سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ادب ۽ اديب:

(عجب، هي رشتا ناتا!)

 

صفحو :5

پاڻ ۾ ڪيل سٽاءَ موجب اسان ديديءَ سان اچنتاڻيءَ جي گؤهاٽي وڃڻ جي ڳالهه نه ڪئي – هن جي ويتر ٻيگهي مچي ها.

ڪڪيءَ کي ۽ هن ڪري مون کي پاڻ وٽ گهرائڻ ۽ رهائڻ لاءِ هوُءَ ڪو به موقعو هٿان ڇڏڻ واري نه هئي. هن کي فون تي ۽ فون هوُءَ ڪنهن نه ڪنهن آفيسر سان بندوبست ڪري هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا ڪندي ئي هئي، اِها خبر پئجي ويئي ته ميءَ ۾ اسان جو ڪو پروگرام ڪونهي. هن تاهوت لڳائي ڏني، ”اچجو! اچجو!“ اسان ٻئي ناڪار ڪندا رهياسين. هڪ ڏينهن، ميءَ جي پهرئين هفتي ۾ فون تي چيائين، ”مون ڪار ورتي آهي، ڪڪي ۽ اوهان چڙهي اُن جو مهورت ڪريو نه ته ائين پيئي هوندي.“ مان آنا ڪاني ڪرڻ لڳس. هن چيو، ”ڪار سيڪنڊ هئنڊ آهي، ڪوالٽي ڏسڻ لاءِ هردوار هلنداسين، راجن جي ڪار به کڻنداسين ۽ پنڊت جي ٽئڪسي به هوندي، ٻارين ٻچين اوهان سان گڏ گهمي اينداسين، اينجاءِ ڪنداسين.“

هن مهل تائين پنڊت جي ٽئڪسي هن بلي رهندي آئي هئي، جي هڪ کان وڌيڪ ٽئڪسين جي هن کي گهرجي پيئي، اسان جي ڪري ته اُنهن جو انتطام به هوُءَ پنڊت معرفت ڪندي هئي.

هردوار جو لب مون کي توڻي ڪڪيءَ کي لالچائڻ وارو نه هو. مان ته ماٽيلي ماءُ جي يارهي ٻارهي جي ڪريا ڪرم لاءِ 13 -14 سالن جي عمر ۾ هردوار ويو هوس – پيءُ ۽ مامي اوچيرام سان.  1948ع ۾ منهنجي ڀاءُ به هردوار جو سنان ڪرڻ چاهيو، ڀارت ۾ نئين زندگيءَ جي شروعات کان اڳ. هوُ مون کي به ساڻ وٺي ويو، سونهون ڪري پوءِ به مون ڪڪيءَ ۽ ڪلاڪارن کي ٻه دفعا هردوار ڏيکاري هئي – هڪ ڀيري بريلي ۽ آگري جي پروگرامن وچ ۾ ٽي ڏينهن وٿي هئي ۽ ٻئين دفعي آگري ۽ دهليءَ جي پروگرامن وچ ۾ چار ڏينهن ويساهين هئي. اهڙيءَ ريت ئي هڪ دسهڙي تي مون ڪلاڪارن کي گجرات ۾ امبي ماتا جو مندر ڏيکاريو هو، ابو شهر ۾ هڪ رات داٻو ڪرڻ سان. بمبئيءَ موٽي وري واپس اچڻ پيسن جو زيان ته هو ئي، بلڪ تڪليف جو باعث به هو. پروگرام وٺندڙ ڪنهن به هڪ ڌر وٽ به ٻه ٽي راتيون ڪاٽجي سگهيون ٿي جو سنڌين ۾ اڃا به مهمان نوازي جو گڻ موجود آهي پر مون اِن سلسلي ۾ ڪڙو آزمودو پرايو هو. ”روٽي رام جي آهي.“ ائين چئي رهائيندو هرڪو، خاطرداري به ڪندو، پر پوءِ شام ٿيڻ کان اڳ هوُ ئي چوندو، ڪلاڪ سوا پروگرام رکجي ته؟ جي هن چڱ مڙسي ڏيکاري ڪا فرمائش يا وينتي نه ڪئي ته ڪو ٽڪاڻيدار، ڪو پوڄاري، سنسڪرتڪ  يا سماجي سنسٿا جو ڪو عيوضي هٿ جوڙيندو ايندو، ڀائرن ”جي ڏاڍي مرضي آهي ته مندر ۾، پڌر ۾ يا ڪنهن هال ۾ سنگيت سڀا ڪئي وڃي. اوهان هونءَ ئي سنڌيت جو پرچار ڪندا آهيو، ڀڳوان اوهان جو ڀلو ڪندو. پوءِ اِهو ڪلاڪ سوا جو پروگرام ٽي ڪلاڪ ٿي ويندو، ٿڪ ۾ ٿڪ الڳ، ساک تي مٿو ڪوڙائڻ ٻئي طرف – رهڻ ڀاري پوندو. اِن ڪري مان به پروگرام بعد ڪوچ ڪرڻ جو عادي بڻجي پيس – اِن ڳالهه ۾ آزاد صوفيءَ جو پير وڪار ٿي پيس – ”پروگرام ڏنو نه آهي، مڏي پٽي نه آهي.“

