سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان بلبل

باب --

صفحو :1

ديوان بلبل

(مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جو ديوان)

غلام محمد ”گرامي“

 

شڪريو

مرتب، ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني، اعزازي سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورد جو شڪر گذار آهي، جنهن جي علمي مشورن هن تاليف کي فني ۽ علمي معيار تي پهچايو آهي.                                

           --غ.م.گ.

 

 

 

 

ناشر طرفان ٻه اکر

        ”ديوان بلبل“ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندي فخر محسوس ٿو ٿئي.

        سنڌي شاعريءَ ۾، مختلف اصناف سخن تي، صدين کان طبع آزمائي ٿيندي رهي آهي، ۽ هر دؤر ۾، هر صنف ۾، ماهر لکندڙن جو ڪافي انداز موجود رهندو پئي آيو آهي. هزل گوئي، طنزنگاري ۽ هجو يه شاعري، بهرحال سنڌ ۾ ايتري گهڻي ڪا نه ڪئي ويئي آهي، ۽ نه وري ڪي انهيءَ فن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ وارا گهڻا شاعر ئي پيدا ٿيا آهن.

        سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سنجيده ۽ متين شعراء ڪرام جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي چرچو گهٻو، اصلاح آميز طنز، يا ڪنهن شخص تي هجويه انداز ۾ جُلِههَ ۾ حملو برابر ملن ٿا -- ويندي گارين تائين به لفظ ڳولي لهي سگهيا. سگهڙن جي ڪلام ۾ البته اهڙين ڳالهين جي فراواني آهي. 

        عروضي شاعريءَ م، مزاحيه طرز نگارش جو بالي مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ ئي هو. محمد هاشم ”مخلص“ ، نور محمد ”انور“ نظاماڻي ۽ ٻيا، ”بلبل“ جي ئي اسٽائل کان متاثر ٿيا.

        ”بلبل“ جي فن تي، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، ”ديوان بلبل“ جي مرتب ۽ سنڌ جي ڪيترن بزرگن ڪافي ڪجهه لکيو آهي. اميد ته پڙهندڙ ان مان خَط حاصل ڪندا.

        عنقريب ”بلبل“ جي ڪلام جي ٻيو مجموعو، پڙهندڙن جي اصلاح ۽ تفريح طبع خاطر شايع ڪيو ويندو.

حيدرآباد، سنڌ                 (ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني)

23-مئي، 1969ع                   اعزازي سيڪريٽري

                                       سنڌي ادبي بورڊ

 

 

ڏسي دلبر منهنجي ديوان کي، گلشن ۾ چيو:

بس رڳي هيءَ رهي، بلبل جي نشاني افسوس

 

مرتب جا ٻه لفظ

        ”بلبل“ مرحوم پنهنجي دؤر جو قادر الڪلام شاعر ۽ سخن سنج هو. سندس فن ۽ مقام ڪنهن به تعارف جا محتاج ڪين آهي.

        ”بلبل“ جي فن جي ڄاڻ ۽ سڃاڻ جي سلسلي ۾، سندن لائق فرزند ۽ جانشين، مرحوم رئيس ضياءالدين ايس. ”بلبل“ جنهن شرح ۽ بسط سان، مقدمي ۾ بحث ڪيو آهي، اهو ڪافي آهي. الو لد سر الابيه.

        بلبل جي سيرت ۽ فن جي تعارف تي هيٺيان مضمون، ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيا آهن.

        شمس الدين بلبل، از محمد صديق ”مسافر“ : ادبي تحفو 31-1932ع، مسلم ادبي سو سائٽي حيدرآباد.

        شمس الدين ”بلبل”، ازخانبهادر محمد صديق ميمڻ؛ سنڌي جي ادبي تاريخ جلد 2-حيدرآباد سنڌ 1951ع.

شمس الدين ”بلبل“ مولانا دين محمد وفائي: الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر –1936ع.

        بلبل هڪ مفڪر -حاجي محمود خادم مرحوم، لاڙڪاڻو، 1952ع.

        شمس الدين ”بلبل“، مرحوم حافط ”بسمل“ ٽکڙائي، 1949ع.

        شمس الدين ”بلبل“، مرحوم ”واصف“ حيدآبادي، 1951ع.

        ”بلبل سنڌ“، ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب ”خليل“، 1951ع.

        شمس الدين ”بلبل“، احمد خان سيال، 1953ع

        ”بلبل“ پير حسام الدين شاهه راشدي، 1953ع.

        ”بلبل“، جي صحافت، مولائي شيدائي، 1965ع.

        رئيس ”بلبل“، شاھ محمد صوفي، 1965ع.

        ”بلبل“ جا همعصر، حافظ محمد احسن، 1965ع.

        ”بلبل“ جو اصلاحي ڪردار، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، 1965ع.

        ظاهر آهي ته ملڪ جي مختلف محققن، بلبل جي فن ۽ شخصيت جي هر پهلوءَ تي لکيو آهي. هن وقت تائين اهڙي سعادت، تمام ٿورن شاعرن کي نصيب ٿي آهي.

         ان سلسلي ۾، ”بورد“ پاران جڏهن ”بلبل“ جي نثر ۾ ڪيل تاليفات ۽ سندن شعر وشاعريءَ کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيم، ۽ مرحوم رئيس ضياالدين ”ضياء“ کان مليل قلمي مسودا مطالع ڪيم، تڏهن سڀ کان اول، ”بلبل“ جي فن تي هڪ جامع ۽ مفصل فني تنقيد ۽ تعارف تي هڪ مقالو لکيم، اهو مقالو ان سلسلي ۾، پراڻن خيالن ۽ روايتي ڳالهين کي نطر انداز ڪري، ناقدانه ۽ محققانه نموني ۾ لکيو ويو. اهو ايترو ته پسنديده ۽ مقبول ٿيو، جو ان جي هڪ حصي کي جڏهن مهراڻ نمبر 3، 63ع ۾ شايع ڪيو ويو، تڏهن سنڌ جي اڪثر اديبن ۽ محققن ان جي تعريف ڪئي. اهو مطبوع حصو به ”مهراڻ“ جي 63 صفحن تي مشتمل رهيو، جو ڪتابي صورت ۾ اضافي ۽ مقدمي سان 200 صفحا ٿي سگهي ها. افسوس جو ان مقالي جو ٻيو ڀاڱو، جو به 200 صفحن تي مشتمل آهي، اهو ڪٿي به شايع نه ٿي سگهيو آهي ۽ اڃا غير مطبوع آهي. لهٰذا، هن ”ديوان بلبل“ تي ڪنهن به طول طويل بحث ڪرڻ جي گنجائش نٿو سمجهان.

        فقط ايترو عرض ڪندس ته ”ديوان بلبل“ کي ترتيب ڏيندي، ڇپيل ۽ اڻڇپيل مسودن مان، ”ديوان بلبل“ جو جنوري 1891ع وارو ڇاپو، جو ليٿو ۾، ڪراچيءَ مان ڇپيل آهي، سو ٻين کان وري به چڱو نظر آيو. ان دؤر م ڪاتبن، جنهن بيدرديءَ سان ”ديوان بلبل“ جي ڪتابت ڪئي آهي، اهو مطالع مان معلوم ٿئي ٿو. ساري ”ديوان“ ۾ چند شعر ملن ٿا جي درست آهن، باقي سڀ معائب ۽ اغلاط سان ڀريل آهن.  ان طرح ٻيا ڇاپا، جن جا ڪاتب غير سنڌي آهن، تن ته سارو ڪلام مسخ ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”بلبل جي ديوان“ کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ هر ڪنهن کي دقت ٿي آهي، ۽ ان جو ذڪر ”بلبل“ جي سڀني سوانح نگارن ڪيو آهي.

        ”ديوان بلبل“ جي ان حيثيت جا پريشاني پيدا ڪئي هوندي، ان کي شعراء ڪرام چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا.

        بهرحال، ساري ديوان کي نه فقط غور سان مطالع ڪرڻو پيو، پر هر هڪ شعر جي صحت تي به ڌيان ڏيڻو پيو. آخرڪار، هن مختصر ديوان جي ترتيب ۽ صحت جو ڪم، جو هوند ٻن -ٽن هفتن ۾ ڪري سگهجي ها، تنهن سال کن ورتو. اصلاح ۽ صحت جي سلسلي ۾، ”بلبل“ جي ظريفانه انداز، بيان جي پختگيءَ، خيال جي شوخيءَ گهڻي رهنمائي ڪئي. ڪلام جي سياق ۽ سباق کي نظر ۾ رکڻ سان ڪيترن مبهم ۽ مغلق شعرن جي اصلاح ۽ صحت، آسان نموني ۾ ڪري سگهيو آهيان.

        لفظن جي صحّت جي بار ۾ اهو ظاهر ٿو ڪريان ته ”بلبل“ جي دؤر جي سڀني شاعرن، ٽحرفي، لفظن جي حرڪات ۽ سڪنات جي ادائگيءَ ۾ عام غلطيون ڪيون آهن جيئن صبر، شڪر، ختم، قبر، ڪرم، رحم، عقل، عشق، وغيره.

        ”بلبل“ جي ڪلام ۾ ان قسم جون ڪجهه ٿوريون غلطيون نظر آيون، جي به گهڻي ڀاڱي ڪاتبن جي بيپرواهيءَ ڪري پيدا ٿيون آهن، تن کي درست ڪيو ويو آهي.

        ان طرح ”بحر“ ۽ ”وزن“ جي صحت متعلق به اڳئين دؤر ۾، بي اعتنائي ڪئي وئي آهي. گهڻو ڪري، متشابه بحرن ۾ ڪا به تميز ورا نه رکي وئي آهي. ان قسم جا به چند مثال ”بلبل“ جي ديوان ۾ نظر آيا، جن کي حتي المقدور درست ڪيو ويو آهي.

        مرحوم ”بلبل“ جا ڪيترا شعر، نهايت مغلق ۽ مبهم نظر آيا، جي غالب جي ڪن شعرن وانگر، مغلق، پيچيہ ۽ وسيع الاطراف آهن، ۽ مختلف المعاني تي مشتمل آهن. اهڙن شعرن سان ڪا به هٿ چُراند ڪا نه ڪيل آهي، ۽ اهي شعر فقط لفظي صحّت، ۽ عروضي حدن تائين اصلاح ڪيا ويا آهن. هونءَ به:” المعنيٰ جي الشاعر“ چيو ويو آهي.

        ٻيو ته ”ديوان بلبل“ جي آخر ۾ آيل ”ڪريما نيچرل“ کي، ”ڪلام بلبل“ ۾ ”رحيما نيچرل“ ۽ ”پليگي ڪريما“، ۽ ٻئي ”متفرقه ڪلام“ سان گڏ، جدا جلد ۾ آندو ويو آهي، باقي سارو مواد جيئن جو تيئن ڏنل آهي.

        ناظرين ڪرام ”بلبل“ جي عبارت جي رنگيني، ادا جي نمڪيني، خيال جي شيريني، طنز ۽ مزاح جي چاشني خود محسوس ڪري داد ڏيندا. لهذا، مرتب پنهنجي پاران ڪنهن به طول طويل تشريح ۽ صنايع بدايع، اصطلاحات ۽ لوازمات شعري جي تفصيل کان احتراز ڪري، مرحوم ”بلبل“ جي خود نوشته ديپاچي ۽ سندس واجب التعظيم فرزند ارجمند مرحوم رئيس ضياءالدين ايس. ”بلبل“ جي ”مقدمي“ کي ڪافي سمجهيو آهي.

        اميد ته فن ۽ ڪلام جا ناقد، هن لذيذ ۽ شيرين ڪلام مان حَظ ۽ سرور حاصل ڪندا، جنهن لاءِ مرحوم ”بلبل“ پاڻ پيشنگوئي ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ ”بلبل“ جي اها هڪ علمي نشاني آهي:

                ڏسي، دلبر منهنجي ديوان کي گلشن ۾ چيو،

                بس، رڳي هيءَ رهي، ”بلبل“ جي نشاني افسوس!

        هن نسخي جي ترتيب ۽ صحت تي اطمينان جي اظهار جو ذڪر، مرحوم رئيس ”ضيا“ صاحب پنهنجي مقدمي ۾ پڻ ڪيو آهي ۽ مرتب ڏانهن لکيل خطن ۾ به تائيد ۽ تحسين فرمائي اٿس.

        رب ڪريم، شال هن علمي محنت کي قبول ڪري ۽ ”بلبل“ ۽ ”ضيا“ ٻنهي جي روح کي تسڪين بخشي.

 

                                        غلام محمد ”گرامي“

                                            حيدرآباد سنڌ 

 

 

مقدمھ

ديوان بلبل

مرحوم رئيس، ضياء الدين صاحب، ”ضيا“، ايس. بلبل، ميهڙ

        سنڌ جي مشهور ۽اديب ۽ اهل قلم، شاعر شيرين بيان ۽ نڪته سنج و نڪته دان، مرحوم ”بلبل“ جا سنڌي ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي خدمت ڪئي آهي، ان جو اعتراف، هر مڪتب فڪر جي پاران دل کولي ڪيو ويو آهي.

        ”بلبل“ مرحوم جو دور، 18 صدي جي پڄاڻيءَ ۽ 19 صديءَ جي اوائل جو دور آهي. پاڻ 1857ع ۾ پيدا ٿيا 1919ع ۾ وفات ڪيائون. اهو دور سياسي ۽ سماجي خيال کان مسلمان قوم جي حيات نو ۽ جدوجهد جي سلسلي ۾ نازڪ ۽ تاريخي دور هو. مرحوم بلبل، پنهنجي قلم سان ان دور ۾ جنهن جدت آفرين ۽ ندرت آميز، اسلوب ۽ پيرايه بيان ۾ نڪته سنجي ڪئي آهي، اها هڪ تاريخي خدمت بنجي چڪي آهي.

        مرحوم بلبل جي تاليفات کي شايع ٿي، لڳ ڀڳ مني صدي گذري چڪي آهي. اڄ زماني جي رفتار ٻي ٿي چڪي آهي، پر بلبل جي فن جي افاديت ۽ اهميت، اڄ به اهڙي تازي نظر اچي رهي آهي، جو ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ هن دور جي ترجماني ڪئي وئي آهي.

        بلبل جا سڀ ڪتاب، پراڻي دور جي فن طباعت ۾ شايع ٿيا هئا، جن مان ڪي ليٿو ۾ آهن ته ڪي ٽائيپ ۾ آهن. ظاهر آهي ته اچ کان پنجاهه-سٺ سال اڳ، ان فن به نئين تجربي ۾ وک وڌائي هئي. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ڇپائيءَ جي سونهن، توڙي مواد جي صحت جو اهڙو قابل قد و مثال موجود ٿي نه سگهيو آهي.

        بلبل مرحوم جا ڪتاب به ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ چند ٽائپ وارن کان سواءِ، غلطين جو شڪار رهندا آيا آهن ۽ اڪثر ڪري ڪمياب، بلڪ ناياب ٿي 

 

چڪا آهن. مون ڪتابن جي دوباره اشاعت جي سلسلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ“ کي پيشڪش ڪئي. نهايت مسرت حاصل ٿي، جڏهن بورڊ پاران ڪتابن جي ڇپائي منظور ڪرڻ جي فيصلي کان مون کي آگاهه ڪيو ويو.  

        ان طرح ڪتابن جي صحت ۽ ايڊٽ جي سلسلي ۾، منهنجي ٻي پيشڪش کي به بورڊ عزت بخشي. ان لاءِ به آءُ بورڊ جي شڪريه ادا ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان.

