنهن جي تيل سان مليندي، مٿي کي سير ڏيئي صاف ڪنديس، ميٽ تيل سان وهنجارينديس، ۽ وهنجارڻ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي ۽ سينڌ ڏيئي، سندر وجهنديس، هٿن پيرن تي ميندي لائينديس، اکين کي ڪجل جي ”ريهه“ ۽ چپن کي سرخيءَ جو چٽڪو ڏينديس، کاڌي لاءِ بُسريءَ، چُوريءَ، ڪُٽيءَ، مکڻ ۽ مُستيءَ جو انتظام ڪنديس. آخري ”مٿاميڙ“ جي موقعي تي، لانئن ڏيارڻ ۽ ساٺن سڳڻن پوري ڪرائڻ جي ذميواري پڻ سندس سر تي هوندي. جيستائين نکيٽي (يا رخصتي) جو وقت ايندو. مائي حليمان اهي سمورا ڏينهن هر شام جو ڳوٺ جي زالن کي گهوٽيتن جي گهر جمع ڪري، انهن سان گڏجي ويهي سهرا چوندي. سهرن ۾ زياده تر ذڪر هوندو زيورن جو، سونن ۽ نِهرن جو – ”دُري گهڙائج نِهري“ جن زيورن جي سلسلي ۾ سون مهيا ٿيڻ جو امڪان نه هوندو، تن جي باري ۾ پڻ اصرار هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ ”نِهرا“ ضرور هجن.

وڏيري جان محمد خان مرحوم جي صورت هينئر به اکين اڳيان پئي ڦريم، توڙي جو آءٌ سندس ڳوٺ کان چار هزار ميل پري، منيلا فلپائن ۾ ويٺو هيءُ مضمون لکان -

...اڇو اجرو، ڪميت گهوڙيءَ تي چڙهيل، هنج ۾ ٻارهن بور جي دونالي بندوق گهوڙن سان (آءِ. هالس ڪمپنيءَ جي ٺهيل) رکيل، اڳ ۾ هڪ يا ٻه ڪنجڪي، گهاڙ واهه جو ڪنارو ڏيو پيو ڳوٺ اچي يا ڳوٺ مان نڪري: يا اوطاق جي ٻاهران ويٺو آهي، گهاڙ واهه جي ڪناري تي، ٻٻر جي ڇانوَ هيٺان، کٽ تي: مٿي تي ڀرت ڀريل ننڍي ٽوپي، سفيد چولو، سفيد گوڏ، چوڌاري ڪچهري، جنهن ۾ ويٺا آهن سندس پاڙي جا مهانڊا - ميهو خان ککراڻي، وڏيرو جهان خان ککراڻي، بهادر خان، بالاچ خان، مرزا خان (يا سندس پٽ نهال خان) ککراڻي، فيض محمد ڏيٿو، محمد پناهه راهوجو، وغيره وغيره: پيون هلن اوڀاريون لهواريون حڪايتون، ٻَڌيءَ ڇوڙيءَ جون شڪايتون، آبڙڪيون روايتون: هرڪو خوش، هر ڪو مطمئن...

مرحوم نوي ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪيو. ساري عمر سندس هاٺي مضبوط رهي. ان جو سبب هو ڳوٺاڻي خوراڪ (ماهيو کير، ڏُڌ، ڏهي، مکڻ، ڇيلي جو گوشت، گهر اندر جنڊ ۾ پيٺل هٿ جو صاف ۽ تازو اٽو)، تازي کليل هوا، سانوڻ ۾ ڏکڻ جي هير، سياري ۾ اتر جي جهَڪ، جهنگ جي خوشبو، فطري ورزش، پَنڌ يا گهوڙي جي سواري، رفتارِ زندگيءَ جي آهستگي: اچڻ وڃڻ جا پروگرام ٺهندا، ته نه ڪلاڪن نه ڏينهن پيرين، پر چنڊ جي چڪر ۽ موسمن جي ڦيري جي بنياد تي. رات وڳڙي روشني هوندي ته چنڊ جي چانڊاڻ ۽ تارن جي جهرمر جي، اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃڻو پوندو ته تيل جو ڏيئو کڻبو. ڏينهن جو گرمي ٿيندي ته ڇت جي جهلي هلندي يا هاٿائون پکو، سياري ۾ پارو پوندو ته ٻاٻرا، ڪانڊاوان، يا باهڻ جا بنڊ ٻرندا، طعام وجهندو ته ٺڪر جي ڪُنينءَ ۾ يا وڌ ۾ وڌ ٽامي جي قلعي ٿيل ديڳڙن ۾. ڊڳڙي پچندي ته پاهڻ جي ٿوٻيءَ يا ٺڪر جي دانگيءَ تي. چلهي هيٺان باهه هوندي ته ڪاٺين جي، ۽ نه گاسليٽ نه ڪوئلن نه گئس نه بجليءَ جي - آهستو آهستو پئي ٻرندي - نه وٽامن سڙڻ جو خوف، نه ديڳڙن جي ڪس لهڻ جو امڪان، نه کاڌي جي اصلي ذائقي ڦري وڃڻ جو احتمال. ڀاڄي هوندي ته پنهنجي واڙيءَ جي، يا فصلي ۽ جهنگائين- سرنهن ڄانڀي جا ڳنر، مٽرن چڻن جي پلي، اِڪڙ جا پن، گوار جون ڦريون، لوڻڪ ۽ للر جا موڙ- هٿ جي مکڻ ۾ رجهندي، ٿوم جو واس ڏنو ويندو. ليلو يا گهر جو پليل چوزو چڙهندو ته ٻوڙ ۾ ڌاڻن جا تازا پن داخل ٿيندا، جيئن سڳنڌ پيدا ٿئي، ڇٺي ڇماهي ڪو تتر اچي ويو ته سبحان الله، بهشتي ميوو، جنت جو لڏون سمجهيو ويندو!

