سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :13

آخر ۾سندن ھڪ عجيب غريب واقعو بيان ڪريان ٿو. سائين عبدالستار جان سرھندي رحھ جي زندگيءَ ۽ ان جي عجائبات ۾ ھي واقعو شمار ڪيو وڃي ٿو تھ پاڻ ٽکڙائي سادات جي بزرگن جي ”وفات“ تي ھميشھ موجود رھيا، حالانڪ پاڻ سياح ۽ سيلاني ھئا. ڪڏھن ڪراچي تھ ڪڏھن لاھور، ڪڏھن طھران تھ ڪڏھن بغداد، ڪڏھن بيروت تھ ڪڏھن قاھرھ، ڪڏھن دھليءَ تھ ڪڏھن ڪوئيٽا! پر اھا عجيب حقيقت آھي تھ ٽکڙائي سادات جي اھڙي غم ۽ اندوھھ جي موقعي تي پاڻ لازمي طور ھت ئي موجود ھوندا ھئا. ٨٥ سالن جي عمر تائين، سندن اھا روايت قائم رھي. اھا بھ گويا سندن ھڪ زندھ ڪرامت چئبي!

پاڻ حضرت  خواجھ حسن جان سرھندي رحھ جا ٻيو نمبر فرزند ھئا ۽ ١٣١١ھھ ۾ ٽکڙ ۾ ڄاوا.  حضرت سائين وڏي، خواجھ عبدالرحمان جان رح کين ڪلھن تي کڻي ڪڏايو، ۽ ناز سان پاليو.

پاڻ آخري وقت ۾، ڪابل مان آيا ھئا. کين اوچتو دل جي شڪايت پيدا ٿي. باوجود علاج جي، پاڻ صحتمند نھ ٿيا ۽ حيدرآباد ميمڻ اسپتال ۾ وفات ڪيائون. کين پنھنجن بزرگن جي ڀرسان ” مقبرھ شريف“ ٽکڙ ۾ آرامي ڪيو ويو. سندن عمر ٨٥ سال ھئي. ھن جانڪاھھ صدمي ۾، اسان حضرت شاھھ آغا، حضرت حافظ ھاشم جان سائين، ۽ سندن فرزندن فاروق جان ۽ صديق جان ۽ سندن عزيزن ۽ مريدن سان شريڪ غم آھيون. دست بھ دعا آھيون تھ رب ڪريم شال کين مرھي، ۽ جنت ۾ جاءِ نصيب ڪري، ۽ سندن پسماندن، بزرگن، ڀائرن، اولاد ۽ مريدن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.

 

علامھ آقاي سعيد نفيسي

 علمي دنيا لاءِ، ھيءَ خبر نھايت اندوھناڪ آھي تھ ايران جي وڏي محقق ۽ عالم، نقاد ۽ ماھر تعليم، علامھ سعيد نفيسيءَ ١٤ نومبر ١٩٦٦ع تي وفات ڪئي آھي! انا الله وانا اليه راجعون.

علامھ سعيد نفيسي، پنھنجي جامع خصوصيات جي لحاظ سان، بين الاقوامي شھرت حاصل ڪري چڪو ھو. جديد ايران جي علمي ۽ فڪري ارتقا جي سلسلي ۾ علامھ مرحوم جون علمي ۽ ادبي خدمتون بلند قام حاصل ڪري چڪيون آھن.

علامھ مرحوم ابتدائي تعليم پنھنجي وطن ۾ حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم طھران، پئرس ۽ سئزرلئنڊ ۾ مڪمل ڪئي، ۽ انھن يونيورسٽين ۾ وڏي امتياز سان  پنھنجي علمي تحقيق  کي تڪميل تي پھچايائين.

يورپ مان واپس اچڻ کان پوءِ، طھران يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ ، جاگرافي، فارسي ادب ۽ لسانيات جو پروفيسر مقرر ڪيو  ويو. ان سان گڏ”ڪاليج آف لا“ ۾ بھ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رھيو.

