سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :6

ان جو پابند آھي. غزل، جو پنھنجي ھيئت جي اعتبار سان نج فارسي صنف آھي، ان جي لوازمات ۽ فني متعلقات کي ادب ۾ ھڪ انفرادي حيثيت حاصل ٿي چڪي آھي. اڙدو شاعريءَ جو پورو ڍانچو  غزل جي فارسي  صنف مان بنايو ويو آھي. غالب، داغ، مير ۽ ذوق ان صنف جا عظيم شاعر ليکجن ٿا، جن جو اثر اڙدوءَ جي متقدمين ۽ متاخرين ٻنھي گروھن تي ھڪجھڙو پيو آھي. سنڌي غزل بھ ان ئي ھيئت ۽ فن جو مرھون منت آھي.

سنڌي ادب ۾ فارسي ۽ اڙدو غزل جي ترويج ۽ اشاعت ۾ خادم مرحوم جي خدمتن جو وڏو دخل رھندو آيو آھي. غز ل ۽ ان جي فن متعلق اڙدو دان ناقدن جي عروضي ۽ فني موشگافيون پيدا ڪيون، اھي خادم مرحوم سنڌي اديبن سان روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات، عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات سڪنات جا قاعدا، اقسام قافيھ، عربي ۽ فارسي بحر، عيوب ۽ فڪ اضافت، تنافر، تعقيد ۽ تعقيب جا مباحث، سنڌي ادب ۾ خادم صاحب ئي مروج ڪيا. اڄ سوين سنڌي اھڙا آھن، جن جي عروضداني  خادم جي تنقيدي مقالن، خطن ۽ تبصرن تي مبني آھي.

ان فن ۾ سندس ننڍڙو ڪتاب ”رياض البلاغت“  جھونو ۽ معياري ڪتاب ليکجي ٿو، جنھن مان مبتدي ۽ قادر الڪلام شعراءِ ڪرام اڄ بھ مستفيد ٿي سگھن ٿا، جنھن ۾ نھايت دلنشين ۽ آسان پيرايي ۾ عروض ۽ ان جا مفيد ۽ ضروري مسئلا پيش ڪيل آھن. ان کان سواءِ، سنڌي زبان جي مختلف جھونين ۽ نين اخبارن، الوحيد، سنڌ زميندار، ستاره سنڌ، الحقيقت،  مسلمان، بيداري، ۽ جھونن رسالن، جامع، بھار اخلاق، الاسلام، تحفھ احباب، اصلاح، جعفر زٽلي، ڪچڪول، مخلص، ڪاميابي، الڪاشف، الھمايون، ترقي، مصطفيٰ(لاڙڪاڻو)، ۽ تازي دور ۾ روح ادب، نئين زندگي، شاعر(حيدرآباد)، طالب الموليٰ (دادو)، مھراڻ (نئون ۽ پراڻو دور) ۾ بھ خادم صاحب فن عروض ۽ غزل گوئي  ۽ تنقيدي اصولن جي وقت بوقت ڇنڊ ڇاڻ پئي ڪئي آھي. سندس انھن علمي ڪاوشن ۽ تنقيدي تبصرن کي سنڌي ادب ۾ وڏي اھميت حاصل آھي. ڪاش، ان پوري مواد کي نئين سر سھيڙي شايع ڪيو وڃي.

”خادم،“ مرحوم جي خاموش ۽ مخلصانھ خدمتن ۾ ”انجمن سازي“ ۽ بزم آرائيءَ“  جو ھڪ مستقل باب آھي. مرحوم مرزا قليچ بيگ کان وٺي اڄ تائين، جي بھ علمي ادبي محفلون، بزمون ۽ تنظيمون رھيون آھن، انھن ۾ خادم مرحوم جو وڏو ھٿ ھوندو ھو. نئين دور ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنسن جو رواج بھ خادم مرحوم جي ڪوششن جو مرھون منت آھي. ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ ۽ ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ خادم صاحب جي خدمتن کي وڏو دخل آھي. مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي،  مرحوم محمد ھاشم مخلص، مرحوم شمس الدين  بلبل، علي محمد قادري، ۽ ڄيٺمل پرسرام جھڙن جھونن بزرگوارن سان گڏجي، خادم صاحب جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آھي،  اھا وسارڻ جھڙي نھ آھي.

”جمعيت الشعراءِ سنڌ“  جي اھتمام سان لاڙڪاڻي دادو، نواب شاھھ، ميھڙ، جيڪب آباد، سکر، ٺٽي، حيدرآباد، خيرپورميرس ۽ ڪراچيءَ ۾ جي بھ آل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ٿيون آھن، تن جو سرگرم ڪارڪن ”خادم“ مرحوم ئي ھوندو ھو. ڪانفرنس جي ابتدائي مرحلي کان آخر تائين، پورو انتظام خادم جي تجربيڪاريءَ ۽ فني مھارت جو مرھون منت رھندو آيو آھي. صدارتي خطبا تيار ڪرڻ، استقباليھ تقريرون لکڻ ۽ ڇپائڻ، دعوتناما لکڻ ۽ پوسٽ ڪرڻ، اخبارن ۾ پروپئگنڊا ڪرڻ، فنڊ گڏ ڪرڻ، مھمانن جي رھائش جو انتظام ڪرڻ، چونڊ اديبن ۽ فنڪارن کي گھرائڻ، ريزوليوشن لکڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، مختلف فيصلن کي عملي صورت ڏيندڙ ڪاميٽيون ٺاھڻ، وس وارن سان ملڻ لاءِ وفد بنائڻ، مطلب تھ سئيءَ کان سڳي سوڌو ڪم خادم صاحب پاڻ ئي وسائيندو ھو.

