سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ادب ۽ اديب:

(عجب، هي رشتا ناتا!)

 

صفحو :6

ڪوشش ڪندو هوس ته ڪنهن به اُتسؤ جا ٻاهر جا پروگرام هڪ ريلوي لائين يا بس جي سهوليت تي هجن، پوءِ به ڪن پروگرامن ۾ منهنجي سنڀال، ترتيب بهندي ڪانه هئي، آرگنائيزرن/ مترن جو زور بار دخل انداز ٿيندو ئي هو.

پروفيشنل ٿيڻ تي پهريون پروگرام، ڪنور رام جي ورسيءَ جو ناگپور جو کنيو، پوءِ جبلپور- مون انهن ۾ ڪنهن ٻئي پروگرام جو اضافو ڪرڻ نه چاهيو پر پنجواڻي صاحب جي ناڪار ڪرڻ تي، گووڌرن ڀارتيءَ جي زور بار تي اجمير کڻڻو پيو ۽ پروگرامن لاءِ نڪرڻ کان اڳ مهسانا وارن پهريون دفعو ڪنور رام جي ورسي ملهائڻ جي شروعات ڪرڻ چاهي ۽ سا به اسان سان. هنن کي ته مون اجمير کان بمبئي موٽندي هڪ رات مهسانا لهڻ سان راضي ڪيو. ناگپور ۽ جبلپور جي پروگرامن وچ ۾ هڪ رات جي وٿي هئي پر بس جي سفر ۾ بس خراب ٿيڻ تي اُها رات رستي ۾ ڪنهن راءِ ۾ ڪاٽڻي پيئي، ٻيءَ رات اٺين بجي پهتاسين ۽ يارنهين بدران هڪ بجي رات جو پروگرام شروع ڪيوسين. بلو- سي. راڻي به اُن پروگرام ۾ اسان سان هو؛ شيام لالا به هو، بلاجيءَ جبلپور ۾  ئي چيو، ”مالهي صاحب، ههڙو لنبو ۽ اَڻانگو سفر ڪرڻ بعد جبلپور کان اجمير هلڻ جو سوچيندي ئي منهنجي دل ٿي ڌڙڪي. اِهو سنڌيت جو سؤداءُ اوهان ۽ ڀڳونتيءَ کي مباهه هجي. مان ۽ شيام کنڊوا کان بمبئيءَ واپس هلي وينداسين.“ مون کي خبر هئي ته گهٽ ڪلاڪارن سان مون کي اجمير ۾ دقت ٿيندي، خاص ڪري جڏهن گوورڌن جو به پروگرام هوندو، جنهن ۾ ڪملا، ڪلا، لتيڪا، گرداس ۽ ٻيا ناميارا ڪلاڪار هوندا. پوءِ به مون بلاجيءَ کي ڪجهه نه چيو، هڪ ته هن جي وهي سچ پچ اؤکن سفرن ۽ اوجاڳن جي نه هئي، تنهن سواءِ ڄاتم، ”سنڌيت جو سؤداءُ سڪ جو سودو آهي، زور جي ميندي لڳڻي ڪانهي.“ هن ۽ شيام کي وڃڻ ڏنم.“ جبلپور ٻه دفعا پوءِ به دقت ڏني، مهسانا وارن پروگرام لاءِ ڪن سالن بعد وري زور ٻڌو. چئجي  کڻي ڌرنو ماري ويٺا، هڪ گهڻ گهرو ڪڪيءَ وٽ ويٺو هو. هوُ اڪثر پروگرامن تي هلندو هو، واهرو بڻجي. چيائين،  ”مهسانا کان جبلپور پهچائڻ وايا بڙودا منهنجو ذمو ۽ هڪ ٽائيم ٽيبل ٿڏي تي جوڙي ورتائين. پوءِ به مون مهسانا وارن سان هڪ تاريخ اڳ طيءِ ڪئي، پوءِ به بڙودي، سورت، جلگانو ۽ ڀوپال جون ريلوي معرفت ۽ ڀوپال  کان ساگر ۽ ٻين شهرن جون بس ۾ منزلون ڪندا ٻائيتاليهن ڪلاڪن بعد جبلپور ٻينءَ پروگرام واري رات پهتاسين. آرگنائيزر آنڌ مانڌ ۾ ۽ ڪجهه عرصو پوءِ جبلپور اِسٽيشن تي مڌيه پرديس جي ڪنهن ڳوٺ مان بس ۾ پهتاسين ته خبر پيئي ته بامبي ميل واي الهه آباد ڏهه ڪلاڪ ليٽ هئي، اسان کي ذري گهٽ يارنهن ڪلاڪ جبلپور ۾ گهارڻو هو. مان اِسٽيشن تي ايترا سارا ڪلاڪ گهارڻ لاءِ تيار نه هوس، ڪڪي ڪنهن ڌرمسالا ۾ رهڻ لاءِ راضي نٿي ٿي، اِسٽيشن جي ڀر ۾ ڪنهن سستي هوٽل جو سوچي رهيا هئاسين جو پاپيولر بريد جو مالڪ ٽيڪچند ڪنهن ڪم سانگي اچي اِسٽيشن تي سهڙيو. هن جي نظر اسان تي پيئي، وڌي آيو پڇيائين، ”هت ڪيئن؟