پوءِ به اسين دهليءَ ۽ اُن بعد هردوار وياسين ئي. هڪ اِها اُڻ تڻ رهي ته وسڪيءَ بنا ويشنو کاڌي تي اينجاءِ ديدي ڪيئن ڪندي؟ هن لاءِ هردوار هلڻ هڪ بهانو هو، اسان کي راضي رکڻ جو. ۽ هن اِن پنهنجي اُصول جو به پالن ڪيو. ”پوترتا جو مدار من تي آهي، ناسونت سرير تي ڪا ميار ڪانهي.“ ها، رهڻ جو بندوبست هر جي پوڙيءَ کان ميل کن پري ٻيءَ ڀر سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ ڪيو هئائين. جئن وديشي ياترين تي ڪا بندش ڪانه هئي تئن ديديءَ به ڪا بندش نه مڃي. سنان، کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ سان اسان اينجاءِ ڪيو ئي. ديديءَ کي اِهو سرٽيفڪيٽ مليو ته هن جي سيڪنڊ هئنڊ ڪار لڳايل رقم ۾ لائي ته هئي.

هڪوار هردوار هلڻ جي دعوت مڃڻ تي ديديءَ جي ڏاٺ هري – هن منهنجي گرو نانڪ ۽ گرواڻيءَ سان چاهه کي خيال ۾ رکي وري رت لڳائي: ”هلو ته امرتسر درٻار جو درشن ڪري اچون.“ پروگرامن ۾ مشغول رهندي مان هن کي ٽاريندو آيس. اُن زماني ۾ شاديءَ جا پروگرام ڪرائڻ جنهن تنهن جو شغل نه هو – ڪي تمام گهڻي پئسي يا ۽ مرتبي وارا ماڻهو ئي اِهو شونق رکندا هئا. ميءَ ۽ ڊسمبر ۾ ته جهڙا پروگرام هوندا هئا.

 درحقيقت جئن سنڌ ۾ چار مندو هيون تئن سنڌي سنگيت پروگرامن جا به سال ۾ چار وڏا موقعا هوندا هئا. اِهي چئن وڏن ميلن وارا اوتسئو هئا – مارچ – اپريل ۾ چيٽي – چنڊ، آگسٽ ۾ جهولي لعل جو چاليهو، دسهڙي ۽ ڏياريءَ وچ ۾ آڪٽوبر – نومبر ۾ ڪنور رام صاحب جون ورسيون ۽ نومبر جي شروع ۾ يا آخر م گرو نانڪ صاحب جي جنم دن جا. انهن چئن ميلن ۾ جنهن تنهن ڪلاڪار کي پروگرام رهندا هئا، اسان لاءِ ته اِهي ميلن جو سلسلو جوڙيندا هئا. چيٽي چنڊ کان هفتو اڳ ۽ ٻه هفتا پوءِ تائين، چاليهي صاحب جا ٽن چئن شهرن ۾ خود بمبئيءَ ۾ ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪرلا ۽ اُلهاسنگرن ۾، ڪنور رام جي ورسين جا ٽي چار هفتا – بمبئيءَ کان ٻاهر ۽ گرونانڪ  جنم ڏينهن  کان هفتو اڳ ۽ به ڏينهن پوءِ تائين پروگرام رهندا هئا. تنهن سواءِ شوراتري، جنم اشٽمي، رام نومي، اَسو ۽ پوهي چنڊ ۽ ڪيترن سنتن جي ورسين جا پروگرام، پروفيشنل بڻجڻ کان اڳ سال ۾ مشڪل  20 – 25  پروگرام هئا، اُهي وڌندا سؤ سوا سؤ تائين وڃي پهتا. ٿورا سال شاديءَ جي پروگرامن جي گهٽ هجڻ ڪري ميءَ ۽ ڊسمبر ۾ پروگرام گهٽ رهيا ۽ اِهي مهينا ڪي سال ديديءَ جي بلي رهيا – هڪ ئي وقت ٻه ٽي هفتا هن وٽ رهڻ ۽ هن سان گڏ گهمڻ جا رهيا. هن تي اثر رهيو يا هن اِهو اثر بار بار جتايو – ”اَوهان سان گهرائي وڌڻ بعد منهنجي ڪمائي وڌڻ لڳي آهي، ڪنهن وقت جي ڪنجوس، اَڄ جي درياه دل آهيان، مهمان نوازي ڪرڻ مان راحت ملندي آهي ۽ اوهان سان؟“