ڪانفرنسن کان سواءِ، طرحي مشاعرا  بھ خادم صاحب جي ڪوشش سان سنڌ ۾ روشناس ٿيا. انھن جو بنياد اگرچ اڳ ۾ پئجي چڪو ھو، پر مشاعرن کي باقاعدي تشڪيل ڏيڻ، مصرع طرح ڏيڻ، ان تي نو آموز شاعرن جي آيل ڪلام جي اصلاح ڪرڻ، نون شاعرن کي وڏين  محفلن ۾ کڙو ڪرڻ، کين داد ۽ تحسين ڏيڻ، کين ھمت افزائيءَ  جا خط لکڻ، سندن ڪلام جو انتخاب ڪنھن رسالي يا اخبار ۾ شايع ڪرائڻ، نون شاعرن کي بھترين تخلص ڏيڻ، اھي سڀ خاموش خدمتون آھن، جن کي ڪڏھن بھ سنڌي ادب جا گھڻگھرا وساري نٿا سگھن.

شاعريءَ  سان ۽ خاص طور غزل سان تعلق، سندس استاد ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ جي حوصلھ افزائيءَ  ۽ مشفقانھ تربيت جي ڪري ٿيو. ڊاڪٽر صديقي مرحوم اڪبر الھھ آباديءَ جو شاگرد رشيد ھو، ۽ فن ۽ عروض  جو ماھر ۽ قادر الڪلام  استاد ھو. خادم مرحوم، فن جي تربيت ۽ تڪميل لاءِ، باوجود ذاتي مطالعي ۽ ذوق جي، ھڪ ماھر ۽ استاد وٽان تربيت حاصل ڪرڻ کي افضل ڄاتو، لھاذا عروض جا معياري ۽ مستند ڪتاب سبق سبق ، پنھن جي استاد مرحوم کان پڙھيائين حتاڪھ ”بحرالفصاحت“ جھڙن ضخيم ۽ مغلق، پراڻيءَ طرز جي ڪتابن تي بھ عبور حاصل ڪيائين.

”خادم“ صاحب باضابطي 1915ع ۾ استاد کان پاکر ۽ سند  حاصل ڪئي،  ۽ نومشقيءَ جو دور ختم ڪري، 1917ع کان ڪلام چوڻ ۽ ڇپائڻ شروع ڪيو. سندس علمي ۽ ادبي مصاحبن ۾ عبدالله عبد عاقلي، اياز قادري، رشيد لاشاري، حامي، جامي، اثر، ناظم، نظام، آغا گل، خواب، نظامي، عاشق ۽ فدا جا نالا اچن ٿا. ھندو شاعرن مان دلگير، دکايل ۽ رام پنجواڻي بھ سندس فن ۽ شخصيت جا قدر دان ھئا. ”بيوس“  جھڙو عمر رسيده شاعر بھ سندس اصلاح ۽ مشوري کي عزت جي نگاھھ سان ڏسندو ھو. سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم سندس سنڌيءَ متعلق پيش ڪيل تجويزن کي قابل غور سمجھندا ھئا.

تقسيم کان پوءِ واري دور ۾ پاڪستان جي قومي ٻوليءَ متعلق اٿاريل شور و شر ۾  خادم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تمام گھڻو پاڻ پتوڙيو. خاص طرح ڊاڪٽر دائود پوٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، علي محمد راشدي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان رفيق ڪار ٿي، ڪراچيءَ ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي، نھايت پرامن ۽ علمي طرح سان احتجاج ڪرايائين، ۽ ڪراچيءَ تي واضح ڪيائين تھ سنڌي بھ علم و ادب، زبان ۽ فن جي حيثيت سان وڏو مقام رکن ٿا، ۽ انھن جي ٻولي ڪنھن بھ حيثيت سان نظر انداز نٿي ڪري سگھجي.

سندس خدمتن کي اڳيان رکي کيس ”بابائي سنڌي“  ۽ ”مخدوم الشعراءِ“  سڏيو ويو، پر پاڻ شھرت کي پسند نھ ڪندي، انھن لقبن کي ترڪ ڪري، مثال قائم ڪيائين تھ لقبن جي اضافي تعريف جي ڪا بھ ضرورت ڪا نھ آھي: ”عطر آنست که خود ببويد.“  خادم مرحوم سچ پچ تھ مسلمانن ۾، بلبل ۽ مخلص، قليچ ۽ صغير سيوھاڻي، دائود پوٽي ۽ وفائيءَ کان پوءِ، سنڌي ادب ۽ فن جو سچو پچو”خادم“ ھو. سندس معاصر دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، ضياءُ الدين بلبل، ڊاڪٽر خليل، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، حافظ احسن، غني، عبدالله چنھ، محبوب علي چنھ، عبدالواحد سنڌي، مولائي شيدائي، منظور نقوي، جوش، خواب، سرور، خالدي ۽ لطف الله بدويءَ پارا اديب موجود آھن، جي سندس خدمتن جو اعتراف ڪري رھيا آھن.

سنڌ جي تنقيدي تاريخ ۾ ھڪ اھڙو تلخ ۽ تخريب پسند تنقيدي دور بھ گذريو آھي، جنھن ۾ سنڌ جي وڏن شاعرن ۽ اديبن جا ناقذانھ معرڪا ٿي گذريا آھن، جن ۾ ڪيترن بي تعلق ۽ غير جانبدار اديبن تي بھ سخت تنقيدي حملا ٿي چڪا آھن، جن ۾ ڪي پس پرده  رھي، تماشائي ٿي، ٻين کي ويڙھائيندا ھئا،  تھ ڪي ڏونري تي ھٿ ھڻي  تنقيد جو سونٽو ھٿ ۾ کڻي، گامو سچار ٿي، چڱن جون  پڳون لاھيندا ھئا.  ان دور ۾ نظامي، واصف، بيوس، گربخشاڻي، لطف الله بدوي، رشيد لاشاري، ضياءُ الدين بلبل، جمعو خان غريب، احسن، مراد علي ڪاظم، محمد خان غني، عبدالله چنھ، شيخ عبدالله عبد، ماستر بشير، گدائي، حافظ حيات شاھھ، سرور ۽ عارف الموليٰ جا نالا ملن ٿا، جن مان ڪي معتوب ۽ مظلوم رھيا تھ ڪي حملھ آور ٿيا تھ ڪي تماشائي. اھو پورو دور اڄ بھ پنھنجي مواد جي حيثيت سان وساري نٿو سگھجي. بھرحال، ھڪ علمي دور ھو، جو ”خادم“ جي شخصيت سان ڪنھن نھ ڪنھن صورت سان وابستھ ھو. رب ڪريم شال کيس مرھي ۽ سندس مغفرت ڪري!