“ ڪارڻ ٻڌڻ تي چيائين، ”منهنجي گهر جي هوندي اوهان هوٽل جو ٿا سوچيو؟“  هن ڪوليءَ کي ڪوٺيو ۽ سامان کڻڻ لاءِ چيو. ٻي ڪار به گهرائي ورتائين. گهر رهايائين، کاريائين، پياريائين ۽ پوري ٽائيم تي اِسٽيشن تي ڇڏي ويو. اُن ڏينهن اسان جا پير زور هئا جو اِهو سڄن مليو نه ته ائين اِسٽيشن تي ٽي ٽي، چار چار ڪلاڪ گاڏيءَ جو انتظار الائي ڪيترا دفعا، ڪيترين اِسٽيشنن تي ڪيوسين. ڏکيا ۽ اڻانگا سفر  پر داخت ۽ پلئننگ ڪرڻ جي باوجود زندگيءَ جو حصو بڻيا رهيا پر هڪ سفر ته رڪارڊ ٽوڙ رهيو، انتظار ڪري، پريشانيءَ ڪري،  تڪليف ڪري ۽ اينگهه ڪري، وري به منٿ ميڙ ۽ حجت جي قيمت ادا ڪئي هئي سين، پلئننگ تاڪ تي رکي. مڌيه پرديش ۾ ئي رائپور ڀرسان ڌمتريءَ جو پروگرام کنيو هو. هونءَ ئي ڇٽيهه ڪلاڪ لڳڻ هئا ۽ ڌمتريءَ کان رائپور جيپ ۾ ۽ رائپور کان سؤراشٽريه ۾ ڪتيانا تائين پهچڻ لاءِ ٽن هنڌ گاڏيون بدلائڻيون هيون. ها انهن ٽن هنڌ اڳواٽ رزرويشن لاءِ تارون ڪرايون هئم، ڌمتريءَ کان جئن ئي رائپور پهتاسين؛ تئن معلوم ٿيو گاڏي پنج ڪلاڪ ليٽ آهي. رزرويشن ڪڪيءَ جي سليپر ۽ ٻن پرشن جي سٽنگ جي، باقي ٻن جي اميد، ۽ آرگنائيزرن جي اِن گيسر تي مجبور هرڻو پيو هو، الاهي دفعا. جي گيسر نه هئي ته حد کان وڌيڪ وشواس ته هلندي پڄنديءَ سان عين وقت تي ڪرائي وٺنداسين. ۽ اُن وشواس جي سرانجامي نه ٿيڻ تي ڀوڳڻو اسان کي پوندو هو. ۽ هن سفر ۾ ته گاڏيءَ جو پنج ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ اڃا به جسماني ڀوڳنا ۽ دماغي پريشانيءَ جو باعث بڻيو رهيو. ڀوساول تان مقرر گاڏي رواني ٿي ويئي، اَٺ ڪلاڪ ٻيءَ گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻو پيو، سورت تي به گاڏي نڪري ويئي، پٺينءَ گاڏيءَ جو ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو، ويرم گام تي ته ٻارهن ڪلاڪ ترسڻو پيو. ٻاهٺ ڪلاڪن بعد ڪتيانا پهتاسين، هڪ رات اڳ جي بدران پروگرام واريءَ رات ڏهين بجي پهتاسين. مکيه آرگنائيزر شوديال کي ڀروسو، اوير سوير پهچندا ضرور. پر ٻين ڪم ڪندڙن کي دلجاءِ اسان جي پهچڻ تي ملي. اسان يارنهين بجي سمهياسين ته هڪ ڪلاڪ ٽنگون ساهي اُٿنداسين ۽ آزاد صوفيءَ کان وارو وٺنداسين. پنجن ستن منتن بعد شوديال ڊوڙندو آيو. ”آزاد صوفيءَ جو پروگرام ڄمي نٿو، مهرباني ڪريو، سنبري وٺو.“ مان ٻڏتر ۾. ڪڪيءَ چيو، ”هلو نه ڀلا، اوهان ته هر حالت ۾ ڪلاڪارن ۽ ٻڌندڙن سان بيهڻ چاهيندا آهيو....“  ٿڪل ٽٽل سهي سنبري ميدان ۾ آياسين. آزاد صوفيءَ ڪڪيءَ کي چيو، ”ادي، ڀڳوان ڀلو ڪندءِ.“ اِهو ڀلو ضرور ٿيو جو اسان جو پروگرام ڄمي ويو ۽ ٽن ڪلاڪن بدران چار ڪلاڪ پروگرام ڏنوسين. ماڻهن جي خوشيءَ اسان جو ٿڪ ڀڃي ڇڏيو.

