سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :10

پري ھن کان، کائڻ نھ پيئڻ وڻي
کٽي رات ’جوھر‘ ٿي تارا ڳڻي

چري دل محبت ۾ مجبور آ
 

مٺا مور ماڻن سان ماري ھليو وئين
ڏئي پيار دلڙي ڌتاري ھليو وئين

 

تنھنجا پيار دل تان نٿا يار وسرن
مٺي مرڪ ماڻان نھ منٺار وسرن

 

ڪيئھ دل تي جيڪي نھ ٿا وار وسرن
مگر تون تھ سڀ ڪجھھ، وساري ھليو وئين

 

مٺا مور ماڻن سان ماري ھليو وئين

 

نظر تنھنجي نرمل نھوڙي ڇڏيو آ
جدائي ۾ سورن وڪوڙي ڇڏيو آ

 

بنا ڏوھھ جي منھن تو موڙي ڇڏيو آ
ڳھيلي کي ڳڻتين ۾ ڳاري ھليو وئين

 

مٺا مور ماڻن سان ماري ھليو وئين

 

ڏاڍو دل کي دلدار دلبر وڻين وئين
نظر جا تکا تير دل ۾ ھڻين وئين

 

ڪري ناز انداز دلڙي کڻين وئين
خوشيون دل جون ساريون ٻھاري ھليو وئين

 

مٺا مور ماڻن سان ماري ھليو وئين

 

لٿا ڪين دل تان اڳيان ڏينھن آھن
اکين اڄ وسايا وڏا مينھن آھن

 

لڳا ڄڻ تھ ’جوھر‘ نوان ننيھن آھن
اچي خواب ۾ منھن ڏيکاري ھليو وئين

 

مٺا مور ماڻھن سان ماري ھليو وئين
ڏئي پيار دلڙي ڌتاري ھليو وئين

 

 

ڇڏي سنسار سڄو، مون توسان پيار ڪيو
مان ڳولھي جڳ سڄي ۾، سھڻو يار ڪيو

 

تون منھنجو ساه سڄڻ، تون ماکي آھين مکڻ
تنھنجو محبوب ڏسڻ، آ چمڪي ڄڻ ڪا کنوڻ

 

پري کان مار ڪيو، نظر جو وار ڪيو
ڇڏي سنسار سڄو، مون توسان پيار ڪيو، مان ڳولھي....

 

پيارا پيار تنھنجي تان صدقي ساه ڪندس
محبت جي مان زنده رسم و راه ڪندس

اھو ڪوٺي تي چڙھي، اٿم اقرار ڪيو
ڇڏي سنسار سڄو......

 

وفا جي واٽ صنم، ڪڏھن ڀي ڪانھ ڇڏيم
خوشي سان سور سٺم، نھ ڪڏھن ڀي دانھن ڪيم

نھ ’جوھر‘ ڪنھن سان، اھو آ اظھار ڪيو، ڇڏي.....

 

او يار سڄڻ، دلدار سڄڻ
محبوب مٺا، منٺار سڄڻ

 

دلڙي ٿي گھري، تو ساڻ ھجان
توساڻ جيان، توساڻ مران

 

توکان نھ ڪڏھن ٿيان ڌار سڄڻ
او يار سڄڻ دلدار سڄڻ

 

تون چنڊ ھجين، مان چڪور ھجان
مان ھر گھڙي توتان گھور ھجان

 

صدقي ٿيان سؤ سؤ وار سڄڻ
او يار سڄڻ دلدار سڄڻ

 

اکڙين ۾ مان تنھنجي جاءِ ڪيان
ٻئي ڪنھن ڏي نھ ڪڏھن مور ڏسان

 

رھھ ساه اندر سردار سڄڻ
او يار سڄڻ دلدار سڄڻ

 

تون گلڙو ھجين مان خار ھجان
’جوھر‘ نھ گھڙي ھڪ ڌار ھجان

 

مون کان نھ پري تون گھار سڄڻ
او يار سڄڻ دلدار سڄڻ

 

تون شمع ھجين مان پتنگ ھجان
مان تنھنجي محبت ۾ ملنگ ھجان

 