سندس تصنيفات ۾ ”شمشير اسلام“ ۽  ”خنجر ھلال“ اڙدوءَ تان ترجمو ڪيل ناول آھن ۽ ”رياض البلاغت“، ”اخلاقي خون،“  ”ستاره سنڌ“ ۽ ”امام مھدي“ تاليف ڪيل آھن. اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سندس خود نوشت سوانح عمري، ۽ ”محمود اللغات“ موجود آھن. ان کان سواءِ سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مقالا ۽ تبصرا موجود آھن، جي بھ فن جي حيثيت سان پنھنجو مقام رکن ٿا.

 خادم صاحب، پوئين دور ۾ دائم المريض  رھيو ۽ سالن جا سال صاحب فراش رھيو. تاھم، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مسئلن متعلق ڪنھن بھ ميٽنگ، بزم، محفل يا ڪانفرنس کي قضا نھ ڪيائين. ڪراچيءَ  ۽ حيدرآباد جھڙن دور دراز شھرن تائين بھ پاڻ کڻائي اچي شريڪ ٿيندو ھو. نھ فقط شرڪت ڪندو ھو، پر تجويزون لکندو ھو، ۽ بعض وقتن تي وفدن  ۾ بھ پاڻ کڻائي، وزيرن جي درن تي ھلندو وتندو ھو. رب ڪريم شال سندس خدمتن کي قبول فرمائي!

 حاصل ڪلام، سنڌي ادب جي ھن مخلص ۽ خاموش اديب، ٦٥ سالن جي عمر ۾، ڇنڇر ڏينھن ٩ جنوري ١٩٦٠ع تي وفات ڪري دوستن کي اشڪبار ڪيو آھي. رب ڪريم شال کيس مرھي! انا لله وانا اليه راجعون.

 

”عاجز“ ساڪرائي

مرحوم،”عاجز“  ساڪرائي، سنڌ جو ڪھنھ مشق شاعر بھ آخر الوداع ڪري ويو. مرحوم جو تعلق مغليھ خاندان جي چغتائي شاخ سان ھو. مرحوم ”عاجز“  ١٨٨٧ع ۾ ڄائو ۽ ٢٥ جولاءِ ١٩٥٩ع تي ٧٢ سالن جي طويل عمر گذاري، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي آھي. سندس والد ماجد جو نالو ملا محمد سليمان ھو، جو پنھنجي دور جو وڏو عالم ۽ فاضل شخص ھو.

”عاجز“ مرحوم ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد وٽان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ فائينل پاس ڪيائين ۽ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ پڻ ٽي سال رھي تربيت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ ماستري ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، گوشي نشين ٿي گذاريائين.

سندس شاعريءَ جو استاد مير عبدالحسن سانگي ھو سانگي مرحوم جي تربيت ۽ صحبت ۾ ”عاجز“  مرحوم فن ۽ استادن جي ڪلام جو چڱو مطالعو ڪيو . سانگيءَ  جي اصلاح ”عاجز“  جي ڪلام ۾ آھستي آھستي پختگي پيدا ڪئي. اھو ئي سبب آھي جو اڳتي ھلي ”عاجز“  جو ڪلام سھڻو ۽ سلوڻو ٿيو. سندس شعر و شاعريءَ جو داد ان دور جي ٻين گھڻن استادن ڏنو، جن مان مرحوم شمس الدين ”بلبل“  مرحوم محمد ھاشم مخلص، مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، مرحوم زمان شاھھ ”ساقي“ ٺٽوي، مشھور بزرگ آھن.

”عاجز“ مرحوم جي شاعريءَ ۾ ياس ۽ حرمان، غم ۽ اندوھ ججھو آھي. مرحوم عاجز اول اول ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنھنجي والد جي وفات جو سور سٺو، ان کان پوءِ ڄڻ تھ سورن اچي منھن ڪڍيو. آخري عمر تائين گمنامي ۽ گوشي نشيني اختيار ڪري پئي وقت گذاريائين. سندس شاعري، حزن ۽ ملال جي زندھ تصوير چئي وڃي ٿي.

دستور موجب، ڪن شاعرن سان معرڪا بھ ٿيا، جن مان زمان شاھ ”ساقي“ ٺٽويءَ سان ٿيل شاعراڻو معرڪو مشھور آھي، جنھن ۾ آخرڪار ”ساقيءَ“  جي غلط فھمي دور ٿي، ۽ پاڻ ۾ شيرو شڪر ٿي ويا.

”عاجز“ مرحوم جو منتشر ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪلام سندس ڀائٽي مرزا غلام معصوم بيگ ( سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد) وٽ موجود آھي. ”سنڌين جا سخن“ بھ ڊاڪٽر بلوچ صاحب  جن وٽ موجود آھي، جنھن ۾ قديم شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ڏنل آھي.

سندس اولاد ۾ ٻھ پٽ ۽ ھڪ نياڻي ۽ ھڪ ڀائٽيو آھي. آخر ۾ دعا آھي تھ رب ڪريم شال مرحوم کي مرھي!. انا لله وانااليه راجعون.

 

نواز علي ”نياز “جعفري

ھيءَ خبر سنڌي علم ادب سان تعلق رکندڙ حلقن لاءِ نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ سنڌ جي مشھور قادر الڪلام غزل گو شاعر، نواز علي خان جعفري، ”نياز“ ١٢ نومبر ١٩٥٩ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٦٧ ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي آھي- انا لله وانااليه راجعون.