هڪ دفعي دهليءَ ۾ آنند کيماڻيءَ چيو، ”مالهي، ڪڏهن تو کي کنيل پروگرام تي نه وڃڻ جو ويچار نه آيو آهي؟“ مون چيو، ” مان اِها ڳالهه سوچي ئي نٿو سگهان ته زبان جي پت نه رکان، تنهن سواءِ منهنجو منڊل جنتا جو منڊل آهي.....“ هن چيو، ” ڪلپنا ڪر ۽ ڪلپنا  ۾ مؤج ماڻ. ٻڌندڙ ويٺا آهن، تنهنجي گروپ جو انتظار ٿا ڪن...“ مون دل ۾ چيو، ”موج پنهنجي جڳهه تي، مان وقت کان ٿورو دير سان منچ تي اچڻ تي ئي پريشان ٿي ويندو آهيان.“  ۽ اِن واعدي وفائيءَ ڪافي ڀوڳايو پر نه ڪڪيءَ ڪڏهن ورجايو ۽ نه ڪڏهن ڪلاڪارن منهن گهنجايو. گهڻن پروگرامن جي ترتيب ۽ ڪامياب سرانجاميءَ ۾ منهنجي ڪن پروگرامن جي رٿا ٺيڪ نه بهارڻ کي هوُ نظر انداز ڪندا هئا. ها، آرگنائيزرن جي گيسر، واعود ڪري به ٽڪيتون اڳواٽ رزرو نه ڪرائڻ تي پوسرندا هئا. ڪونه ڪو ڪلاڪار آرگنائيزرن کي گهٽ وڌ چئي به ڏيندو هو، مگر منهنجي ڀل چوڪ هو اتفاق ۽ رضا سمجهندا هئا. ٽڪيٽن رزرو نه ٿيڻ جي پريشان پنهنجي جاءِ تي، ٿورا ڀيرا رزرويشن هجڻ ڪري به پريشاني پڙ پي. ستنا کان بمبئيءَ پيا اچون، ٻئي ڏينهن رات جو اُلهاسنگر ۾ بڙ واري سنت جي ورسيءَ جو پروگرام هو، گاڏي پهرين پنج ڪلاڪ ليٽ، پهتي ست ڪلاڪ ليٽ، اڳواٽ اطلاع ملڻ تي گهران نڪتاسين به دير سان، گاڏيءَ سان اُهو دٻو ئي نه آيو جنهن ۾ اسان جي رزرويشن هجي. ڀر واري گاڏي جي ڪنڊ ڪٽر چيو، ”سوچيو، جبلپور مان رزرويشن ڪرائڻ وارن جي حالت ڇا هوندي؟“ اسان جي زور بار تي ڏکڻا وٺي ڪڪيءَ لاءِ زناني ڪئبن ۾ هڪ سليپر ڏنائين. طبلچي هن جي لالچ ٽاڻي ويو. چيائين، ”دادا، ڏکڻا وڌيڪ ڏينداسين ته باقي پنج سليپر به ڏيندو.“ ٻيءَ رات پروگرام ڏيڻو هو. وڌيڪ ڏکڻا ڏنيسين، گاڏي هلي ته خبر پيئي ته دٻي ۾ ارڙهن سليپر اڃا خالي هئا! ۽ اِهو ئي غير سنڌي ڪنڊڪٽر اسان سان گڏ اچي ويٺو. چيائين، ”مان جبلپور ۾ اوهان جا پروگرام چاه سان ٻڌندو آهيان. سمجهندو گهٽ آهيان پر هن ڀيڻ جو آواز مون کي ڪافي وڻندو آهي!!“ ائين سنڌي غير سنڌي ريلوي ڪرمچارين جي لالچ ۽ بي رخيءَ جو الائي گهڻا ڀيرا شڪار ٿياسين – منهنجي هيڏي سراري ترتيب ۽ جفاڪشيءَ جي باوجود.