ڪجھھ وقت کان پوءِ، ڪابل يونيورسٽيءَ جي تقاضا تي پاڻ ڪابل ۾ آيو، ۽ اتي بھ پروفيسر ٿي ڪم ڪندو رھيو.

علامھ سعيد نفيسيءَ جي عالمي شھرت کان متاثر ٿي، دنيا جي وڏن علمي مرڪزن ۾ کيس وقت بوقت دعوت ڏيئي گھرايو ويو. علامھ مرحوم  ان علمي سفر ۽ لنڊن، برلن، پئرس، ميونچ، روم، واشنگٽن کان سواءِ الھھ آباد، بمبئي، بنارس، پاٽنا، ٽروينڊرم، حيدرآباد دکن، دھلي، علي ڳڙھھ، ڪلڪتي، مدراس ۽ ناگپور يونيورسٽين ۾ بھ عالمانھ ۽ فاضلانھ ليڪچرس ڏنا.

ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ بھ ٻھ ٽي ڀيرا آيو. ڪراچي، حيدرآباد سنڌ، لاھور، پشاور، ڍاڪا، راج شاھي، يونيورسٽين ۾ بھ علمي ۽ ادبي تقريرون ڪيائين.

ان کان پوءِ کيس بيروت جي سينٽ جوزف ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي ڪم ڪرڻو پيو.

سندس تصنيف ۽ تاليف، ۽ درست ڪيل ڪتابن جو نھ فقط معيار بلند آھي، پر تعداد بھ ڪافي آھي، سندس تصنيفات جو انداز ٢٤٠ آھي. سندس مقالات، جي فارسي، زبان ۾ شايع ٿي چڪا آھن، تن جو انداز ٦٠٠ کان وڌيڪ آھي. سندس علمي ۽ محققانھ مقالات ڪيترن جلدن ۾ شايع ٿي چڪا آھن.

ان کان سواءِ، يورپ۽ ايشيا ۾ فرينچ، انگريزي، عربي، روسي، اردو، آرمني ۽ ترڪي زبانن ۾، سندس ١٥٠ کان وڌيڪ مقالا شايع ٿي چڪا آھن.

سندس علمي ۽ فني خدمتن جو اعتراف نھ فقط جديد ايران جي محققن ڪيو آھي، پر ان کان ٻاھر يورپ جي مستشرقين بھ سندس تخليقن مان استفادو ڪيو آھي.  يورپ جا وڏا وڏا محقق، سندس مقالن ۽ تحقيقي ڪتابن مان گھڻو ڪجھھ حاصل ڪري چڪا آھن. علامھ جي ذات ھڪ علمي سند جي حيثيت سان علمي دنيا ۾ وڏي مقام تي فائز تصور ڪئي وئي آھي.

علامھ مرحوم  نھايت سادھ دل، اھل نظر، صوفي منش ۽ مرنج مرنجان شخصيت جو مالڪ ھو. کيس ايراني ثقافت ۽ تھذيب جو نمايندو ڪري تسليم ڪيو ويو ھو.

علامھ مرحوم ٻھ ٽي ڀيرا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي دعوت تي پڻ آيو ھو، ۽ ھتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي جي اھتمام ھيٺ سندس تقريرون پڻ ٿيون.

علامھ مرحوم کي ھت حيدرآباد يونيورسٽيءَ ۾ ٻھ ٽي ڀيرا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو شرف پڻ حاصل ٿيو. علامھ صاحب ھڪ طرف علامھ اقبال جي فلسفي ۽ نظريات کان متاثر نظر آيو ۽ ٻئي طرف سنڌي ادب ۽ تصوف متعلق بھ متعارف ھو.