        مون ان سلسلي ۾، اسان جي هموطن ۽ پياري دوست، سنڌ جي مشهور صاحب فن، اهل قلم، اديب، شاعر، نقاد ۽ محقق، عزيزم گرامي صاحب جو نالي پيش ڪيو هو، جو منهنجي نظر ۾ بلبل جي تاليفات ۽ ان جي صحت ۽ تعارف لاءِ نهايت موزون انتخاب چئي سگهجي ٿو.

        ان سلسي ۾، بلبل جي تاليفات کي گڏ ڪرڻ جو مسئلو، اسان سڀني لاءِ حيران ڪن ٿابت ٿيو. چند ڪتابن ۽ قلمي مسودن کان سواءِ، مون وٽ سڀ ڪتاب موجود ڪين هئا، ان ڪري دوستن احبابن ۾ ڦولهه ڪئي وئي. ڪجهه ڪتاب ته جناب گرامي صاحب وٽ اڳي ئي موجود هئا، باقي جو ڪجهه به مسودن جي صورت ۾ مون وٽ موجود هو، اهو سارو ذخيرو نقل ڪرائي، گرامي صاحب جي حوالي ڪيم

        گرامي صاحب، ”مهراڻ“ رسالي جي ادارت ۾ عديم الفرصت نظر آيو. وقت گذرندو ويو، اسان جي عجلت شعاريءَ، اسان کي وڌيڪ انتظار ڪاٽڻ کان ٿڪائي وڌو. نيٺ مون پنهنجن ٻين دوستن جي تعاون سان ”ديوان بلبل“ تيار ڪرايو. ان ۾ تشريحي وضاحت ۽ مقدمي جي اضافي ڪري، ضخامت جو سلسلو دراز ٿي ويو، جو في الحال شايع ٿيڻ کان رهجي ويو.

        ان وچ ۾، جناب گرامي صاحب سان خط و ڪتابت جو سلسو جاري رهيو.

        مدت مديہ جي انتظار کان پوءِ جناب محمد ابراهيم جوبي صاحب کان اها خوشخبري ملي، ته گرامي صاحب، ڪم کي شروع ڪيو آهي، ۽ ديوان بلبل سان گڏ، ٻيا به ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب درست ڪري رهيو آهي. ان بشارت کي غنيمت سمجهي، ان جي تڪميل تائين انتظار ڪندو رهيس. تان جو گرامي صاحب جو فرمائشي حڪم پهتو ته ديوان بلبل جي تصحيح ۽ نقل جو ڪم پورو ٿي چڪو آهي.  ان لاءِ، تعارف جا ٻه لفظ اوهان کي لکڻ گهرجن.

        بلبل جي ديوان کي ڏسي نهايت مسرت ٿي. ڪيترا مغلق ۽ منجهيل اشعار، جي نه ڪو پڙهڻ ۾ ٿي آيا ۽ نه ڪي سمجهڻ ۾ ٿي آيا، سي نه فقط گرامي صاحب درست ڪيا، پر ان سان گڏ انهن جي تشريح به ٻڌائي.

        ان کان پوءِ منهنجي ”ٻه اکر“ 1- اهو مطالعو شروع ٿيو. مون معذرت ڪئي ته آءُ جو ڪجهه به لکندس، ان کي مبادا، ”پدرم سلطان بود“ جي طعن و تشنيع جو شڪار ٿيڻو پوي، پر گرامي صاحب جي حجت ۽ دليل اسان جي معذرت کي ناقابل قبول قرار ڏنو. گرامي صاحب چيو ته، ”آلو لد سرّ الا بيه“، ”بلبل“ تي ٻين گهڻن لکيو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مناسب آهي ته اوهان جي قلم مان به ڪجهه لکيو وڃي، شرط جي پوئواري ڪئي وڃي. لهٰذا، بسم الله ڪري لکڻ شروع ڪيم. اميد ته اهي ٻه اکر قبول پوندا.

        مرحوم”بلبل“ جي فن ۽ شخصيت تي سوچيندي، اقبال جو هي شعر برمحل نظر اچي ٿو، فرمائي ٿو:

                هزارون سال نرگس اپني بي نوري پي ورتي هي

                بڙي مشکل سي هوتا هي، چمن مين ديده ور پيدا!

        ان شعر جي شرح، نه معلوم ناقدن ۽ شارحن ڪهڙي ڪئي آهي، پر منهنجي ناچيز سمجهه ۾ اقبال جو اهو اشارو، ”وليءَ، عاشق ۽ شاعر ڏانهن ٿيل آهي.ڇا لاءِ  اهي ٽيئي مقدس هستيون، قوم لاءِ مثل ”رُوح، دل ۽ زبان“ جي آهن، يعني قوم جا اهي ٽيئي رئيس عضوا آهن اهي ”حق“، ٻين لفظن ۾ ”حسن“ جا متلاشي، شناسا، جو بنده، پاينده ۽ گوينده آهن. هو پرده غيب کي، ٽيلڪسوپ يا ٽيسٽ ٽيوب سان نه، پر ذوق، ذڪاء، حس، ادراڪ ۽ ڪشف جي ذريعي، چاڪ ڪري، حقيقت جي تصوري کي هو بهو ڏسن ٿا، ۽ ڏسي ڪري، ڪنن هوندي ٻوڙي ۽ اکين هوندي انڌي ۽ قوم اڳيان ان کي، عام فهيم قول ۽ فعل، اشارات ۽ ڪنايات ۾ پيش ڪن ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح قوم جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ، قدم قدم تي رهنمائي ڪن ٿا.

        اهو به خيال ۾ رکڻ گهرجي ته نبوت، ولايت جو اعليٰ درجو آهي ۽ مجذوبيت، عشق جو ادنيٰ درجو آهي. باقي رهيا سائنسدان ۽ فلسوف، جي پڻ حق کي ڳولڻ جي هام هڻن ٿا، سي دنيا جي اسٽيج تي مذڪور بالا، اعلٰيٰ ڪردارن ۾ ائين آهن، جئن مسخرو، جو ”هيرو“ جي هر هڪ حرڪت جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، سامعين جي خوش طبعيءَ جو سبب پيدا ڪندو آهي.

        مولانا ظفر علي خان مرحوم جو هي شعر:

        جو نقطه ورون سي کهل نه سکا، جو فلسفيون سي حل نه هوا،

        وه راز، اک کملي والي ني، بتلاديا چند اشارون مين.

        مٿي عرض ڪيل فرق جي تصديق ۽ تائيد ڪري، ”ڪشف ۽ ادراڪ“ جي قوت کي، مشاهدي ۽ منطق، دليل ۽ حجت ئي فوقيت ڏئي ٿو.

        جيڪڏهن غالب مرحوم:

                عشق پر زور نهين هي يه وه آتش غالب،     

                که لگائي نه لگي، اور بجهائي نه بني.

        عشق جي بجاءِ، شعر جي باري ۾ چوي ها ته جيڪو درست هجي ها، ڇو ته شعر تي پڻ ڪو به زور ناهي.

        جيڪڏهن عاشق لاءِ، حافظ:          

        هرگز نه ميرد، آن که دلش زنده شد به عشق،

        ثبتست، برجريده عالم، دوام ما.

چيو آهي، ته، شاعر کي وري، ”الشعراء تَلاميذالرحّمان، سان ياد شاد ڪيو ويو آهي.

        اسان وٽ، هڪ شاعر دلريش چيو آهي ته:

        ”شاعر پراين ٻڌل ڳالهين سان هرگز ٻڌل ناهي، بلڪ سچو شاعر ذاتي تجربات ۽ دلي جذبات کي قلمبند ٿو ڪري، ۽ قومي شاعر، قوم ۽ ملڪ جي ڏکن ۽ دردن جي ترجماني ٿو ڪري، سو به جيسين قوم جي ڏکن ۽ دردن کي پنهنجو ڏک ۽ درد نه سمجهندو، تيسين سندس ڪلام ۾ اثر جو پيدا ٿيڻ مشڪل ئي ناهي، پر هڪ محال امر آهي.“

        اهو بلڪل صحيح، پر منهنجي ناچيز راءِ اڃا ٻه-ٽي ڏاڪا مٿي آهي. ذاتي تجربات ۽ دلي جذبات ڇا، معاملو ڪشف ۽ ادراڪ تائين پهچڻ گهرجي. قوم جي ڏک جي ترجماني ڇا، خود قوم جي ڏک ۽ احساس جو مجسٿمو ٿيڻو ٿو پوي. شاعر، قوم کان جدا ڪا چيز ناهي، ”شاعر قوم آهي ۽ قوم شاعر آهي،“ ٻنهي ۾ هڪ قسم جو اتهاد ۽ عينيت ٿا پيدا ٿين. ايتريقدر جو:

        تاکس نه گويد بعد زين، من ديگرم تو ديگري!

        ان طرح خوشي ۽ غم، ترقي ۽ تنزّل به بيروني ۽ عارضي ڪيفيتون آهن، جن جي اصلاح ته ٻيا ماڻهو به ڪري سگهن ٿا. شاعر قوم جي انتهائي غرض ۽ غايت کي مدنظر رکي ٿو ۽ سندس ذهني ۽ جذباتي انقلاب سان دلچسپي رکي ٿو. عاشق فقط هڪ فرد کي محبوب ۽ مطلوب رکي ٿو، پر شاعر ساري قوم کي!

        هن خيال کي مسز سروجني نيڊو، مولانا حاليءَ جي وفات جي سالياني موقعي ٿي تقرير ڪندي، صاف لفظن ۾ ادا ڪيو آهي ته:

        ”حاليءَ کي قدرت طرفان، صحيح پيشگوئيءَ ڪرڻ جي صلاحيت عنايت ٿيل هئي ۽ هن جي ڪلام جي وڏي خوبي اها هئي، جو سندس ڪلام تمام سليس ۽ دلنشين انداز ۾ هو، سندس لفظ اهڙا ته آسان هئا، جي ٻهراڙيءَ جون زالون به آسانيءَ سان سمجهي سگهنديون هيون“.

        اها آهي چند لفظن ۾ سچي شاعر جي سچي حقيقت، يعني حقيقت جو انڪشاف ڪرڻ ۽ عام فهم انداز ۾ بيان ڪري عمل جي جوش پيدا ڪرڻ جي قوت رکڻ. پهرئين ڪلام لاءِ ”ولايت“ ٻئي لاءِ ”علم“ ۽ ٽئين لاءِ ”عشق“ جي ضرورت آهي. شاهه لطيف ڇو اهڙو مقبول آهي؟ ڇو ته هو انهن ٽنهي چيزن جو مرڪب آهي. هو ُولي“، ”عاشق“ ۽ ”شاعر“ ٽنهي جو جامع ۽ لطيف ”امتزاج“ هو، هو بيڪ وقت ولي به هو، ”شاعر“ به هو ۽ عاشق به هو.

        هاڻي وري اهو سوال ٿو اٿي ته ”شاعر“ حقيقت جو انڪشاف عام ٻوليءَ ۾ ته ڪري ٿو، پر ان جو ”اظهار“ ڪهڙي مقصد سان هئڻ گهرجي؟ ان مسئلي تي اقبال جي هڪ شارح چيو آهي ته ”شاعري جذبات جي اظهار جو ذريعو آهي ۽ هوءَ انهن جي ترجماني پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪندي آهي. ان طرح شاعريءَ کي ان ڳالهه سان به واسطو ناهي ته جذبات جو اثر حيات انسانيءَ تا ڇا ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو شاعرانه طرز ادا لاءِ نه ڪو مقصد آهي ۽ نه مصلحت، اسان ان تي ڪا به روڪ وجهي نٿا سگهون، سواءِ انهن جي جيڪي بندشون ”فن بهّ تقاضائي فن“ هو پاڻ پنهنجي لاءِ تجويز ڪري.“

                        (اقبال کا مطالع، مولف سيد نذير نيازي)

        مٿئين پيش ڪيل تاويل سان منهنجو اختلاف آهي. مٿئين نقاد، اهو نظريو انگريزيءَ شاعريءَ جي انهي ٽوليءَ مان ورتو آهي، جن جو گويا تڪيه ڪلام ئي آهي ته ”فن برائي فن“ هئڻ گهرجي ۽ فن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ”ماڻ“ آهي. فن جو موازنو، ڪنهن به ٻئي معيار سان نه ڪيو وڃي، يعني ان کي ڪنهن ٻي منزل مقصود جو ذريعو نه ڄاڻڻ گهرجي. بلڪ هو پاڻ پنهنجي لاءِ منزل مقصود آهي.“

        خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو خود انگريز اديبن مان ئي ان گروهه جي مخالفت جا رج برنارڊشا جي اڳواڻيءَ هيٺ ٿي چڪي آهي. اهي به هاڻي اڳين راءَ تي نظرثاني ڪري رهيا آهن.

        ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڪو به ”فن“ ممّد حيات نه آهي ته پوءِ اهو ”فن“ ڪهڙي ڪم جو؟ اهڙي جن کي ”فن“ ڪيئن چئبو: ”فن“ جي منتها، ته ”فن“ کان ٻاهر ڳولڻ گهرجي. رڳو ذريعي کي مقصد نه قرار ڏيڻ گهرجي.

        اوائلي يوناني فلسفي جي هڪ قول موجب، سموري ڪائنات جو ماڻ، پاڻ انسان آهي، هر فن جو قدر ضرور ان لحاظ سان ڪبو ته انساني زندگيءَ تي ان جو ڪهڙو اثر ٿيو. جيڪڏهن ڪو فن، انساني حيات کي سنواري درست ڪري، قوّي ۽ زڪي ڪري ٿو ته پوءِ اهو فن ڪامل چئبو، پر جي ان جو اثر زندگيءَ کي ڪيرائڻ، ناپاڪ ڪرڻ، ناس ڪرڻ، ڪمزور ڪرڻ ثابت ٿيندو ته پوءِ اهو فن مردود ۽ ناقص شمار ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو نالي ”فن“ نه، پر ”فتنو“ هئڻ گهرجي.

        ان نقطه ء نظر سان شاعريءَ کي به محض ”ادائي جذبات“ يا ”اظهار جمال“ يا ”انڪشاف حقيقت“ تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي. بلڪ مذهب وانگر ان کي حيات انسانيءَ جي تمام طرفن۽ گهراين تي طاري سمجهڻ گهرجي ۽ ان کي زندگيءَ جي معنيٰ، منزل جي حس ۽ اد راڪ پيدا  ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ جو اوزار تصور ڪرڻ گهرجي. بس هوا ئي شاعريءَ جو ڪمال آهي، جنهن کي ”رومي“: ”جزوبست از پيغمبري“ سان ياس ڪرڻ فرمايو آهي، ۽ علامه اقبال ان کي ”تنقيه حيات“ سڏيو آهي. ان لاءِ ئي آيو آهي. اِنّ مِنَ الشّعر الحِکمَتهَ.

        اهو ئي سبب آهي جو شاعر کي رڳو فني ڪمال جي اعتبار سان يا پبلڪ جي فقط ڪنهن خاص حصن تي اثر وجهڻ جي  لحاظ سان نه توريو، ڇو ته مصلح ۽ مضّر ٻنهي قسمن جي شاعري مقبول ٿي سگهي ٿي. اهڙي شاعري به موجود آهي جا قوم ڪاهليءَ، عياشيءَ تباهيءَ جا درياءَ وهائي. انساني زندگيءَ کي پست ۽ تباهه ڪري ڇڏي ٿي ۽ اصل مقصد ۽ غرض ۽ غايت کان هٽائي ۽ برغلائي ڇڏي ٿي.