جلگانءُ کان رائپور جو پروگرام ڏيڻ وڃڻو هو، جلگانءُ گاڏي رات جو پوڻين ٻين بجي اچڻي هئي. جلگانءُ پروگرام ڏيئي، جهڙي تهڙي ماني کائي گاڏيءَ ۾ چڙهڻو هو. آرگنائيزرس بمبئيءَ مان ئي ڇهه سليپر گاڏيءَ ۾ خالي کڻي اچڻ جو بندوبست ڪيو هو. هنن رزرويشن سلپ به منهنجي هٿ ۾ ٿمائي هئي، ۽ هڪ ريلوي ڪرمچاري اِسٽيشن تائين گڏي ڏنو هو. جنهن دٻي ۾ رزرويشن هئي، اُن جو ڪنڊڪٽر چوي، ”مون وٽ هڪ به سليپر خالي ڪونهي.“ پاسي وارڪي ٽو ٽائر دٻي ۾ چڙهي پياسين. ڪڪيءَ کي ويهارڻ ۽ پنجن جي بيهي سفر ڪرڻ جا ويهه ويهه روپيا ڪنڊڪٽر کي ڏناسين. ڪڪي اُن ڏينهن بيحد غصي ۾ اچي ويئي. هن جي ڪاهه سنت هرداسرام ۽ هن جي ششن تي. جو اتفاق سان گرجندو آهي، اُهو ڪافي گهڻو گرجندو آهي. ڪڪي به غصو لفظن ۾ اوتيندي هلي. مان گناه نه هوندي به پاڻ کي گنهگار سمجهي چپ رهيس. ڀوساول تائين ٻين سان مان به بيهندو هليس. ڀوساول تي پاسي واري دٻي جو ڪنڊڪٽر آيو، چيائين، ”هلو، مون واري دٻي ۾. اوهان جا سليپر خالي آيا هئا، مون ناسڪ تي ڀري ڇڏيا. معاف ڪريو. مان ڀيڻ لاءِ هڪ سليپر ۽ اوهان لاءِ ويهڻ جون جڳهيون ڪري ٿو ڏيانوَ، اڪولا تي اوهان وارا سليپر خالي ٿيندا.... معاف ڪجو.“ ڪڪي آرامي ٿي، اسان به ويهي وياسين. نئين ڪنڊڪٽر ٻڌايو، ”جو ريلوي ڪرمچاري اوهان سان آيو هو، تنهن چيس، ”هيءُ سنت جي ميلي تي آيا آهن. هنن سان ناحق ڪيو اٿيئي، سنت پڄندءِ، اِن سنت جي ڊپ ڪري اوهان کي وٺي آيو.“ صبوح جو ڪڪي اُٿي ته سڀ ڪجهه ٻڌايومانس. چيائين. ”مان به اُٻهري آهيان، سنت مون کي منهنجو غصو شل بخشي.“

۽ اِن بخشڻ خاطر اسان هڪ نه ٻئي سال بدران ٻئي سال وري جلگانءُ وارن کي پروگرام ڏنو.

اَڻانگن سفرن جي سلسلي ۾ هڪ سفر ۾ بمبئيءَ مان پاٽان ويندي، مون ٽرئفڪ جئم ۾ گاڏي مس ڪئي، ڪلاڪارن فلمي اثر هيٺ ڳائي ٽڪيٽن جا پيسا ڪنڊڪٽر کي گڏ ڪري ڏيڻ چاهيا ته ڪلڪتي جي هڪ سنڌي سڄڻ هنن کي سڃاڻي ٻه سؤ روپيه اُڌارا ڏنا جي مون جئن تئن ٻئي ڏينهن صبوح جو گاڏي پڪڙي اڪيلو اوکو سفر ڪري پاٽنا پهچڻ شرط مني آرڊر ذريعي موٽايا.  ٻئي ڀيري ڪولهاپور وڃڻا هئاسين، مان ڪڪيءَ جي گهر مقرر وقت کان دير سان پهتس ۽ دادر تائين اڳو پوءِ ٽئڪسي ڪندو نه آيو هوس. ڪڪي پوسرجي ويئي، آقي باقي منهنجي شيرواڻي لاهي رکڻ تي اُٿي، ائين چوندي ٻاهر ملي ويئي، ”مان ٿي ٽئڪسي وٺي اچان.“  مان به هن جي پٺيان ٻاهر نڪتس. دروازو پٺيان بند ٿي ويو. ڪنجون اندر، ٻنهي جون بئگون اندر ۽ هارمونيم اندر! شڪر جو ٽڪيٽون ۽ پيسا منهنجي ڪڙتي ۾ هئا. ڪڪي ٽئڪسي ڪري ئي آئي. صورت حال ڀانپي وٺي ٽهڪ ڏنائين، ”ٻنهي کي سزا ملي – اوهان کي گيسر جي مون کي اُٻهرائيءَ جي. هاڻي ويهو ٽئڪسيءَ ۾، ڪٿي گاڏي نه ڇٽي وڃي.“ اِها هئي ڪڪي، غصو هن وٽ ڪن گهڙين جو ئي مهمان ٿي سگهندو هو.