علامھ صاحب جي خدمت ۾ جڏھن مثنوي مولانا روم جي مڪمل ترجمي جو سيٽ پيش ڪيو ويو، تڏھن حيران رھجي ويو. مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاھيءَ کي تحسين ۽ آفرين چوندي فرمايائون:

”سنڌي زبان جي اھا سعادت آھي، جنھن ۾ مثنويءَ جو ترجمو، مڪمل ٿي سگھيو آھي. ان مان ثابت ٿو ٿئي تھ سنڌي زبان، سرمايايھءِ الفاظ ۽ تنوع جي لحاظ سان، اھڙي بلند پايھ ۽ شاھوڪار بان آھي، جنھن ۾ مثنويءَ جا دقيق ۽ فلسفيانھ مسئلا، ترجمو ٿي سگھيا آھن.“

ان کان پوءِ فرمايائين:

”مولانا صاحب، اوھان مون سان گڏجي، ايران ھلو، اتي اوھان جو وڏو قدر ٿيندو.....!“

علامھ سعيد نفيسيءَ، اھو ذڪر، پنھنجي ھڪ فارسي مقالي ۾ پڻ ڪيو آھي. بھرحال، علامھ جي وفات نھ فقط فارسي ادب لاءِ، پر پوري علمي دنيا لاءِ ھڪ دکدائڪ حادثو آھي. سندس علمي شخصيت تي پوري دنيا جا عالم ۽ فاضل اشڪبار آھن.

سندس پسماندن مان ٻھ پٽ ۽ ٻھ نياڻيون آھن. دعا آھي تھ رب ڪريم شال کيس مرھي ۽ جنت نصيب ڪري. آمين.

]نمبر ٣ ۽ ٤، سال ١٩٦٦ع [

بيگم عطيھ فيضي

پاڪستان  جي مشھور ادب نواز ۽ فنڪار ھستي، بيگم عطيھ فيضي، ٤- جنوري ١٩٦٧ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. ان طرح ھڪ بين الاقوامي شھرت يافتھ شخصيت کان ادب ۽ آرٽ محروم ٿي ويو. بيگم عطيھ جي ذات، فن ۽ ثقافت جي ھڪ انجمن ھئي. سندس عمر ٨٦ سال ھئي. سندس شمار برصغير ھند- پاڪ جي چند عظيم شخصيتن ۾ ٿي چڪو آھي.

بيگم عطيھ، پنھنجي پوري عمر، علم ۽فن، ثقافت ۽ادب جي خدمت ۾ صرف ڪئي آھي. پاڻ ١٨٨١ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي. سندس ابتدائي تعليم بمبئيءَ ۾ ٿي ۽ اعليٰ تعليم لنڊن ۾ حاصل ڪيائين.  سندس خانداني تعلق مشھور طيبجي خاندان سان آھي. سندس والد ترڪيءَ جي خليفي جو مشير ۽ وزير رھي چڪو آھي. سندس شادي ١٩٠٣ع ۾ ملڪ جي مشھور فنڪار فيضي رحمين مرحوم سان ٿي. بيگم عطيھ، ڪانگريس، خلافت ۽ مسلم ليگ تحريڪن ۾ وڏو ڪم ڪيو آھي. سندس مداحن ۾ مھاتما گانڌي، جواھر لال نھرو، قائداعظم، مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، علامھ شبلي ۽ علامھ اقبال جا نالا مشھور آھن.

بيگم عطيھ، نھايت دانشمند، عالي دماغ، صاحب مطالع ۽ مصور عورت ھئي، جنھن برنارڊشا جھڙي نقاد ۽ خشڪ مزاج نڪتھ سنج کي بھ متاثر ڪيو. برنارڊشا، ساڻس ملڻ لاءِ ھڪ ٻھ ڀيرا لنڊن کان بمبئيءَ  بھ سفر ڪري آيو. سندس چوڻ آھي تھ:

” مون کي بيگم عطيھ کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن بھ عورت متاثر نھ ڪيو آھي!“

ان طرح علامھ شبلي ۽ علامھ اقبال ۽ مولانا آزاد جي والھانھ تعلق جو پتو، انھن خطن مان پوي ٿو، جي انھن عالمن، بيگم عطيھ کي وقت بوقت لکيا آھن، ۽ جي مختلف عنوانن سان شايع ٿي چڪا آھن. بيگم عطيھ انگريزي، عربي، فارسي ۽ فرينچ جي عالم ھئي.

