سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ادب ۽ اديب:

(عجب، هي رشتا ناتا!)

 

صفحو :4

اسان جو وقت ته ڪافي سٺو گذريو. وچ وچ ۾ مون کي ويچار پئي آيو، ”ڪاش، اچنتاڻي هجي ها.“ هڪ دفعو ٻيڙيءَ ۾ ڪڪيءَ کي چيم. هن ڏاڍيان چيو،”اچي ها ته کيس به مزو اچي ها، اسان به وڌيڪ اينجاءِ ڪريون ها.“ هوريان چيائين، ”ٻن ريساڙن وچ ۾ مزو ڪرڪرو به ٿي سگهي ها. مان به آزار ۾ هجان ها.“

مون به هوريان چيو، ”منهنجي توسان همدردي آهي.“

هن چيو، ”حل به ته نٿا ڳولهيو.“

”واپس گوبندرام ڀنڀي مل وٽ هلي رهنداسين....“

مون گوبند کي، جيترا ڀيرا به دهليءَ آيا هئاسين، فون تي ”هلو هلو“ ضرور ڪئي هئي.

ڪڪيءَ چيو، ”اِهو هاڻ ممڪن نه آهي. اِهو ڪن ٻين غلط فهمين کي جنم ڏيندو.“

۽ ديديءَ کان اسان جي سس پس لڪل نه رهي. چيائين، ”ناراض آهيو ٻئي! اچنتاڻيءَ کي ته مون ٻه ڀيرا فون ڪئي.“

ڪڪيءَ ٺهه پهه چيو، ”ڳالهه هزماسٽرس وائس جي رڪارڊنگ جي آهي....“

مون دل ئي دل ۾ ٿڏي تي عقل اچڻ لاءِ ڪڪيءَ کي مڃيو.

سچ پچ گرئمو فون ڪمپنيءِ جي رڪارڊنگ جو مسئلو به آڏو هو. مون ووڪل ڪلچر بچائڻ لاءِ ڪلاڪار منڊل جي سنگيت گروپ کي چست ڪيو هو. ۽ 1963ع جي جئپور سميلن بعد سنڌي ووڪل ڪلچر بچائڻ جي ذريعن ۾ چڱي وسعت آئي هئي. سنڌي فلمون رليز ٿينديون رهيون، هز ماسٽرس وائس رڪارد نڪرڻ شروع ٿيا هئا ۽ پروگرامن جو اندازو به وڌندو ويو هو. انهن سڀني ۾ ڪڪي ٻين ڪلاڪارن کان اڳري رهي هئي – انداز ۾ خواهه لوڪ پريه تا ۾، هر هڪ نڪرندڙ سنڌي فلم ۾ هن جو آواز لازمي بڻيو هو. گرئمو فون ڪمپني به سنڌي رڪارڊ نئين سر ڪڍڻ لڳي هئي. ڪملا ڪيسواڻي، مهيش چندر، راڻي گدواڻي، شيام لالا ۽ ٻين جا رڪارڊ نڪتا هئا. شروع شروع م مون سي. ارجن کي چيو هو ته رڪارڊن لاءِ سنگيت ڏي. هن کي هڪ فلمي سنگيتڪار طور اِها ڳالهه ته آئڙي هئي. مان پنهنجي فلم ۾ مشغول ٿي ويس، اُن جي مار کائڻ بعد پروگرامن ۾. اِن وچ ۾، گوورڌن ڀارتيءَ سي. ارجن کي مڃارائي ڪڪي ۽ سترام جا ٻه اي. پي رڪارڊ ڀرايا- هر هڪ ۾ ٻه گانا ۽ چار ئي مذاقي. رڪارڊ خوب هليا، ڪڪيءَ کي به سٺي رائلٽي ملي. مان راضي نه هوس. مان اِسٽيج پروگرامن ۾ ئي مذاقي گيتن جو انداز گهٽ ڪرڻ لڳو هوس. صرف مذاقي گيت ته سنڌي سنگيت جو صحيح درشن ڪرائي نٿي سگهيا. گرئموفون ڪمپني جي رڪارڊنگ مئنيجر مرلي منوهر سروپ کي ڪنهن اِها ڳالهه ٻڌائي. مون کي گهرايائين، مون چيومانس، ”ڪڪيءَ جي آواز کي مان وسعت خواه گونا گونيت ڏيندو رهيو آهيان – صرف مذاقي گيتن لاءِ اُن جو استعمال مون کي اڌورو ٿو لڳي. هن چيو، ”ڀل گنڀير گيت ڳولهه، سنگيت لاءِ سي. ارجن کي چئبو.“