ڪولها پور ۾ڪڪيءَ اُڌاري ساڙهي بلائوزر پائي پروگرام ڏنو ۽ مون کي ڪلاڪارن ساڳيو وڳو ڌوئي ڏنو، اُن جي سڪڻ تائين، اُڌاري لونگيءَ گنجيءَ ۾ رهيس. اُتي ئي ڪنهن حجائتي چيو، ”سڀاڻي اِچل ڪرنجيءَ پروگرام ڏيو، ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ اسين اوهان کي ميرج کان چاڙهينداسين.“ ڪڪيءَ کلي چيو، ”جتي هڪ ڏينهن، تتي ٻيو ڏينهن. هونءَ به ٻئي ڏينهن پهرئين ڏينهن وانگر رهون ها،  هاڻ ڪولها پور بدران اِچل ڪرنجيءَ ۾.“ پوءِ مرڪي چيائين، ”سنڌيت زنده آباد، سنڌي سنگيت زنده آباد.“ هوُءَ اِهي نعرا ڪڏهن ڪڏهن صرف منهنجي اڳيان هڻندي هئي – اِهو  جتائڻ لاءِ ته ووڪل ڪلچر سلامت رکڻ لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

هڪ اُٽپٽانگ ريلوي سفر ڪري پٺاڻيءَ سان ملاقات ٿي!

وري به جبلپور  کان يا ڪٽنيءَ کان ڪوٽا وڃڻو هو ۽ گاڏي بينا کان بدلائڻي هئي. بينا پهچندي معلوم ٿيو ته هڪ گاڏي جنهن گاڏيءَ جي ڪنيڪشن کي خيال ۾ رکيو هوسين، اها وڃي چڪي هئي ۽ ٻي گاڏي صبوح جو هئي. وري به رات اِسٽيشن تي ڪاٽڻ نه ڪاٽڻ جو سوال اُٿيو، ۽ جئن ته بينا ۾ اسان پروگرام ڏنو ئي نه هو ته ڪنهن سان گهري واقفيت ٿيڻ جو سوال ئي نٿي اُٿيو. اِسٽيشن جي ارد گرد ڪو رواجي هوٽل به نه ٿي نظر آيو، ۽ ڪا غيبي ڇڪ به اُڀري منهنجي من ۾! سترام کي چيم، ”تون مان هلون ٿا شهر ۾، سنڌي هت به چڱي تعداد ۾ رهن ٿا، مندر يا ڌرمشالا يا ٻئي ضرور ٺهرايون هوندائون، جي رات ڪاٽڻ لائق جڳهه ملي ته رات اُتي داٻو ڪنداسين.“ لڙي منجهند جا چار ٿيا هئا سنڌي بستي ٿورو پرڀرو هئي، پنڌ ڪندا وياسين. سنڌي بستي نه هئي، جهڙو تهڙو سنڌ جو ڪو ڳوٺ هو. رستي تي کٽون وڇائجي ويون هيون ۽ پڌر ۾ پاڻيءَ جو ڇڻڪار ٿي رهيو هو، کٽن وارو مڪان سنڌ ۾ ڪنهن زميندار/ مکيءَ جو ٿي لڳو، رات ڪاٽڻ لاءِ موزون هو – ٻاهران ئي لڳو پئي، ڪافي ڪمرا اَٿس ۽ کٽن وارو حصو اوطاق ٿي لڳي. اسان اُن پڌر جي سامهون هڪ ڪنڊ تي سنڌي پان ٻيڙيءَ واري  وٽ وياسين. سترام به سگريٽ ورتا. هڪ مون کي ڏنائين، هڪ پاڻ آڱرين وچ ۾ جهليائين. ۽ پان واري کي چيائين، ”ڀائو، ماچيس.“ مون کي خبر هئي ته هن پنهنجو سگريٽ پئڪيٽ ۽ لائيٽر هو پر ڳالهه ڪڍڻ جي لحاظ کان هن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سگريٽ وٺي، هن کان ماچيس ورتو هو. هن ماچيس مان تيلي ٻاري منهنجو سگريٽ سلگائي رهيو هو جو پان واري پڇيس، ”اوهان گوبندرام  مالهي آهيو، هيءُ سترامداس روهڙا آهي. مون ڀوپال ۾ اوهان جو پروگرام ڏٺو آهي، ضرور دادي ڪماري ڀڳونتي ناواڻي به اوهان سان هوندي؟ هتي ڪئمپ ۾ پروگرام آهي ڇا....؟“

سوالن جو سلسلو جاري رهيو. ۽ ظاهر هو ته هن مون کي سترام ۽ سترام کي مالهي پئي سمجهيو، ۽ پروفيشنل ٿيڻ جي شروعاتي دؤر ۾ ائين غلط فهمي ٿيندي هئي، ڪن ماڻهن کي.