بيگم عطيھ وٽ تصويرن ۽ نادر فني چيزن جو وڏو ذخيرو ھو، جو پاڻ پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاءِ وقف ڪيو اٿس، جنھن جو افتتاح  تازو ڪراچيءَ ۾ ٿي گذريو آھي. بھرحال ھڪ عظيم ۽ دانشمند عورت ھئي، جنھن پنھنجي دور جي فن ۽ عالمن کي متاثر ڪيو. انا لله وانا اليه راجعون.

 

مولانا عزيز الله ساند

 سنڌ جي مشھور علمي مرڪز، مدرسھ ولھيٽ جي مھتمم، ۽ جمعيت العلماءِ اسلام ٿرپارڪر جي ناظم اعليٰ ۽ مشھور ديني رسالي، قرآني ولھيٽ جي ايڊيٽر، مولانا عزيز الله ساند، ٧٢ سالن جي عمر ۾، ١٤ جنوري ١٩٦٧ع تي، پنھنجي ڳوٺ ولھيٽ (تعلقو سامارو) ۾ وفات ڪئي.

مولانا عزيز الله، پنھنجي ايام جوانيءَ کان ملڪ ۽ ملت جي خدمت جي سلسلي ۾، نھايت مخلصانھ طور خدمت ڪئي آھي. سندس قائم ڪيل مدرسي مان بلوچستان، لسٻيلي، سنڌ، پنجاب ۽ بنگال جا ڪيترا شاگرد فارغ التحصيل ٿي نڪتا آھن. پاڻ ھميشه گمنام  رھي ڪم ڪندو رھيو آھي. سندس رسالي قرآني ولھيٽ جو شماري، سنڌي ادب ۾ ” توحيد“جھڙو آھي. پاڻ جمعيت العلماءِ اسلام ٿرپارڪر جي ناظم جي حيثيت سان، ڪيترين تحريڪن ۾ بھ حصو وٺندو آيو. سندس برپا ڪيل مدرسو اڄ بھ ڪم ڪري رھيو آھي. اسان سندن پسماندن سان ھن صدمي ۾ شريڪ غم آھيون.

 

مولوي احمد علي ”مجذوب“

 سنڌ جي مشھور ۽ معروف علم دوست ۽ قومي ڪارڪن ۽ ٿرجي خلافتي محب وطن، مولوي احمد علي مجذوب دل، ١٨- فبروري ١٩٦٧ع تي، مختصر بيماريءَ کان پوءِ، ڄامشوري اسپتال ۾، ٧٠ سالن جي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. انا لله وانا اليه راجعون.

مولوي مجذوب مرحوم، پنھنجي دور جي ملڪي مسئلن جي ھڪ جيئري جاڳندي تاريخ ھو. تعليم کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، دل ۽ جان سان ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتائين،  سندس قومي خدمت جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس جي تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابستھ رھيو. سڀني تحريڪن ۾ ھڪ مخلص  ۽ دلير مبلغ ۽ سپاھيءَ جي حيثيت  سان ڪم ڪندو رھيو.

مولوي مجذوب ۾ ھڪ عجيب و غريب خصوصيت اھا ھئي، جو پاڻ ٽنھي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطاب ۽ ٻيو علمي لٽريچر نھايت سليقي سان گڏ ڪري ويو آھي. ان سلسلي ۾ وٽس مولانا آزاد جي الھلال ۽ البلاغ ، مولانا محمد علي جوھر جي ھمدرد ۽ ڪامريڊ، گانڌيءَ جي ھريجن، ڊاڪٽر انصاري جي انصاري، جمعيت العلماءِ ھند جي الجمعية ۽ مدينھ بجنور، علامھ مشرقيءَ جي الاصلاح، اخبارن جا مڪمل فائيل موجود رھيا. ان طرح ٽنھي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پوين لاءِ ڇڏي ويو آھي. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اھو علمي ذخيرو ڪنھن حد تائين لٽجي ويو، ان جو ڏک کيس مرڻ گھڙيءَ تائين رھيو. تاھم اڃا بھ ڪافي ذخيرو  موجود آھي.