هوُءَ اڪثر چوندي هئي، ”ڪير ڪيئن به چوي يا مڃي هڪ ٻئي سان ناتا جنمن کان، جنمن تائين هلندا آهن.اوهان کان اڳين جنمن ۾ ڪافي گهڻو ورتو هوندم، ان جو هن جنم ۾ وياج ته ڏيڻ ڏيوم نه، ۽ ڪڪيءَ جو ناتو؟ آدجڳاد کان هوندو. هن ئي جنم ۾ نس پس جهڙين اکين وارو، هن جهڙين اکين وارو، هن جهڙي سٻاجهي سڀاءَ وارو نينگر ننڍپڻ ۾ منهنجو واقف ٿيو، اعتبار ڪريو نه ڪريو، اسان وڏي هوندي شاديءَ جو بار بار اقرار به ڪيو، هوُ مري ويو اوچتو ۽ ورهين بعد هوُ مون کي ڪڪيءَ ۾ ڏسڻ آيو، ۽ دادا، پيار ۽ ڪام واسنا – ٻه الڳ الڳ چيزون آهن. ڪام واسنا پوري ٿيڻ تي کن ڀنگر خوشي ڏيندي آهي ۽ پيار لائيندي به اٿاهه خوشي ڏيندو آهي – پيڙا به خوشي ڀاسندي آهي.“ پوءِ گويا زمين تي لهي ايندي ۽ چوندي ”اوهان کي ڇا سمجهان؟ اوهان ليکڪ آهيو، مون کان وڌيڪ سمجهو سياڻا ۽ ڄاڻو.....“

سچ پچ هن مون کي عمر ڀر موه به ڏنو، عزت به ڏني. پنهنجن سڳن ڀائرن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ هوُءَ مون کي مڃيندي هئي. پهرين ڏيکاءُ به هو، مجبوري به هئي ڪڪيءَ جي ويجهو اچڻ جي – پوءِ اسان جا من ملي ويا، سڀاءَ ڀيت تي پئجي ويا، البت هن پاڻ کي مون کان به وڌيڪ موڙيو.هڪ جبري، ڌنڌي ۾ ڪامياب، محفل جي مورڻي، رعبدار ۽ آڻ نه مڃيندڙ  عورت سچ پچ منهنجي موه، ممتا ۽ مڃتا جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي ويئي. مون هن ۾ دادن جو پيار ئي نه، گهڻي حد تائين اِن ۾ اهڙي گهرائي ۽ پنهنجائي پاتي. هن جا مٽ مائٽ، ڪڪي، منهنجي ۽ هن جي ناني جي گهرائيءَ تي اڪثر چوندا هئا – ”ديديءَ ۾ مبارڪ ڦيرو آيو آهي، اُهو وڌندو ٿو رهي.“ ۽ هن اسان کي جنهن تنهن مائٽ ۽ متر سان  واقف ئي نه ڪرايو، هنن جي پنهنجائيءَ جي دائري ۾ داخل ڪرايو!

وڙهڻ جهرڻ به ٿيو اسان وچ ۾، آخر ڏهه يارنهن سال اسان ٽي ڪافي ويجهو رهياسين. ڪڪيءَ ان جو ذڪر ڪرشن کٽواڻيءَ ڏانهن خطن ۾ ڪيو آهي. مان هت ٿو اعتراف ڪريان. اڪثر مان هن سان ناراض ٿيندو هوس ۽ اڪيلائيءَ ۾ ئي نه، گهر وارن ۽ ڀائرن بينرن اڳيان به تکو مٺو پوندو هوس. هوُءَ اِتفاق سان دل ۾ ڪندي هئي ۽ ڪلاڪ ڏيڍ وڌ ۾ وڌ ٽن چئن ڪلاڪن بعد اچي چوندي، ”دادا، ناراض آهيو اڃا؟ آڻ مڃي، جهڳڙو پورو ٿيو نه؟“

ڊسمبر ۾ اسان دهليءَ کان امر تسر اُسهياسين، اِن وچ ۾ هن جي ڀيڻ ڪملا کي به ويسٽن وٽان سيڪنڊ هئنڊ فيئات ڪار سستي اگهه ۾ ملي هئي. راجن واريءَ ڪار ۾ راجن سان ديدي ۽ پٺئين خاني ۾ مان، ڪڪي ۽ هن جو ڀيڻويو لڇمڻداس. دهليءَ خواهه ٻاهر اسين پنج ساڳيءَ ڪار ۾ هوندا هئاسين اڪثر.