”نياز“ جعفري، لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين مان ھڪ گل نو شگفتھ وانگر ٽڙيو، ۽ اتي ئي موت جي ظالم ھٿن سان مرجھائجي ويو! لاڙڪاڻي ۾، ١٨ آڪٽوبر ١٨٩٢ع تي، سومرن جي مشھور خاندان ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو محمد آچر خان ھو. ”نياز“ مرحوم ننڍيءَ وھيءَ ۾ ئي يتيم ٿي چڪو ھو. پنھنجي مريي ۽ پياري والد جي جدائيءَ ھن ننڍڙي  ۽ نماڻي ٻالڪ کي ڪافي متاثر ڪيو. سندس نماڻائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ ان ابتدائي عمر واري اندوھ آگين حادثي جو وڏو دخل قائم رھيو. والد جي وفات کان پوءِ سندس تعليم ۽ تربيت جو بار سندس مامي، ماستر محمد پريل جھڙي مشھور فاضل شخص پاڻ تي ھموار ڪيو. ماستر محمد پريل لاڙڪاڻائي پنھنجي مذھبي مشرب ۽ تصنيفات جي ڪري، اھل تشيع فرقي جو سرگرم فاضل شخص ھو. ماستر صاحب پنھنجي قلم ۽ ذوق سان سنڌي ادب ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪافي طور پنھنجي مذھب جي اشاعت ڪئي آھي. ”نياز“ جي تربيت ۾ سندس وڏي ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جو بھ وڏو دخل رھيو آھي، جو صاحب بھ مذھب شيعھ سان وابستھ ھو. انھن ٻنھي بزرگن جي تربيت ۽ صحبت جي ڪري، مرحوم ”نياز“ بھ ان مشرب جو مخلص مومن پوئلڳ ھو. پڇاڙيءَ تائين اھلبيت اطھار ۽ معصومين جي حب ۽ مشرب ۾ سرشار رھيو.

کيس شاعريءَ جو ذوق، مرحوم”بلبل“  جي ديوان مطالعي ڪرڻ سان پيدا ٿيو. ان لاءِ سندس چوڻ آھي تھ ”ديوان بلبل“ مون پنھنجيءَ والدھ ماجدھ وٽ ڏٺو، ۽ ان جي پڙھڻ کان پوءِ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو.

”نياز“ صاحب ڪجھھ وقت لاڙڪاڻي مدرسي ۾ ماستري بھ ڪئي. سندس ذڪر شمس العلماءِ دائود پوٽي پنھنجيءَ مختصر آتم ڪھاڻيءَ ۾ ڪيو آھي، ۽ لکيو آھي تھ ” ان وقت کھڙو محمد ايوب خان، ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ ھو، جنھن کي مسٽر نواز علي ”نياز“ خاص طرح پڙھائيندو ھو“ تعليم جي شغل کي ڇڏڻ کان پوءِ، روينيو کاتي ۾ ويو. ترقي ڪري مختيارڪار بنيو، ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ملازمت جي سلسلي سان وابستھ رھيو. ھر ھنڌ علمي ۽  ادبي خدمت ڪندو رھيو، ۽ مشاعرن ۾ بھرو وٺندو آيو. ١٩٤٧ع ۾ رٽائر ڪري اچي اباڻي شھر کي وسايائين. ڪجھھ وقت ”نياز ميڊيڪل ھال“ بھ ھلايائين، پر ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جي وفات کان پوءِ، خانداني ۽ معاشرتي ڪمن ڪارين وڌڻ جي ڪري، حڪمت ۽ طب کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين، ۽ ڀاءُ جي ڇڏيل مشغولين ۽ خدمتن کي جاري رکيائين. ”انجمن حسيني“ امام بارگاھ ۽ ٻيا مذھبي وقف سنڀاليائين.

١١ – جنوري ١٩٥٤ع تي سندس اھليھ محترمھ وفات فرمائي، انھيءَ صدمي کيس ھيڻو ڪري وڌو. سندس ڪلام اھڙي قلبي تاثرات سان ڀريل آھي.

پاڻ جيڪو وقت لاڙڪاڻي ۾ رھيو، شعر و ادب جي خدمت ۾ پيش پيش رھيو. نو آموز شاعرن جي حوصلي افزائي ڪندي، ڪيئي قادر الڪلام ۽ استاد پيدا ڪيائين. سندس تربيت ۽ نڪتھ رس طبيعت، ھري ”دلگير“ ۽ پرڀو ”فا“  ڇڳاڻيءَ جھڙا چوٽيءَ جا شاعر پيدا ڪيا، جن کي ھند ۽ سنڌ سڃاڻي ٿي.

سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ سندس ڪلام جا مجموعا وڏي حيثيت رکن ٿا. سندس ڪلام ۾ ” معراج النبي“ ۽ ” گل ۽ بلبل“  تي لکيل مسدس عظيم شاھڪار جي حيثيت رکن ٿا. ”نياز“ صاحب ھڪ ننڍڙو انتخاب ”جوھر سخن“  بھ قلمبند ڪيو ھو، جو افسوس آھي تھ شايع ٿي نھ سگھيو آھي.

”نياز“  مرحوم پنھنجيءَ وفات کان ٻھ ڏينھن اڳ ھڪ غزل لکيو آھي، جو سندس غمگين طبع جو ھڪ طرف آئينھ دار آھي تھ ٻئي طرف سندس وفات حسرت  آيات لاءِ پيشنگوئي آھي:

اوچتو سڏ ٿيو، نھ ڪنھن کان موڪلائي ٿو وڃان، درد دنيا مان ھي پنھنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان.

اڻ ڏٺل ھڪ ملڪ، ٻيو ساٿي ھلي ٿو ڪين ساڻ،
وات جون سختيون سڀئي سر تي سھائي ٿو وڃان.
ھئا عزيزن دوستن مان ڪير منھنجا خير خواھھ،
بس، ”نيازا“ ھر ڪنھين کي آزمائي ٿو وڃان.
 

بھرحال، ھڪ ڪھنھ مشق ۽ استاد شاعر جي وفات سنڌي ادب لاءِ ناقابل تلافي نقصان آھي. رب ڪريم شال مٿس مغفرت فرمائي ۽ مرھي!