اِن کان پوءِ گرئموفون ڪمپني ڪڪيءَ جي آواز ۾ گنڀير گيتن طرف متوج ٿي. مون ضيا جو ”ساجن ۽ سجني“ پرڀو وفا جو، ”سهڻي سٻاجهي“، ”نوري نماڻي“ اِهي ٻه دوگانا اي . پي ۾ ڪڪيءَ ۽ سترام کان ڳارا رايا. ٻيءَ لي. پي ۾ ڪرشن راهيءَ جي ”لولي“ ۽ ”اوراڻو“ ڏنو. اِهي رڪارڊ به ڪافي هليا. گوورڌن  به جهولي لعل گيتن جي لي. پي ۾ هڪ پاسي مهيندر ڪپور ۽ ٻئي پاسي مهيندر ۽ ڪڪيءَ جي آوازن ۾ گيت ڏنا.

مرلي منوهر مون کي چيو، ”اِهو رڪارڊ مهيندر کان وڌيڪ ڀڳونتيءَ ڪري هليو آهي.“ انهن ٽنهي لي. پي ز ۾ سنگيت سي. ارجن ڏنو. سنگيت ڪار طور سي. ارجن ڪافي ڪامياب رهيو. اِن ڪري هوُ ئي سنگيت ڏيندو رهيو. هڪ وڌيڪ لي. پي ڪلامن جو گوورڌن ڀارتيءَ جي گيتن جو به نڪتو. اُن ۾ ڪڪيءَ سان سترام جو آواز به هو، اِهي مڙيئي رڪارڊ چڱا وڪاميا. پوءِ مرلي منوهر مون کي گهرائي چيو، ”مالهي جي، هاڻي مهرباني ڪري ڪي لاڏا ڳولهه. اسان سپر سيون سيريز ڪڍيون آهن. لي. پي ۽ ايل. پي وچ ۾، ۽ ڀڳونتي جي ته سنڌي لاڏن جي راڻي مڃي وڃي ٿي. اڳ مون تنهنجي گنڀير گيتن جي ڳالهه مڃي، هاڻ تون مڃ، لاڏا چونڊي ڏي.“

اِن سپر سيون جي رڪارڊنگ دهليءَ مان اچڻ بعد ٿي. ٻه لاڏا راهيءَ جا، ٻه لاڏا موتي پرڪاش جا ۽ هڪ پوپٽي هيرانندڻيءَ جو.

ڪڪيءَ ديديءَ سان سورج ڪنڊ ۾ اِن سپر سيون رڪارڊ طرف ئي اِشارو ڪيو هو.

مارچ 1974ع کان مارچ 1975ع ۾ سميلن جي پروگرام کان سواءِ ڇهه ڀيرا اسان دهلي – ياترا ڪئي. ٽي پروگرام اچنتاڻيءَ جا هئا ۽ ٽي ديديءَ جا. مارچ 1975 وارو پروگرام چيٽي چنڊ جو پروگرام هو. پهريون دفعو راڄڌانيءَ  ۾ سنڌين ڪرول باغ جي اجمل خان پارڪ ۾ چيٽي چنڊ جو پروگرام رکيو هو – وڏي پئماني تي. اِن کان اڳ دهليءَ ۾ سبزي منڊيءَ ۾ چاليهي جو پروگرام شاهي پئماني تي ٿيندو هو. اسان اُن ۾ ٻه دفعا اڳ ئي ڀاڳ ورتو هو – گوبند رام ڀنڀي مل جي گهر مهمان رهندي. گوبندرام اِن ميلا ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. هن چيٽي چنڊ جي ميلي جا مکيه ڪاريه ڪرتا هئا – انڊور جي ديپڪ جو ڀاءُ ڪوڏواڻي ۽ ڀوڄراج چمناڻي، جو جهولي لال جو شيوڪ هو – ٻيڙين جو وڏو واپاري به هو، دل وارو به هو ۽ سنڌيت سان به پيار هوس. هنن مڪاني سنگيت پارٽيون اڳ ٻوليون هيون، مان سمجهان ٿو هنن جيوڻ گرسهاڻيءَ جو ايڪانڪي به رکيو هو. اِن پروگرام جي اوڳڙ جي سلسلي ۾ مکيه ڪاريه ڪرتائون ديديءَ وٽ وڃي نڪتا ۽ هن ٺهه پهه چين – ”ڀڳونتي ناواڻيءَ کي ڇو نه ٿا گهرايو؟“ ڀوڄراج چيو. ”ٻڌو آهي، پئسا تمام گهڻا وٺندي آهي.“ جواب ديديءَ نه، هن جي جوڙيدار ڏنو،  چيائين، ”پروگرام ته ڀڳونتي ناواڻي ٻوليندي ڪانهي. هرتا ڪرتا گوبند مالهي آهي. هن بابت منهنجي ڀاءُ ديپڪ جو چوڻ آهي ته پئسن جو موه ڪونهيس. گروپ هلائي ئي سنڌيت جي سڳنڌ ڦهلائڻ لاءِ ٿو. مان اَڄ ئي ديپڪ کي لکان ٿو ته مالهيءَ کي اسان جي پروگرام لاءِ منائي.“ ڀوڄراج چيو، ”پر هنن کي رهائبو ڪٿي؟“