مجذوب  متعلق حيرت انگيز انڪشاف ڪيون ٿا تھ مخدوم عبدالرحيم گروھڙيءَ جي نالي ۾ جا مشھور پيشنگوئي، ھند ۽ سنڌ ۾ مشھور آھي. اھا انگريزن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ امام مھديءَ جي ظھوريءَ لاءِ، مولوي مجذوب جي ٺاھيل ھئي! اھا پيشنگوئي ھزارن ماڻھن کي اڄ بھ ياد آھي، پر اھا ٿورن کي ڄاڻ ھوندي تھ اھا مخدوم گروھڙيءَ جي نھ، پر مجذوب جي ٺاھيل ھئي! ان ۾ آھي تھ:

”لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گھاءَ ڪندا!“

ان طرح اھا پيشنگوئي، امام مھديءَ جي ظھور ۽ پير پاڳاري جي جھاد ڪرڻ جي قياس ۽ انگريز جرمن جي ويڙھھ، انگريز جي شڪست، سکر بيراج جي ٺھڻ، ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي خيالن تي مشتمل آھي. اھا پيشنگوئي بھ شاھھ نعمت الله ڪابليءَ جي پيشنگوئيءَ وانگر انگريزن بندش ھيٺ آندي ھئي، تاھم ڳجھھ ۾ ھلندي رھي آھي.

بھرحال، مولوي مجذوب گھڻين خوبين جو مالڪ ھو ۽ مسلڪ جي اعتبار سان پڪو موحد ھو، نھ معلوم سندس ساري عمر جو گڏ ڪيل ذخيرو ھاڻي ڪھڙي حال ۾ آھي؟ سندس پسماندن کي گھرجي تھ اھو سارو علمي ذخيرو، سنڌي ادبي بورڊ کي  ڏين. ائين ڪرڻ سان ھو عظيم ۽ قديم ذخيرو نھ فقط بچي پوندو، پر ان سان گڏ مولوي ”مجذوب“ جي روح کي بھ راحت رسندي.

ان سلسلي ۾ اسان سندس پسماندن ۽ عزيزن، خاص طرح سان سردار لطف علي”دل“ايڊيٽر خادم وطن حيدرآباد ۽ محترم ڪريم لطيفي ايڊيٽر”ھلال پاڪستان“سان شريڪ غم آھيون. کين توجھھ ٿا ڏياريون تھ ”مجذوب“ جي ڪتبخاني ۽ علمي  ذخيري  جي حفاظت لاءِ سوچ ويچار ڪن. دعا آھي تھ رب ڪريم کيس مرھي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا ڪري. آمين.

 

نعمت الله قريشي

سکر جي مشھور قومي ڪارڪن ۽ تحريڪ آزاديءَ جي مخلص سپاھي، مسٽر نعمت الله قريشيءَ ١١ جنوري ١٩٦٧ع تي، سکر ۾ وفات ڪئي آھي. مرحوم قريشي، پراڻو خلافتي ۽ سياسي خدمتگذار ھو. سندس خدمتن جي سلسلي ۾، خلافت تحريڪ ۽ مسلم  ليگ ۾ڪيل ڪم کي وڏي اھميت حاصل آھي.  پاڻ منزلگاھھ مسجد جي مسئلي ۾ مکيھ ڪارڪن ٿي رھيو. سکر شھر جي گھڻو ڪري سڀني علمي، تعليمي، ملڪي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن سان وابستھ رھيو. ڪافي دور بيمار رھڻ کان پوءِ ٦٦  سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. اسان سندس پسماندن سان ھن غم ۾ شريڪ آھيون. الله تعاليٰ کيس مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي. سندس پسماندن ۾، ھڪ فرزند آھي، جو ڊاڪٽريءَ جي ڊگري وٺي، لنڊن مان تازو پھتو آھي ۽ ھڪ نياڻي آھي، جا سکر ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي آھي.