        ٿورن لفطن ۾ اگر چئجي ته پوءِ ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته شاعريءَ لاءِ معيار اهو ٿي سگهي ٿو ته ڏسڻ ۽ پرکڻ گهرجي، ته ان انسانذات جي غرض ۽ غايت کي ڪيتريقدر واضح ڪيو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيتري مدد ڏني. ان طرح قومي شاعري، ان جي انهيءَ حصي کي چئبو، جا ڪنهن خاص قوم سان، يا خاص وطن سان تعلق رکندڙ هجي.

        ان سلسلي ۾ ڪو به فڪر ڪرڻ نه گهرجي، جيڪڏهن اڄ قوم جو شيرازو بگڙي ويو آهي ۽ قوم جا رئيس عضوا شَل ۽ لاغر ٿي ويا آهن، ته پوءِ بيشڪ مٿيون ذڪر ڪيل ٽيئي زبردست شخصيوتون،هن زماني جي برڪت چئجي يا حرڪت چئجي، فورڊ جي موٽرن وانگر ڪثرت ۾پيدا ٿيون آهن، جي پنهنجو قدر ۽ قيمت به وڃائي چڪيون آهن، پر اهي سڀ عارضي لغزشون سمجهڻ گهرجن. جن کي اصلوڪي منصب ۽ مقصد جي تڪذيب ۾ نه شمار ڪرڻ گهرجي. نه ڪو مايوس ٿي گهرجي. فقط ضرورت اها آهي ته شاعريءَ جي اعلٰي مقصد کي دوباره نظر ۾ آڻڻ گهرجي. ان جي صحيح مثالن کي مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن شاعرن جي جذبات، حالات ۽ خيالات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن شاعرن جي ڪلام ۽ پيغام کي پنهنجي دؤر ۾مشعل راه بنائڻ گهرجي.

        ايتري تمهيد کان پوءِ آءُ هت هڪ اهڙي شاعر جو ذڪر ڪندس جو زور مَسَ، يعني محض علمي قابليت ۽ مشق سان نه، پر قد رتي طرح سان، شاعرانو ملڪو حاصل ڪري پيدا ٿيو هو، جو سنڌ جي ادبي گلستان جو ”بلبل“ هزار داستان هو. جنهن جي زندگي، سچ پچ ”گل ۽ بلبل“ جي قصي وانگر گذري چڪي آهي. جنهن جي حياتيءَ جون پويون گهڙيون به ساز ۽ سخن جي جهوليءَ ۾ گذيون. جنهن جي شاعري، مُني صديءَ  گذرڻ کان پوءِ به مقبول ۽ زندهه آهي. جنهن کي سنڌ جي محقق ناقدن، پير حسام الدين راشدي، مرحوم ”بسمل“، مرحوم حاجي خادم، سيد علي اڪبر شاهه، مولانا گرامي صاحب، خليل صاحب، سنڌ جو سعدي، حالي ۽ اڪبر الهه آباديءَ قرار ڏنو آهي. جنهنجي صدا، ”صدائي قوم“ هئي. جنهن اڄ جي سياسي، اخلاقي، ذهني ۽ديني خرابين جو احوال ۽ انهن جو علاج پنجاهه سال اڳ قلمبند ڪيو آهي. جنهن جي شعر وشاعري، مٿي ذڪر ڪيل معيار موجب، بلڪل پوري آهي. اهو به ياد رهي ته جو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، سو رڳو فرزندانه محبت ۽ جذبثه عقيدت جي پيداوار ناهي، اگرچ منهنجي عمر ءٌ تجربي، علم ۽ مطالع وارو ڪو  به  فلسفي جو شاگرد، هن معاملي ۾ ذاتيات کي بالائي طاق رکي، منصف مزاجيءَ سان مون وانگر ئي راءِ زني ڪري ٿي سگهيو؛ ان هوندي به کوهن ۽ ماڻهن جا وات ڪنهن به بند نه ڪيا آهن؛ تنهنڪري ”پدرم سلطان بود“ جي طعني کان بچڻ لاءِ مون مٿيون طريقو، لامحاله اختيار ڪيو آهي ۽ ٻين محققن جي خيالن ۽ راين ڏانهن اشارو ڪيو اٿم.

         اها به هڪ عجب جهڙي حقيقت آهي ته سنڌ جو مايه ناز نڪته سنج ۽ شاعر شيرين بيان، مرحوم ”بلبل“ نه ڪنهن ،مشهور تعليمي درسگاهه جو سَنَد يافته هو ۽ نه ڪنهن جيّد ۽ قادر الڪلام شاعر وٽان شاعري سکيو هو.

        مرحوم ”بلبل“ ميهڙ جهڙي مردم خيز سر زمين ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي جي ننڍن مڪتبن ۾، ان زماني جو مروج درس، سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهيو هو، پر پوءِ ڪتابن جي محدود دنيا کان جلدي بيزار ٿي هن دنيا جي جامع ۽ جذبات ۽ احساس جو درس حاصل ڪيائين ۽ ڪائنات جي ڪتاب جي ورق گرداني شروع ڪيائين. مرحوم ”بلبل“ اهو علمي سفر، پنهنجي خداداد ذهن ۽ زڪاء جي ذريعي سان سالن جو مهينن ۾ ۽ مهينن ۾ پورو ڪيو.

        مرحوم ”بلبل“ ان جي ابتدا 1872ع ۾ انجنيري کاتي ۾ داروغپ جهڙي ننڍڙي ملازمت ۽ مشغوليءَ سان ڪئي. پر سرڪاري نوڪريءَ جي پابندي، ”بلبل آزاد“ کي گويا ٻوساٽڻ لڳي. سندس انتهائي قابليت، سليقه شعاري، ڪلام جي فصاحت ۽ طبعي خوش ذوقي، اديبانه ۽ شاعرانه بود و باش کي ڏسي، هڪ انگريز انجنيئر کيس سڃاڻي ورتو ۽ ساڻس دوستي ۽ آشنائي پيدا ڪري، کيس قديم زماني جو هڪ قيمتي ،شاهنامه فردوسي تحفه طور ڏئي، گويا مرحوم جي علمي، سمند ذوق تي تازيانه هنيائين. اهو نسخو اڄ دهليءَ جي عجائب گهر ۾، مرحوم حامد علي ڪليڪٽر جي معرفت مرحوم ”بلبل“ جي نالي عطيه طور موجود ۽ محفوظ آهي.

        جڏهن ته ميهڙ جهڙو ننڍو شهر مرحوم ”بلبل“ جي علمي ۽ ادبي قابليت ۽ لياقت لاءِ پورو پئجي نه سگهيو، تڏهن مرحوم کي ڪراچيءَ جي مرڪزي شهر ۽ ان جي علمي ۽ ادبي، ملڪي ۽ سماجي مرڪز ڪشش ڪري ڇڪي ورتو.

                   ميهڙ کان ٻاهر نڪرڻ جو هڪ ٻيو به ظاهري سبب هو، مرحوم ”بلبل“ پنهنجي خاندان ۾ ننڍي ۾ ننڍو چوٿون ڀاءُ هو. سندس ٻيا ٽي ڀائر زمينداريءَ جي ڪمن ۾ مصروف هئا ۽ زمينداريءَ سان گڏ، راڄن جا چڱا مڙس به هئا. مگر ”بلبل“ ، جو رڳو مطالعي ۽ علمي مشغلن ۾محو رهندو هو، تنهن کي رئيسيءَ ۽ زمينداريءَ سان ڪا به دلي وابستگي نه پيدا ٿي. جسماني ۽ ذهني بار کي جڏهن ته برداشت ڪري نٿي سگهيو، تڏهن لازمي طور سارو بار سندس ڀائرن تي پيو. زمينداريءَ جي ڪَڪ ڪندڙ ڪاروبار، راڄن جي نبيري-نکيڙيءَ جي روزمرهه واري ڪلڪل  ۽ پٽ-سٽ کان آجي ٿيڻ لاءِ، ميهڙ مان ٻاهر نڪري، آزاديءَ جي عالم ۾ڪم ڪرڻ لاءِ تياري ڪيائين ۽ پنهنجي ئي شعر تي عمل ڪيائين، جنهن ۾ چيو اٿس:

        ”دنيا سندا تماشا، گهر کان نڪر ته ڏسندين“،

        آخرڪار، مرحوم بلبل، 1889ع ۾ڪراچيءَ پهتو، سنڌ جي سر سيّد، مرحوم خانبهادر حسن علي افنديءَ جي جوهر شناس نگاهه، مرحوم ”بلبل“ کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس پنهنجي سياسي، سماجي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست، رفيق، معاون ۽ دست راست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. بقول مولاناگرامي:

              ”مرحوم بلبل جي هيءَ حياتي، مرحوم حاليءَ جي لائيف وانگر هئي. سر سيّد مرحوم جي راهه ۾ جو سنگ گران حائل رهيو، تنهن کي مولانا حاليءَ پنهنجي شعر ۾ بيان سان دور ڪيو. قدامت پرستي، شخصيت پرستي، تنگ دلي ۽ بدرسومات جي مذمت ڪري، سرسيّد  جي ڪم لاءِ ميدان صاف ڪيائين، تيئن مرحوم ”بلبل“ ان وقت ۾، سنڌ محمدن ائسوسئيشن جي پاران، معاون، اخبار جي چارج، سنڌ جي سرسيّد جي ايماء ۽ اشاري تي ورتي ۽ چارج وٺندي ئي مرحوم حاليءَ وارو ڪم شروع ڪيائين. سندس پر زور ۽ پر جوش ظريفانه ۽ فلسفيانه، رنگين ۽ دلنشين مضمونن ۽ شعرن کي پڙهي، سنڌ جا ماڻهو حيران رهجي ويندا هئا. آخرڪار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس تنقيدي خيالات ۽ تعميري جذبات جو بي پناهه اثر پيدا ٿيو. مرحوم ”بلبل“ تعليم جهڙي خشڪ مضمون کي دلچسپ بنائڻ لاءِ اهڙا ته عمدا، رنگين ۽ مدلل مضمون کي دلچسپ بنائڻ لاءِ اهڙا ته عمدا، رنگين ۽ مدلل مضمون لکيا، جي اڄ به قابل غور آهن. سنڌيءَ زبان کي پنهنجي ظريفانه رنگ سان اهڙو ته شيرين ۽ نمڪين ڪيائين، جو ان جو اثر جادوءَ وانگر ٿيڻ شروع ٿيو. سندس ظريفانه اشعار، ظرائف، قلمي نوڪ جهوڪ، ندرت آميز تحرير جي سببان هر هنڌ ”بلبل بلبل“ جي وائي وات هئي. اديبن ۽ شاعرن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن، ميرن ۽ پيرن، حاڪمن ۽ وزيرن وٽ سندس قابليت ۽ صلابت راءِ جو چرچو ٿي ويو. مرحوم بلبل، مذاق ۽ ظرافت سان، مرحوم افندي لاءِ ائين ميدان هموار ڪيو، جيئن حالي مرحوم، رئڻ ۽ رئارڻ، تنبيهه ۽ نااميديءَ سان مسدس لکي، مَسَ مَسَ پيدا ڪري سگهيو هو“.

                     بيشڪ مولانا گرامي صاحب جو مٿيون تجزيو، بلبل جي طريقي ڪار جي بلڪل صحيح تصوير آهي.

                            سندس تعريف ۾، ڪن وقتن تي، خود مرحوم افنديءَ جي واتان هي لفظ نڪرندا هئا. چوندو هو: ”مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان، ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟“

                                 الغرض مرحوم افنديءَ جي سڀني ڪمن ۽ تحريڪن ۾ مرحوم بلبل سندس قلمي تعاون ڪندو آيو.دکن ائگريڪلچرل رليف ايڪٽ جو سوال، جڏهن مرحوم افنديءَ هٿ ۾کنيو، تڏهن مرحوم بلبل سندس مشير خاص جي حيثيت سان رفيق ڪار رهيو.

        ان طرح پوني جي ڪميشن، جڏهن افندي مرحوم کي گهرايو، تڏهن ڪاغذن تيار ڪرڻ جو بار، مرحوم بلبل جي ذمي ڪيو ويو. مرحوم ”بلبل“ ٿوري ئي عرصي ۾،سنڌ جي سڀني آبادگارن جو احوال گهرايو ۽ ضلعي وار انهن اکرن سان ياد داشتون تيار ڪيون، جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي زمين ۽ ملڪيت جي نيڪال جا انگ اکر گڏ ڪيل هئا. ان طرح قرضن ۾، جي وياج تي وياج هلندا هئا، سي به بلبل مرحوم وڏي محنت سان گڏ ڪيا، آخر مرحوم آفندي کيس پوني ڏانهن پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ وقت بوقت ڪميشن اڳيان، شاهدي ڏيندي،بلبل کان نوٽ وٺندو رهيو. هن حيرت انگريز محنت ۽ انگن اکرن جي وسيع دنيا ۽ هر فقري کي حيرت انگيز حوالن سان مدلل ڏسي، خود انگريز ميمبر به حيران رهجي ويا. آخرڪار ”بلبل“ جي ڪاوش نتيجه خيز ثابت ٿي، ڪميشن متاثر ٿي ۽ سنڌ سان اهو دکن ايگريڪلچرسٽ رليف ايڪٽ لاڳو ٿيو، جنهن جو فائدو، انگريز جي دؤر  ۾ ڪافي طرح سان مسلمانن حاصل ڪيو ۽ ملڪيتون بچايون. اڄ سوڌو سنڌ جا آبادگار،سول ڪورٽن ۾ ان جو فائدو وٺي رهيا آهن. ان جي اهميت کان مسلمان وڪيل چڱيءَ طرح سان واقف آهن.

                      مرحوم بلبل کي سنڌ جي صحافت ۾ به  اوليت جو شرف حاصل آهي. ”بلبل“ پهريون شخص هو، جنهن سڌي ادب ۾ صحافت کي هڪ زنده ۽ اثرائتي فن جي حيثيت ۾ روشناس ڪرايو. اخبارون ته هونءَ ٻيون به اڳي پوءِ جام نڪتيون، پر منجهن ”بلبل“ وارو دلپذير رنگ ۽ ڍنگ نه پيدا ٿي سگهيو. مزاح ۽ مذاق، طنز ۽ ظرافت جي رنگيني ۽ چاشني، نيوز کان وٺي ويوز تائين قائم رکڻ،  بلبل جو ڪم هو. ٻين کان ان جي تقليد ٿي نه سگهي. جنهن اخبار ۾ سندس ڪو مضمون شايع ٿيندو هو، اها شهرت جي اعليٰ مقام تي پهچندي هئي. مرحوم بلبل جي مسيحا نفسيءَ سا ڪيئي مرده اخبارون توڙي رسالا زنده ٿي پيا.