1975ع جو زمانو هو، پنجاب مسئلو اَڃا پيدا نه ٿيو هو – صلح سانت، رستا ويڪرا ۽ پڪا، راجن جي لفظن ۾ ”ڪار ترڪندي ٿي هلي – گهٽ ۾ گهٽ رفتار اَسيءَ جي.“ ٽن ڪارس جي ڪاروان. سوچيو هوسين رات ڊابي تي ماني کائبي – ”سرسون دا ساگ اور مڪي دي روٽي“ ۽، ڪنهن سراءِ ۾ چار پنج ڪلاڪ آرام ۽ پرڀات جو وري سفر. اِهو سجهاءُ  ڪڪيءَ جو هو ۽ سڀني کي راس آيو هو. پر شام ٿيندي ئي راجن جي ڪار رنگ ڪرڻ شروع ڪيو، هڪ هنڌ بيهي ئي ويئي. رستي تي گئريج گئريج تي بيٺاسين. گهربل پرزو مليو ئي نه. ائين ڊنگ ڊنگ ڪندي يارنهن اَچي ٿيا. جئن ماني ياد آئي ته ڊابا سڀ ٽرڪن ۽ هنن جي هلائيندڙن سان چڪا چڪ ڀريل، سڀ کٽون والاريل، ٽرڪ ڊرائيور پي رهيا هئا ۽ موُڊ ۾ هئا. فيصلو ڪيوسين امبالا ۾ ڪنهن هوٽل ۾ ٿا هلي کائون ۽ آرام ڪريون. کاڌوسين اُهو ئي سرسون دا ساگ اور مڪي دي روٽي – ڪڪيءَ جي فرمائش تي. پر هوٽل جي کاڌي مان ڊابي وارو مزو نه آيو – ديديءَ دهليءَ جون سڪڀ وڏيون هوٽلون ئي نه، مکيه ڊابا به گهمايا هئا، ڀيري ڀيري سان ” موتي محل“ ۽ ”ڪاڪي دي هٽي“  تي رات جو هڪ هڪ ويلو ضرور کائيندا رهياسين. موتي محل ۾ قواليءَ جي لالچ تي ۽ ڪاڪي دي هٽيءَ تي کاڌي جي ذائقي ڪري. ۽ ڌيري ڌيري مون هن کي رات جي ماني گهر کائڻ تي هيريو. ها، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران کاڌو گهرائبو هو.

چنديڳڙه شام جو چئين بجي پهتاسين. سياري ڪري شام ٿيڻ واري هئي. هوٽلون سڀ جو سڀ ڀريل.ڏيئن ٻرين ويل نيٺ ويسٽن ٽي. ويءَ جي برانچ مئنيجر وٽ وڃي ڌرنو ماري ويٺاسين. هن دهليءَ ۾ ديديءَ کي ڏٺو به هو ته هن جو دٻدٻو به پسيو هو. جئن تئن ڪري هڪ موٽل ٽائيپ هوٽل ۾ ٻه ننڍڙا ڪمرا هڪ رات لاءِ هٿ ڪري ڏنائين. ٻئي ڏينهن  منجهند کان اڳ هوٽل خالي ڪرڻي هئي جو اِهي ٻه ڪمرا جنهن پارٽيءَ ڀاڙيا ئا، اُها ڪنهن ڪارڻ ڪري هڪ ڏينهن دير سان اَچي رهي هئي. اِن ڪري چنديڳڙه اهڙو اُتاڇرو ڏٺوسين جو صرف قسم کڻي سگهجي ته اَسان چنديڳڙه مان به ٿي آياسين. اِن مختصر رهائش جي دؤران ۾ به چنديڳڙه جي بناوٽ ۽ اؤسر يگاني پاتسين. سيڪٽرن ۾ ورهايل ماڊرن شهر، هر طرح کليل ۽ هر طرف هوادار، نالانه، نمبر. جا ميٽريڪل حساب سان اَڏيل، پور وڇوٽيءَ وارا وڏا رستا- ٻن هاءِ وي رستن جي وچ ۾، سرڪاري آفيسون ۽ رهائش جون جڳهيون شهر جي پرانهين طرف. هر سيڪٽر پنهنجي ۾ پورو، مارڪيٽ هر ڪنهن جو پنهنجو. ڪافي وڻندڙ مثالي ماڊرن شهر هو چنديڳڙه. گرواڻيءَ سان منهنجو لڳاءُ، شاهه جي بيتن کان به اڳ رهيو. گرواڻيءَ جا ڀڄن سانڀر ۾ اچڻ سان ٻڌم. بابا پرڀات کان اڳ اُٿي سنان پاڻي ڪري گرواڻي اُچاريندو هو – وڏي واڪي، اول ته جاڳ ٿيڻ تي مٺيان لڳندي هئي، سوچيندو هوس بابا کي جي رام ريجهائڻو ئي آهي ته آهستي ڀڄڻ ڪري نه. پر گرواڻيءَ ۾ ڪا غيبي ڪشش محسوس ڪيم، ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ننڊ پاڻ کان پاڻهي ڦٽي پوندي هئي. اُٿندو نه هوس، پر ليٽئي پئي ئي گرواڻي ٻڌندو هوس – ٻٽو فائدو/ اثر ڏٺو اَٿم  اِن جو. مون کي سويل اُٿڻ يا گهٽ ننڊ ڪرڻ تي ڪا جسماني تڪليف درپيش نه ايندي آهي ۽ گرواڻيءَ سان دلي موهه اَڄ به قائم آهي – البت پاٺي سريلو هجي ۽ اُچارڻ جو ڍنگ سٺو هجيس، مان پاٺ جي ڀوڳ تي وڃڻ پسند ڪندو آهيان، صرف نائين محلي جا سلوڪ ٻڌڻ لاءِ مارڪسواد مون کي ناستڪ نه بڻائي سگهيو جو نائين محلي جي سلوڪن جو اثر دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ سلامت رهيو، بعد ۾ ته شاهه جو صوفي متو به گرواڻيءَ سان دخل انداز رهيو. اکرن وچ نه ارجي مان ته ٻنهي ۾ صدق روپي عشق کان متاثر ٿيو آهيان.