 

] نمبر٤، سال ١٩٥٩ع[

حڪيم شمس الدين

سنڌ جي اھل علم طبقي لاءِ نھايت وحشت انگيز امر ٿيندو تھ سنڌ جا مشھور چار حڪيم ۽ فن طب جا عالم- حڪيم شمس الدين، ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھ ۽ مولانا حڪيم محمد صادق راڻيپوري ھن جھان فانيءَ مان انتقال ڪري، عالم جاودانيءَ ۾ پھچي چڪا آھن. انا لله وانااليه راجعون.

حڪيم شمس الدين مرحوم، يوناني طب جي متبحر ۽ مستند ماھرن ۾ شمار ڪيو ويو آھي. سندن فني مھارت جو داد سندس استاد، حڪيم اجمل خان مرحوم بھ ڏنو ھو. حڪيم صاحب جي طبي ۽ فني ڪمالات جو اعتراف سنڌ کان ٻاھر ھندستان، ايران، عرب ۽ افغانستان جي مشھور طبيبن بھ ڪيو ھو. حڪيم صاحب گويا سر زمين سنڌ ۾ يوناني طب جو واحد امام الفن تسليم ڪيو ويو ھو. حڪيم صاحب ” طبيھ ڪاليج دھليءَ“ جو فارغ التحصيل ھو، ۽ حڪيم اجمل ان مرحوم جي  پيارن شاگردن  ۾ شمار ڪيو ويو ٿي. ھن طب جي تحصيل کان پوءِ فورا کيس اتي جي طبيھ ڪاليج ۾ پروفيسر ڪري رکيو ويو، ۽ حڪيم صاحب  پنھنجي خداداد ذھانت سان فن جي خدمت ڪري ڪافي شھرت حاصل ڪئي. سندس انھن طبي خدمتن جي صلي ۾ رياستن جي والين، عالمن، طبيبن ۽ ٻاھرين ملڪن جي مريضن جا سرٽيفڪيٽ موجود آھن. ان کان پوءِ حڪيم صاحب حيدرآباد سنڌ ۾ پنھنجو مطب کوليو. اھو دواخانو، ترقي ڪندي”طبي ڪمپني“  جي نالي ۾ اڄ بھ خدمت ڪري رھيو آھي.

حڪيم صاحب ديوبند جو فارغ التحصيل عالم ھو. ابتدائي دور ۾ خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رھيو، پر پوءِ ھميشه لاءِ سياسي دنيا کان الڳ رھيو.

حڪيم صاحب کي نرينو اولاد ڪو نھ ھو، فقط نياڻيون آھن.

فن طب تي مرحوم حڪيم شمس الدين جا ڪتاب مستند سمجھيا وڃن ٿا. آخري ايام ۾ پنھنجي پوري طبي لئبرري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ کي سپرد ڪري، ھڪ عمدو مثال قائم ڪيائين.

سندس خاندان ۾ قاضي فضل الله(سابق وزيراعليٰ سنڌ)، اھليھ ۽ نياڻيون آھن.  ان کان سواءِ حيدرآباد جو مشھور ”طبيھ ڪاليج“ سندس قابل قدر يادگار آھي.

حڪيم صاحب ١٢ ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. خدا پاڪ مرحوم کي مغفرت ڪري، آمين!

 

ڊاڪٽر شيخ شمس الدين

 مرحوم ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حيدرآباد جي نامور عامل ھندو فئمليءَ جو مشھور فرد ھو، ۽ مرحوم ڊاڪٽر شيخ نور محمد، ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب  ۽ مرحوم شيخ عبدالعزيز قنڌاريءَ سان گڏ، ان دور جي مشھور نومسلم  بزرگ شيخ عبدالرحيم جي صحبت ۽ تبليغ تي اسلام قبول ڪيو ھئائين.

خلافت تحريڪ جي مشھور علمبردار، مولانا شيخ الھند محمود الحسن سان گڏ کين بھ جلاوطن ڪيو ويو.  پاڻ پنھنجي ڪٽنب سميت ھجرت ڪري وڃي ترڪيءَ ۾ رھيو، ۽ اتي ديني علوم جي تحصيل ڪيائين. ترڪيءَ کان پوءِ، حج ڪري، پنھنجي وطن ۾ واپس آيو. سندس شخصيت نھايت دلڪش ۽ لذيذ ھئي. انتھا درجي جو خاموش ۽ محبوب شخص ھو. آخر تائين صوم و صلواة  جو پابند رھيو؛ ۽ غريبن، يتيمن ۽ بيواھن جي امداد ۾ مصروف رھيو. پاڻ ١٤-جنوري ١٩٦١ع تي وفات ڪيائين. رب ڪريم کيس اجر جزيل عطا فرمائي، ۽ سندس پوين کي صبر جميل عنايت فرمائي.

 

حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھ

 شمس الاطباءِ، حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاھ ٢٧- جنوري ١٩٦١ع تي وفات ڪئي آھي. شاھ صاحب سنڌ جي قديم طبي خاندان جو فرد وحيد ھو، ۽ فن طب ۾ وڏيءَ  مھارت جو صاحب ھو. سنڌ جي طبيبن جي تنظيمن – ” جميعت الاطباءِ“  ۽ ” پاڪستان طبي ڪانفرنس“  جو پريزيڊنٽ ھو. پاڻ اول اول ٽنڊي محمد خان  ۾ طبيھ ڪاليج جو بنياد رکيائين، ۽ ”طبي مخزن“ بھ جاري ڪيائين، ان کان سواءِ ” سنڌ ڪو آپريٽو دواخانھ، لميٽيڊ“،  جو محرڪ ۽ باني بھ شاھ صاحب ئي ھو. سندس مخلصانھ جدوجھد، طبيبن جي حقن تسليم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ تاريخي  يادگار جي حيثيت رکي ٿي. سندس طبي مھارت جو اعتراف سنڌ ۽ ھند جي نامور ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن پڻ ڪيو آھي. رب ڪريم شال کيس مرھي!