                    مدرسته الاسلام ڪراچي جو ماهوار رسالو ”جامع اللعلوم“ مولوي ميان محمد عثمان نورنگ زاده، معلم الفقه (جنهن جي ديني تصنيفات خصوصاََ تفسير ”تنوير الايمان“ سنڌ ۾مشهور آهي) جي ادارت هيٺ نڪرندو هو مگر اهو رسالو ڪن سببن ڪري مقبول ٿي نه سگهيو. چنانچه ڪن اهل علم دوستن جي صلاح تي، مسٽر وائينس، پرنسپال مدرسته الاسلام، ان رسالي جون واڳون بلبل جي هٿ ۾ ڏنيون. نتيجو اهو ٿيو جو رسالي جون واڳون بلبل جي هٿ ۾ ڏنيون. نتيجو اهو ٿيو جو رسالي جي آشاعت ۽ شهرت ۾ اضافو ٿيو. هونءَ به ان دؤر  ۾ اهڙو ڪو به رسالو يا اخبار نه شايع ٿيا هوندا، جن متعلق ساڻس صلاح ۽ مشورو نه ڪيو ويو هوندو، يا نالو نه رکايو ويو هوندو، يا افتتاح نه ڪرايو ويو هوندو. نئين اخبار يا نئين رسالي جي شروعات بلبل جي مضمون يا نوٽ سان ڪرڻ، سعادت جو نشان يا بسم الله سمجهي ويندي هئي.

        مرحوم آفنديءَ جي وفات کان پوءِ، مرحوم بلبل جي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي رحلت سبب، کيس پنهنجي وطن ميهڙ ۾ امور خانه داريءَ ۽ زمينات کي سنڀالڻ لاءِ مجبور ٿي موٽڻو پيو. هي اهو وقت هو، جنهن ۾ سندس شناسائي جو سڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رائج هو.

        ميهڙ ۾ رهندي، ڪيترن اخبارن جي ايڊيٽري کيس اَڇي وئي، پر پاڻ وطن کان ٻاهر نه نڪتو.

              اول هڪ هندڪي اخبار، ”ڪراچي گزيٽ“ جو ايڊيٽر ٿيو، جا هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي، جنهن ۾ سندس ظريغانه مضمون پوندا هئا. وري ٻي اخبار ”خير خواهه“، لاڙڪاڻي جو چار سال کن ايڊيٽر رهيو، ان طرح حيدرآباد جي

هفتيوار ”مسافر“ جو پڻ ايڊيٽر ٿيو. ان کان، ”آفتاب“ سکر جو ايڊيٽر تادم حيات رهيو. سکر جي اخبار ”الحق“ جي ادارت کان اول ته انڪار ڪيائين، پر پوءِ آهستي آهستي ان اخبار جي ادارت به سندس ذمي ٿي ويئي.

        مرحوم بلب جي ان دؤر، ڪيترا نوان نوان اهل قلم پيدا ڪيا، جن کانئس صحافت ۽ مقاله نگاريءَ جي تربيت حاصل ڪئي. سنڌ جو مشهور مورخ ۽ محقق جناب مولائي شيدائي به سندس تربيت يافته آهي، جنهن جي علمي ۽ قلمي صلاحيت کي مرحوم بلبل جي دور رس نگاهه تاڙي ورتو هو؛ پاڻ کيس پيشنگوئي طور چيو هئائين: ”مان ڏسان ٿو ته تون اخباري دنيا ۾ چمڪندين.“

        مرحوم ”بلبل“ جي تعليمي ۽ سماجي خدمات جو سلسلو پڻ وسيع آهي. تعليمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت، پر اڻر تقريرون، نصاب جا درسي ڪتاب، ڪانفرنس جا ٺهراءَ، پمفلٽ، اخبارن جا مقالا، آفيسرن کي مشورا، اهي سڀ اهي عملي ڪم آهن، جي تاريخي حيثيت رکن ٿا.

        1902ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تڏهن مسٽر ٽي. ايڇ.وائينس، اسپيشل اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ مسٽر ڪي، ايف، دهلوي، خط لکي، بلبل کان سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ضرورت متعلق رپورٽ حاصل ڪئي ۽ کيس دعوت ڏيئي، اها رپورٽ، ڪانفرنس ۾ پيش ڪرائي. اها رپورٽ اهڙي ته مقبول ٿي، جو سموري، ريزوليشن جي صورت ۾ پيش ڪري، پاس ڪئي وئي. ان جو ذڪر ڪانفرنس جي رپورٽ سال 1918ع، مطبوعه علي ڳڙهه جي 52 صفحي تي پڻ آيل آهي.

        اسڪولن جي نصاب ۾ فارسي داخل ڪرائڻ جو ريزوليشن به مرحوم بلبل جي ڪتاب تان ورتل هو، ان جو محرّڪ خود کيس بنايو ويو ۽ نواب وقارالملڪ ۽ مولانا حاليءَ جي فرمائش تي، پاڻ نهايت رنگين ۽ شيرين، فصيه ۽ بليغ فارسيءَ ۾ بر محل، برجسته، مدّلل ۽ پر زور تقرير ڪري، ساري ڪانفرنس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. ان تقرير جو داد، خود نواب وقار الملڪ ڏنو، جو وقت جو صدر هو. ان ريزوليشن جي تائيد  به نواب وقار الملڪ ڪئي هئي. اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي فارسي نصاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي. ان رپورٽ جو سمورو مسودو، بلبل صاحب جي ڪتاب ”مسلمان ۽ تعليم“ ۾ موجود آهي، جو سال 1918ع ۾ شايع ٿيو هو.

        مرحوم ”بلبل“ جي نغمه ريزيءَ جي غلغلي ڏانهن نه فقط سنڌ ۽ هند جا علمي حلقا متوجهه ٿيا، پر ان سان گڏ، سندس قدر دانيءَ ۽ حوصله افزائيءَ جي سلسلي ۾، خيرپور ميرس جي رياست اهڙو حصو ورتو، جهڙو حيدرآباد دکن جي رياست، هند جي عالمن جي سرپرستي ڪندي، ورتو هو.

        خيرپور جا علم دوست والي، ۽ اهل علم، فارسيدان ۽ شاعر  به ”بلبل“ جي فن ۽ شخصيٿ جا مداح ۽ گرويده رهيا.

        مرحوم ”بلبل“ سندن علمي ۽ سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ جي فارسي قصيده پيش ڪيا، سي قابل ديد ۽ لائق تحسين آهن. انهن تي کيس معقول انعام پڻ عطا ٿيندو رهيو. سندس مجلس ۽ محفل ايراني شاعرن جي موجودگيءَ ۾، معرڪه آرائي ۽ نغمه سنجيءَ تي خود فارسي شاعر به داد ڏيندا هئا.

        مرحوم ”بلبل“ پاڻ چوندو هو ته

        ”افسوس! آءُ اهڙي وقت م پيدا ٿيس جو ڪو به قدردان ڪو نه آهي، ورنه تخيّل جي بلندي، اڃا ڪجهه اور هجي ها!“

ياد رهي ته دربار خيرپور، ان وقت سنڌ جي مسلمانن جي سياسي ۽ اخلاقي بيداريءَ لاءِ خاص مرڪز بنجي چڪي هئي. ساريءَ سنڌ جي بهتريءَ جون تحريڪون اتي پيدا ٿينديون هيون ۽ پوءِ ساريءَ سنڌ ۾ عمل ۾ اينديون هيون.

        هن رياست جي سياست ۽ خدمت جي تاريخ ۾، ٽن وزيرن جا نالا قابل ذڪر آهن: شيخ صادق علي، سردار محمد يعقوب، ۽ شيخ محمد ابراهيم، اهي سمورا مرحوم بلبل جا دوست هئا، جن سان مرحوم ”بلبل“ گڏجي، علمي ۽ ادبي، ملڪي ۽ سماجي خدمت جو دور گذاريو.

        مرحوم ”بلبل“ جي تعليمي خدمات کان سندس وطن ميهڙ به مستفيض ٿيو. سندس برپا ڪيل هاءِ اسڪول، اڄ تائين موجود آهي. مرحوم بلبل ڪيترن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن، سماجي جماعتن جو ميمبر پن رهيو. 1917ع ۾ کيس آنريري بئنچ مئجسٽريٽ جو چيرمن مقرر ڪيو ويو ۽ ڪمشنر جو درباري پڻ ٿيو. سندس شخصيت کان ڪمشنر نهايت متاثر رهيو. مسٽر لارينس، ڪمشنر سنڌ، کيس هڪ خط ۾ لکيو:

        ”سرڪار محسوس ڪيو آهي ته اوهان مسلم قوم جا همدرد ۽ بهي خواه آهيو، ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري بابت، اوهان جيڪي رايا پيش ڪندا آهيو، سي اسان عزت واريءَ نگاهه سان ڏسندا آهيون“.

        مرحوم ”بلبل“ جي قومي غيرت ۽ اسلامي حميٿت لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته جڏهن مرحوم ”بلبل“ جي لکڻ تي، مارچ 1913ع ۾،”انجمن هلال احمر“ جو وفد، ترڪيءَ لاءِ امداد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾، سيٺ حاجي عبدالله هارون جي سرڪردگيءَ ۾، ميهڙ ۾ آيو، تڏهن زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ سندس ڪيل ولوله انگريز تقرير جادوءَ جهڙو اثر ڪيو ۽ ترڪي فنڊ لاءِ ، رپين جا ڍير لڳي ويا؛ ايتريقد جو هڪ صاحب ته بي اختيار ٿي، پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڏنو، جو نيلام ڪري 125 رپين ۾ وڪيو ويو.

        ان موقعي تي تقرير کان پوءِ، مرحوم بلبل، جيڪا في البديهه نظم پڙهي، اها سندس هم عصر ماڻهن کي اڄ سوڌو ياد آهي، ان جا ٻه -ٽي شعر هن ريت آهن:

        هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،

        اجها هي زَر، اجهي زيور، اجهي هي گهَر، اجهي هي سر.

ان هڪ شعر تي، جو رقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، جو ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا آهن.

        ان نظم جو مطلع هن ريت هو:

        ڀلي  آيا، ڀلي اي سر گروهه قوم، دين پرور،

        مجاهد جي سبيل الله، فائز في هلال احمر.

        اوهان جي خاص خدمت آ، خدا جي راهه ۾، ورنه،

        ڪئي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا، ڪٿي هي بَر!

        اها پرجوش نظم، خاصي طويل آهي، جا هت نقل ڪرڻ جي گنجائش نه آهي.

        ”بلبل“ مرحوم، باوجود علمي، ادبي، سياسي مشغولين جي، ديندار، صوم و صلوٰته جو پابند، اهل سنڌو الجماعت جو صادق الاعنقاد فرد، شرعي مسئلن جو ماهر، ديني مطالعي وارو، عالمن ۽ اديبن جو يار، پيرن ۽ فقيرن جو محسب ۽ صحبتي، نقشبندي طريقي ۾ راسخ الايمان مريد، ذڪر وفڪر، سوز ۽ سامان وارو پڪو مسلمان هو.

        پاڻ پنهنجي مسجد ۾ اڪثري، پنج ئي وقت، امامت جا فرائض ادا ڪندو هو. سندس وضع قطع نهايت پاڪيزه، پر ڪشش ۽ رعبدار هوندي هئي؛ لباس باوقار، شرعي سونهاري، ٻٽوئان وار ۽ مٿي تي دستار ٻڌندو هو. هميشه دين جي عالمن سان تبادله خيالات ڪندو هو. سندس ديني ڪتابن جي بيش بها لئبريري ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڏي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو، جنهن ۾ تفسير، حديث، فقه، تاريخ، تصوف، سيرت، سوالح، مناظره، فلسفه، عروض، لغت ۽ منطق تي وڏا وڏا مستند ڪتاب موجود هئا، جي سندس مطالعي ۾رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ، عالمن جي گهڻي عزت ڪندا هئا.

        اهل سنڌ جماعت سان وابستگيءَ جو سندس اهو حال هو جو پنهنجي اولاد لاءِ وصيت لکي ويو آهي ته، ”اگر ڪو فرد، ڪڏهن به سنت جماعت کان ٻاهر ٿي وڃي ته پوءِ کيس منهنجي ڇڏيل ملڪيت کان دستبردار ڪري، ساري ملڪيت وقف ڪئي وڃي.“

        مطلب ته هند ۽ سنڌ ۾ شهرت يافته اديب، عالم ۽ شاعر ۽ بلند شخصيت جو مالڪ، اخبار نويس، اهل قلم، ميرن ۽ پيرن جي مجلسن ۽ محفلن جو مور، سياسي ۽ تعليمي اڳواڻ ٿي ڪري، دين جو هيترو قدر ڪري، نمازون پڙهي، امامت ڪرائي، دل کي قوم ۽ دين جي درد سان معمور رکي. اِها سندس اُها بي مثال وصف آهي، جا هن دؤر ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ، سياستدان، تعليمي اڳواڻ، اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ فاضل شخص ۾ مشڪل سان نظر ايندي.

        جڏهن کيس ڪن دوستن، ملڪيت وڌائڻ لاءِ چيو، تڏهن پنهنجي ڪتابن جي لئبريريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين:

        ”پنهنجي اولاد لاءِ هيءَ دولت گڏ ڪيو ٿو وڃان، جا لازوال آهي، مفيد آهي ۽ بي بها آهي!“

        مرحوم ”بلبل“ پاٽ جي نقشبندي بزرگ، مخدوم نظام الدين رحه   صديقيءَ وٽ، بيعت ڪيل هو. ان کان سواءِ ان دور جو وڏو عالم ۽ مجذوب مولانا ميان غلام صاحب (جنهن کي ”ڏاڏو، ڪري چئبو آهي)، وٽن رهندو هو، جنهن سان سندن روح رهاڻ رهندي هئي. ان طرح مولانا مجزوب جو ٻيو ڀاءُ، مولوي غلام نبي صاحب ۽ حافظ ڪمال الدين به سندس جليس ۽ رفيق رهيا.

        قرآن ۽ حديث جي حقائق ۽ معارف تي، سندس گهري نظر هئي. ان سلسلي ۾پاڻ سر سيد احمد جي، ”غزاليءَ“ تي ڪيل تنقيد جو جواب پڻ لکيائين، اهو سارو دفتر اڄ به گرامي صاحب وٽ موجود آهي. اهو جواب، سر سيد احمد جي ڪتابن تي، نهايت باريڪ خط ۾ لکيل آهي، جنهن جو قدر مطالعي کان پوءِ علم وارا لڳائي سگهن ٿا. ان جواب ۾ قرآن ۽ حديث مان اهڙا ته مدلل حوالا ڏنل آهن، جن کي هوند گڏ ڪري، ڇپائجي، جن جي مطالعي سان، سرسيد جي نيچريت جي ترديد ٿئي ٿي.