ديديءَ چيو، ”اِها جوابداري مان ٿي کڻان. چئو ته دادا مالهيءَ سان فون تي مان ٿي ڳالهايان. چئو ته مان هينئر ئي دادا سان ڳالهايان.“ انڌو گهري هڪ اک، هنن کي ٻه ئي مليون. ڪوڏواڻيءَ چيو، ”نيڪي ۽ پڇ پڇ! پر ڀيٽا ۾ رعايت ڪرائي ڏجو.“ ديديءَ فون ملائيندي چيو، ”ڀيٽا لاءِ اوهان پاڻ ڳالهائجو.“

آرتوار جو ڏينهن هو، اُهو. ديديءَ فون ملايو، مان بمبئيءَ ۾ پنهنجي گهر ويٺو هوس. سربستي ڳالهه ڪري چيائين، ”ڀيٽا لاءِ مسٽر ڪوڏواڻيءَ سان ڳالهايو.“مان ٻڏتر ۾  پئجي ويس.ڪوڏواڻيءَ  کي چيم، ”هينئر ڪي چوڻ مشڪل آهي. ڪڪي رواجي طرح ڪو پروگرام کڻندي ڪانهي. ڪڏهن ڪڏهن زور بار هيٺ ”ها“ ڪندي آهي. مان شام جو پڇي اوهان کي ٻڌائيندس. کپيوَ ته ڪڪيءَ وٽ فون ڪجو يا ديديءَ کي فون لاءِ چئجو.“ ديديءَ هن کان چوغو وٺي چيو، ”ٺيڪ آهي. ڪڪيءَ وٽ فون ڪج.  ستين کان پوءِ. مان هڪ ميٽنگ بعد هن وٽ ويندس.“

مان ته ڪڪيءَ وٽ نيم موجب پنجين بجي پهچي ويس. هن سان صلاح مصلحت لاءِ ئي ست چيا هئم، ڪڪيءَ وٽ به ديديءَ جو فون هو، ”منهنجو قسم اٿيئي.....“

پروگرام مون نٽائڻ ٿي چاهيو، ڪڪيءَ جي مانسڪ پيڙا جي لحاظ کان. ڪڪي اڳ پوءِ اڳ ئي ويچاري ويٺي هئي. چيائين، ”نٽائڻ حل نه آهي – نه ڪلاڪارن جي اُپراسي جي لحاظ کان ۽ نه مقصد جي خيال کان، الاهي ماڻهو ايندا، اوهان جو سنڌيت جو سنديش ٻڌندا. مان ڀوڳي چڙهنديس، کڻو پروگرام.“

ڀرئي سال جي هيڏي ساري پريشاني ساڻ کڻي ڦرندي به ڪڪيءَ ۾ مون هڪ مبارڪ ڦيرو ڏٺو هو – هوُءَ سوچڻ به لڳي هئي، رايو جوڙڻ به لڳي هئي ۽ ويچار ظاهر ڪرڻ به لڳي هئي.