 

حڪيم محمد صادق راڻيپوري

سنڌ جي مشھور عالم، اديب ۽ حڪيم مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ ١٨- جنوري ١٩٦١ع تي وفات ڪئي آھي. حڪيم صاحب مرحوم پنھنجي فن ۾ يگانھ روزگار شخص ھو. سندس ڪمالات کان متاثر ٿي، راڻيپور جي مشھور پير صالح شاھھ کيس پاڻ وٽ فيملي حڪيم ڪري رھايو. ھزھائينس نواب آف جھونا ڳڙھ جي لاعلاج بيگم جو علاج ڪري، حڪيم صاحب پنھنجو مثال قائم ڪيو. ان سلسلي ۾ برصغير ھند و پاڪ جا ھزارھا ڊاڪٽر ۽ حڪيم ناڪامياب ٿي چڪا ھئا. جھونا ڳڙھ جي رياست مان، ان ڪري، آخر تائين کيس وظيفو ملندو رھيو.  طب کان سواءِ سندس ديني ۽ علمي خدمتون ۽ قلمي ڪوششون پڻ نمايان حيثيت رکن ٿيون. ابتدا ۾ سنڌي ديني رسالا ۽ ڪتاب بھ شايع ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل، ”سچل جو سرائڪي ڪلام“  سندس بھترين يادگار آھي. ان جو مقدمو، تصوف جي معارف ۽ حقائق سان لبريز آھي. رب ڪريم شال کيس مرھي ۽ مغفرت ڪري، آمين!

 

محمد نسيم تلوي

ڪراچيءَ جي مشھور اخبار ”بلوچستان جديد“  جي ايڊيٽر، محمد نسيم تلويءَ، ٢- فيبروري ١٩٦١ع تي، لاھور ۾، حرڪت قلب بند ٿيڻ سان وفات ڪئي. مرحوم تلوي نھايت بيباڪ ۽ دلير ايڊيٽر  ھو. پاڻ ١٩٢٣ع ۾ ڪراچيءَ مان ”بلوچستان جديد“  پھرين اخبار جاري ڪيائين. ان جون ھفتيوار اشاعتون علمي ۽ ادبي، سائنسي ۽ فلسفيانھ مقالن تي مشتمل رھنديون ھيون، ۽ علمي طبقي ۾ سندس اھي نمبر نھايت مقبول رھيا. آخري دور ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ ڪوئيٽا مان بھ اخبار جو ايڊيشن ڪڍندو رھيو. سندس علمي ۽ صحافتي  خدمتون بلوچ ايراضيءَ لاءِ غنيمت ھيون. مرحوم تازو  محڪمھ تعمير نو جي دعوت تي مشرقي پاڪستان جي دوري تي ويل ھو، ۽ واپس ايندي لاھور ۾ وفات ڪيائين. نھايت پرجوش ۽ مخلص، ديانتدار ۽ بيريا، زندھ دل ۽ غيور شخص ھو. رب ڪريم شال کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. آمين!

 

ساقي سجاولي

سنڌ جي مشھور اھل قلم ۽ اديب، غلام احمد”ساقي سجاولي“ ٢٠ سيپٽمبر ١٩٦٠ع تي، پنھنجي ڳوٺ ٻني (ضلعو ٺٽو) ۾، طويل علالت کان پوءِ وفات ڪئي آھي. ساقي سجاولي نھايت پختو فنڪار ھو. علم ادب جي ھر صنف تي لکيو اٿس، ۽ اڪثر ڪري سنڌ جي سڀني قديم ۽ جديد اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مقالا شايع ٿيا آھن. ”الوحيد“ ۽ ” سنڌ زميندار“  جي دور ۾ ساقي سجاولي مشھور  مضمون نگار جي حيثيت سان لکندو آيو آھي. خليل جبران ۽ ٽئگور کان گھڻو متاثر ھو. خليل جبران جي ڪتاب ” اس ني ڪھا“ جو ترجمو ”پيغمبر“، سندس مشھور ڪتاب آھي. سندس افسانن جا ٻھ- چار مجموعا شايع ٿيا آھن. پوئين دور ۾ پاڻ ھڪ ”سنڌي لغت“ کي ترتيب ڏئي رھيو ھو، ۽ اٽڪل اوڻيھھ ھزار لفظ ۽ انھن جون معنائون سھيڙي ۽ مڪمل ڪري چڪو ھو. توقع آھي تھ سندس احباب انھيءَ ڪاوش کي ڇپائي محفوظ ڪندا. سندس ھموطن دوستن سندس يادگار قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ”ساقي لئبرري“  قائم ڪئي آھي. سندس وفات علم ادب جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آھي. رب ڪريم مٿس رحمت ڪري، آمين!

] نمبر ١، سال ١٩٦١ع

باباءِ اردو مولوي عبدالحق

باباءِ اردو، ڊاڪٽر مولوي عبدالحق ، جي انتقال جي خبر علمي دنيا لاءِ ھڪ ناقابل تلافي صدمو آھي. ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي وفات سان گويا ھڪ عظيم تاريخي جدوجھد جو دور ختم ٿيو. ڊاڪٽر صاحب سرسيد احمد، شبليءَ ۽ حاليءَ جي روايتن ۽ قدرن جو آخري يادگار ھو. سندس تاريخي ۽ علمي جدوجھد جو انڪار نٿو ڪري سگھجي. ھندستان جي علمي ۽ ادبي تحريڪن ۽ لساني مسئلن ۾ ڊاڪٽر صاحب جون اڻٿڪ ڪاوشون ۽ ڪوششون ھميشھ ياد رھنديون. اردو زبان جي ترقيءَ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ سندس قربانيون مثالي آھن. ھو پنھنجي سر ھڪ انجمن، ھڪ محفل، ھڪ ادارو، ھڪ زبان،  ھڪ مسئلو ۽ ھڪ عظيم مقصد ھو. ڪاش اھڙا گھڻا عبدالحق اڃا پيدا ٿين، جي پنھنجي پنھنجي ادب ۽ زبان لاءِ زندگيون وقف ڪن!سندس ڪوششن ۽ مخلصانھ جدوجھد سان اردو نھ فقط ھند- پاڪ جي مکيھ زبان بنجي چڪي آھي، بلڪ بين الاقوامي زبانن ۾ ڇھون نمبر، زندھھ ۽ ترقي يافتھ زبان چئي وڃي ٿي. مولوي عبدالحق  اسان لاءِ ھڪ مثال آھي، تازيانھ عبرت آھي، اشارو آھي، وڌڻ ۽ ويجھڻ جو، ڪم ڪرڻ جو، جھاد ۽ جدوجھد جو – مثال، ۽ بھترين مثال. ڊاڪٽر صاحب مارچ  ١٨٧٠ع ۾، ميرٺ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ ١٥- آگسٽ ١٩٦١ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. سڄي عمر شادي نھ ڪيائين. چيائين، ”مون اردوءَ سان شادي ڪئي آھي، جنھن جو اولاد اردوءَ جا اھل زبان آھن!“