        مرحوم بلبل جي مطالعي ۽ حافظي، دين ۽ ان جي تعليمات ۾ سمجهه ۽ فهم جو هڪڙو واقعو هن ريت آهي ته  هڪ ڀيري، پنجاب کان هڪڙا ٻه وڏا عالم، کان پڇندي پڇائيندي، اچي سنڌ ۾ نڪتا، سندن اختلافي مسئلو، ڪافي عالمن سڳورن وٽ پيش ٿيو، پر ڪٿي به حل نه ٿيو. سنڌ ۾ اتر سنڌ کان هليا، لاڙڪاڻو ۽ سکر ضلعا لتاڙي، اتفاق سان اچي ميهڙ نڪتا. سندن بلبل مرحوم سان به ملاقات ٿي؛ حالي احوالي ٿيڻ تي عالمن سڳورن، پنهنجو مسئلو بيان ڪيو. مرحوم بلبل ٻڌي، غور ڪري، آيت جي سياق ۽ سباق تي نظر وجهندي، هڪ اهڙو ته تعبير پيش ڪيو، جنهن ان اختلافي مسئلي لاءِ هڪ سلجهيل راءِ پيدا ڪئي. عالمن سڳورن جو شڪ شپهو دور ٿي ويو ۽ خوش ٿي، ان غير متوقع جاءِ تان پنهنجو مقصد حاصل ڪري، واپس وريا. هڪ ڀيري، رمضان شريف ۾، تراويحن پڙهائيندي، حافظ کي هڪ  هنڌ ٽاڪاڻو پيو، جنهنڪري، پوين آيتن کي ور ور ڪيو پئي دهرايائين، پر اڳيون آيتون سندس حافظي ۾ نٿي آيون. اتفاق اهڙو جو جماعت ۾ اهڙو  حافظ يا قاري ڪو نه هو، جو بروقت کيس لقمو ڏيئي سگهي. حافظ صاحب جڏهن ٽيون ڀيرو، ساڳين آيتن جو تڪرار ڪيو، تڏهن جهٽ، ”بلبل“ مرحوم کيس لقمو ڌنو، ۽ حافظ صاح، روان دوان ٿي ويو. نماز جي ادائگيءَ کان پوءِ، حافظ صاحب، مرحوم بلبل کان پڇا ڪئي ته آيا اها سوره اوهان کي ياد هئي ڇا؟ ”بلبل“ وراڻيو، ته نه، اوهان جو ٻه-ٽي ڀيرا سوره جي هر هڪ حصي کي پئي دهرايو، ايتري ۾ ان جي مضمون ۽ معنٰي تي غور ڪرڻ  سان گڏ، عبارت  آرائي، بندش، وزن، بحر ۽ قافيه جي مناسبت تي به غور ڪندو رهيس، ائين ڪندي، زبان تي بي ساخته صحيح لفظ تري آيا، ۽ مون چئي ڏنا، خدا ڪيو جو درست نڪتا، ورنه مون کي اها سوره بلڪل ياد نه هئي.

        ”بلبل“ جي سيرت ۽ حالات زندگيءَ مان ئي سندس شخصيت جو پتو پوي ٿو. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪين آهي ته، سندس جاذب ۽ پُرڪشش شاعريءَ ۽ بيان جو سبب خود سندس شخصيت به هئي.

        پارسيءَ واري، انسان  کي ڪشش جي لحاظ مان ٽن گروهن ۾ تقسيم ڪيو آهي: پهريون گروهه غذا مثال آهي، جنهن کان سواءِ انسان هڪ دم به گذاري نٿو سگهي؛ ٻيو گروهه دَوا مثال آهي، جنهن سان ڪنهن خاص وقت ۽ خاص مطلب تي واسطو رگي ٿو. جيئن بيمار، فقط صحت ٿيڻ تائين دوا جو محتاج رهي ٿو، تيئن، ڪن ماڻهن سان به انسان ذات جو تعلق مريض ۽ دوا وارو رهي ٿو ۽ ڪنهن خاص مقصد ۽ وقت لاءِ رگي ٿو.

        ٽيون گروهه خود مرض جي مثال آهي، جنهن کان انسان ذات جو هر فرد جان بچايو پيو هلي! ڦاسڻ جي وقت ۾ هزار ڪوششون ڪري جند جان خلاص ڪندو آهي.

ان مثال موجب، ”بلبل“ کي پهرئين قسم سان تشبيهه ڏجي ته اها بلڪل بجا آهي. مرحوم ”بلبل“ مردن جو مور هو. جن ڏٺو، سي ٻڌائين ٿا ته سندن وعبدار گفتگو، محفل تي جادو ۽ رنگ چاڙهي ڇڏيندي هئي. سندس گرم گفتاريءَ اڳيان  ڪوڪڇي نه سگهندو هو. اهڙي جاذب نگاهه وضع قطع ۽ فطري شوخيءَ ۽ دلاويزيءَ سان گڏ سيرت به اهڙي خوشنما ۽ پرڪشش هئس، جو سندس ديدار لاءِ دوست احباب به ديوانه وار پيا ڦرندا هئا. سندس مُرڪ ۽ خوش گوئي، گهڻن لاءِ غذائي جان جو اثر رکندي هئي. وڏا ته وڏا، پر ٻار به سندس مشفقانه ۽ پدرانه شفقت کان مسرون رهندا هئا. مطلب تي سڀ ڪنهن پهلوءَ تي جاذب نگاهه ۽ دلاويز هو.

        ان ملو ڪتَ کي سنڌيءَ ۾ هنن لفظن سان ياد ڪيو ويندو آهي؛ ”ڪنهن جو کِلڻ به خواري، ڪنهن جا ويڻ به ورونهه.“

        اهو ذاتي تجربو آهي ته، گفتگو ۽ ڪلام، دليل ۽ حجت به تيستائين اثائتا نٿا ٿين، جيستائين صاحب-ڪلام جي شخصيت ۾ ڪا قوت تسخير نٿي ٿئي.

        ”بلبل“ جي ان قوت تسخير جا ڪيئي واقعا موجود آهن، انهن مان هڪ-ٻه واقعا پيش ڪجن ٿا:

        مرحوم بلبل جي دوستن مان هڪ آخوند ميان عطا محمد خان رئيس اعظم مٽيارن وارو هو، جو ڪجهه وقت ميهڙ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ٿي آيل هو. سندس بنگلو، بلبل جي بنگلي جي ڀرسان هو. اتي هڪ موقعي تي جناب آقا پي حسن جان سرهندي تشريف فرما ٿيو. پير صاحب جن جي تشريف آوريءَ تي. سڄي ميهڙ تعلقي جا مريد خادم اچي گڏ ٿيا، انهن سان گڏ شهر جا معزز

۾ ٿي ويٺا. اندريون ڪمرو ته چڪار ٿي ويو، پر ٻاهريون هال، توڙي آڳر ۾ به ماڻهو ويهي ويا. پير صاحب جي رعب ۽ ادب ڪري، هرڪو خاموش هو. مرحوم ”بلبل“ کي به پير صاحب جن جي ملاقات لاءِ دعوت مليل هئي، ”بلبل“ مرحوم ٻاهرئين در کان داخل ٿيندي ئي مٿيون سناٽي وارو منطر ڏٺو؛ ڌٺائين ته هرڪو منهن منهن ۾ وجهيو، چپ چاپ بي زبان ٿيو ويٺو آهي، اهو ڏسي سندس طبيعت جوش کاڌو ۽ ائين چوندي خاموشيءَ جي مهر کي توڙيندي ، اڳتي وڌندو رهيو ته:

        ”اڙي بابا! چُپ ڇو آهيو، ڪنڌ گوڏن ۾ ڇو هنيا اٿو، چپن کي چونو ڇو لڳايو اٿو؟ اڙي، رحمت جو ابر، ميهڙ جي ڀونءِ تي وسي رهيو آهي، فيض وٺو، خوش ٿيو، ڳالهه ٻولهه ڪريو، پڇو، ڪُڇو، دل جا غبار ڪڍو. اڙي! ڪو ڪاربهر نانگ ته اندر ڪو نه ويٺو آهي، جنهن جي ڊپ کان سُسي سوڙها ٿيا آهيو؟“

        ائين چوندي، جيئن پير صاحب وٽ پهتو، تيئن مرحبا مرحبا ڪندي پير صاحب جن اٿي کڙا ٿيا. ساڻس مغلگير ٿيا ۽ کيس ڀرسان ويهاريائون ۽ دلي مسرّت جو اظهار فرمايائون. ”بلبل“ جي ايندي شرط محفل جو رنگ ئي بدلجي ويو، ماڻهو سرها ٿيا، گفتگو شروع ٿي. هونءَ جو پير صاحب جن سان ڪنهن کي ڳالهائڻ جي جرات ئي نٿي ٿي، سا مُهر ٽُٽي. هر ڪو آجو ٿي ويٺو ۽ دستوري نموني ۾ محفل مچي ويئي. هيءُ هڪ مثال آهي، جنهن ۾ اسلامي برادريءُ ۽ برابريءَ کي پڻ ترجيح ڏني ويئي ۽ مرحوم ”بلبل“ جي بي تڪلف شخصيت تي پڻ روشني پوي ٿي.

        ٻيو واقعو ڪراچيءَ جو آهي. ان دؤر ۾ ڪراچي ۾، بمبيءَ مان ٿيٽر ايندا هئا، انهن ۾ زنده ماڻهو ڪردار ادا ڪندا هئا. سئنيمائن جو دؤر گهڻو پوءِ آيو آهي.

 ان وقت هڪ پارسي عورٿ جو ڪراچيءَ ۾ ٿيٽر لڳو، جنهن ۾ به فقط سنڌ جا، پر پنجاب ۽ بلوچستان جا به وڏا وڏا رئيس ۽ سردار شامل ٿيا. ”بلبل“ مرحوم به پنهنجي سنگت سان، اڳين ڪوچن تي وڃي ويٺو، ۽ ٿيٽر جي پارسياڻي مالڪه پڻ ونگ جي اوٽ ۾، وڏيءَ ڪرسيءَ تي ليٽي، اداڪارن جي اداڪاريءَ جو معائنو ڪرڻ لڳي. کيل هلندي، جلدي ڪو ٽريجڊيءَ جو منظر پيش ڪيو ويو. اهو ايترو ته زهره گداز هو، جو ساري مانڊي ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ کل خوشيءَ جي بدران ماتم ڪده مچي ويو. اهڙي هنگامه خيز هل حشر ۾، اوچتو پهرين قطار مان مرحوم ”بلبل“ اٿيو ۽ سڌو اسٽيج تي چڙهي ويو. وڃڻ سان ان پارسياڻي ملڪه کي چوٽيءَ کان گِهلي ٻاهر ڪڍيائين ۽  کيس ڪڙڪو ڪري چيائين: ” اس سين کو بند کرو، هم يهان روني کي لئي  نهين آئي هين، روني کي لئي هماري پاس اور درد ناک نظاري موجود هين، هم يهان تفريح کي لئي آئي هين.“

        اهو نظارو ڏسي، حال ته پوري مانڊي ۾ سناٽو ڇانئجي ويو! پارسياڻي عورت، نهايت عاجزيءَ سان ٻانهون ٻڌي، ”بلبل“ مرحوم کي چيو: ”آپ تشريف رکهين، مين ابهي ابهي کهيل بدلو نواد يتي هون“، ائين چئي پردي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنائين. لحظي ۾ وري پردو کنيائون ۽ کلائيندڙ ڪامڪه شروع ڪيائون.

        هي واقعو اگرچه ظاهر ۾ معمولي نظر ٿو اچي، پر هڪ شخصيت جي بيباڪيءَ ۽ وقت سر سچائيءَ جو دليل آهي. جذبات جي شدت سان گڌ عمل جي دليري به ان ۾ سمايل آهي. ممڪن آهي ته ٻئي ڪنهن جي اهڙي حرڪت کي بيجا مداخلت تصور ڪيو وڃي ها، يا ڪي چوندا  ته مائي صاحبه ڪا ذي فهم هئي، جنهن ان قسم جي اظهار خيال کي به پنهنجي فني ڪمال لاءِ داد ڪري سمجهيو. هائو، پر اهڙي روش کي داد ڪري مڃائڻ لاءِ به ته ڪا شخصيت گهرجي.

        ايک وه تهي کي، تها هر بات مين ان کي جادو،

        ايک مين هون کي ميري آه مين تاثير نهين.

        ٽيون واقعو اهو آهي ته هڪ ڀيري ”بلبل“ مرحوم پنهنجي مطالعي  جي ڪمري ۾ ويٺي ڪجهه لکيو. سندس سامهون سؤ کن قدمن تي ٻاهر، گهرجي در تي ڪو پينو فقير پنهنجي عادت موجب، سَين ٿي سين جي ڌم لڳايو بيٺو هو، پر سندس آواز اندر نٿي ٻڌو، نڪو ڪا ٻانهي ڌر تتيءَ جو شايد ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار هئي. پر مڇٽو فقير دانهن  مٿان دانهون ڪري، اوڙي پاڙي جو سک ڦٽائي ڇڏيو. لازمي طرح سان ”بلبل“ مرحوم جو خيال به ٽُٽو، سو پري کان رڙ ڪري چيائين: ”فقير بابا، هن مهل ماڻهو ڪونهي، معاف ڪر.“ فقير ٺهه پهه جواب ڏنس: ”سائين، پل پهر لاءِ تون ئي کڻي ماڻهو ٿيءُ!“ ”بلبل“ کان بي اختيار کِل نڪري ويئي. قلم ڇڏي، انعام طور کيسي ۾ هٿ وجهي پنج رپيا ڪڍي ڏنائينس، ۽ چائينس: ”فقير لک رپين جو سبق ڏنو اٿئي! هي نذرانو قبول پوي!“

        ان طرح وڏڙا ٻڌائين ٿا ته ”بلبل“  جڏهن اڃا ننڍو هو، تڏهن عاشورن جي ڏينهن تي پنهنجي ڀاءُ ۽ سنڀاليندڙ کان بوٽ لاءِ پنج رپيا وٺي، شاهي بازار ڏانهن ويو. واٽ تي وڏي پِڙَ وٽ، پِٽَ ڏسڻ بيهي رهيو. ان مهل نهايت رقت انگيز ماحول هجي-- ماڻهن کان ڳوڙها وهي رهيا هئا، دهلن ۽ شرناين وارا به ڪافي رنگ پيدا ڪيو بيٺا هجن، تڏهن خبر پئي جو مليل پنج رپيا ڪڍي، اوسارن وارن تان گهوري، دهلارين کي ڏنائين، ۽ پاڻ ائين ئي گهر موٽي آيو! سندس اهو عمل، سندس راڳ سان فطري تعلق ۽ شعر وشاعريءَ جي اثر انگريزيءَ سان وابسته هو، جو اڳتي هلي وڏي اوج تي رسيو.

