سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ڳاڙها ڳوڙها

صفحو :8

بي حسي قوم جي معاذ الله!
پاڻ تي پاڻ وار ڪرڻو پيو

 

اڄ ٻڌائي ضمير جو آواز
ھلڪو دل جو غبار ڪرڻو پيو

 

مرحبا وعده وفا ’جوھر‘
مون کي اڄ بار بار ڪرڻو پيو

 

ھي خزان جي آھھ جھوٽن جو اثر
صبحدم ڀي ڪين ٿيو مون لئھ سحر

 

منھنجي بربادي جي لئھ ھن آسمان
پوئتي ڪھڙو ڇڏي آھي ڪسر؟

 

ڪيئن ڪيان دانھون نھ مان، اي ھمنشين!
آشيان تي برق ٿي آ جلوه گر

 

بي مزه بنجي وئي ساري حيات
تنھنڪري بھتر، ٿئي جي مختصر

 

جنھن ڪيو برباد گلشن باغبان
پاڻ ڀي خان بدوش آ دربدر

 

ڇا مان سمجھان؟ دل جي دولت جن لٽي
آسمان جي تن مٿان آھي نظر؟

 

ھت لڳن ٿيون ھر قدم تي ٺوڪرون
ڪيئن ڪبو ’جوھر‘ دراز آھي سفر

 

منھنجو توسان پيار ھوندو آ
اِن ڪري انتظار ھوندو آ

 

جنھن ۾ افيون غم ھجي ساقي
جام سو خوشگوار ھوندو آ

 

مانع راه جي شڪايت ڇو؟
گل جي دامن ۾ خار ھوندي آ

 

جنھن ۾ کامل آ قوت احساس
سو سدا بيقرار ھوندو آ

 

سچ چوڻ آھھ، جان سان کيڏڻ
دار تي شھسوار ھوندو آ

 

ڇو زبان بند قيد ۾ رھجي؟
دانھن جو اختيار ھوندو آ

 

مون کا پوشيده راز ڪونھي ڪو
پر حيا پاسدار ھوندو آ

 

بربريت جو برزبان نالو
آ دميت تي وار ھوندو آ

 

پل بھ واندو نھ وار آ منھنجو
ھر گھڙي انتظار ھوندو آ

 

ڀل ڪري آسمان کان بجلي
آشيانو، تيار ھوندو آ

 

ويندو گذري خبر نھ پوندي ڪا
وقت بي اعتبار ھوندو آ

 

ھر خزان جي غبار ۾ ’جوھر‘
ڪاروان بھار ھوندو آ

 

دوست تون آن، يار تون آن
ھن اکين جو ٺار تون آن

 

منھنجي دل تو ساڻ آھي
واسطو ٻئي ساڻ ناھي
درد دل جو ڪير لاھي؟
دلربا دلدار تون آن

 

نينھن مان توسان لڳايو
پاڻ کي تنھنجو سڏايو
توبنا سڀ ڪجھھ پرايو
پرت منھنجي، پيار تون آن

 

نرگسي اکيون عنابي
گلبدن ڳلڙا گلابي
خوبصورت منھن ڪتابي
غيرت گلزار تون آن

 

جان من، جان بھاران
نازش حسن نگاران
ڪائنات دل فگاران
سونھن جو سنسار تون آن

 

آھيان نوڪر بھ تنھنجو
ٿا سڏن ’جوھر‘ بھ تنھنجو
ھر گھڙي، ھر ھر بھ تنھنجو
ساھھ جي سرڪار تون آن

 

سچ جي ٻيڙي ٻڏي وئي، ڪوڙ ٿو بيٺو نچي!
ڪوڙ، سچ کي، ڪسوٽي ڪھڙي تي آخر پرکجي؟

 

لائقي، نالائقي جو فيصلو ڪنھن وٽ ڪجي؟
حق ۽ ناحق جو پئمانو مقرر ڇا ڪجي؟

 

آ سڄو سارو ڪرشمو، شوميء قسمت سندو
حاتم دوران وٽان، سکڻين ھٿين ٿو مٽجي!

 

ٿو ڦٽي ٿو ھر پوي جيڪو بھ ٻج ٿو پوکجي!
ٿي پوي ٿي چٻ، ھما سمجھي ٿو جنھن کي پالجي!