”انجمن ترقي اردو“، پاڪ و ھند سندس بھترين يادگار آھي. رب ڪريم شال کيس مرھي! انا لله وانا اليه راجعون.

 

سيد عطاءُ الله شاه بخاري

 برصغير ھند پاڪ جي ممتاز ليڊر، روشن خيال عالم، جادو بيان اديب، شعلھ نوا خطيب ۽ وجد آور شاعر، امير شريعت، سيد عطاءُ الله شاھ بخاريءَ، ملتان ۾ ٢١ – آگسٽ ١٩٦١ع تي ٧٢ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي آھي. مرحوم چئن سالن کان بيمار ھو.  پوين پنجن مھينن کان مٿس فالج جو حملو ٿيو. کيس صدر مملڪت جي چوڻ تي نشتر ميڊيڪل ڪاليج جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ۽ ان کان سواءِ يوناني حڪيمن جي ھڪ منتخب بورڊ بھ سندس علاج ڪيو، پر صحتياب نھ ٿي سگھيو.

شاھ صاحب آزاديءَ جو پرستار ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان الڳ تنظيم، ”جمعيت الحرار“ جو باني ۽ صدر رھيو. سندس پاليسي انگريزن جي مقابلي ۾ ھميشھ  سختگير ۽ گرم رھندي ھئي. انگريزن جي زماني ۾ پاڻ مسجد شھيد گنج، آزاديءَ ڪشمير، ختم نبوت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ١٥ سال جيل ڪاٽي چوڪ ھو.

شاھ صاحب فڪر و نظر، علم و ادب ۽ شعر و فن جي دنيا ۾ بيمثال شخصيت جو مالڪ ھو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”نديم“ ھو، پر سندس شھرت جو سبب زيادھ تر خطابت ھو. سندس خطابت  ۾ فن ۽ ھنر ھو، طلسم ۽ سحر ھو. سندس ولولھ انگيز ۽ زلزلھ خيز تقريرون انگريزي سامراجيت لاءِ فنا جو پيغام ثابت ٿيون. پوري برصغير ھند پاڪ ۾ مولانا  آزاد ۽ بھادر يار جنگ جي معيار ۽ مقام جو اگر ڪو مقرر ۽ خطيب ھو تھ اھو شاھھ صاحب مرحوم ھو – بلڪ وجد انگيز رجز خوانيءَ جي لحاظ سان شاھھ صاحب انھن بزرگن کان گوءِ سبقت کڻي چڪو ھو. ھڪ انگريز عالم لکيو آھي:” مون ھندستان ۾ ٻھ عظيم چيزون ڏٺيون- ھڪ تاج محل ۽ ٻيو عطاءُ الله شاھ بخاري!“  سندس جادو بيانيءَ جو داد خود مھاتما گانڌيءَ بھ ڏنو آھي. نو والي شبيھھ، مجاھدانھ ڪردار، غازيانھ سيرت، ۽ عالمانھ وضع وارو عطاءُ الله شاھ، پنھنجيءَ انفرادي عظمت جي لحاظ سان اڄ بھ امر آھي.

١٩١٨ع ۾، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي امرتسر واري مشترڪ اجلاس ۾ شرڪت کان وٺي، پورا ويھھ سال مسلسل جدوجھد ۾ گذاريائين،  انگريزن جي خلاف، خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ، احرار، وغيرھ پاران، ھر ھڪ متحده محاذ جو ليڊر ۽ سالار کيس ئي چونڊيو ويندو ھو.

 شاھ صاحب مفاد پرست ليڊرن مان نھ ھو. سندس ساري زندگي مجاھدانھ ۽ فقيرانھ رھي، ايتري قدر جو پنھنجن ٻچن لاءِ نھ ڪا جائداد بنائي سگھيو، نھ ڪا گھر جي جاءِ ئي ٺھرائي سگھيو. برصغير ھند- پاڪ جي ھن جليل القدر مجاھد، ملتان جي ھڪ غير معروف  محلي، ٽنڊي شير خان، ۾ ھڪ ڪرايي تي ورتل بوسيدھھ مڪان ۾ وفات ڪئي.

مولانا بخاري، پاٽنا (بھار) ۾ ١٨٨٩ع ۾ ڄائو، ۽ ٧٢ سالن جي عمر ۾ ١٩٦١ع ۾ وفات ڪيائين.  سندس پوين ۾ چار پٽ، ھڪ نياڻي، ۽ ھڪ بيوھ آھن. – رھي نام الله کا. سندس تاليفات ۾ ”ديوان“ ، ”سواطعھ الاھام“ (ڇپيل)، ”مجموعھ خطبات“ (اڻ ڇپيل)، اھم علمي چيزون آھن. انالله و انا اليه راجعون.

 

مولوي قاضي عبدالرزاق

 سنڌ جي علمي حلقن لاءِ ھيءَ خبر نھايت ڏک پھچائيندڙ آھي تھ سنڌ جي مشھور اھل قلم ۽ ديني خادم، مولوي قاضي عبدالرزاق، ١٨ جون ١٩٦١ع تي وفات ڪئي آھي- انا لله وانااليه راجعون.