        راڳ سان دلچسپيءَ جي اها حالت رهي، جو جڏهن سندس زخم کي ٽُڪي ڏيڻ لاءِ حجام کي آندائون، تڏهن راڳيندڙن جي ٽولي گهرائي، انهن کي حڪم ڪيائون ته ”راڻو سُر ڳايو!“ ڳائڻن هڪ طرف راڻو ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي طرف حجام سندن زخم کي ٽُڪو ڏنو، ان وقت نڪو انجيڪشن هڻندا هئا، نڪو ڪلو روفارم سنگهائڻ جو رواج هو. ”بلبل“، راڳ جي اثر ۽ ڪيفيت ۾ مستفرق رهيو، حجام هو. ”بلبل“، راڳ جي اثر ۽ ڪيفيت ۾ مستغرق رهيو، حجام سندس ساري پُٺيءَ تان ڳڙ کي ڦاڙي، ڪو ري ڪڍي ڦٽي ڪيو ۽ ٻه - ٽي سير ڪپهه جا وجهي پٽي ڪيائين. ان کان پوءِ راڳ بند ڪيو ويو. بلبل چوندو هو: ”راڳ روح لاءِ آهي، ان ۾ بدن جو ڪو به حصو ناهي! راڳ تي سِر وڍجي ويندو، پر ذرو به پتو نه پوندو.“

        بهرحال ”بلبل“ مرحوم جي شخصيت ۾ متضاد عناصر جو اجتماع نظر اچي ٿو، جو علم النفس جي روءِ کان بلڪل دلچسپ ۽ تعجب خيز آهي. تقرير جي ڪمال سان گڏ تحرير جو ڪمال، رنگين مزاجيءَ سان گڏ مذهب پرستي، موسيقيءَ ۽ فني وابستگيءَ سان گڏ نماز پنجگانه جي امامت، شاعرانه ظريفانه فڪر ۽ نظر سان گڏ عالمانه سنجيدگي ۽ متانت، ظرافت آميز ٽوٽڪن ۽ نقلن، لطيفن ۽ نڪتن سان گڏ ٺيٺ اسلامي ڪتابن جي تاليف، مهمان نوازيءَ ۽ سخا سان گڏ قناعت ۽ ڪفايت ۽ باقاعدي حساب ڪتاب رکڻ، رعبدار ۽ جلالت واري رنگ سان گڏ عاجزي ۽ انڪساري، غريبنوازي ۽ خوشمزاجي، قومي ليڊرن، سياستدانن ۽ تعليمي ماهرن سان گڏ زميندارن سان اٿڻ ويهڻ، ميرن ۽ پيرن سان شناسائيءَ ۽ تقرّب سان گڏ، گفگتو ۽ رهاڻ ۾ وقار ۽ سنجيدگي، دنياداريءَ سان گڏ دينداري، سهڻي صورت سان گڏ سهڻي سيرت، پنهنجي دور جي رئيس اعظم جي رئيس اعظم هجڻ سان گڏ، ذڪر ۽ فڪر سان مشغولي ۽ طريقه نقشبند يه ۾ بيعت، قرآن ۽ حديث جي شب و روز مطالعي سان گڏ ٿئيٽر ۽ ناٽڪ ڏسڻ -- اهي سڀ گُڻ هڪ هنڌ جمع ٿي وڃن ۽ انهن مختلف متضاد عنصرن جو هڪ شخصيت جي زير اثر ٿي، پاڻ ۾ سازياز ٿي نباهڻ ۽ سُرساز سان هلڻ، واقعي هڪ انوکي ۽ عجيب ڳالهه آهي. خود مرحوم ”بلبل“ جو چوڻ:      

                صنم به خواب وخدا درنظر، چه خوش يادا،    

                شب گناهه، نماز سحر، چه خوش يادا،

                مڪان نفيس وبتان، مهه لقا، زمان ياور،

                يه ترک اين همه، حجِّ سفر، چه خوش يادا،

        منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته فني ڪمال جو سنگ بنياد، عمدي شخصيت ۽ اعلٰي اخلاق آهي. ”ڪا به شخصيت، اخلاق کان سواءِ فني ڪمال حاصل ڪري نه سگهندي. جي ڪجهه حاصل ٿيو به ته اهو جٽاءُ نه ڪندو. ان جو عمد و مثال، انگريزي ادب ۾ ”اوسڪار“ جي زندگيءَ مان ملي ٿو. سندس اخلاقي نقص سندس فني ڪمال جي چوٽي نيٺ ڊاهي وڌي.

        اهو فني ڪمال، جو دل جي صداقت ۽ دماغ جي طراوت تي بيٺل ناهي، جنهن کي سڄي شخصيت جي قوّت ۽ ٽيڪ نصيب ناهي، سو نيٺ ڊهي پوندو.

        بلبل مرحوم پنهنجي فن ۽ شخصيت ۾ ڪمال رڳو ان ڪري حاصل ڪري سگهيو، جو سندس سڀ قوتون، دل وجان سان پنهنجي عمل ۾ لڳل رهيون، هن پنهنجي فن کي منزل مقصود تائين رسايو. جيڪي پئي چيائين اهو سچ پچ ٻئي ڄاتائين، ۽ جيڪي پئي ڪيائين، ان کي درست پئي سمجهيائين. هن ان کي پنهنجو مسلڪ ۽ مشن، مذهب ۽ مشرب ڪري پئي ڄاتو. سندس شخصيت يڪ سوئيءَ، يڪ خياليءَ ۽ يڪ وجوديءَ تي قائم هئي، جنهنڪري هو ڪامياب رهيو. عجب آهي جو متضاد ۽ مختلف عناصرن ۾ تناسب رهيو، انتشار نه ٿيو؛ پختگي رهي، ڪمزوري نه آئي. سندس ڪاميابي ۽ خوش نصيبي اها هئي، جو پڇاڙيءَ تائين سندس خيال ۽ عمل ۾ تناسب قائم رهيو.جو ڪجهه سندس دماغ ٿي سوچيو، سو دل ٿي گهريو، جو دل ٿي گهريو، سو هٿن ٿي ڪيو.

        ان قسم جون جامع ۽ باڪمال شخصيتون تمام ٿوريون پيدا ٿين ٿيون. هن قحدالرجال ۾ اهڙا ماڻهو ڪمياب آهن، پر ناياب ناهن.

        اسان وٽ ”هڪا رانجهو لکان جيها“ جي مصداق، جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جي شخصيت آهي، جنهن بابت مون گرامي صاحب کان ٻڌو ته گهڻو هو، پر جڏهن کين دادوءَ ۾ ڏٺم، تڏهن هڪ جامع شخصيت جا معيار ۽ انوار سندس نفسياتي تحليل مان ڳولي لڏم. پيريءَ سان گڏ فقيري، فقيريءَ سان گڏ اميري، راڳ ۽ رنگ جي مهارت سان گڏ شعر و شاعري، صورت به سهڻي ۽ سيرت به سهڻي! رياست ۽ سياست سان گڏ راڄداري ۽ مريدن جي نگهداري، علمي ڪانفرنس جي صدارت ۽ فقيرن ۽ عالمن سان محبت، علم ۽ ادب جي فروغ لاءِ ادارا ۽ رسالا، اخبارون ۽ ڪتاب، تصنيف ۽ تاليف، دل ۽ دماغ جي طراوت لاءِ ادبي مجلسون ۽ راڳ ڪانفرنسون، اهي سڀ گُڻ هڪ اعليٰ شخصيت جا آهن.

        مرحوم بلبل لاءِ سندس همعصر عالمن جو ڪجهه چيو آهي، ان جو ورجائڻ طوالت جو سبب ٿيندو.

        سندس شاگرد رشيد ۽ مشهور شاعر، ماستر جمع خان ”غريب“ هڪ مضمون ۾ هن طرح ”بلبل“ جي تصوير پيش ڪئي آهي.

لکي ٿو:

        ”بلبل جي گفتگو سنجيده ۽ باوقار ، موزون ۽ مختصر هوندي هئي. نثر توڙي نظم ۾ سندس طبع، رسا ۽ روان هوندي هئي. سندس دل، دماغ، ڪَنَ غ زبان اهڙا ته تيز ۽ کليل هوندا هئا، جو ساڳي وقت شعر جو شغل به ڪندو هو ته ويٺلن سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو رهندو هو. هر ڪنهن ڏي هڪ نظر ڦيرائي، سڀ ڪجهه سمجهي ويندو هو. سندس چپن تي هميشه نت نئين مرڪ نمودار ٿيندي هئي. اهڙو ماڻهو اسان وري نه ڏٺو آهي...“

        بلبل جي فني مقام جي نسبت ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته جڏهن سنڌ جي شعرو شاعريءَ جي مڪمل ۽ مدلل تاريخ اڃا تائين نه لکي وئي آهي،تاهم مسلم ادبي سوسائٽيءَ پاران ڇپيل سنڌ جي ادبي تاريخ غنيمت آهي. ان جي ٻئي ڀاڱي ۾ مرحوم ”بلبل“ لاءِ پڻ مختصر تفارف موجود آهي. ان طرح شمس العلماء علامه دائود پوٽي پڻ ”سرها گل“ ۾مختصر نوٽ آندا آهن. ان طرح ”الوحيد آزاد سنڌ نمبر“ ۾ مرحوم مولانا وفائيءَ به مختصر ذڪر ڪيو آهي. بلبل جي فن تي مرحوم محمد صديق ”مسافر“، محترم حاجي محمود ”خادم“، ڊاڪٽر خليل، حافظ مرحوم ”بسمل“، ۽ مولانا گرامي جا مقالا، ۽ ”نئين زندگي“ ماهوار رسالي جو ”بلبل نمبر“ پڻ مطالعي ڪرڻ جهڙا آهن. مرحوم محمد صديق ”مسافر“ مختصر لفظن ۾ هن طرح ”بلبل“ جي فن جو تعارف ڪرايو آهي، لکيو اٿس:

        ”ميان شمس الدين ”بلبل“ انهن چند شخصن مان هڪ آهي، جي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي سان، عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن. سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي، ايتري ٿوري وقت ۾، ۽ ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ، ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي، جهڙي مرحوم ”بلبل“ کي حاصل ٿي. سندس ڪاميابي جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي. روايت آهي ته پاڻ نهايت ئي سليقه دار، خوش طبع ۽ با تميز آدمي هو. دهقاني آدمي ته سندس گفتگو تي موهت رهندا هئا ۽ مهذب شهري به گهٽ متاثر نه ٿيندا هئا. سندس فطرت جي رنگ ڪري سندس شعر ۾ جابجا اڻ ڏکوئيندڙ خوش مذاقيءَ جا فقرا موجود آهن. سندس علميت غير معمولي هئي. پاڻ فارسيءَ ۽ عربيءَ مان چکيءَ قدر واڪف هو. سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر تي مائل هئي، ۽ پريندي اردو، فارسي زبان ۾ شاعري به ڪئي اٿس. تنهن کان پوءِ سندس خيال اباڻي ٻوليءَ سنڌيءَ ڏي مبذول ٿيو. سندس ”ديوان بلبل“ گو مختصر آهي، مگر آهي وڻندڙ، جنهن ۾ رسمن رواجن، اجائي نٽ شٽ ۽ مغربي تهذيب جي پيچ ۾ آيل نوجوانن تي بعضي جاين تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي.

     ديوان جي آخر ۾ ”ڪرياما نيچرل“ آهي، باقي غزلن ۾ اعليٰ درجي جو شاعرانه مذاق آهي. سندس خيال جي شستگي، مضامين جي پختگي، لفظن جي بيهڪ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دل کي هڪدم پاڻ ڏي ڇڪيو وٺي.“

                (تحفه ساليانه مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ)

        ان طرح حاجي محمد ”خادم“ مرحوم، هن طرح سنڌي شاعريءَ جا دؤر لکيا آهن. لکي ٿو:

       ”پهريو دؤر اهو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي عروض موجب سنڌي شعر چوڻ ۾ ڪين ايندو هو. فقط سنسڪرتي شبدن جي طرز تي لوڙائو بيت، ڏور، ڪافيون ۽ وايون گهڙيون وينديون هيون، جن لاءِ وزن ۽ قافيه جي پڇا ڪانه هوندي هئي. ڪو اهڙو سنڌي زبان جو مطلب رکندڙ جملو، جو ڪنهن خاص سر يا لانڍ يا آلاپ ۾ پورو ٺهڪي ايندو هو، ته ان کي مصرع چوڻ ۾ ايندو هو. اهڙن ٻن -ٽن مصرعن جي مجموعي کي ”شبد“ يا ”بيت“ ڪري ڪوٺبو هو ۽ اهڙا مصرعا ڏيڍا، منا، ٻيڻا يا اڍايا ڪري، راڳ ۾ ڳائڻ سان وائيءَ يا ڪافيءَ جي صورت اختيار ڪندا هئا. هن پهرئين دؤر جي آخرين ترقيءَ جي منزل، قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف تي اچي پوري ٿي، جنهن ۾ ٿورو قافيه جو بنياد پڻ پوڻ لڳو.

        ”ٻئي دؤر جي ترقيءَ جي ابتدا خليفي گل محمد ”گل“ کان ٿي. هن دور ۾ عربي، فارسي طرز تي عروض جي ڪن خاص ۽ محدود بحرن ۾ سنڌي شعر چوڻ ۾ آيو ۽ اگرچ ڪوشش گهڻي ڪئي وئي ته سنڌي شعر عربي ۽ ايراني عروض جي آغوش ۾ اچي پلجي جوان ٿئي، ته به قافين جون غلطيون ٿيڻ لڳيون. قبر، نظر، بحر اثر، شڪر، سحر سفر، حشر، عقل،فرض، غرض وغيره لفظن جي تقطيع ۾ ڪو به تفاوت رکڻ ۾ نه ايندو هو ۽ محبت، مشقت، مروّت، جهڙا لفظ بروزن ”الفت“ ڪري آندا ويندا هئا. قافيي ۾ سوٽ، ڄاموٽ، ڪوٽ، اک ٻوٽ، نوٽ وغيره جو فرق ڪرڻ ۾ ڪو نه ايندو هول. ۽ ذوق شوق سان روڪ ۽ ٽوڪ جا قافيا جام نظر ايندا هئا.    

        ”ٽيون دور موجود ۽ هلندڙ دور آهي، جو رئيس شمس الدين ”بلبل“ مرحوم کان شروع ٿيل سمجهڻ گهرجي. هن دور ۾ لغت ۽ قافين جا نقص گهڻو ڪري دور ڪيا ويا آهن ۽ عروض جي 19 بحرن مان 12 بحر، جيڪي اردوءَ ۾ اڪثر مستعمل آهن، سي مروّج ٿي چڪا آهن،“

        ان سلسلي ۾ مولانا گامي صاحب پڻ سنڌي شاعريءَ کي ستن دورن ۾ تقسيم ڪري دليل  ڏنا آهن. اهو سارو مضمون درج ڪرڻ کان گهڻو آهي.

        هر هڪ دؤر مان چند فقرا نقل ڪجن ٿا:

        (1) پهرئين دور ۾، قاضي قاضن جي هندي ڏوهيڙي واري شاعري شروع ٿي، جا شاهه ڪريم تي تڪميل تي پهتي.

        (2) ٻئي دور ۾، ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ ”الف“ واري قافيه ۾ ٿي. ان ۾ ٺٽي جي مخدومن جا ديني ۽ فقهي ڪتاب، سادي شعر ۾ پيدا ٿيا.

        (3) ٽيون لطيف جو دور آيو. ان ۾ موضوع ۾ جدت ۽ ندرت، ڪلام ۾ رنگيني ۽ شيريني پيدا ٿي. عارفانه ۽ عاشقانه رنگ پيدا ٿيو. سنڌي زبان جو ادبي سرمايو استعارن ۽ ڪتابن سان وڌيو. خشڪ انداز بيان جي جاءِ تي دلاويزاسلوب پيدا ٿيو.

        (4) چوٿين دور ۾ ”سماع“ بي ساز شروع ٿيو. مولود، مداحون، مرثيا ۽ مناقبا لکيا ويا ۽ ٺيٺ نعتيه ۽ مدح جا مضمون، شعر جي ساغر ۾ پلٽيا ويا.

        (5) پنجون سچل جو دور هو، جنهن ۾ لطيف جي اعتدال پسنديءَ ۽ رمزيت کي رنداز ۾ پيش ڪيو ويو. ”انا الحق“ جو نعرو بلند ڪري، رسم ۽ روح جي وچ ۾ آيل ديوار کي ڊاٺو ويو.

 

ڇهون دور، آخوند، ”گل“ کان شروع ٿيو. فارسي طرز تي غزل چيا ويا. اهو غزل جي عبوري ۽ تجربي وارو دور هو. خيال سادا هئا. رديف ۽ قافيي جا تامحات جام رهيا، لفظن جي صحت به قائم نه رهي. ان دور ۾ فاضل شاهه، سانگي مرحوم، گدا، مرتضائي، حافظ ”حامد“، واصل، قادري، قليچ، آخوند قاسم وغيره بهترين شاعر آهن 

        (7) ستين دور جي ابتدا ”بلبل“ کان ٿي. ”بلبل“ هر پهلوءَ تي لکيو. قومي، عاشقانه، ناصحانه، اخلاقي، طنزيه، ظريفانه، نظم، غزل ۽ مثنويون وغيره. سندس قصيدا، قطعا، زياده رنگين ۽ دلنشين، بلاغت ۽ معافيءَ کان معمور رهيا. اڪبر الهه آباديءَ جي رنگ ۾ جديد طرز جي ظريفانه شاعري به اول ”بلبل“ شروع ڪئي. ان دور ۾ مرحوم ”مخلص“، ۽ مولوي ”نور“ نظاماڻي، مشهور طنز نگار پيدا ٿيا، جن جو فن، پنهنجي جاءِ تي وڏي حيثيت رکي ٿو.