 

سيد عبدالحسين شاھ موسوي

سنڌ ۾ موسوي سادات ڀائرن جي تعليمي ۽ علمي خدمتن کان ھر ڪو واقف آھي. افسوس ھي آھي تھ مرحوم عطا حسين شاھھ موسويءَ جي رحلت کان پوءِ، جلدي سيد عبدالحسين شاھھ موسوي، ١٨- جنوري ١٩٦٧ع تي روھڙيءَ ۾ وفات فرمائي آھي.

شاھھ صاحب مرحوم، ھڪ صاحب طرز  انشا پرداز، عالم ۽ اھل قلم ھو. سندس تصنيفات جو معيار علمي حيثيت سان بلند آھي. ”سڳنڌ ۽ سرھاڻ“  سنڌي ادب ۾ بيش بھا اضافو چئي سگھجن ٿا. ھڪ تعليمي ماھر جي حيثيت سان ساري عمر مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خدمت ڪيائون. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ، مشرقي علمن تي پاڻ سکر ۾ ڪاليج برپا ڪيائون.

شاھ صاحب مرحوم ھڪ ديانتدار، صوم و صلوات جو پابند، خوش اخلاق، رلڻو ملڻو، ھنس مک انسان ھو. ھو پنھنجي تواضح ۽ انڪساري، نوڙت ۽ نماڻائيءَ جي ڪري، پنھنجن دوستن جو وڏو حلقو ڇڏي ويو آھي. سندس وفات حسرت آيات جي ڪري، سنڌ ھڪ وڏي اديب ۽ تعليمي ماھر کان محروم ٿي چڪي آھي. اسان ھن جانڪاھ صدمي ۾ سندن پسماندن، خاص طرح سان سندن ڀاءُ سيد جواد حسين شاھ، ڀائٽين سيد شفقت حسين شاھ ۽ سيد امداد حسين شاھ سان دلي ھمدرديءَ جو اظھار ڪريون ٿا ۽ سندن غم ۾ شريڪ آھيون. دعا آھي تھ رب ڪريم کين مرھي ۽ سندن پوين کي صبر جميل عطا فرمائي.

سندن وفات تي سکر ۽ روھڙيءَ جا ڪاليج بند ڪيا ويا ۽ سندن نعش کي، وڏي جلوس سان سکر جي پراڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

 

رحيم بخش شيخ

سنڌ جي علمي ۽ تعليمي حلقن لاءِ اھا خبر نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ سنڌ جي مشھور قانوندان، سابق سيشن جج، انجمن حمايت الاسلام جي صدر، سچل سرمست جي مڪتب فڪر سان وابستھ صوفي رحيم بخش شيخ ١٥- فبروري ١٩٦٧ع تي وفات ڪئي آھي.

مرحوم، سردار بھادر محمد بخش ”ڪوجھي“ جو ننڍو ڀاءُ ھو. سندن وفات کان پوءِ، انجمن حمايت الاسلام جو سارو بار مٿن آيو. پاڻ انجمن جي تعليمي ۽ تعميري ڪمن کي نھايت  خوش اسلوبيءَ سان تڪميل تي پھچائيندي وڃي رب سان مليو.

انجمن حمايت الاسلام جي تعميري ڪمن ۽ تعليمي ترقيءَ ۾ سندن نگاھھ ۽ تجربي جو وڏو دخل ھو. انجمن جي پاران، حيدرآباد کان سواءِ، نواب شاھ ۽ راڻيپور ۾ بھ ڪاليج ھلي رھيا آھن. ان طرح سچل سرمست تي جو ڪجھھ بھ تعميرات جو سلسلو رھيو آھي، ان ۾ مرحوم شيخ صاحب وڏو ڪم ڪيو آھي.

پاڻ سخي قبول محمد سائينءَ جي معتقدن مان ھو، کين خلافت پڻ عطا ڪئي وئي ھئي.