رڳ، رڳ ۾ رچين، تون يار سڄڻ
او يار سڄڻ دلدار سڄڻ

 

 

مون کي سرساه کان زياده پيارو دلربا آھي
نفاست ۽ نزاڪت ۾ نيارو دلربا آھي

 

سڄي دنيا جي سھڻن کان سڄڻ منھنجو سٺو آھي
منھنجو محبوب مصري توڙي ماکي کان مٺو آھي

 

سمورون مه جبينن کان موچارو دلربا آھي

 

منھنجو دلدار دلبر سونھن ۾ سڀ کان سوايو آ
جو پنھنجي خاص ھٿڙن ساڻ ڪاريگر بڻايو آ

 

ڏسان ٿو ڏيھھ ۾ سڀ کان واڌارو دلربا آھي

 

سڄي سنسار جي سھڻن ڏني جنھن کي سلامي آ
لکن جي لاڏلي جي مان مڃي ’جوھر‘ غلامي آ

 

ڪروڙن قرب وارن جو سھارو دلربا آھي

 

 

دلڙي دوست کڻي ويو ڌاڙو ھڻي
اھڙو ڏاڍ ڏسي، ڪيم ماٺ کڻي

 

ڪنھن کي دانھن ڏنم، ڪنھن کي نھ ڏسيم
ڪنھن وٽ، ڪانھ، ڪا، فرياد ڪيم

 

خالي سيني ۾ سانڍي، سور رکيم
ھاڻي ساھھ سگھان ٿو، ڪونھ کڻي

 

آيو تير کڻي، تلوار کڻي
زلفن کي بھ سنواري، ڏيئي ڦڻي

 

سو سينگار ڪري سھڻو بڻي
ڦرلٽ دل جي وئي مون کي بھ وڻي

 

پيارو ساھھ کان زياده آھھ صنم
جنھن جي لاءِ سڄو سنسار ڇڏيم

 

تنھنجي حسن مٿان دل قربان اٿم
ھي دل تنھنجي آ، تون آن دل جو ڌڻي

 

ڌاڙو ڪيئن چوان، ڦر ڪيئن سڏيان؟
آھھ دل جي محبت توسان گھڻي

 

دل جي دانھن مان ’جوھر‘ ڪيئن ڏيان
پنھنجي دل جي مان مرضي ڇو نھ رکان؟

 

 

ڀلا ڪيستائين، ستم پيو سھان ھا
مران ھا نھ جي مان تھ ٻيو ڇا ڪيان ھا

 

سڏڻ موت کي يار سستو تھ ناھي
چڙھڻ دار تي ھيئن چرچو تھ ناھي

 

ڏکن جو زھر ڪيسائين پيان ھا

 

حياتي سراپا جھنم بڻي ھئي
مرڻ سان ملي مون کي، مس مس خوشي ھئي

 

پو ھيڏي ڏسان ھا، يا ھوڏي ڏسان ھا

 

مون روڪي نھ ھئي، راه، تنھنجي زمانا
تھ ڀي وار مون تي، ڪيئھ ظالمانا

 

ڇڏين ھا وٺيو واٽ پنھنجي وڃان ھا

 

مڃي ٿو زمانو، سندم بي گناھي
فلڪ پاڻ روئي، ڏئي ٿو گواھي

 

اھو آھھ ڪافي، ٻيو ڇا چوان ھا

 

سڏڻ ڪوڙ کي سچ، ڏاڍو ڏکيو ھو
مرڻ رات کي ڏينھن، چوڻ کان سٺو ھو

 

ڪٿي زور آڏو مان ’جوھر‘ جھڪان ھا؟

 

منھنجو يار تون آن ۽ دلدار تون آن
منھنجي دل جي دنيا جي سرڪار تون آن

 

سڄڻ سڀن سھڻن جو سردار تون آن
مٺو ملڪ ساري کان منٺار تون آن

 

چٽي چنڊ کان وڌ چمڪدار تون آن
سڀن نازنينن ۾ نروار تون آن

 

منھنجو يار تون آن ۽ دلدار تون آن

 