اوچتو وڌيڪ گنڀير ٿي چيائين. ”رهنداسين ديديءَ وٽ، دکي اچنتاڻي ٿيندو؛ مون کي ارمان هن جي ڪري آهي. هوُ ٽنگا ٽولي ٿيندي به دل ڪري خوش نه رهندو.....“

پر دهليءَ ۾ اچنتاڻي مون کي رضا تي راضي لڳو. ڪڪي خوش ٿي، پڇيائين، ”اوهان هن کي پرڀوڌ ڏنو – خط ۾ يا روبرو؟“

”نه“ مون چيو، ”پرٻوڌ ته نه، هن وشيه تي هن سان بات چيت هاڻي ڪرڻ وارو آهيان، هوُ ٿورو گهڻو پاڻ به صورت حال سمجهڻ لڳو آهي....“

ديديءَ اچنتاڻيءَ جي من ۾ آيل ڦيري جو فائدو ورتو، پروگرام جي ٻئي ڏينهن رات جو مون کي ۽ ڪڪيءَ کي اچنتاڻيءَ سان وڃڻو هو، اڳ جي سٽاءَ موجب، عين موقعي تي اچنتاڻيءَ کي چيائين ته ”جي صرف دادا اوهان وٽ هلن ته ؟“

مون سمجهيو، اِجهو ٿو جوالا مکي ڦاٽي ۽ لفظن جو ڀنڀٽ ٻري. اچنتاڻيءَ جي منهن جو پنو لهي ويو. هن جا چپ به ڦڙڪيا، پر اواڪ رهجي ويو!

ڪڪي ٻئي ڪمري ۾ هئي، اِهو به ڄاتم ٿي ته ديديءَ ڪڪيءَ کان پڇڻ بنا ئي اَچنتاڻيءَ سان ڳالهايو هو. مان ڪڪيءَ کي سٽاءَ تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ لاءِ ڪوچ تان اُٿيس مس ته اچنتاڻي اُٿي کڙو ٿيو، مون سمجهيو، هوُ مون کي به ساڻ وٺي نه ويندو. پر هن چيو، ”دادا، هلو. توهان ۽ مان ٿا هلون، دادي ڀل هت رهي.“

مان ڪپڙن جي وڳي ڪڍڻ لاءِ ڪڪيءَ وٽ ويس. هن پنهنجا خواه منهنجا ڪپڙا ٽوالن ۾ ويرهي هٿ ۾ جهليا هئا. هوُءَ سوالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. هن ڊرائگن روم جي روبڪاري ڏٺي ٻڌي هئي. مون هوريان چيو، ”ديديءَ کي ائين ڪرڻ نه کپي.“ڪڪيءَ چيو، ”ديدي ڇا به چوي ۽ سمجهي، مان اوهان سان هلان پيئي....“

اچنتاڻي پهريون دفعو اندرئين ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين، ”دادي، اوهان پريشان نه ٿيو. هت رهو، ديديءَ جي خوشيءَ ۾ منهنجي خوشي آهي.“ ۽ هن جي چپن تي هئي – مرڪ.

اُن ئي رات......

ديديءَ جي گهر ۾ ڪڪيءَ ۽ ديديءَ وچ ۾ جهڳڙو ٿيو. ۽ اچنتاڻيءَ جي گهر؟

اچنتاڻيءَ وسڪيءَ جا ٻه گلاس ٽپائيءَ تي آڻي رکيا. هڪ گلاس هٿ ۾ کڻي مٿي جهلي چيو، ”دادا! چيئرس. ٽو دي سڪسيس آف پوئر لائيف مشن....“

هوُ بيٺو مرڪي رهيو هو.

مون به گلاس کڻي چيو، ”چيئرس.“

مان پڇڻ چاهيو – ” هيءُ ڦيرو ڪيئن آيو؟ دل جو ڦيرو آهي يا زبان جو؟“ پر ست نه ساريم.

هوُ منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي ويهي ويو. چيائين، ”دادا، مون کي رضا تي راضي ٿيڻ ڪنهن سيکاريو؟ داديءَ دادي ڀڳونتيءَ!“

ڀڳونتيءَ! ڪڏهن! ڪيئن!