        مرحوم ”مخلص“ ۽ ”نور“ نظاماڻي جڏهن ته آرين سان بحث ۾ لڙندا رهيا، تڏهن سندن ”فن“ ترديد ڪندي، مزاح جي اعتدال کان وٺي کين ڌڪ هڻندو هو. تنهنڪري کين دشمنيءَ جو شڪار ٿيڻو پيو.

        هونءَ به مزاح ۽ ظرافت جو معتدل ۽ محتاط قوام ٿئي ٿو، ان کي پنهنجي معتدل ۽ محتاط رمز تائين رکڻ ۽ نباهڻ آسان ڪم ناهي. ٿورو مٿي چڙهيو ته تلخ ٿي پوندو، گلن مان خار ۽ طنز مان گار بنجي ويندو. هلڪو اشارو به ٽارو بلڪ ڏنڊو موچارو ٿي پوندو. ”بلبل“ ان فن کي اهڙو ته اعتدال ۽ احتياط سان نباهيو، جو ان مان نه ڪا دل آزاري ٿي ۽ نه ڪا اشاري بازي سمجهه ۾ آئي. هر ڪنهن سندس ڪلام پڙهيو، پر مخاطب ڪنهن ٻئي کي ڄاتو. هر ڪو کلندو ۽ مُرڪندو رهيو. ڪو به نه چڙيو ۽ نه رنج ٿيو. سندس تلخيءَ ۾ شيريني ۽ نمڪيني هئي، جنهن لذت ۽ سواد کي وڌايو. هن سنکي کي مهرو بنائي ڇڏيو، يا ڪؤڙي دوا ڪيپسول ۾ کارائي ڇڏي.“

        مٿين چند راين جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته ”بلبل“ کي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام حاصل آهي ۽ ڪهڙي درجي جو مستحق آهي. ان پس منظر ۾ ”بلبل“ جي ظريفانه تنقيد جي ضرور سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.

        مرحوم ”بلبل“، دهليءَ جي جنگ آزاديءَ واري سال 1857ع تولد ٿيو هو. هي اهو زمانو هو، جنهن ملڪ کي بهترين ماڻهو عنايت ڪيا هئا. ”هند“ ۾ سر سيّد احمد، حالي، شبلي ۽ اڪبر الهه آبادي وقار الملڪ ۽ محسن الملڪ پيدا ٿيا ۽ ”سنڌ“ ۾ حسن علي افندي، ”بلبل“ الهندو شاهه ۽ بزرگ امروٽي پيدا ٿيا.

        هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ مغل بادشاهن جي جاگيردارن ۽ تمندارن، صوبيدارن ۽ سردارن جي جانشينن، يعني سنڌ جي زميندارن غفلت ۽ زوال جي سيج تي، جديد نظام ۽ حڪومت جي لانگ بوٽ جي ٺوڪر سان، ڪروٽ بدلائي، اکيون پئي کوليون. جڏهن مشرقي تهذيب ۽ ذهنيت جي سونهري سمي سان، مغربي تهذيب ۽ ذهنيت جي سفيد، سرد ۽ تيز اليڪٽرڪ روشنيءَ جو تصادم ٿي رهيو هو. اهڙي وقت ۾ سخت ضرورت هئي ته ستل کي بيدار ڪجي ۽ کيس مضر اثرات کان برڪنار ڪجي؛ هن جي حرارت غريزيءَ کي اڀاري، کيس مرض تي غالب ڪجي.

        ان زماني ۾ سڀ کان وڏو خطرو نئين غير روشنيءَ ۽ فيشن جي وبا جو هو. اسان کي برغلايو پئي ويو ته قدامت پرستي ڇڏيو، پراڻي لڪير جا فقير نه ٿيو، ڇاتيءَ ۾ جهاتي نه وجهو، پر نيچرل رول اختيار ڪيو. هن هوا جو اثر، هندو قوم جلد قبول ڪيو ۽ انهيءَ جا ان وقت جا ليڊر، مسٽر ويرومل بيگراج آريه -ايڊيٽر سنڌي اخبار سکر، مسٽر هر چند راءِ وڪيل پارا هئا، جن هوم رول تحريڪ جي آڙ ۾  ، مسلمانن جي شيوزاه بنديءَ  کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي ساز سامان سان تياري ڪئي ۽ غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جهڙي روشن دماغ ۽ اثر واري ماڻهوءَ کي به پاڻ ڏي ڇڪي ورتائون ۽ ان جي حمايت حاصل ڪيائون.

        ان هندو مهاسڀائي ذهنيت وارن ليڊرن، توڙي بدزبان آريه ڪارڪنن، هندو اخبارن ۽ ايڊيٽرن، توڙي هند و نواز ساده لوح مسلمان ليڊرن جو مرحوم ”بلبل“، نهايت سختيءَ سان مقابلو ڪيو. سندن سڀني حرڪتن ۽ برڪتن جي قلعي کوليندو، کين بي نقاب ڪندو ويو.

        نتيجو اهو نڪتو جو مرحوم ”بلبل“ تي، هندو قوم تي حملي ڪرڻ ۽ سندن خلاف مسلمانن کي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه (153 قلم اپڪ) هيٺ مقدمو داخل ٿيو. مرحوم ”بلبل“ ريمنڊ وڪيل ٻڌو، مگر هن صاحب، هندن سان رضامندي ڪرڻ جي راءِ ڏي، جا مرحوم ”بلبل“ جي غيور طبع گوارا نه ڪئي ۽ مرحوم سر غلام حسين (سابق وزيراعظم سنڌ) قومي همدرديءَ جي ڪري سندس فيءَ کان سواءِ وڪالت ڪئي.

        ڪيس هلندي، مرحوم ”بلبل“، سنڌ جي خود هندو اخبارن مان اهڙا ته حوالا ڳولي ڪورٽ ۾ پيش ڪيا، جن هندن جي ڪيس کي جهوري وڌو. فاضل جج، مسٽر اي. سئنڊس، کيس بيڏوهي ٺهرائي ڇڏي ڏنو ۽ اٽلندو فريادي ڌر تي فتويٰ ۾ ڇنڊا وڌائين ته ”هندن برابر خراب روش اختيار ڪئي هئي ۽ بلبل جو ڪجهه اظهار خيال ڪيو آهي، ان ۾ هو حق بجانب آهي، ته سنڌ جا هندو بنگال جي فسادين لاءِ بمن ٺاهڻ لاءِ چندو ڪري رهيا آهن.“

        ان فتويٰ تي، حيدرآباد سنڌ ۾ وڏو جلوس نڪتو ۽سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪارڪنن خوشي ڪئي ۽ جلسا ڪيا.

        ان وقت کان پوءِ، هندو مهاسڀا جي ذهنيت وارا مخالف، شڪست کائي ويا ۽ ”بلبل“ مرحوم ۽ سندس همڪار گروهه جي سياسي بصيرت جو سِڪو ڄمي ويو، ۽ حسن علي افندي واري تعليمي تحريڪ زور ورتو.

        مرحوم ”بلبل“ هڪ طرف سر سيد احمد جي تعليمي تحريڪ کي پسند ڪيو؛ پر ان سان گڏ، اسلامي تعليم کي، سندس نيچري خيالات هيٺ لتاڙڻ سان اخلاف ڪيو. ان سلسلي ۾ ”بلبل“ مضمون لکيا ۽ پنهنجي شعر وشاعريءَ ۾ جديد فيشن ۽ نيچريت جا ڇوڏا لاٿا، ۽ ڪيئي ڪتاب لکيائين. پهرئين درجي کان اٺين جماعت تائين پورو ڪورس کيائين ان ڪم ۾ ساڻس شيخ صادق علي  ۽ مرزا قليچ بيگ به متفق رهيا.

        ان وؤر ۾، جيئن اڪبر الهه آباديءَ پنهنجي ظريفانه انداز ۾ جديد تعليم تي تنقيد ڪئي ۽ ان کان پوءِ علامه اقبال پڻ مغربي تهذيب کي ننديو. تيئن سنڌ ۾ مرحوم ”بلبل“ اهو پارٽ ادا ڪيو، ۽ ان ماحول تي ظريفانه انداز ۾ تنقيد ڪئي.

        مرحوم ”بلبل“ جي فن ۽ تنقيد جو ڪجهه اندازو، سندس هيٺئين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو:

                گهر کان نڪتا، نيٽو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،

                سِرَ ۾ ٽوپي، هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،

        ان ۾ هڪ شعر آهي، جنهن لاءِ مرحوم بسمل چيو آهي ته ”ان هڪ شعر تان ٻين جا ظريفانه دفتر گهوري ڇڏجن. “ اهو هي شعر آهي:

        چمچا ڪانٽا، کِٽ پِٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس  جي تڙتڙ

        شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شرشر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

        اهو غزل نما شعر طويل آهي ۽ قابل غور آهي.

        ”بلبل“ جو اهو رنگ سندس ”ديوان“ ۾ آهي، ڪريما نيچرل ۾ آهي، مامقيما ۾ آهي، ۽ رحيما ۾ به آهي . ان سان گڏ سندس نطائف ۽ ظرائف ۾ به آهي.

        مٿئين غزل کي پڙهڻ کان پوءِ، بقول پير حسام الدين راشدي:

        ”ڪنهن جي دل گهرندي ته جنٽلمين ٿي، پاڻ کي خراب ڪري. بيشڪ سنڌ ۾ اڪبر الهه آباديءَ وارو رنگ ”بلبل“ مرحوم پيدا ڪيو. بلڪ ان کان به وڌيڪ دو آتشو ڪري ڇڏيائين.“      

        مرحوم ”بلبل“، چارلس ڊڪنس وانگر، ظرافت جي ذريعي، پنهنجي سوسائٽيءَ کي بد اثرات کان بچائڻ لاءِ جيڪو فن پيدا ڪيو، تنهن وڏو ڪم ڪيو. دراصل اها ايجاد ۽ جدّت، مرحُوم ”بلبل“ ئي سنڌي ادب ۾ آندي، ان جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ڪو نه هو. سندس مزاحيه انداز ”يوڪين“، جو ڪم ڪيو ۽ فيشن جو بخار ڪڍي، ڇڏيو. ٻيو ته ”بلبل“ ان وقت، قوم جي زخم تي نشتر وهائي ڪڍي، جڏهن ڪارو واءُ لڳي رهيو هو. ۽ مسلمان نوجوان، جديد فيشن جي وبا ۾ وٺجي چڪا هئا. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي سڀني محققن متفق ٿي  چيو آهي ته ”بلبل“ هڪ سچي شاعر جا فرائض ادا ڪيا آهن. سندس تخريبي پهلوءَ، جديد فيشن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا.

        ”بلبل“ سهڻيءَ نقاب ۾ آيل، ڪاري بلا کي پريان ئي پورڙي ورتو ۽ ان جي خراب نتيجن کان اڳواٽ قوم کي آگاهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

        ائين چئجي ته جديد دور جي مومل جي ڪاڪ ۾ جو اسان جا ڪيئي ڪونڌر، ميڌرا بنجي، مَحو حيرت ٿي چڪا هئا، تنهن جي طلسمات کي هن باريڪ بين ۽ حق شناس شاعر پريندي ئي پروڙي ورتو، تان جو جدوجهد ڪري، ان کي بي نقاب ڪري، قوم کي سجاڳ ڪيائين ته اها مومل جي ڪاڪ آهي ۽ نه زندگيءَ جو رنگ محل!        

        ”بلبل“ جي فن جو اهوڪمال آهي، جو سندس ڪلام ۾ اڄوڪو نقشو به هو بهو پيو نظر اچي. اهو آهي پيشنگوئيءَ وارو جزو، جنهن بابت سورجني نيڊو چيو آهي ته!

        ”شاعر باڪمال جو فن، هڪ پيشنگوئي ٿئي ٿو، ان ۾ مستقبل جا اُهڃاڻ ۽ آثار پڻ موجود رهن ٿا.“

        ظاهر آهي ته تخريبي پهلوءَ کان سواءِ، تعميري پهلو به مڪمل شاعريءَ لاءِ ضروري آهي. ان خيال سان ڏسبو ته اهو تعميري پهلو به ”بلبل“ جي شاعريءَ ۾ بدرجه اتم موجود آهي.

        ”بلبل“ مرحوم قوم جي صحيح جذبات ۽ رجحانات، عقائد ۽ خيالات کي اُڀاري درست ڪرڻ لاءِ، قوم جي مرده ۽ افسرده روح کي زنده ڪرڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا آهن، جي سڀ غورڪرڻ جي قابل آهن.

        (1) هن ان زماني جي بزرگن ۽ بابرڪت هستين جي چونڊ ڪري انهن جي مدح ڪئي، ۽ قوم کي پنهنجي محسنين جي ڪمال ۽فضيلت کان آگاهه ڪري، سندس دل ۾ عزت ۽ محّبت جو بي پناهه جذبو پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح، ڪارلائل جي قياس موجب، سنڌي ادب ۾ هن هيرو ورشپ جو بنياد وڌو، جو هن کان اڳ موجود نه هو. افسوس اهو آهي ته هن دور ۾ ان نقطه ۽ نظر کي قطعاّ فراموش ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو زوم جو شيرازو، پريشان خياليءَ جي نذر ٿي چڪو آهي ۽ هر فرد پريشان به آهي ۽ انارڪسٽ به ٿي چڪو آهي.

        هر ڪو ماڻهو، پنهنجن ماڻهن ۾ رڳو عيب تلاش ڪري رهيو آهي، ”حسن“ جو متلاشي ڄڻ ته آهي ئي ڪو نه! نڪو قوم ۾ ڪي اهڙا چڱا مڙس ئي رهيا آهن، جن جي نيڪي ڪري سگهجي. گويا پوري ملّت، بديءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي. اصل ۾ جي ماڻهو ان خيال جا آهن اهي هرو ڀرو صحيح نه آهن. انهن کي ايترو انتها پسند ٿيڻ نه گهرجي. ”اڃا ڪي آهين، ڪلجڳ سوڌا ڪاپڙي“ تي خيال ڪرڻ گهرجي.

        ٻيو ته ڪنهن ٻئي کي ساراهڻ سڀ ڪنهن جو ڪم ناهي. هن لاءِ وڏي جگر ۽ گردي جي ضرورت آهي. عام طرح سان، ڪنهن جي عيب جوثيءَ يا گلا ڪرڻ ڏي ئي ماڻهوءَ جو نفسياتي ميلان رهندو آهي. ”بلبل“ جي وسعت نظريءَ جو داد ڏيڻ گهرجي، جو ”بلبل“ دل کولي، قوم جي محسنن کي قصيدي سان ياد ڪيو ۽ کين قوم وٽ متعارف ڪيو. سندس قصيدا به فني نقطه نگاهه کان وڏو معيار رکن ٿا. بقول حافظ بسمل مرحوم، ”بلبل جا قصيدا، قاآنيءَ جي فن جي ٽَڪُر جا آهن.“

        ٻيو ته ان قصيده گوئيءَ ۽ مدح سرائيءَ جي سلسلي ۾ فني نقطه نظر سان هڪ مشڪل مسئلو، هر قصيده گو لاءِ سد راهه بنجي ٿو، جو آهي ”لُنڊي خوشامد“ ۽ ”حقيقت بياني!“ ٻنهي جي وچ ۾ جو فرق آهي، ان کي هرڪو سمجهي سگهي ٿو. هڪ پنهنجي ذاتي دوست ۽ محسن کي مدوح قرار ڏئي، ان جي مدح ڪرڻ آسان آهي، پر پاڻ کي قومي نقطه نظر ۾ فنا ڪري، قوم جي ترجماني ڪندي قوم جي محسن جي مدح ڪرڻ، بلڪل مشڪل آهي. پنهنجي ”زبان“ سان مدح ڪرڻ کان، قوم جي زبان بنجي مدح ڪرڻ مۡشڪل  امر آهي.