ٻئي ڀروان تنھنجون ٿيون تلوار آھن
گلابي گلن جھڙا رخسار آھن
ھرڻ جھڙيون تنھنجون اکيون يار آھن
اسان عاشقن جي اکين ٺار تون آن

 

منھنجو يار تون آن ۽ دلدار تون آن

 

گلن کي ورھائي ڏنو رنگ، بو تو
فضا ساري سھڻا، ڪئي مشڪبو تو
ڏنو حسن حورن کي آ، خوبرو تو
سڄي ملڪ جي سونھن، سينگار تون آن

 

منھنجو يار تون آن ۽ دلدار تون آن

 

ٿيو سونھن ۾ مٽ سندءِ ڪونھ دلبر
سڏي سڪ سان توکي ٿو، بيمار ’جوھر‘

 

ھلي اچ تون ھاڻي اٿم وقت آخر
سندم آخري آس، آڌار تون آن

 

منھنجو يار تون آن ۽ دلدار تون آن

 

 

جڏھن کان تو دلبر آ منھنڙو مٽايو
تڏھن کان اکين، وڏ ڦڙو آ وسايو

 

جڏھن کان سڄڻ ساٿ منھنجو ڇڏي وئين
منھنجي دل ۾ دردن جو تون گھر اڏي وئين

 

تڏھن کان خوشي مون کان، آ موڪلايو

 

منھنجي دل ۾ تنھنجو، سڄڻ گھر اڏيل ھو
وڏي ناز نخري سان سھڻا بڻيل ھو

 

ھڻي تيلي ھٿ ساڻ تو خود جلايو

 

ڏني باھھ دلبر تو منھنجي بدن کي
دکائي ڇڏيئھ دل ۾ دردن دکن کي

 

آ سيني ۾ سورن وڏو مچ مچايو

 

جھڙو آھيان تھڙو، سڄڻ تنھنجو آھيان
چڱو يا مٺو، ٻئي تھ ڪنھن جو مان ناھيان

 

سڃاڻي سڄڻ ڇڏ، تون پنھنجو پرايو

 

جڏھن کان رسي تون وئين مور مصري
سڄي وئي خدائي مون کان يار وسري

 

تڏھن کان آ ’جوھر‘ کي سورن ستايو

 

ھلين ٿو جڏھن سينڌ سھڻا سنواري
ڪرين ڇيھھ ڇاتي نظر سان نھاري

 

ھڻي ميندي لوڏي ھلين ٿو ھٿن کي
جڏھن لعل لالي لڳائي لبن کي

 

ڪيئي واٽ ويندا ڇڏين مور ماري

 

ڪري ھار سينگار جڏھن لنگھين ٿو
انھي لوڏ سان لاڏلا لک لھين ٿو

 

ٿو دل ڦينڪ عاشق ڇڏين يار ڳاري

 

ڪيو دل کي گروي آ گفتار تنھنجي
وڌو مرڪ موھي آ منٺار تنھنجي

 

کسيو ھوش تنھنجي آ نرمل نظاري

 

ڇڏين وار ڪارا ڪلھن کان ٽپائي
عجب نانگ سيني تي پنھنجي نچائي

 

ويو سھڻو ’جوھر‘ تماشو ڏيکاري

 

 

ائين نيڻ کڻي نھ نھار سڄڻ
ڪري ناز نوان نھ تون مار سڄڻ

 

ھڻي ديده جي دونالين دنگ ڪيو
تنھنجي مست ادائن ملنگ ڪيو
آھي ماري ڇڏيو تنھنجي پيار سڄڻ

 

ائين نيڻ کڻي نھ نھار سڄڻ

 

تنھنجي عشق آ يار بي تاب ڪيو
ڦٽي ننڊ وئي دل کي بي خواب ڪيو
ڪيو عشق تنھنجي آ آزار سڄڻ

 

ائين نيڻ کڻي نھ نھار سڄڻ

 

مون کي موت پنھنجي جو ارمان ناھي
وٺي خوف تنھنجو ويو يار آھي
ٿئي تنھنجي دامن نھ داغدار سڄڻ

 

ائين نيڻ کڻي نھ نھار سڄڻ

 

ڪيا حسن تنھنجي سو حيران مٺا
ڪي ’جوھر‘ جھڙا جوذا جوان ڪٺا
تنھنجي پيار جي تيز تلوار سڄڻ