“ نه وري اها زندگي موسيقيءَ کان ئي خالي ٿي رهي. يڪتاري يا گهڙي وارو ڪافير نه هوندو ته قدرتي آڪسٽرا موجود هوندو: سانوڻ جا پاڻي وهي ايندا ته ڏيڏرن جا بئنڊ ۽ ٽيٽهر جي وائلن پئي ٻڌبي. چيٽ آيو ته ڪارڙو تتر ميدان ۾ موجود هوندو، پيو سڏيندو ”پير پير کدو“. خواجه خضر آيس نه آيس، پر ”مسيون“ (ڪارڙي تتر جون ماديون) گهڻيون ئي اچي ملنديس. عشق کي اندازَ اندر هلايائين ته مدتن تائين مرڪندو رهندو، ٻيءَ صورت ۾ هر عاشق زار وانگر ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي وڃي ديڳڙي داخل ٿيندو. هر پرهه ڦٽندي، کنياتي جي مٺين لاتين سان، ۽ هر شام ايندي بگڙي تتر جي تنوار بعد. ۽ نه وري قدرت جو اهو پروگرام ان وچ ۾ ئي بند رهندو. گهرن اندر جهرڪين جي جهٽ مٽ ۽ جهيڙا هوندا، گهر جي ٻاهر وڻن مٿان ڳيري جي ”گهوگهو“، ۽ وڻن هيٺان ڳوٺاڻي ڳيري جي ”هو هو“!

پوءِ انسان جا اعصاب ڪمزور ٿيندا ته ڇو، بدهاضمي جي شڪايت ٿينديس ته ڇا وگهي؟ ۽ اهڙي اطمينان بخش، صاف ۽ سٿريءَ فضا اندر جيڪڏهن نوي ورهين تائين جيئرو رهيو ته عجب جو ڪهڙو سبب؟

طيب جا ديوان

راءِ صاحب مولچند

پنجوديري کان سواءِ طيب جو شهر، جيڪو رتيديري کان ٻن - چئن ميلن جي فاصلي تي، نئين ديري واري رستي جي ڪناري تي آهي، سو پڻ هندو ديوانن جو ڳڙهه هوندو هو. ديوان انگريزي پڙهيل، انگريزي طرز رهائش جا دلداده! ۽ وڏين املاڪن جا مالڪ هوندا هئا. هليءَ چليءَ ۾ مسلمان زميندار جي ڪاربان ڪاپي. سٺا بنگلا، ڀڀڪيدار ڪمدار ۽ نوڪر، سواريءَ لاءِ قيمتي گهوڙا بگيون ۽ موٽرون. لباس گهر اندر مسلمانڪو، اندر - ٻاهر لاءِ انگريزي سوٽ - ڪوٽ. ناڻي جي نمائش لکن پيرين. وندر لاءِ هڪ - اڌ مسلمان سُريت، جنهن جي رهائش جو انتظام ٿيل هوندو ديهن تي.

راءِ صاحب مولچند سخاوتراءِ هڪ صوفي منش صاحب هوندو هو. شلوار پهريندو هو ۽ مٿي تي پٽڪو رکندو هو، ڏاڙهي مٺ کان وڏي هوندي هيس، پري کان مولوي پيو نظر ايندو هو. ويدانت سان واهپو ۽ سرود سماع سان ڳوڙهي دلچسپي رکندو هو. انگريز سندس عزت ڪندا هئا. آنرري ماجسٽريٽن جو سرشتو جاري ٿيو ته کيس هڪ بينچ جو چيئرمن مقرر ڪيائون. صحيح ڪندو هو ته پنهنجي نالي کان پهريائين، پنهنجي هٿ سان پاڻ کي “R.”“، (راءِ صاحب) لکندو هو.