        ”بلبل“، ان فني نقطه ء نظر سان، مبالغي آرائيءَ کي نظر انداز ڪري جن جي مدح ڪي، اهي نه فقط ان مدح جا مستحق هئا، پر ان سان گڏ اڃا به وڌيڪ ستائش ۽ مدح جا حقدار هئا. ”بلبل“، قصيدي کي متوازن  ۽ مناسب حدن ۾ رکي، ان کي پوريءَ طرح نباهيو، جا سندس پڻ حقيقي ۽ بنيادي خوبي شمار ڪرڻ گهرجي. ”بلبل“ ڪنهن به تڻي ٽامڻيءَ جي لنڊي خوشامد نه ڪئي آهي.

        ٻيو ته ”بلبل“ پنهنجي قوم کي، پنهنجن ليڊرن جي روشن پهلوءَ کي نظرانداز ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته قوم جيستائين پنهنجن ليڊرن جي روشن پهلوءَ کي نظر ۾ نه رکندي، تيستائين اجتماعي اصلاح جو ڪو به ڪم پايهء تڪميل تي نه پهچي سگهندو.

        ”بلبل“ اهو به ظاهر ڪيو آهي ته قوم ۽ ليڊرن جي مفاهمت لاءِ ضروري آهي ته قوم پنهنجن ليڊرن جي نقص ۽ عيب کي هرو ڀرو تشهير نه ڏئي؛ ڪوشش ڪري، اصلاح لاءِ سوچي، رڳو فساد نه پيدا ڪري، پر باهمي تعاون کان ڪم وٺڻ سکي. سندس خيال اهو آهي ته ليڊر جي مقبوليت، قوم جي ترقيءَ ۽ عروج جو هڪ زينو آهي. جنهن قوم، ليڊرن جي تاريڪ پهلوءَ تي نظر رکي خواهه مخواهه نڪه ته چيني ڪئ  آهي، اها ڪڏهن به تعمير پسند ليڊرشپ پيدا ڪري نه سگهي آهي. سندس نقطئه  نظر اهو به آهي ته نفرت جو جذبو قوم ۽ ليڊر کي هميشه لاءِ جدا ڪري ٿو ڇڏي ۽ انتها اتي ٿي پهچي، جو قوم پنهنجي ليڊرن جي چڱن ڪمن مان به بهره ور ٿي نٿي سگهي.

        ”بلبل“مرحوم، عين سياسي ۽ اخلاقي مصلحت محسوس ڪري، قوم جي اکين اڳيان قصيدي جو شيشو آندو، ۽ سندس اکين اڳيان سندس ليڊرن کي لائق، فائق، دانا، عقيل، همدرد ۽ اعتماد جوڳو ڪري ڏيکاريو؛ ڇو ته سندس خيال موجب، انسان هر حال ۾ خاطي آهي، تنهنڪري جا قوم پنهنجن خدمتگذارن جي خطائن تي چشم پوشي ڪرڻ نه سکي آهي، سا ڪڏهن به چڙهي ۽ اُڀري نٿي سگهي.

        قدردانِي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾، پاڻ هن طرح چيو اٿس:

                قدردانِي به ڇا عجب آهي،

                جِتِ قدر ناههِ اُت غضب آهي.

        قدر داٽي ۽ ”واه“ جي وائي،

                هي خدا جي عطا، وَُهَب آهي،

(2) بلبل مرحوم، خالق اڪبر جي حمد وثنا نهايت دلڪش ۽ جاذب، زود اثر ۽ دلنشين نموني ۾ ڪري، الله پاڪ جي بي پناهه وحدانيت ۽ قدرت ڪامله جي گونا گون صنعت ۽ خلقت ڏي رجوع ڪرڻ جي برجوش ۽ پُراثر تلقين ۽ تبليغ ڪئي آهي. ان سان گڏ، غافل مسلمانن جي زنگ آلود قلب کي، رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبت واري پارس سان گَهَڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. ان طرح ڪيتريون مرده ۽ زنگ آلوده دليون روشن ڪري ڇڏيائين.                                                                                      

        الغرض، اسلام جي ٻن شعبن، وحدت ۽ رسالت تي ڪامل ايمان آڻڻ، لااِلٰهَ الاّ الله سان گڏ محمّد رسُولا الله جي مفهوم ۽ مطلب کي سيني ۾ سانڍڻ، ان تي عمل ڪرڻ، سندس شاعرانه ۽ اديبانه جدوجهد جو مرڪزي نصب العين رهيو آهي. سندس نعتيه ڪلام، هڪ صادق عاشق، هڪ شيفته ۽ وارفته ”گل رسالت“ جي ”بلبل“ جي آهه وفغان آهي. درحقيقت، سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم جي محبت ئي ايمان آهي، بلڪ ايمان جي جان آهي ۽ ايمان لاءِ سازو سامان آهي.

        ان سلسلي ۾ مرحوم ”بلبل“ پنهنجي حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ ۾ به جو نعتيه غزل لکيو آهي، اهو حضور پر نورصلي الله عليه وسلم کي سندس سچي اُمتيءَ جي سچيءَ سڪ جو سنيهو، ۽ عقيدت ۽ محبت جي فراوانيءَ جو لاجواب   خطاب آهي، چيو اٿس:     

        ”رسول الله، امت کي ڇِيّن ۾ نا ڇڏڻ گهرجي.“

        اهو شعر نهايت رقت انگيز ۽ روح پرور آهي، جو وفات وقت چيو اٿس.

        مرحوم ”بلبل“ پنهنجي فن ۽ ڪلام سان، انهن چيزن، توحيد ۽ عشق نبوي کي وري چمڪايو.   

        (3) مرحوم ”بلبل“، مسلم قوم کي تهذيب ۽ اخلاقي جي راهه تي هلڻ لاءِ وڻندڙ ۽ اُڀاريندڙ انداز ۾ آماده  ڪيو  ۽ ”تصوف“ جي بهترين ۽ عملي دستور العمل تي هلي، تزڪيه نفس لاءِ تيار ڪيو. ان سلسلي ۾ دنيا جي فاني هجڻ، فقرو فاقي کي پسند ڪرڻ، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهڻ، جدوجهد ۽ جهاد ۾ گذارڻ، ڪسر نفسيءَ ۽ فروتنيءَ سان پيش اچڻ، اتفاق ۽ اتحاد سان قومي شيرازه بنديءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بهترين ڪلام چيائين.

        (4) مرحوم ”بلبل“ پنهنجي فن، ادب، شعر ۽ نثر سان، مسلم قوم کي پنهنجي صحيح مقام کان آگاهه ڪيو ۽ کيس پنهنجي خيرالامست هجڻ جو احساس ڏياريو ۽ کيس .من عرف نفسه، فقد عرف ربه“ واري مقام کان واقف ڪيو، جيئن لطيف، روميءَ ۽ اقبال جي شاعريءَ جو مرڪزي خيال آهي ”پاڻ سڃاڻڻ“ ، جنهن کي فلسفيانه انداز ۾ ”خودي“ ٿو سڏجي، ان ڏانهن ”بلبل“ پڻ سهڻي اسلوب سان دعوت ڏني آهي، جيئن اقبال چيو آهي:

                وهي هي تيري زماني کا امام حاضر،

                جو تجهي، غائب و موجود سي بيزار کري،

                دي کي احساس زيان، تيرا  لهو گرما دي،

                فقر کي سران، چڙها کر، تجهي تلوار کري،

        ”بلبل“ جي فن ۾، نفي ۽ اثبات جي آميزش، ان شعر جي بصيرت تي دليل آهي.

        (5) مرحوم ”بلبل“ ، پنهنجي شاعريءَ  ۾ خالص علمي ۽ ادبي، لساني ۽ فني پهلوءَ کي محفوظ رکيو ۽ سنڌي زبان نهايت سليس ۽ سلوڻي، دلڪش ۽ عام فهم ڪم آندائين. شعر جي رواني، شيرين بياني وزن جي پختگي، بندش جي چستي، سندس فن جو ڪمال آهي، ان طرح نوان استعارا ۽ ڪنايا، لطائف، ظرائف، تمثيلون ۽ تشبيهون پيدا ڪري، ٻوليءَ کي رنگين ۽ نمڪين بنائي ڇڏيائين.

        بقول حاجي محمود خادم، ”رنگين ۽ مرصع نثر جو موجد مرحوم ”بلبل“ آهي، خود مرحوم مخلص ۽ مرزا قليچ بيگ مرحوم به سندس تقليد ڪئي آهي. “ ان طرح جناب مولائي شيدائيءَ جي چوڻ موجب:

        ”بلبل پهريون انشاپرداز ۽ صاحب طرز اديب هو، جنهن مسلم صحافت جو مقام سنڌ ۾ بلند ڪيو، سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙ ”بلبل“ هو.“

        ان طرح ڊاڪتر خليل جي چوڻ موجب:

        ”بلبل مرحوم، واقعي قومي روح، زبان جي سادگي ۽ عام فهم عبارت پيدا ڪرڻ جي خيال سان سنڌ جو حالي هو ۽ ظرفانه ڪلام ۽ اصلاحي شاعريءَ جي خيالن کان اڪبر الهه آبادي هو ۽ اخلاقي ۽ مذهبي شاعريءَ  جي مدنظر تي سعدي ثاني هو.

        آخر ۾ عرض ڪندس ته ”بلبل“ کان ڪجهه اڳ ۽ ڪجهه پوءِ توڙي سندس دور ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن. جي عظمت ۽ قابليت جي لحاظ سان، بلبل مرحوم کان بدرجها آتم هئا؛ پر هنن جو ڪلام ايترو مقبول عام ٿي نه سگهيو، ڇا لاءِ ته اهو سندن فن ۽ ڪلام، دماغي ڪاوش جو مرهون منت هو، ۽ زور طبع جي پيداوار هو، تنهنڪري تڪليف سان پيدا  ڪيل. مصنوعي صنعت ڪڏهن به حيات دوام حاصل ڪري نه سگهي.

        ان جي برعڪس، ”بلبلِ سنڌ، جي صدا اڄ به سرزمين سنڌ جي فضا ۾ گونججي رهي آهي، سندس شاعري اڄ به سامعين جي مرده جذبات کي بيدار ڪري رهي آهي، بقول اقبال:

        وه بلبلِ نالان تها، اس اجڙي گلستان کا.

        سندس تخلص به عجيب آهي.... ”بلبل“ هزار داستان، انيڪ قسمن جي لولين ۽ سُرن جو مالڪ پرندو آهي، تيئن ”بلبل“ به هزار داستان آهي. سندس شعر ۽ ڪلام، بيان ۽ نطق، هر رنگ ۽ ڍنگ تي آهي. ”بلبل“ خوشيءَ ۽ غم، حسن ۽ عشق، شاديءَ ۽ خانه برباديءَ تي نوحه ڪنان رهي ٿو، تيئن ”بلبل“ جي حياتي به اهي عناصر ٿي رکي. ”بلبل“ قوم جي غم ۾، غم انگريز ڪلام چيو، ”بلبل“ مسرّت جا نغما ڳايا، ”بلبل“ حسن جي سحر انگيز ڪيفيت کي بيان ڪيو. ”بلبل“ عشق جي واردات جو نقشو چٽيو، ”بلبل“ قوم جي مسرّت ۽ ڪاميابيءَ ۾ حصو ورتو، ”بلبل“ قوم جي خانه برباديءَ تي دلدوز مرثيا چيا. اهي چار ئي عناصر، سندس ”ديوان“ ۾ موجود آهن.

        ”بلبل“ چوهٺ ورهين جي عمر ۾ 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي. مرحوم شمس العلماء قليچ بيگ فرمايو آهي:

        شاعر ملک سنده شمس الدين - که ازو بود عالمي به شگفت. بلبلي - بود او که بامنقار - درِ معنيٰ، عجيب ترمي سخت، بود او شمس، بر سپهرِ سخن - کرد آخر غروب روي نهفت.

        ”بلبل مرحوم جي علمي ادبي فضيلت، توڙي شخصيت تي ڪافي بحث ڪيو اٿم، هت آخر ۾ سندس سياسي بصيرت تي فقط ٻه- ٽي حوالا عرض ڪندس.

        اول اوهان ان دور ۾ پيدا ٿيل هوم رول تحريڪ جو ڪجهه تصور ڪيو، جنهن جي چڪر ۾، سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا مسلمان ليڊر اچي چڪا هئا. اهو دور 1918ع وڏو ممڻ مچائي چڪو هو گانڌي، گوڪلي، ايني بيسنت ۽ ديوان مرليڌر ان تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سنڌ ۾ غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جهڙو پر جوش، مخلص ۽ ديانتدار ليڊر به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو.

        ان دور ۾ مرحوم ”بلبل“ ڪتاب“ جام جم“ لکيو. ان ۾ هند جي سياسي پس منظر، هندن جي انگريز پرستيءَ ۽ مسلمانن جي حق تلفيءِ تي مفيد ۽ معلومات افزا  انگ اکر پيش ڪري مسلمانن کي خبرداري ڪيائين، ته هو پنهنجي حقن لاءِ جداگانه تنظيم کڙي ڪن ۽ بلڪل جدا محاذ قائم ڪري، پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪن. ”جام جم“ جي 56 صفحي تي ”بلبل“ مرحوم لکيو آهي:

              ”گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن؛ بازن سان چڙيون نه اُڏامن! اسان جي هستي، اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي، هندن کان صدبار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا، انگريز جي چاپلوسي ڪري، هاڻي اسان جا حاڪم ٿيا آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا. اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن، پر جدا، ۽ نه گڏ.“

        ”بلبل“ جو هيءُ آواز، علامه اقبال ۽ قائداعظم کان، توڙي الهه آبادي واري اجلاس ۽ لاهور جي پاڪستان ريزوليشن کان، ٻاويهه سال کن اڳ جو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ جدا گانه قوميت جو روح موجود آهي.

        ان طرح وفات وقت، بلڪل پوين پساهن ۾ سندس زبان مان هي لفظ نڪتا:

        ”هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪريو.“

        اهي لفظ پاڪستان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا.

        بهرحال، هن مقدمي ۾ بلڪل مختصر طرح سان، مقدمي جي رعايت سان، مرحوم ”بلبل“ جي تعارف ڪرائڻ جي ۡڪوشش ڪئي اٿم، عرض آهي ته صاحب ذوق، گرامي صاحب جو مقالو ”بلبل“ ۽ سندس فن“ (مهراڻ، 3/4-63ع) به مطالعه ڪن، جيئن ”بلبل“ متعلق سڀ گوشا روشن ٿين. انهن مختصر لفظن سان، هن مقدمي کي ختم ٿو ڪريان.

       

                                ضياء الدين. ايس . ”بلبل“ (مرحوم)

                                        15 -فيبروري 1965ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org