سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام حسن بخش

صفحو :3

نعت ۽ منقبت

(1)  نعت

[ڀيروي ــ ڪلواڙو]

مير مٺا سائين عربي ڄام،

تنهنجو ثاني ٻيو ڪونه ٿي ڄاڻان.

1 ــ ”رب هَب لي اُمتي“ ٻڌوسون،

شاهه شفيع جو شوق وڌيون سون،

دل ته جهلي اِن دام،

لائق، ته در ٿي ليلايان.

2 ــ مرسل، مئيءَ جي ڪج ڪا قسمت،

مير مڪي جا، هاشمي حضرت:

ورنهه وير و ريام،

عرب اُچڻ لي والي، واجهايان.

3 ــ مُئيءَ کي مديني احمد آڻي،

پاڪ حرم جو ڀريان پاڻي،

خاص پين سڀ عام،

سيد تو در سگ سڏايان.

4 ــ جاءِ اسان جي جنت البقيا،

اُتي اسان جا تهدل تڪيا،

”حسن بخش“ سيد سام،

پارس باند، ڳچيءَ ڳل پايان.

(2) نعت

[روپ ڪلياڻ ــ تين تال]

 

اسان جي شاهه جو ثاني،

نه ڪو ڄمندو، نه ڪو ڄايو،

1 ــ شهنشاهه شاه شريعت جو، توڪل ۽ طريقت جو،

هميشھ حال حقيقت جو، معرفت مرد مرڪايو.

2 ــ سيد آهي سخاوت جو، دولهه درياءُ رحمت جو،

قطب ڪامل آ وحدت جو، سو مرسل مي سامايو.

3 ــ هادي مرشد هدايت جو، والي، ورنهه ولايت جو،

آير پاران عنايت جو، سيد اچي دين سمجهايو.

4 ــ ”حسن بخش، مرد موچارو، آهي ڪُل پير پاڳارو،

قادر آ قرب ڪروارو، اَلِف جنهن لام سان لايو.

(3) نعت

[ڪلياڻ ــ تين تال]

گنهگارن گُناهين کي،

اَوهان جو آسرو آهي.

1 ــ پيغمبر پير تون پارس،

اَجهو آهين ونهيون وارث،

ڏهاڙي ڏينم ڏاتر ڏس

ڌڻي توريءَ ٻيو ناهي!

2 ــ مٺا مُرسل، تون سُڻ آهون،

منجهان دل درد جون دانهون،

ٻُڏن ڏي ٻاجهه جون ٻانهون،

ٻاهر ڪڍ جان سگهو ساهي.

3 ــ مُرسل مير مهرباني،

پسان اوهان جو جسم جاني،

پسايو پاڪ پيشاني،

وهم دل جا وڃو لاهي.

4 ــ ”حسن بخش“ آهي بس هيڪس،

رسول الله، رهبر، رس،

قلب منهنجي جي لاهيو ڪس،

ڇُٽائڻ تو اڳيان ڇاهي.

(4) منقبت امام حسن حسين

[ڪونسيو، تار ڏيڍو]

سادت سونهارا يارا،

فرزند حيدر پير جا.

1 ــ سي ڀلي ڄاوا ڀلا را، موليٰ بئي مقبول ڪيا،

             جنتي جايون جڙيون، جهوٽن هند ورا هير جا!

2 ــ عرب ۾ آڳي اُپايا، آل احمد ڄام جا،

             درد ۽ دُک سڀ ويا، سارا سورو يا ته سرير جا!

3 ــ ڪُفر ڪافر ويا سڀئي، پرڪت سان پنجتن پاڪ جي،

           دين مذهب خير ٿيا، سڀ غم ويا غمگير جا!

4 ــ حشر ۾ منهنجي سفارش، مير مرسل کي ڪجو،

           هٿين ”حسن بخش“ کي پياريو، شڪر پيالا سير جا!

(5)مرثيو امام حسين

[روپ تلنگ ــ تين تال]

 

آيُم اکين مان آب وي، ميان!

ڳلهه ٻُڌم، جڏهن ڪربلا واري!

1 ــ شاهه نبيءَ کي شهيد ڪيائون،

ڪري ته ڪڇن ۾ ڪتاب وي، ميان!

هئا ته قُران جا حافظ قاري!

2 ــ ڪلمي گو فاسق ته ڦري ويا،

ڪونه ڪيائون حجاب وي، ميان!

حُب هُنن حسنين جي هاري!

3 ــ ڪربل جي ميدان ۾ آيا،

بيڏوها بيحساب وي، ميان!

فوج مسافر مير جي ماري!

4 ــ ”حسن بخش“ چئي، حسن حسين جي،

سُڻي شهادت شتاب وي، ميان،

نيرُ نيڻن مان ٿيڙم جاري!

(6) منقبت امام مهدي

[ ڀيروي ــ ڪلواڙو]

آءُ سگهو تون سيد امام،

رويو تو لاءِ هنجو ويٺي هاريان!

1 ــ ور، ولهيءَ کي ڪيم وسارج،

قول ڪيل تون پنهنجا پارج،

جيڪي ڪيئه ته انجام ــ

سيد، توکي سدائين ٿي ساريان!

2 ــ سيد! سڪني سال لنگهي ويا،

درد وڇوڙي جا ورهه ونگي ويا،

ٿيا تيرهن سان تمام ـــ

قُربئون تولي ڪانگ اُڏايان!

3 ــ ڪين وڌائج، ڪُفر ڪنبائج،

مُوذي مُنڪر ماري منائج

اُچن منجهه اسلام ـــ

روز اوهان جي راهه نهاريان!

4 ــ ايندو ”حسن بخش“ مهدي مالڪ،

رحم ڪندو، رب راحم رازق،

سڙي ويندا خر خام ــ

گوهر تولي گهنگهر ٿي گهاريان!

(7) مرثيو، پير پاڳارو شاهه حزب الله شاه

[ڀيروي ــ چئنچل تار]

شاه حزب الله جو ساري ملڪ ۾ ماتم ٿيو.

1 ــ مي محبت جو پيالو، ڪوثر پُر جام ٿيو،

                  سان پيڻ تنهن جام جي، اثبات هي الزام ٿيو.

2 ــ سيد عالي مڪان، سو شھ شهيد امام ٿيو،

               عرش ڪُرسي زلزلو، آرض و سما ۾ قيام ٿيو.

3 ــ   ماڻهن جنن، حُورن پرين کي زهر ترتئون طعام ٿيو،

             سيد سندي سڪ سوز ۾، سڀني سُمهڻ حرام ٿيو.

4 ــ ”واحسرا وا“ ڪيو جيئن ڪربلا ۾ قتلام ٿيو،

          تيئن ڏک پاڳاري پير جو، اچي سوزمن ۾ مدام ٿيو!

5 ــ تن تي لعنت رب جي، جن خسرن کا خُلام ٿيو،

             شاهه شهادت کي رسي، وڃي ڄامن سندو ڄام ٿيو.

6 ــ هاڻ ”حسن بخش“ درد دلرب جو ته صاح و شام ٿيو،

            درجو شاه حسين جو اُن عاشق کي ته انعام ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org