مرحوم شيخ صاحب، ھڪ رلڻو ملڻو،خوش خلق،خاموش طبع ۽ درويش صفت انسان ھو. آخر تائين صوم و صلوات جو پابند رھيو. راڳ ۽ رھاڻ، سندن روح جي خوراڪ ھئي.ھميشه صوفيانھ مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو ھو.  کين پنھنجي وڏي ڀاءُ سردار بھادر محمد بخش جي مقبري ۾، انجمن حمايت الاسلام جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو.

ھن صدمھ جانڪاھ ۾، اسان سندن فرزندن ۽سندن ڀائٽين سان شريڪ غم آھيون ۽ دست بدعا آھيون تھ الله تعاليٰ مرحوم کي مرھي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي. انا لله و انا اليه راجعون.

 

مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو

ھيءَ خبر علمي ۽ مذھبي حلقن لاءِ ڏک رسائيندڙ آھي تھ سنڌ جو وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ علامھ علي محمد ڪاڪيپوٽو، ٣- مارچ ١٩٦٧ع تي، ھن دارفانيءَ مان رحلت ڪري، سراءِ جاودانيءَ ڏانھن  راھي ٿيو.

مرحوم علامھ ڪاڪيپوٽي جو شمار برصغير ھند و پاڪ جي وڏن عالمن،محققن،اديبن،شاعرن ۽ مدرسن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ديوبند جو فاضل ھو ۽ ان سان گڏ مولوي فاضل ۽ منشي فاضل پڻ ھو.

قديم فلسفي ۾ سندس مطالع ۽ نگاھ نمايان حيثيت جي شھرت حاصل ڪري چڪي ھئي. سندس فلسفھ جي ڄاڻ متعلق، سنڌ جي مشھور صوفي ۽ عارف، فلسفي ۽ عالم دين، حضرت مخدوم بصر الدين سيوستاني رحھ پڻ مدح ڪئي آھي. ڪيترن اھم مسئلن جي سلجھائڻ جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم صاحب جن پنھنجن مريدن ۽ صحبتين کي ھميشه مولانا ڪاڪيپوٽي جو ڏس ڏيندو ھو.

ان کان سواءِ اھا بھ فخر جھڙي ڳالھھ آھي تھ شاعر مشرق، علامھ اقبال مرحوم قديم فلسفھ جي ڪيترن دقيق ڪتابن جي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، علامھ ڪاڪيپوٽي جي شاگردي قبول ڪئي. فلسفي ۽ منطق جي انھن مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، علامھ اقبال، علامھ سيد سليمان ندويءَ سان بھ خط و ڪتابت ڪئي ھئي، پر اھي مسئلا حل نھ ٿي سگھيا. ڪاڪيپوٽي سان علامھ اقبال جي ملاقات جو اتفاق بھ عجيب آھي. پاڻ ھڪ ڏينھن اورينٽيل ڪاليج پنجاب جي سربراھ، ميان محمد شفيع سان گڏ لئبرري ڏسندي اھو رجسٽر طلب ڪيائون، جنھن ۾ قديم فلسفي ۽ منطق جي ڪتابن پڙھندڙن جا نالا داخل ھئا ڏسڻ کان پوءِ کين حيرت ٿي تھ اھي ڪتاب فقط ھڪ سنڌي عالم مطالع لاءِ ورتا آھن، جو ھو علامھ ڪاڪيپوٽو!

ان کان پوءِ کين علامھ اقبال گھرايو ۽ سندن شاگرديءَ ۾ اھي مسئلا حل ڪيا. مختلف فلسفيانھ مسئلن مان ھڪ دقيق مسئلو ”رئيت“ جو آھي. ان مسئلي ۾ چيو ويو آھي تھ ”شعاع معڪوس“  جي رد عمل سان ئي ”نظر“  جو تعلق آھي. ”اک“  فقط ھڪ آلو ۽ واسطو آھي. جديد سائنس بھ اھو ئي ٿي چوي. علامھ اقبال، يوناني عالمن ۽ مسلمان عالمن جي بحث کي سمجھڻ کان پوءِ، کين اعتراف نامو لکي ڏنو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org