هوُ چوڻ لڳو، ”مون موهه وس هن کي ڪافي پريشان ڪيو. ٻه هفتا اڳ خط لکيومانس، ”پروگرام بعد داد ۽ توهان مون وٽ رهجو. مان اوهان ۽ دادا کي ضرورت پيئي ته فرسٽ ڪلاس ۾ يا هوائي جهاز ۾ بمبئيءَ موڪليندس.“ هن ننڍڙو خط لکيو، اوهان سان ڳالهائڻ بنا، ”مان اوهان ٻن جي ريس جي چٽاڀيٽيءَ کان بيزار آهيان. دهليءَ اچڻ تي دل ئي نٿي ٿئي. ڪو وقت اچي، اسين دهليءَ جا پروگرام ئي نه کڻون.“ منهنجون اکيون کلي ويون. پاڻ کان پڇيم، ”اهو موهه ئي ڪهڙو جو اڳلي کي بيزار ڪري؟ ۽ دهليءَ نه اچڻ جي اِشاري مون کي اِهو به محسوس ڪرايو ته منهنجي ۽ موهنيءَ جي ايرکا ڪري دهليءَ جي سنڌي جنتا داديءَ جي آواز کان ۽ سنڌين جي هڳاءَ کان ڇو وانجهيل رهي؟“ هن وري مرڪيو ۽ چيائين، ” اوهان ئي ته چوندا آهيو، مڙيو سو جڙيو.“

اسان ٻيو پيگ ڪڪيءَ جي آواز جي سلامتيءَ جي دعا پنندي پيئڻ شروع ڪيو.

صبوح جو ديديءَ مون کي چيو، ”دادا، ڪڪيءَ کي سمجهايو نه، هوُءَ رات کان رٺي ويٺي آهي.“

اچنتاڻي مون کي ڇڏڻ آيو هو. پاسي ۾ بيٺو هو، ديديءَ کي چيم، ”پوءِ اهڙا ڪم ڪرين ڇو ٿي؟...“

هن جا هٿ سچ پچ ڪنن طرف کڄي ويا، چيائين، ”مون توبهه ڪئي.“

مون دل ئي دل ۾ شاباس ڪڪيءَ کي ڏني. هن شرڌالن کي صحيح راه تي آندو هو. مون کلي چيو، ”ڪڪي رسندي به آهي، اِها شروعات به هن هت ئي ڪئي ٿي ڏسجي. آهي ڪٿي؟“

ڪڪي ٻن هٿن ۾ ٻه چانهه جا ڪوپ کڻي اچي وارد ٿي.

ديدي باهوڙجي ويئي: ”شنڀو ڇا مري ويو آهي جو تون پاڻ چانهه کڻي آئي آهين.“

ڪڪيءَ پنهنجي انوکي مرڪ مرڪي چيو، ”گهر ۾ ڇا مون وٽ ڪو شنڀو ويٺو آهي.....“

”هت ته راڻي ٿي رهه نه.“

”مان هن بعد دهليءَ وري اچڻ واري نه آهيان.“

اچنتاڻي اِن وچ ۾ چانهه جو هڪ ڍڪ ڀري چڪو هو. چيائين، ”دادي اوهان نه بيزار ٿيو نه دهليءَ وارن جي ڳالهه ڪريو. مون اڳ ئي هٿ مٿي ڪيا آهن.“

”مان به ٿي ضد ڇڏيان نه.“

”ڪلاڪار ڪٿي آهن؟“ مون ڳالهه بدلائڻ لاءِ پڇيو.

جواب ڪڪيءَ ڏنو، ”ويا آهن چاندني چؤنڪ تان خريداري ڪرڻ. اَڄ ڊيلڪس ايڪسپريس ۾ هلڻو آهي. منجهند تائين موٽي ايندا.“

اچنتاڻيءَ کي به شرارت سجهي، چيائين، ”موهني ديدي، سڀاڻي جون ٽڪيٽون گهراءِ نه.“

”دادا – ڪڪي مڃن ته مان سڀاڻي لاءِ ٻنهي جون هوائي جهاز جون ٽڪيٽون گهرايان.“

ڪڪيءَ چيو، ”مالهي سڀني ڪلاڪارن لاءِ سفر ۽ سهوليتن ۾ هڪجهڙائيءَ جو حامي آهي.“

درحقيقت رواجي طرح هوُءَ به مون سان اِن سلسلي ۾ سهمت هئي. ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ٿڪل هجڻ ڪري چاهيندي هئي ته مان هن جي ڇوڪري هجڻ جو لحاظ ڪري هن کي بهتر سهوليتون ميسر ڪري ڏيان پر عين وقت تي هوُءَ ڪلاڪارن سان گڏ سفر ڪرڻ ۽ رهڻ چاهيندي هئي، جتي منهجي زندگيءَ جا الاهي تضاد هئا، هن جي ٿورن تضادن ۾ اِهو به هڪ هو.