امرتسر هلڻ مون ٻن ڪارڻن ڪري باسيو هو – هڪ ته منهنجي رول پين جي جذبي کي لنبو سفر، گهڻ گهرن مان گڏ ورهين پڄاڻا تسڪين ڏيڻ وارو هو، ٻنهي پاسي وڻراهه – پکي پرندا، ۽ انسان ۽ راهه جا راهي هم سفر وغيره. ٻيو ڪارڻ، بابا منهنجي ماٽيلي ماءُ جو گورو هردوار پهچائڻ وقت مامي اوچيرام ۽ مون سان گڏ هليو هو.  هن هر دوار کان وڌيڪ گرو آستانن جي ياترا چاهه سان ڪئي هئي، ۽ جت ڪٿ سونهون ضرور کڻندو هو. اُن وقت ئي امرتسر ۾ چوويهه ڪلاڪ سريلي ۽ وڏي آواز ۾ گرواڻيءَ جي اُچارڻ مون کي ڪافي موهيو هو، پڪيءَ عمر ۾ اُها ننڍپڻ جي ڇڪ ٻيهر زنده ٿي اُٿي هئي.....

اَمرتسر جو مندر اڳئين جهڙو هو، اُن جو ايوان ڪافي وڏو ٿي ويو هو، جڳهيون به وڌيل هيون پر گرواڻيءَ جي مٺاس اڳئين جيان اثردار هئي. آتنڪوادين جو نالو نشان نه هو.

اَمرتسر لاءِ اچڻ ۾ آناڪانيءَ جي دؤر ۾ ديديءَ ٻي به هڪ لالچ ڏني هئي – اَٽاريءَ شام جو وياسين – ٻنهي پاسين جهنڊن جي لهڻ، بارڊر جي رات لاءِ سيل (بند) ٿيڻ جي رسم ڏٺي سين. شيخن جي هٿراڌو ديوار جي ٻئي پاسي ماڻهو ڏٺاسين. هن ۽ هن پاسي جا ماڻهو ٻئي هڪ زمين جا رهاڪو، هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي لاءِ پرڏيهي بڻجي پيا هئا/ بڻايا ويا هئا، پوءِ به ٻنهي پاسن هڪ ٻئي سان هٿ ملايا، خوش خيرو عافيت پڇي ۽ کيڪر ڪئي، اسين به خوشنصيب هئاسين. پاڪستان جي محافظ ملٽريءَ ۾ هڪ ڄڻو سنڌي هو. اسان کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي وڌي آيو. سنڌيءَ ۾ ڳالهايائين ۽ سڀني سان هٿ ملايائن. منهنجي چوڻ تي اسان کي پاڪستان جي حد اندر به وٺي ويو، فلئگه پوسٽ ٽانين، منهنجو من ڀرجي آيو ۽ دل دانهن ڪئي:

”ماڻهو هڪڙا ئي پر رهن راڄن ٻن ۾.“

۽ اُن رات مون ڪڪيءَ کي ”سنڌ ۽ سنڌي“ ٻڌائڻ لاءِ چيو. اهڙي فرمائش مون ڪڪيءَ کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪئي. هن به پهرين ته کلي چيو، ”هيءَ سنڌ جي بارڊر نه آهي، پنجاب جي آهي.“ مون زور ڀريو، ڪڪيءَ شروع ڪيو:

وطن لاءِ جان گهوري، پوءِ به ٿوري....

