سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

ڇپائيندڙ پاران

صفحو :1

جيتامڙي جي ڊائري

مصنف: ڊاڪٽر سرلا ديوي

ڇپائيندڙ پاران ٻه اکر

 

”جيتامڙي جي ڊائري“ جا هي 687 صفحا ”رهاڻ“ جي پرچن مان گڏ ڪيل ۽ بعد ۾ ڇپايل ڪٺا ڪري ڪتابي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا. قوي اميد اٿم ته سنڌي ادب جا شائق ۽ اڪبر آشرم جا دوست هيءَ پيشڪش هن سادي لباس ۾ قبول ڪندا.

سڄو ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ شايع ٿيڻو هو، جن مان پهريون ڀاڱو 245 صفحن تي مشتمل 1965ع ۾ ڇپيو ويو هو. هينئر اسان جي ماتا صاحب جي هن فاني دنيا مان چالاڻي ڪرڻ بعد سمورو مواد ڪٺو ڪري هڪ جلد ۾ پيش ڪجي ٿو.

اسان کي ارمان آهي جو پنهنجي پريس نه هئڻ سبب ڪتاب جدا جدا پريسين دوارا شايع ڪريون ٿا ۽ صفائي پرنٽنگ جي اسان جي مرضيءَ موجب ٿي نه سگهي آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ کي وينتي ٿي ڪجي ته هيءَ سادي لباس ۾ ڇپايل ڊائري بياني طور قبول ڪندا جيستائين وڌيڪ سهڻي لباس ۾ اسين ان کي پيش ڪري سگهون.

ڊائريءَ جي مواد تي مون کي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي سمرٿي نه آهي. ان بنسبت پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه پنهنجي ديباچه ۾ ڪافي ڪجهه چيو آهي. ”رهاڻ“ جي پرچن ۾ پنهنجي ”پيش لفظ“ ۾ جيڪي ڊائريءَ بابت مون اڳ چيو آهي سو فقط هت دهرائڻ جي اجازت گهران ٿو:

خاص طريقو هن ڊائريءَ ۾ خيال پيش ڪرڻ جو هي آهي ته جنهن گفتگو يا ڳالهه مان خيال اتپن ٿئي ٿو، تنهن جو تتسار اول ڏنل آهي، اگرچه ڪيتريون روزاني زندگيءَ جون خانگي ڳالهيون به ان ۾ اچي وڃن ٿيون، ڇالاءِ جو تصوير جي چٽڻ لاءِ آس پاس (Background) جو نقش چٽڻ ضروري آهي. در حقيقت اها ماتا صاحب (ڊاڪٽر سرلا ديوي) جي طرز ادا جي هڪ خاص خوبي آهي. هر هڪ مضمون پنهنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهه مثل ڪري چئجي، جنهن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نه فقط انهيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيده مسئلن ڏانهن پڻ اشارا ملن ٿا. انهن مان گهڻا ماتا صاحب جي جيون ساٿيءَ“ دادا سائينءَ جا چيل آهن، پر اهي خيال خود اسان جي ماتا صاحب جا چونڊيل آهن.

مان ٿورا چمڪندڙ خيال ۽ نڪتا انهيءَ ڊائريءَ مان هت پيش ڪيان ٿو، جي اميد ته ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ پڙهندڙن جي شوق وڌائڻ ۾ مدد ڪندا. اها چونڊ فقط منهنجي پسند ڏيکاري ٿي. مون کي اهي نڪتا پهرين پنجويهن صفحن مان ئي هٿ آيا؛ ان مان اندازو  لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ ڊائري ڪهڙيءَ زر سان ڀرپور آهي:

”... نا ضروري ڪمن کان آتما جو الڳ ٿي وڃڻ، سا نشاني آهي آنند جي ڦل راس ٿيڻ جي.“

”... سچي ديا سڀ لاءِ ان ۾ آهي ته سهڻي عادت اپجي ۽ سچي زندگيءَ جو قانون عمل ۾ اچي! قانون کانسواءِ زندگي ڦلهڙي ۽ بيڪار آهي، جيئن هڏن کانسواءِ ماس.“

”... گندگي بيپرواهي يا برائي برداشت ڪرڻ ضعف جي نشاني آهي.“

”... قوم جي طاقت جو بنياد گهرو زندگي آهي.“

”... محنت انسان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي ۽ جي ساڻس محبت ملايو ته ڪابه منزل دور نه آهي.“

”... پريم احساس جي شڌيءَ لاءِ سڀ کان اُتم اپاءُ آهي.“

”... آتما جي ياترا جو انت فقط پرماتما ٿي سگهي ٿو.“

”... ڪرم ۽ گيان جو انت پريم ۾ آهي.“

”ڀاونا آتما جو هڪ گهرو آهي؛ جتي سا گهري اتي ٿو کيس هڪدم پهچائي.

”... سنگ سڀ کان اتم ساڌن آهي... ست سنگ ۾ ڀاونا جي شڌي ٿئي ٿي.“

- شيوا ۾ موهن گربخشاڻي.

 

 

اڪبر آشرم پبليڪيشنس

 

پينوءَ جي سوغات - ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“ (نثري نظم)

”... هر هڪ مضمون ۾ جئنسگهاڻي حياتيءَ جو فلسفه پيش ٿو ڪري... هڪ تصنيف ٻئي کان بهتر نظر اچي ٿي.“

- ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم (خليل).

آتم باغ - ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“ (تمثيلي ڪهاڻيون)

”... مصنف امرت چکيو ٿو ڏسجي؛ مست الاجي گهڻا ڪندو!“

- پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه.

دل جو جام سدا ڀرپور - ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“ (رباعيات)

”... مصنف دنيا جي هنگامي کان ڪجهه پرڀور ٿي دل جي سمنڊ ۾ ٽٻيون ڏنيون آهن ۽ شاعرانه جوهر جرڪايا آهن.“

- هري درياني (دلگير).

تون ۽ مان- ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“

”... گرديو ٽئگور جي گيتانجليءَ جون سڪون ٿو لاهي.“

- محمد ابراهيم جويو

 

 

 

سام سان گڏ ٻه - ٽي گهڙيون

 

لکندڙ: صوفي ڌڻي بخش ۽ ڊاڪٽر سرلا ديوي.

 

(دادا سام جي تصنيفن جو تت سار ۽ سوانح حيات)

 

ايئا جا آواز - ا. ح. جئسنگهاڻي ”سام“

 

 

(مترجم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ صوفي ڌڻي بخش)

(الهامي ارشاد)

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 46 45 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org