سترام هن جا سوال نظر انداز ڪري چيو، ”هت ڪا سٺي ڌرمشالا آهي؟“

هوُ ڇلانگ ماري اُٿيو، گلو ڇڏي، ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ جنسي ڊوڙندو سامهون اوطاق اندر گهڙي ويو.

سترام چيو، ”مالهي صاحب، اوچتو ڇا ٿيس؟ چڱو ڀلو ويٺو هو.“

مون کلي چيو، ”رات هت پروگرام ڏيڻو پوندو؟“

سترام چيو، ”ڏکڻا ڏيندا؟“

”شايد نه، باقي کارائيندا پياريندا ڍؤ تي، رهائيندا سٺي نموني.“

ٿيو به ائين ئي. سامهون اوطاق وارو سڄڻ دادوُءَ جي ڪنهن ڳوٺ جو مکي – زميندار هو. ڪرڙوڍپڻو پار ڪري ٻڍاپي طرف وڌي رهيو هو، کهي سٺي هيس ۽ ڳالهائڻ مان بزرگي ٽپڪي رهي هئي. هن چيو، ”ڀلي آيا، جيءُ آيا، اسان جا وڏا ڀاڳ. ڪٿي لٿا آهيو... اوهان هت ئي وهو، ڪار ۾ دادي ڀڳونتي ناواڻي ۽ ٻين کي وٺي ٿا اَچون، رات سنڌي سنگيت جو ساءُ وٺايو، پنهنجو سنديشو سڻايو.... صبوح جو گاڏيءَ ۾ چاڙهي ٿانئيڪو ڪرڻ اسان جو ڪم. مون اوهان جو پروگرام ڏٺو نه آهي، اُن جي ساراه ٻڌي آهي، مالهي صاحب.“ هوُ مون سان ئي مخاطب ٿيو، ”مون سنڌ ۾ به اوهان جو نالو ٻڌو هو، مان”نئين دنيا“  مخزن گهرائيندو هوس.“

اِن وچ ۾ ڪار آئي، ستراموڃن چاهيو. مون کان سواءِ ڪلاڪارن  کي سڃاڻندا ڪيئن.“

سيٺ چيو، ”ڀائو، ڪلاڪارن جي سڃاڻپ سولي، ساز ته هوندا ئي. تنهن سواءِ هڪ ڀيڻ ۽ ڪن ڀائرن جو هڪ هنڌ هجڻ. اوهان نه ويندا ته هوُ ڪار ۾ سٺي نموني ايندا، دادي اڳيان، ٻيا ڀائر پٺيان.“

سنڌ جي ڳوٺ جي سياڻپ اڃا زنده هئي.

مون کي سجهي آيو، ”ڪوٽا وارن کي تار ڪرڻ کپي ته اسان رستي تي آهيون.“

سيٺ چيو، ”تار ته ڪريون ٿا پر پهچندي اوهان جي ڪوٽا پهچڻ کان پوءِ.“

ڪلاڪارن جي اچڻ تي، اُها خاطري ٿي گويا ڪنهن شاديءَ تي ويجها عزيز آيا هئاسين – فرسان،سنبوسا، مٺائي، بسڪيٽ ۽ چانهه...

پروگرام ڏنوسين – رات جو  نوين کان. ڪالونيءَ ۾ پنجابي پناهگير به  هئا. ”ڪ رسيا...“ ۽ ڀانگڙا تي زالين مردين نچيا، سنڌي زالون نچڻ کان نٽائينديون رهيون....

ساڍي يارنهين زوريءَ پلئه پاتوسين، ۽ پلئه بعد ڪلاڪار هليا ويا، ڪڪي آٽوگراف صحي ڪندي رهي ۽ اڌ اڇن وارن ۽ ٿورن گهنجن واري منهن سان ڪرڙوڍ استري اچي منهنجي ڀرسان بيٺي، پڇيائين، ”سڃاڻين ٿو؟“

مار، هوُءَ پٺاڻي هئي.  پئٽرومئڪس گولن جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ مون هن کي منهن مان نه، آواز مان سڃاتو.