ديوان آتمارام

ديوان آتمارام وڏيءَ همت ۽ نالي وارو شخص هوندو هو. ڪنهن جي پرواهه ڪانه ڪندو هو، حتاڪ گهڻو ڪري وقت جي حاڪمن کان پڻ پاسيرو پيو رهندو هو. پئسا جام هوندا هئس، جنهنڪري هرڪو پيو کانئس ڪن هڻندو هو. هڪ دفعي، اتفاقا= مٿس جعلسازيءَ جو مقدمو ٿي پيو. ڪنهن دستاويز ۾ درستي ٿيل هئي، سندس مخالفن الزام آندو ته اها درستي جعلي آهي، جيڪا آتمارام پاڻ ڪئي آهي. وقت جا آفيسر اڳ ۾ ئي سندس مخالف هئا، بهاني ملڻ تي هڪدم طوفان کڙو ڪري ڏنائون. مقدمو سيشن تائين ويو. آتمارام پنهنجي بچاءَ لاءِ، ڪلڪتي جو ناليوارو انگريز بئريسٽر سَر ارڊلي نارٽن گهرايو، جنهن جو نالو ٻڌي مقامي عملدارن جا وار کڙا ٿيڻ لڳا. سيشن جج، وائر فيلڊ نالي انگريز هو، جنهن ڪيس ٻڌڻ کان پوءِ ملزم کي بيگناهه سمجهي باعزت آزاد ڪري ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ آتمارام جو رعب اڳ کان به اڳرو ٿي ويو. ٻهراڙيءَ جي حالتن کي ناسازگار ۽ عزت نفس جي منافي سمجهي، طيب ۾ مستقل رهڻ ڇڏي ڏنائين. ڪراچيءَ ۾ بنگلو وٺي، اڪثر وقت وڃي ات رهڻ لڳو. عام ماڻهو کيس سخن جو سچار ۽ بهادر سمجهندا هئا. وقت آئي، واقعي هر دوست سان ڪلهو ڏيئي بيهڻ وارو هو.

ديوان جيوتراءِ

آتمارام جو هڪ سؤٽ ديوان جيوتراءِ هوندو هو. ساڳيو نمونو ۽ ساڳي طرز رهائش. يار ويس هوندو هو. منهنجو ننڍڙائيءَ جو دوست. پاڙي جي مسلمان زميندار کي شڪار ڪندو ڏسي، پاڻ به بندوق ڌاريائين. پکي مري نه مري، پر رسم پوري ڪندو رهندو هو.

طيب جي مکيه ديوانن مان ڪنهن به انگريزن جي نوڪري ڪانه ڪئي. انگريزي زبان سکيا ضرور، مگر ان مان زمينداري معاملات کان ٻاهر ڪو به فائدو ڪونه ورتائون. برعڪس ان جي، خيريديري ۽ بنگلديري جا عامل ديوان زياده تر نوڪرين جا متلاشي رهيا، ۽ منجهانئن ڪيترن ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو.

آتمارام

خيريديري جو هڪ ديوان، جنهن جو نالو پڻ آتمارام هو، ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان رٽائر ڪرڻ بعد، پهرين بينچ ماجسٽريٽ ۽ بعد ۾ اسپيشل فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ مقرر ٿيو. ڪجهه وقت تائين ڏاڏي مرحوم سان گڏ بينچ جو ميمبر هوندو هو. عقلمند، تجربيڪار، خداترس، ۽ منصف مزاج سمجهيو ويندو هو. مون کي مطالعي جو شوقين ڏسي، هڪ دفعي صلاح ڏنائين ته ”ڪتاب پڙهندي جيڪا شي اهم ڏسين، سا جدا ڪاپي - بڪ تي نوٽ ڪندو وڃ. ان  طرح سان خودبخود مطالعي جو نچوڙ دماغ تي نقش ٿي ويندءِ. ٻيءَ طرح سان مطالعو بي نتيجي رهجي ويندو.“ اڳتي هلي، تجربي ثابت ڪيو ته سندس اهو مشورو بلڪل صحيح هو.