ايتري ۾ ديديءَ جو ننڍو ڀاءُ گيان اچي ڌمڪيون. چيائين، ”دادا، هڪ وينتي آهي، اُميد ته نراس نه ڪندا.“

مون چيو، ”چئو.“

”سڀاڻي مون وٽ جگجيت سنگهه ۽ چترا جو پروگرام آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته غزلن ٻڌڻ لاءِ ٽيسٽ ڪريئيٽ ڪرڻي پوندي آهي. سندر جو خيال آهي ته ڊنر کان اڳ اوهان جو پروگرام ٿئي ۽ ڊنر بعد جيڪي غزل ٻُڌي اينجاءِ ڪن، اُهي ترسن، ٻيا ڀل ڊرنڪس ۽ ڊنر بعد هليا وڃن. ڊرنڪس غزلن جي دؤران ۾ به هوندا.“

وڇاڻي ڀائر ۽ بينر – سڀ سنگيت جا شائق هئا، مگر صحيح معنى ۾ سنگيت جو شيدائي گيان هو. هن جي گهر ۾ ڊيڪ هئي ۽ ميوزڪ ڪٽ به هئي. رڪارڊن ۽ ڪئسيٽن جو ڳاڻاٽو نه هو. مشهور هو ته جگجيت سنگهه کي پهرين لفٽ گيان ڏني هئي.

مون ڪڪيءَ ڏانهن نهاريو. هن اکين سان چيو، ”جيڪا اوهان جي مرضي.“

مون چيو، ”ٽڪيٽون!“

گيان چيو، ”اِها چنتا مون تي ڇڏيو. ٽن ڪلاڪارن جون فرسٽ ڪلاس جون ۽ دادا ۽ ديدي ڀڳونتيءَ جون هوائي جهاز جون سڀاڻي شام تائين اوهان کي ملي وينديون پرينهن جون.“

مان چوڻ وارو ئي هوس، ”اِهو ڀيد ڀلو ڇو؟“ پر ڪڪيءَ جي ٿورو اڳ واري ڳالهه ٻڌي چپ رهيس.

گيان پاڻ چيو، ”مان جگجيت – چترا ۽ ديديءَ ڀڳونتيءَ وچ ۾ فرق وجهڻ نٿو گهران. جيڪي پئسا هن جي باجي تي آيا، اُهي هنجا، جيڪي پئسا اوهان جي مٽڪي ۾ پيا سي اوهانجا. هنن ٻن لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون آهن ۽ سنگت ڪندڙن لاءِ فرسٽ ڪلاس جون، ساڳي ڳالهه اوهان سان رهندي.“

مان ڪجهه چوان ئي چوان ته ديديءَ چيو، ”ڪلاڪارن جون ڀل پرينهن جون ڪرائج. دادا ۽ ڪڪيءَ جون ارينهن جون.“ شايد منهنجي اعتراض وٺڻ جو اونو ٿيس. چيائين، ”ٽرين ۾ به ته ارينهن ئي پهچندا نه.“

مون چيو، ”ٺيڪ آهي.“

ديديءَ جي خوشيءَ کي پر لڳي ويا. چيائين، ”اِن خوشيءَ ۾ رات جو کانو موئت هوٽل ۾ کائينداسين، سڀ جو سڀ: اچنتاڻي، اوهان به.“

اچنتاڻيءَ  چيو، ”اِن لاءِ معاف ڪج. ڏينهن جو ڪنهن ڏينهن....“

ڪڪيءَ چيو، ”اَڄ ڇو ڪين؟ هونءَ به اسان کي ڇڏڻ هلو ها ته منجهند جي ماني هت ئي کائو ها.“ اچنتاڻي مڃي ويو.