”سو نيٺ ڳولهي لڌومانءِ.“

نيم اونداهيءَ ۾ به هن جي اکين ۾ چمڪ نمودار ٿي، پوءِ گنڀير ٿي چيائين، ”تو مون کي ڪونه ڳولهيو، مان تنهنجي خبر چار پڙهندي ٻڌندي رهي آهيان، اتفاق ملايو آهي، توکي مون کي.“ هن جو ٽهڪ فضا ۾ گونجيو. چيائين، ”تون پاڻ چوندو آهين، اتفاقن کي تنهنجي زندگيءَ ۾ معنى رهي آهي.“

چيم، ”اتفاقن کي معنى ئي نه رهي آهي، مهتو به رهيو آهي، تون اتفاق سان ملينءَ، اتفاق سان الڳ ٿينءَ....“

هن هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيئي چيو. ”اِهو سچ نه آهي.“ هن جو پٺاڻي پڻي جو رعب لفظن مان ظاهر ٿيو، چيائين، ”مان چاهيان ها ته زندگيءَ جي راه تي تو سان گڏ هلندي رهان ها، پوءِ اڃا به گنڀير ٿي چيائين، مان خوش آهيان، جو ائين ٿيو. تون مون سان گڏ ايترو اڳتي وڌي نه سگهين ها.“

 ڪڪي آٽو گرافن مان واندي ٿي يا جند ڇڏايائين، مهمانن جي انتظار جو سوچي، چيائين، ”هلون!“

مون چيو، ”هيءَ آهي...“

پٺاڻيءَ چيو، ”منهنجي واقفيت جي نه ضرورت آهي، نه اُن جو ڪو مطلب آهي. ۽ هيءَ پاڻ واقفيت جي محتاج نه آهي، هيءَ توکان وڌيڪ مشهور آهي.“

مون چيو، ”ائين ڇو نه ٿي چوين ته مان اَڄ ڪلهه هن جي ڪري ڄاتو سڃاتو ٿو وڃان.“

هن جي لفظن ۾ شرارت آئي: اِن ۾ ڪو شڪ آهي.“

”۽ اِهو مالهيءَ جي هڪ ناٽڪ جو نالو آهي.“ ڪڪيءَ ڳالهه بدلائڻ جي هنر پرائڻ جو ثبوت ڏنو. ڪڪيءَ چيو، ”هلو، اندر.“ هوُءَ اوطاق طرف مڙي.

پٺاڻيءَ چيو، ”نه، مان هلان ٿي.“ اوچتو ڀريل گلي سان چيائين، ”وري گڏجڻ ڀاڳن تي...“ هوُءَ هلڻ لڳي. مان اواڪ اوندهه ۾ ڏسندو رهيس، هوُءَ موٽڻ لڳي! ويجهو اچي چيائين، ”آسيس ڪر، توکي گڏجڻ يا خط لکڻ تي دل نه ٿئي.“

مون مذاق ڪرڻ چاهي، ”تٿاستو”“ پر چئي نه سگهيس. ڪڪي به ٿورو هلي واپس آئي هئي.

هن چيو، ”آسرو نام جو.“

هوُءَ مڙي، هلي ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويئي.

ڪڪيءَ پڇيو، ”ڪير آهي؟“

مون گويا پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، ”صبوح جو گاڏيءَ ۾ ٻڌائيندوسانءِ.“

اندر وسڪيءَ جي بوتل کان وڌيڪ ڪلاڪار منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا – هوُ اِن وچ ۾ رات جا ڪپڙا به پائي آيا هئا.

ڪڪي سڌو گهر اندر گهڙي ويئي.

اُن زماني ۾ احمد آباد تان سنڌي پروگرام پورو ڪندي سنچالڪا آشا منشاراماڻي چوندي هئي. ”آسرو نام جو.،“ اِهو پروگرام اڪثر ڪنور رام جي گيت سان شروع ٿيندو هو ۽ ڪڪيءَ جي آواز سان پورو ٿيندو هو.

اهو نام جو آسرو هڪ ڏينهن لاءِ هوندو هو، ۽ پٺاڻيءَ جي نام جو آسرو – زندگي ڀر لاءِ به ٿي سگهي ٿو. مون دل ۾ نراسائيءَ جو جذبو اُڀرندو محسوس ڪيو...

ڪڪيءَ کي مون پٺاڻيءَ بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو. پڇيائين،

”شادي ڇو نه ڪيوُ؟“

مون چيو، ”شادي ته مان پنهنجي مسلمان هاريءَ جي نينگر زينوءَ سان ڪريان ها پر همٿ نه ٿيم، بابا کي ڪي چوڻ جي، اُن کان وڌيڪ وقت سان وڙهڻ جي. پٺاڻيءَ مان ته ڊپ ئي ٿيندو هو، اُن وقت.“

ڪڪيءَ کليو ۽ چيو، ”جبري هئي، اهڙي؟“

مون گنڀير ٿي چيو، ”جبري اَڄ به آهي، تن جي بدران من جي.“

ڪڪيءَ ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو، ”شاديءَ جي معاملي ۾ اوهان حد نصيب وارا آهيو.“

”اِن ۾ ڪو شڪ اٿيئي؟“مون پنهنجي ناٽڪ جو عنوان صحيح چيو.