وڏا ته ڇا، ننڍا به چپ چاپ ٻڌندا رهيا. ڪجهه ڌن جو اثر هو، ڪجهه منهنجي حد گنڀيرتا جو. ڏوهيڙن جي پوري ٿيڻ بعد به سانت طاري رهي، ڪجهه وقت. ماٺ جي مهر ديديءَ ٽوڙي. چيائين، ”گرواڻيءَ جو ڀڄن ٻڌاءِ، ته ”شرنائي آيا ستگر....“ ڪڪيءَ چيو، ”اِن بعد فل اِسٽاپ....“

راڳت پورو ٿيو ته راجن کٽراڳ شروع ڪيو. چيائين، ”هيستائين آيا آهيون، ڇو ڪين سملا هلون؟“ ديديءَ ۽ ڪملا جي ٻارن ڪورس ۾ چيو، ”هلو هلو.“ ديديءَ ڪڪيءَ کان پڇيو، ”مٺي، ڇا ٿي چوين؟“ ۽ ننڍن وڏن سڀني کي گهڻو اڳ معلوم ٿي چڪو هو ۽ هوُ اِن تي هري ويا هئا ته اهڙين ڳالهين ۾ آخرين فيصلو ڪندڙ راءِ ڪنهن جي آهي. سڀني جون نظرون ڪڪيءَ تي هيون ۽ ڪڪي خرچ جي باري ۾ هر ڪنهن جو بوجو هلڪو ڪرڻ چاهيندي هئي ۽ نه ڳؤرو. نٽائڻ سانگي چيائين، ”پر ڪپڙا ته اسان هل اِسٽيشن جهڙا آندا ڪونه آهن.“ ديديءَ چيو، ”اِهو انتظام ٿي ويندو، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ شال هتان وٺون ٿا. سئيٽر سملي ۾ هلي وٺنداسين.“

۽ اسان نين شالن سان هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات لاءِ سملي وياسين! سياري ۾ ڪنهن هل اِسٽيشن تي وڃڻ کان توبهه به ڪري آياسين. 1975ع جي مئيءَ ۾ نئنيتال ساڳئي اٽالي سان ساڳئي نموني گهمي آياسين. نئنيتال مان چئن ڏينهن اندر ڀڄي آياسين جو دهليءَ ۽ نئنيتال جي گرميءَ ۾ نه جهڙو فرق هو. مٿان نئنيتال ۾ برف جو قحط به هو. برف بنا وسڪي پيئڻ ۾ مزو ئي نٿي آيو، ديديءَ کي ۽ مٿان مڇرن جو آزار به هو.

1976 ۾ مسوريءَ وياسين. اُتي خانگي مسواڙي جڳهه ۾ رهياسين. مسوري مون کي درجلنگ کان ٿورو گهٽ وڻي. ڪڪيءَ کي مسوريءَ وڌيڪ متاثر ڪيو. دارجلنگ اسان 1973 ۾ ايڪانڪي فيسٽيول کان پوءِ گؤهاٽيءَ ۾ پروگرام ڏيڻ بعد ويا هئاسين – لکمي کلاڻي ۽ ڪلڪتي يوٿ ائسوسئيشن جي ڪن ساٿين سان، آف سيزن هئي، چهل پهل ڪانه هئي ۽ ٿڌ به وڌيڪ هئي، پوءِ به جيڪي ڪي ڏسڻ لائق هو، ڏٺوسين. رهياسين. ”ٽفني“ هوٽل ۾ جا هڪ سنڌيءَ جي هئي. ڪلاڪار به ساڻ هئا. لکمي کلاڻيءَ جو هن کي ٻڌايو ته ڀڳونتي ناواڻي آهي، گوبند مالهي آهي ۽ ڪلاڪار آهن ته هن سڄڻ جي دل هرکي. چيائين. ”سٺ پنجهٺ سنڌي هت ڪونه ڪو ڌنڌو ڪندر آف سيزن ۾ به هت آهن، مان سنگيت پروگرام رکان؟ لکمي مون کان پڇيو. مون به کني چيو، ”ڀل رکو.“ ڪڪيءَ چيو، ”هن ٿڌ ۾ سوڙيون ويڙهي پروگرام ڏيڻو پوندو.“ اِها نؤبت ڪانه آئي. هيٽر سڄي هال ۾ گرمائش ڦهلائڻ لڳا، سڀ جو سڀ سنڌي اچي شريڪ ٿيا. سنڌي سنگيت ٿورن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻڌو هو؛ سڀ پهريون دفعو مڃڻ لڳا ته واقعي سنڌيءَ ۾ سنگيت به آهي ته ڪلاڪار به. وڏڙن ڪڪيءَ کي آسيسون ڪيون، جوانن هٿ ملايا ۽ ننڍن آٽوگراف ورتا، چڱي  سنڌيت جي لهر لڳي ويئي. هوٽل جي مالڪ رهائش ۽ کاڌي پيتي جا پيسا به نه ورتا. دارجلن چانهه جا پڙيڪا سڀني کي ڏنا. هوٽل مالڪ ڏکڻا به پڇي. مون چيو، ”سڀني چاه سان ٻڌو۽ داد ڏنو، اِهو ئي اُجورو آهي.“ مسوريءَ ڇاڪاڻ ته سيزن جي وچ ۾ آيا هئاسين، چڱو پنهنجو ڪٽڪ ساڻ هو، ديديءَ جي درياه دلي هئي ۽ وچ ۾ ”ويسٽن ڪئين“ جي چونڊ هئي ۽ گيان، سندر جو پٽ روي ۽ ٻيا ڪرمچاري به آيا هئا – ٽي ڏينهن پارٽيون ۽ گڏجاڻيون رهيون، گهمڻ جا موقعا به جام مليا- انهن سڀني ڳالهين ڪري هل اِسٽيشن جي راڻي ڪڪيءَ کي وڌيڪ وڻي.