سڀاڻي تي ٻئي پروگرام ڪامياب ويا، زالن، ٻارن ۽ ٻڍڙن اسان جو پروگرام پسند ڪيو، جوانن ۽ ڪرڙوڍن کي غزل وڌيڪ راس آيا. ۽ بتاءُ به غزلن تي وڌيڪ پيو. ڪڪيءَ چيو، ”اسان جي سنت پئسن تي گهٽ آهي.“ گيان ڪو ڪٿي ڀر ۾ بيٺو هو، چيائين، ”دادي، اوهان نالو گهڻو ڪمايو آهي، ناڻي کان نالو ڀلو. جگجيت کي به اوهان جو  آواز وڻيو. چيائين، هنديءَ ۾ ڳائي ته قهر ڪري.“

ڪڪيءَ چيو، ”پوءِ مالهيءَ جي سنڌيت جو ڇا ٿيندو؟“

مون ٿورو بگڙجي چيو، ”صرف منهنجي سنڌيت آهي؟ تنهنجي ڪجهه نه لڳي؟“

هن موقعي جي نزاڪت سمجهي چيو، ”ساري، مان به پنهنجي ڳائڻ جو مقصد سمجهڻ لڳي آهيان....“

جتي جگجيت جي وڌيڪ ڪمائڻ جو اسان کي ارمان نه ٿيو، تتي سال سوا پوءِ بمبئيءَ ۾ اُن جي اُبتڙ ٿيو.

گيان ويسٽن جي بامبي برانچ سنڀالڻ لاءِ پريزيڊنٽ هوٽل پٺيان ڪف پريڊ تي ”سنيتا“ بلڊنگ ۾ اچي مقيم ٿيو. ديدي پنهنجن ۽ ڪمال جي ٻارن سان اُتي آئي. هفتو ڏيڍ رهي، ڀاءُ کي وري ٻه ئي پروگرام اڳيان پٺيان رکڻ لاءِ چيائين، هن ادلي بدلي ڪئي. پهرين جگجيت، چترا، پوءِ اسان ۽ اُن بعد ڊنر. مهمان نوي پنجانوي سيڪڙو سنڌي، اسان جي پروگرام جي دؤران ۾ نچڻ به وڌيڪ ٿيو ۽ پئسا به گهڻا آيا. جگجيت – چترا ماني کائڻ کان سواءِ هليا ويا، ٻڌم سال ڏيڍ ته گيان ۽ جگجيت وچ ۾ ڏنر سنوان نه رهيا!

دهليءَ ۾ پروگرام جي ٻئين ڏينهن ڪلاڪارن جي هلئي وڃڻ بعد، اِسٽيشن تان ئي مان ۽ ڪڪي اچنتاڻيءَ وٽ رات رهڻ وياسين. ديديءَ جي دل مايوس ضرور ٿي پر ٻاهريون ٻنو رکي ويئي. اچنتاڻيءَ چيو، ”دادا مون کي هڪ خيال آيو آهي، هفتي کن ۾ ته گؤهاڻيءَ وڃان پيو، انڪم ٽئڪس لاءِ حساب ڪتاب ٺاهڻ. خيال اٿم،  گؤهاٽيءَ رهان، ڌيءُ به مڱائي اٿم. باقي هڪ ڌيءُ جو ڀاڳ به ڀلو ٿيندو. مون سان  واعدو ڪريو ته احمد آباد منهنجي ڌيءُ جي شاديءَ تي ٻئي ايندا، جڏهن سيڻن شادي مڃي. ٻيو ته ڪلڪتي ايندا ته گوهاٽيءَ به ايندا. وري چيائين، ”دهليءَ کي وارجو نه، ڀل ديديءَ وٽ رهجو، مون کي منهنجي خطن جا جواب ڏيندا رهجو...“ هن جو گلو ڀرجي آيو. مون ۽ ڪڪيءَ زبان سان ڪجهه نه چيو پر دل ئي دل م اسان هڪ ئي وقت هن کي داد ڏنو. ممڪن آهي، هن پنهنجي پٽ جي لائق ٿيڻ تي دهليءَ جو دوڪان هن حوالي ڪرڻ ٺيڪ سمجهيو هجي ۽ گؤهاٽيءَ جي دوڪانن کي ڀائيوارن بدران پاڻ پنهنجي سر هلائڻ وڌيڪ فائديمند سمجهيو هجي، پوءِ به اِن طرح ديديءَ جي حق ۾ دست بردار ٿيڻ واقعي ساراه جوڳو قدم هو. ۽ هن اِهو قدم دهليءَ کي سنگيت ۽ سنڌيت کان نه وانجهڻ لاءِ کنيو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org