الله بخشڪ خان هَڪڙو

خيريديري ۾ زور ته هوندو هو، هندو ڪامورن جو، شهر جي زمينداري وري به پشت بپشت هَڪڙن زميندارن جي ئي حوالي هوندي هئي. منهنجي زماني ۾ خيريديري جو مکيه زميندار هوندو هو، الله بخش خان هَڪڙو. مدبر، بااخلاق، ۽ مڙسيءَ وارو ليکيو ويندو هو. گهڻو ڪري پاڙي جي وڏن زميندارن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍندو هو، حلقه ِّ اثر محدود سهي، پر پنهنجي ”خانيءَ خان“ هوندو هو. سياري جي موسم ۾ ڊگهو اوورڪوٽ پايو وتندو هو، جنهن جي پٺيان واري پٽيءَ تي هيءُ شعر ڪاري ڌاڳي سان ڀرائي ڇڏيو هئائين:

الله بخش هڪڙه زهي نيڪ نام،
خدا بخش ابوش شده نيڪ ڪام.

تعلقي جو مرڪزي شهر هوندو هو رتيديرو. ميونسپالٽي پيل هيس، تعلقي آفيس به اتي ئي هوندي هئي.

ان شهر سان تعلق رکندڙ ٻه شخصيتون قابل ذڪر آهن.

راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس

راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس ميونسپل پريزيڊنٽ هوندو هو. شريف، امن پسند، ۽ زبان جو وزني سمجهيو ويندو هو. سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ته لاڙڪاڻي ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. وزارتن ڦرندي گهرندي، ٻه - ٽي دفعا وزير به بڻيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ديس کان موڪلائي وڃي هندستان ۾ رهڻ لڳو. پويان پنهنجي شهر جي هندن خواهه مسلمانن اندر چڱو نالو ڇڏي ويو.

 

حاجي علي نواز خان گهانگهرو

مسلمانن مان مرحوم حاجي علي نواز خان گهانگهرو، رتيديري ۽ پسگردائيءَ اندر وڏيءَ هلنديءَ وارو هو. خلافت تحريڪ ۾ سندس خاندان خاص بهرو وٺي چڪو هو، جنهنڪري تحريڪ ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ به علي نواز خان انگريز عملدارن اڳيان معتوب رهندو آيو. پر پاڻ به سندن پرواهه ڪانه ٿي ڪيائين، شايد ئي وڃي ڪڏهن ڪنهن ڪليڪٽر يا ڪمانيءَ جو سلام ڪيائين. ديندار هوندو هو، ۽ قمبر واري پير ميان تراب علي شاهه رحمة عليہ جي حلقهءِ احباب سان وابسته هو.

علي حسن خان گهانگهرو

مرحوم علي نواز خان جو سؤٽ، علي حسن خان گهانگهرو، ته خلافت تحريڪ جي هڪ تاريخي شخصيت ٿي گذريو هو. سڀ کان پهرين، تحريڪ جي سلسلي ۾، بغاوت جو مقدمو مٿس هليو هو. الزام هيءُ هوس ته هن ماڻهن کي وطن ڇڏي، افغانستان ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ آماده ٿي ڪيو: اُن دؤر جو اهو هڪ زبردست مقدمو بڻجي پيو هو. پوليس عملدارن پاڙي جي ڪيترن زميندارن کي بطور شاهد جي آڻي پيش ڪيو. اپر سنڌ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. مقدمو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ، ايڪٽ (A.S.V Acott) نالي انگريز وٽ هليو. مرحوم علي حسن خان پاران، بطور وڪيل، لاڙڪاڻي وارو رئيس غلام محمد غلام علي وڪيل پيش ٿيو، جنهن مقدمي هلندي پنهنجي قانوندانيءَ جا وڏا جوهر ڏيکاريا، نتيجو اهو نڪتو جو خود انگريز ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ انگريزن جي باغيءَ کي بيقصور ٺهرائي، آزاد ڪري ڇڏيو. انصاف ٿيندو هو، حاڪم بيشڪ ڌاريا هوندا هئا، پر عدل ۽ انصاف جي معاملي ۾ رک رکاوت ڪانه ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سندن حڪومت ايترو وقت، اهڙي شان ۽ مان سان هلندي رهي. جنهن حڪومت انصاف جي اصولن کان انحراف ڪيو، ان جي ڪهڙي ساک، ۽ ان جي مستقبل ۽ بقاءَ جو ڪهڙو يقين؟

علي حسن خان مقدمي مان آزاد ٿيڻ بعد ستت ئي انتقال ڪري ويو، ۽ سندس سياسي ورثو علي نواز خان جي حصي ۾ آيو، جنهن بعد جي ڦِريل سياسي حالتن پٽاندڙ ايترو ئي ڪافي سمجهيو ته ڌارين حاڪمن سان قطع تعلق قائم رهي. ڪفايت شعار هوندو هو، ۽ دور انديش. پنهنجيءَ املاڪ کي چڱيءَ طرح سنڀاليائين، ۽ اولاد جي تعليم جو خاص اونو رکندو آيو. الله تعاليٰ کيس غريق رحمت ڪري!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org