 

دوستي جي رنگ ۾ دشمن ھڻن ٿا ڏنگ پيا
دوست ڪنھن کي سمجھجي ۽ ڪنھن کي دشمن ڀانئجي؟

 

ڪوڙ لاڳيتو ٻڌي، ڪن ڀي ٺھي ويا ڪوڙ سان
اوچتو سچ جي ٻڌڻ سان، ڪن ٿو ڦٽجي پوي

 

ٿي نٿو ’جوھر‘ سگھي، دامن رھي خالي ھينئر
”يار ڀي چاڪي ھجي ۽ سينڌ ڀي اڻڀي ھجي“

 

ڪيئھ دور دلبر، عجب آھي اھو
اھو ظلم آھي، غضب آھي اھو

 

جدائي جو صدمو سھڻ ناھھ سھنجو
مرڻ لاءِ ڪافي، سبب آھي اھو

 

مان تنھنجي گھٽين ۾ گھمڻ وارن سندا چمان پير پيارا، ادب آھي اھو

جھان سارو مون کي، چريو ڀلجان چئي اصل عاشق جو لقب آھي اھو

 

ٻيو ڪوئي ڏوکيو نھ ’جوھر‘ کي آھي
جدائي ۾ ٿيو، جان بلب آھي اھو

 

 

ڏٺم خواب ۾ بخت، منھنجو کلي پيو
اچي رات جو چنڊ، جھولي جھلي پيو

 

ٽپا ٺينگ ڏاڍا، ڏنا دل خوشي کان
ستارا پئي منھنجي مٿان گھور ٿيا
ڪلھو ڪير مون سان، ھڻي ھاڻي سگھندو؟
حبيبن جي آئي اندر ئي ٺري پيو
کلن شل نھ اکڙيون، مزار ماڻجن پيا

 

 

ھڻي ڇوليون دل جو دريا ڇلي پيو
جڏھن مور منھنجي اڱڻ تي ٽلي پيو
جڏھن مون سان محبوب مرڪي ملي پيو
حسد کان حريفن جو، جيرو جلي پيو
گھڻون دير سان ڀاڳ، آھي ڀلي پيو

 

لھي آسمان، آيو آھي زمين تي
ھڻي ھام ’جوھر‘محمد علي پيو

 

منھنجو يار ايندو منھنجو يار ايندو
چوي دل ٿي منھنجي، تھ دلدار ايندو

 

سٺو سھڻو سائين، مٺو ماکي مصري
جدائي ۾ جنھن جي جلن جان جيرا
ويندا ڏينھن ڏک جا، سکن جو سمون ٿي

 

 

منھنجو مھلقا، ماھي منٺار ايندو
ھلي ھاڻي ھتڙي ھو ھڪوار ايندو
قسم آ خدا جو تھ غمخوار ايندو

 

پئي آھيان پاتار ۾ يار ’جوھر‘
اٿم پڪ سڻي سڏڙا ميھار ايندا

 

يار سھڻو خود اچي ٿو، يا تھ ٿو قاصد اچي
اڄ خوشي مان ھي چري دل، نانگ وانگر ٿي نچي

 

رات دل کي خواب ۾، دلبر اچڻ لئي خود چيو
مان ھلي تو وٽ اچان ٿو، ڏينھن ٿيا آھن ڏٺي

 

ٺينگ ڏي، ڀلجان ٽپا، دل دوست جي آئي ڀلي
ڀلجان ڳائي ھو جمالو، مر جان جھمريون ڀي ھڻي

 

آ اکين کي ڀي اجازت، ڪن تياري رقص جي
موج مستي ڪن ڀلي، محبوب پنھنجي جي ڏٺي

 

عرض آھي ھن ھٿن کي، چست چپڙا ڀي ٿين
يار جي آئي نھ پٺتي، ڪا ڪسر ڪوئي ڇڏي

 

مشک عنبر ھاريو، واٽون ٻھاريو پنبڻيون
گل بدن، گل رنگ، دلبر جي مٿان گلڙا ڇٽي

 

گل، گلابي رنگ ٿو پھري جڏھن، سھڻو لباس
يار سھڻو، ٿو سڀن سھڻن کان، ٺاھوڪو لڳي

 

جنگ حسن و عشق جي وچ ۾، اجھو ٿي پيار جي
آ وڏو جھيڙو، ڏسون ٿا ڪير ٿو بازي کٽي؟

 

اڄ خوشي ۾ تنھنجي دل ’جوھر‘ وڃي وھلور ٿي
ڄاڻ ٿي دلدار سان محفل محبت جي مچي

 مون ڪڏھن ڪنھن سان دغا ڪانھ ڪئي
ڪنھن حڪمران جي ثنا ڪانھ ڪئي

 

جھڪايم نھ گردن، اڳيان غير جي
جھلي ھٿ فقيري صدا ڪانھ ڪئي

 

گھريم جيڪو، جڏھن بھ الله کان
مدد ڪنھن خدا کان سواءِ ڪانھ ڪئي

 

مان ڪڏھن فلڪ  تي اڏامڻ سندي
تقاضا، طلب، مدعا ڪانھ ڪئي

 

لکيو لوح تي جيڪو مون کي مليو
مقدر جي ھرگز گلا ڪانھ ڪئي

 

ڇڏيون ھيڏي دنيا ۽ اڻ کٽ جھان
وڃان ٿو، ڪنھن ڀي وفا ڪانھ ڪئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org