 

ائين نيڻ کڻي نھ نھار سڄڻ

 

 

اکيون تنھنجون چمان، رخسار چمان
تنھنجا پير چمان، پيزار چمان

 

او محبوب مٺا منٺار سڄڻ

 

اکيون تنھنجون چمان رخسار چمان
تنھنجون ڀروان اھي، ڪماندار چمان
ڏنگا زلف تنھنجا، دلدار چمان
تنھنجا پير چمان، پيزار چمان
اکيون تنھنجون چمان، رخسار چمان

 

او محبوب مٺا منٺار سڄڻ

 

جڏھن لالي لبن کي لائين ٿو
ڏئي يار ڦڻي سينڌ سنوارين ٿو
وري غازه ڳلن تي لڳائين ٿو
ڪري ڪارو ڪجل اک اڙائين ٿو
تڏھن سورھن ئي سينگار، چمان

 

او محبوب مٺا منٺار سڄڻ

 

تنھنجا ناز انداز ماري ڇڏن
تنھنجا لاڏ ۽ پيار ڳاري ڇڏن
باھيون بره جون بت ۾ ٻاري ڇڏن
وري قرب تنھنجا دل کي ٺاري ڇڏن
مٺي، مرڪ سندءِ منٺار چمان

 

اومحبوب مٺا منٺار سڄڻ

 

توکي دل جي ڌڙڪن ۾ قابو رکان
اکين جي اڱڻ ۾ مان جايون ڏيان
سوا تنھنجي ’جوھر‘ نھ جيئري ڏسان
مران تھ بھ مٺا چھرو تنھنجو چمان
چميو توکي چمان صدبار چمان

 

اومحبوب مٺا منٺار سڄڻ

 

جڏھن کان اکين توکي دلبر ڏٺو آ
ڦٽي ننڊ، آرام مون کان رٺو آ

 

پري توکان پيارا خوشي ڪانھ آھي
ڏکن سان ڀريل زندگي يار ڇا ھي؟

 

جدائي جو مان سخت صدمو سٺو آ

 

اديون پاڙي واريون اوھان ئي ٻڌايو
حسينن سڀن کان سڄڻ آ سوايو

 

منھنجو ماکي، مصري، مٺڻ کان مٺو آ

 

چتائي ڏسڻ سان چري دل ڪري وئين
مٺا مون کان سڀ ڪجھھ، تون منھنجو ڦري وئين

ڏٺي ڏينھن ڌاڙو، ڏٺو وائٺو آ

 

جدائي ۾ کاڌو نھ پيتو وڻي ٿو
رڳو ساه سورن سان، ’جوھر‘ کڻي ٿو

وڏو مينھن منھنجي، اکين مان اٺو آ
 

 

جدائي ۾ تنھنجي مان بيمار آھيان
گھڙي کن جو مھمان لاچار آھيان

 

حياتي سڄي سڪ ۾ گذري وئي آ
ڪڏھن ڪانھ تو مھرباني ڪئي آ

 

ڇا اھڙو وڏو مان گنھگار آھيان؟

 

تون ھرحال ۾ منھنجو دلدار آھين
خدا ڄاڻي مون کان ڇو بيزار آھين؟

مگر مان تھ تنھنجو وفادار آھيان

تون ليکين نھ ليکين، منھنجو ساه آھين
منھنجي دل جي دنيا سندو شاه آھين
مرڻ تائين تنھنجو طلبگار آھيان
 

جي ڏسڻو اٿئي منھن تھ وھندو ھلي آ
نھ لڪ لوڪ کان، طعنا سھندو ھلي آ

مان تنھنجي محبت ۾ ٿيو خوار آھيان
 

ڏسان ٿو اکين تي، اجھو ھٿ رکن ٿا
مرڻ مھل ڀي جذبا، توکي سڏن ٿا

جدائي جي جيئڻ کان بيزار آھيان
 

پري ٿيو اکين کان جڏھن نور آ
حياتي ٿي ’جوھر‘، سڄي سور آ

ٿيو پاڻ تي پاڻ ڀي بار آھيان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org