تنهن کان پوءِ هڪ ئي وقت ڏهه ٻارنهن ڏينهن ديديءَ وٽ رهڻ لاءِ نه مليا. شادين تي ڪلچرل پروگرامن جو رواج عام جام ٿي ويو، سنڌين جي شاهوڪاريءَ ۽ ڏيکاءَ ۾ به اضافو ٿيو. اسان ميءَ ۽ ڊسمبر  ۾ هونءَ کان به وڌيڪ مشغول ٿي وياسين – شادين جي پروگرامن ۾، ميءِ ۾ اِسڪولن ڪاليجن ۽ ڪن آفيسن جي موڪلن ڪري ڀارت  ۾ رهندڙ سنڌين کي شادين جي سهوليت ٿي ۽ ڊسمبر ۾ پرڏيهن جي ٿڌين ۽ ڌنڌن ۾ ڪي قدر ماٺائيءَ صدقي سنڌ ورڪي ڀارت ۾ اچي اُهو سمو نينگرن نينگرين جي شادين جي شغل ۾ سڪيارٿو ڪرڻ لڳا. ۽ شادين جي پروگرامن ۾ اسان جي هڪ هٽي رهي. اسان جي مشغول هجڻ ڪري ئي ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ يا ٽوليءَ وٽ وڃڻ لڳا. شاديءَ جي رسيپشن وقت ڪڏهن به پروگرام نه ڏنو – اُن وقت پروگرام گويا سنگيت جي توهين هو. ماڻهو کائيندا، پيئندا ۽ ڳالهائيندا رهن ۽ ڪلاڪار ڳائيندا رهن.  هڪ ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن پوءِ پروگرام ڏيڻ لڳاسين – اڪثر هڪ ڏينهن اڳ. ڪي سرنديءَ وارا ۽ هجائتا هڪ ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن پوءِ – ٻه ٻه پروگرام وٺندا هئا. ۽ اِهي شاديءَ جا پروگرام ئي ڪلاڪارن جي ڪمائيءَ جا پروگرام هئا. صحيح معنى ۾ ، هونءَ پبلڪ پروگرام صرف سڪي پڪي گذر جا هئا، منهنجو مول مقصد هو ته ڪلاڪار منڊل جو ننڍي ۾ ننڍو  ڪلاڪار به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگي. هڪ وڏي ڪلاڪار جو مثال مون اڳيان هو. هوُ پاڻ پيسا نه وٺندو هو، مٽڪي جا پيسا به هوُ پروگرام وارن کي ڏيئي ڇڏيندو هو. هن جو هارمونيم پليئر خواهه طبلچي آرگنائيزرن کي بک جا چڪ پائيندا هئا ۽ آرگنائيزر به هنن کي مکائيندا نه هئا. مون اُن وڏي ڪلاڪار کي ورجايو. مون وٽ سڀ جو سڀ ڪلاڪار ساڳيا آهن ۽ اوهان وٽ هارمونيم پليئر ۽ طبلچي به ٽڪن نه ٿا. هن ڳالهه ٻڌي اَڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. خير، مون ڪلاڪار منڊل کي هڪ قسم جي ڪو آپريٽو منڊل ئي نه بڻائي، اِها به سنڀال رکي ته ڪلاڪار منڊل هڪ پرش استري ڪلاڪار جي پارٽي نٿو بڻجي، اُهو سڀ هڪ لاءِ ۽ هڪ سڀ لاءِ واري ڀاونا کي اُجاگر ٿو ڪري ۽ کين هڪ ڪٽنب ٿو بڻائي. پروفيشنل ٿيڻ بعد به ڪي پروگرام مفت ۾ ڏيندا رهياسين، ساهت سڀائن ۽ سماجي سنسٿائن کي ۽ ڪن مهاپرشن جي ورسين تي، ڪي رعايت سان ڏيندا رهياسين، چئرٽبل ۽ ڪو ڪاريه سڌ ڪندر سنسٿائن کي ۽ باقي پيسن تي. پبلڪ پروگرامن جي ڀيٽا شاديءَ جي پروگرامن کان گهٽ رهي. مون ائڊوانس به زوريءَ ڪن آرگنائيزرن جي زور بار تي ورتو ۽ ٻول به ڪن جزوري