”ديويءَ ، ڌيئرن ۽ ڀيڻ جا لاڏلا رهيا آهيو.“

”لاڏلا“ مون کلي چيو، ”منهنجي ۽ منهنجي گهر وارن جي ناتي کي تز لفظ سان بيان ڪيو اٿيئي.؟“

هن مرڪي چيو، ”آخر سنڌي ڪنهن وٽ پڙهي هيس، اِسڪول ۾؟“

مون چيو، ”مان به اهڙو موزون لفظ سوچي نه سگهان ها.“

هن اَڃا به شرارتي نوع ۾ چيو،”وديارٿڻ ماستر کان هڪ قدم اڳتي.“

مون چيو،”ڇوڪري،تون ته الائي گهڻا قدم اڳتي نڪري چڪي آهين.“

هن گنڀير ٿي چيو، ”اِهو مان ڄاڻان ٿي، ٿورن اڻ ڄاڻ ماڻهن لاءِ، پوءِ به هڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ عقل اوهان وٽ باقي رهجي ئي ويندو. شينهن سمجهيو، ٻليءَ سڀ ڪجهه سيکاريو آهي، کائڻ آيس ته ٻلي وڻ تي چڙهي ويئي....“

مون ڪڪيءَ سان ڪڏهن به گنڀير بحث اينگايو نه، ڦري گهري منهنجي خود ثنائيءَ جي جذبي کي اوڄ ڏيندي هئي. چيم، ”تون ننڊ ڪر، مان ڪلاڪارن سان رهي راند ٿو ڪريان،“

هوءَ سمجهي ويئي ته مان ڳالهه اتيئي پوري ڪرڻ ٿو چاهيان. هن ويٺي ئي اکيون بند ڪري ڇڏيون.

۽ ڪوٽا اِسٽيشن تي ميزبانن سان گڏ وٺڻ لاءِ بيٺا هئا – اچنتاڻي، ديدي، هن جي ڀيڻ ڪملا، ڌيءُ سيما ۽ ڪملا جو گهوٽ لڇمڻ داس! ديديءَ کي مون اڳ لکيو هو، ڪوٽا مان ٻن ڏينهن لاءِ سڀ ڪلاڪار دهليءَ اينداسين ۽ اتان ئي احمد آباد پروگرام ڏيڻ وينداسين. ٽڪيتون رزرو ڪرائڻ لاءِ به لکيو هومانس. هن جي اٽالي سان ڪوٽا اچڻ تي عجب نه لڳو، هن جي ڪڪيءَ سنا ملڻ جي اتاولائيءَ کان بخوبيءَ  واقف هوس – عجب اچنتاڻيءَ جي اِن اٽالي سان گڏ اچڻ تي لڳم. موٽر ڪاريون ديديءَ ۽ اچنتاڻيءَ جون به هيون، ڪلاڪارن کي ميزبانن جي موٽرن ۾ چاڙهيم. ڪڪي ديديءَ جي ڪار ۾ چڙهي ۽ مان اچنتاڻيءَ سان ويٺس. ڪار هلڻ سان ئي اچنتاڻيءَ چيو، ”دادا، مان الهه آباد جي پروگرام جي دعوت کڻي آيو آهيان، اتان گؤهاٽيءَ اچجو؛ اتي به پروگرام رکندس ۽ اوهان جي گهمڻ جو بندوبست به ڪندس.“ مون ڪجهه نه چيو. هن وري چيو، ”دهليءَ ۾ مان اوهان کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ نه چوندس.“

مون کي به شرارت سجهي. چيم، ”پر اسين اوهان جي گهر هلڻ چاهيون ته؟“ هن کليو، چيائين، ”اوهان پاڻ ٻڌايو، انڌو الله کان گهري هڪ اک، ملنس ٻئي، خوش ٿيندو يا نه؟“

مون اڳ به سمجهيو هو، هينئر هڪ دفعو وڌيڪ چٽو ٿيو ته هو دهليءَ ۾ به اسان تي پنهنجيءِ دعوى کان دستبردار صرف اسان جي سهوليت سهنج ڪري ٿيو هو. ديديءَ سان هن جي عداوت اڳ به نه هئي پر برميچڻ جي تمنا  اڃا به زنده هئي. تڏهن ته هن الله آباد کان گؤهاٽي اچڻ ۽ ان کي پڪو ڪرڻ لاءِ اتي پروگرام ڏيڻ جي نينڊ ڏيئي اسان جي ڪاريه ۽ پنهنجي تمنا وچ ۾ ڳنڍ هئي....

اسان ٿورو وقت اڳ هنجي ڌيءُ  جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي آيا هئائسين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org