قاضي صاحب ١٩-سيپٽمبر ١٨٩٢ع تي روھڙيءَ ۾ ڄائو. نھايت ديندار ۽ ديني علوم سان شغف رکندڙ، خاموش طبع، ۽ متواضع شخص ھو. علوم دينيھ جي تحصيل کان پوءِ ساري عمر معلم الفقه ٿي رھيو. ھزارين شاگرد سندس تعليم ۽ صحبت مان فيضياب ٿيا آھن.

تعليم ۽ تدريس سان گڏ، علمي رسالا – جھڙوڪ ”علمي دنيا “، ڪاميابي، ” دين و دنيا“  وغيرھ – ڪافي عرصي تائين ھلائيندو رھيو.  جن ۾ علمي، ادبي، تاريخي ۽ ديني  مقالا شايع ٿيندا ھئا. سندس تصنيفات ۾ ھيٺيان ڪتاب آھن، جن مان ڪي ترجمو آھن: غازي انور پاشا، آئينھ محبت، ارشاد الام،  تاريخ القرآن، سيرت العائشھ، فاروق اعظم، محبت جو ڦل، فولادي شھزادو، امانت، پيارو نبي، دين ۽ دنيا، سوره فاتح، رب ڪريم کيس شال مرھي.

] نمبر ٢ ۽ ٣  ١٩٦١ع [

 

عثمان علي انصاري

ھيءَ خبر سنڌي ادب لاءِ وحشت اثر ثابت ٿيندي تھ سنڌي ادب جو ھڪ اديب، عالم، مخلص ۽ محقق جناب عثمان علي انصاري، ٢- سيپٽمبر ١٩٦٢ع تي، ڪراچيءَ ۾ داعيءَ اجل کي لبيڪ چئي، ھن دارفانيءَ کان موڪلائي، عالم جاودانيءَ ڏانھن راھي ٿيو. انالله و انا اليه راجعون.

مرحوم انصاري صاحب ھڪ شگفتھ مزاج، ھر دلعزيز ۽ رلڻو ملڻو شخص ھو. سندس شخصيت علم و فن، تھذيب و ثقافت جي جامع ھئي. ھو سنڌي تھذيب ۽ ”لطيف“ جو عاشق ھو.  ان موضوع تي سندس مقالا نھايت پر مغز، معلومات افزا ۽ محققانھ حيثيت رکن ٿا. ”شاھھ“ جي رسالي جي ترتيب ۽ ڪلام جي تنقيد ۽ تحقيق متعلق انصاري صاحب جي جستجو عالمانھ آھي. افساني، ادب لطيف ۽ ناول سان پڻ سندس تعلق رھيو آھي. ان حيثيت سان بھ سندس ناول ۽ افسانا، زبان توڙي مواد ۽ فن جي حيثيت سان قابل قدر آھن. مرحوم انصاري صاحب ساري زندگي تعليم جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ جي محڪمھ تعليم جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. آخري دور ۾ سال کن تائين ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو اعزازي سيڪريٽري بھ رھيو. اھو بھ ياد رھي تھ انصاري صاحب مرحوم ”مھراڻ“  جي ابتدائي دور ۾ ان جو مئنيجنگ ايڊيٽر بھ ٿي رھيو ھو. انصاري صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو وسيع آھي. سندس وفات سنڌي زبان لاءِ ناقابل تلافي نقصان آھي. رب ڪريم شال مرحوم کي مرھي ۽ جنت  ۾ جاءِ ڏئي، آمين!

محترم انصاري صاحب پنھنجي ذھني ۽ فڪري، علمي ۽ ادبي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ انفرادي مقام تي پھتو ھو. سندس شخصيت ۾ علو ۽ نيڪي، محبت ۽ مروت، رعب ۽ عظمت جا جوھر سمايل ھئا. سدائين شگفتھ مزاج ۽ رلڻو ملڻو رھيو، اجائي وڏائي ۽ ديکا ديکيءَ کان ھميشھ پري رھيو. سندس مطالعو، علم و فن جي ھر پھلوءَ تي حاوي ھو. سندس گفتگو شگفتھ ۽ شستھ، مذاق ۽ مزاح سان ڀرپور ھوندي ھئي. انصاري صاحب سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ ھر ڪو افسردھ ۽ رنجيده شخص، شگفتھ ۽ دلي  سرور حاصل ڪري پوءِ موٽندو ھو. سندس چھرو ڏيا وارو ھوندو ھو: ڪشادھ پيشاني، ڪتابي، خط و خال، سندس دلي پاڪيزگي ۽ طبعي سادگيءَ جا دليل آھن.

سنڌي علم و فن، تھذيب ۽ ثقافت، بالخصوص شاھھ لطيف جو عاشق صادق ھو. سندس علمي ۽ فڪري مقالا فڪر انگيز آھن. ”شاھ“  جي رسالي جي ترتيب متعلق  انصاري صاحب جي جستجو ۽ تحقيق نھايت محققانھ  ۽ عالمانھ ھئي. انصاري صاحب ڪيترا سر نئين سر ترتيب ڏئي، مفيد اضافن ۽ معنائن سان رسالي ”مھراڻ“  جي اوائلي دور ۾ شايع پڻ ڪرايا ھئا. ان کان پوءِ سنڌي رسالي ”اڄڪلھھ“ ۾ بھ نوان سر ۽ نوان بيت شايع  ٿيل آھن. ”شاھ“  جي بيتن جي تلاش، پرک ۽ پيشڪش جي نقطءِ نظر سان انصاري صاحب ڪافي عرقريزي ڪئي ھئي. سندس چوڻ ھو تھ ”شاھھ کي ايڊٽ ڪري رھيو آھي، پر جيستائين علامھ دائود پوٽي جو رسالو شايع نھ ٿيو آھي، تيستائين مان پنھنجو رسالو نھ ڪڍندس!“ نھ معلوم،  سندس شاھھ جي رسالي جي ايڊٽ جو ڪم ڪٿي پھتو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org