پروگرامن جي ڪئي، پوءِ به ڪلاڪار منڊل جا پيسا هڪ ٻن آرگنائيزرن کان وڌيڪ وٽ ميرا نه ٿيا ۽ ڌانڌل پنجويهن سالن جي اٽڪل ٽن هزارن پروگرامن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ آرگنائيزرن سان ٿي. جئن پروگرام وڌيا تئن اسان ميلي/ ورسيءَ/ اُنسؤ ۾ سال بسال وڃڻ ڇڏي ڏنو – ٻه سال وچ ۾ يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ نه ٻئي سال، صرف گرونانڪ جنم دن جا پروگرام بمبئيءَ ۾ سال بسال ساڳيا رهيا ۽ ڪنور رام جي ناگپور واري ورسي هر سال نباهبي هئي، سا به ٽي ڏينهن، نه ته نه دستور بڻيو رهيو، گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال وچ وجهبو.  ناگپور سان رعايت جو ڪارڻ هو – 1962 ۾ ڪڪيءَ جو آواز ٻه ڏينهن خراب رهيو هو ۽ ٽئين ڏينهن مون پنهنجي سر ۽ ڪڪيءَ پنهنجي سر ڪنور رام جي آدم قد کان وڏيءَ مورتي (Tatue) اڳيان پروگرام کان اڳ ئي دل ۾ چيو هو، ”جي ڪڪيءَ جو آواز اَڄ نه کليو ته هوُءَ ڳائڻ ڇڏي ڏيندي.“ ۽ اُن رات هن جو آواز به کليو ۽ هن جي ڌاڪ به وڌي. اِن ڪري ڪڪي ۽ مان اِن ميلي وارن سان رعايت به ڪندا هئاسين، ٽي ٽي راتيون پروگرام به ڏيندا هئاسين. هڪ نه ٻئي سال پروگرام پورا ٿيندا هئا، تڏهن آرگنائيزرن کي شهر ۽ سنسٿا جي مالي حالت کي خيال ۾ رکي چوندو هوس – ”سؤ، ٻه سؤ، اڍائي سؤ وڌائي ڏيو.“ ايهو سؤ کان اڍائي سؤ جو اضافو آرگنائيزر چون وچرا کان سواءِ مڃيندا هئا. منهنجو مقصد هر پروگرام ۾ ٻوليءَ کان ماروُءَ تائين، شاه لطيف جي ڪلامن کان ماڊرن گيتن تائين وئرائٽي رهيو - ۽ ووڪل ڪلچر جي اهميت ۽ ضرورت جتائن سڀ کان وڏو مقصد هو. گيت ڪن شاعرن کان خاص لکائيندو هوس، گوورڌن ڀارتي ڪئسيٽون ڀري موڪليندو هو ۽ ٻين ڪلاڪارن کان اڳ مون کي وجهه ڏيندو هو، انهن کي استعمال ڪرڻ جو؛ سنڌ جون ڪئسيٽون سنڌ مان سڌو نه ته دبئيءَ معرفت اچي وينديون هيون ۽ ..... ۽ ڪڪيءَ جي آڪاشواڻيءَ تي، سڀني سنگيتڪارن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ سان به خاص موقعن جي سنگيت روپڪن مان گيت ميسر ٿي ملندا هئا. سي. ارجن ڪڪيءَ جي سهوليت تي رڪارڊنگ ۾ به ڦير ڦار ڪندو هو، اِن ڪري ڪڪي هن جي پهرين دلپسند گائڪا رهي. هوُ سترام ۽ گرڌر کي به کڻندو هو، اِن ڪري سولو، ڊيوئيت ۽ ڪورس گيت ملي ويندا هئا. ڪلاڪار به گيت ۽ ڌنون هٿ ڪري ايندا هئا. ۽ ڪڪي به گهرن ۾ رهندي ٻڍڙين کان يا ٻين کان ڪي گيت هٿ ڪري وٺندي هئي. ريهرسل سڀني گيتن جي ٿيندي، پروگرام ۾ ڏيڻ نه ڏيڻ ۽ اُنهن جي مهل چونڊڻ منهنجو حق رهيو، پڇاڙيءَ تائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org