سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:10 

جيستائين ڪشمير جي سوال جو تعلق آهي، اهو اسان جو اهم ترين سوال آهي، بلڪ در اصل هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي مسئلو آهي. اسان جي ۽ ڀارت جي وچ ۾ اختلاف جي وڌي کاهي پيدا ڪرڻ وارو اهوئي مسئلو آهي. اهو دنيا لاءِ به هڪ سنگين مسئلو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ اسان جو عظيم مفاد سمايل آهي، پر ڪشميرين جي مفاد سڀني کان عظيم ترين آهي، اهو هڪ المباڪ واقعي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي جو انهن کي خوداراديت جي حق کان محروم رکيو ٿو وڃي. درحقيقت هن برصغير ۾ فقط اهي ئي انسان آهن. جيڪي اڃا تائين هڪ بيٺڪي حڪومت هيٺ پيڙهجي رهيا آهن، ۽ سا به بيحد ظالم حڪومت اڄ ڪشمير جي عوام کي ڀارت جي جنگي ڪار گذارين ۾ بهري وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. ڀارت هن وقت ردل آهي. تنهن سان انهن جو ڪنهن به قسم جو واسطو ڪونهي. ڪشمير ڪو ڀارت جو حصو نه آهي.

آخر ۾، حڪومت جي طرفان آئون چوڻ گهران ٿو، ته اسين پرڏيهي پاليسيءِ ته هن بحث ٻڌڻ لاءِ منتظر آهيون. مون کي اميد آهي ته ميمبرن طرفان خيال آرائي ٿي وڃڻ کان پوءِ مون کي سندن اٿاريل حجتن تي حڪومت جي پوزيشن جي وضاحت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

 

[ 6 ]

ايران سان سرحدي معاهدو – افغانستان ۽ ٻين ايشيائي

ملڪن سان لاڳاپا – ڪشمير، هڪ غيرطي

شده سوال – مغرب سان لاڳاپا

24- جولاءِ 1963ع )

مان مير مجلس  ( اسپيڪر جو ٿوائتو آهيان، جنهن پنهنجيءَ شفقت سان مون کي پنهنجيءَ جڳهه تي ويهي ايوان کي مخاطب ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. مان ايوان جي انهن ميمبرن کان به معذرت طلب آهيان، جن جون تقريرون مان ٻڌي نه سگهيس، ڇاڪاڻ جو مان پنهنجيءَ طبعيت جي ناسازيءَ سبب، جنهن ڏانهن، جناب والا، اوهان همدرديءَ جي لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي، ايوان ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس. سچ پچ ته منهنجي دل ۾ معزز ميمبرن ڏانهن ڪنهن به قسم جي بي مروتيءِ جو ڪوبه سوال ڪونه هو. بهرحال، مون کي ايوان جي ڪاروائي جي مڪمل تفصيل جي طلب ڪئي آهي، انهي ءَ لاءَ ته جيڪي ڪي منهنجي غير حاضريءَ ۾ وهيو واپريو آهي، تنهن کان آئون آگاهه ٿي وڃان.

مون کي معلوم نه آهي ته هيءَ ڳالهه ڪا منهنجي لاءِ مناسب ٿيندي، ته گذريل اٺيتاليهن ڪلاڪن ۾ ڪن ميمبرن جيڪي الزام لڳايا آهن، تن جو ذڪر ڪريان . بهرحال، مان مڙني بشري خامين سان ڀرپور، هڪ بشر آهيان. انهيءَ ڪري ڪنهن کي به تعجب ٿيڻ نه گهرجي، جيڪڏهن آئون انهن غلط ۽ بي بنياد ذاتي الزامن جي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور  ٿي وڃان، جيڪي ڪن ميمبرن طرفان مون تي لڳايا ويا آهن. ليڪن، دوباره غور ڪرڻ تي، مون فيصلو ڪيو آهي، ته انهيءَ کان پري رهان، ڇاڪاڻ ته الزام اهڙا ته قطعي بي بنياد آهن، جن جي اصليت کان هرڪو اهڙيءَ طرح واقف آهي، جو انهن جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان هروڀرو ايوان جو وقت ضايع ٿيندو.

پرڏيهيءَ پاليسيءَ بابت هن بحث جي دوران، مخالف ڌر جي ميمبرن ڪي اهڙيون حجتون اٿاريو، جي هڪٻئي جي ابتڙهيون، هڪ طرف اسان کي ٻڌايو ويو، ته حڪومت سنئين سڌي ۽ ٺوس پرڏيهي پاليسيءَ پيش نه ڪئي آهي. ۽ ان کي مدي خارج فقرن ۽ معذرتن جي پرديءَ ۾ جن کي پندرهن سالن دوران لاڳيتو باقاعدگيءَ سان دهرايو ويو آهي. پناهه ڏني ويئي آهي. ٻئي طرف مخالف ڌر جي ميمبرن پنهنجي طرفان پاليسيءَ بنسبت ڪي به ٺوس تجويزون پيش نه ڪيون آهن. هو آخرڪار عوام جا نمائندا آهن ۽ هن ايوان ۾ مجموعي طور ڏهه ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪن ٿا. مخالف ڌر جي خيال موجب، جيڪڏهن اسين، حڪومت جا سربراهه ڪا واضح ۽ صاف پرڏيهي پاليسيءَ قائم نه ڪري سگهيا آهيون جيڪا اسانجين موجوده حالتن ۽ تقاضائن جي ٺهڪندڙ هجي، ته پوءَ مخالف ڌر جي معزز ميمبرن تي لازم هو، ته هو اهڙي پاليسيءَ بابت پنهنجون تجويزون ميدان ۾ آڻين ها. پر هنن ڪي به تعميري تجويزون پيش نه ڪيو آهن.

اسان کي ٻڌايو ويو آهي، ته جهڙي نموني اسين هٿيارن لاءَ گداگري ڪري رهيا آهيون، تنهن اسان لاءِ هڪ بين الاقوامي غذاب کڙو ڪري ڇڏيو آهي. مان تسيلم ٿو ڪريان. ته پنڻ هڪڙو تمام شرمساريءَ جو ڪم آهي، پر ڪنهن به طرح، جيڪڏهن ملڪ جا مفاد اسان کان پنڻ جي تقاضا ڪن، ته پوءِ منهنجي خيال ۾ اهڙو پنڻ حب الوطنيءَ جو مثال بنجي ويندو، تنهنڪري اهو تعريف جوڳو ٿيندو، ۽ نه ملامت جوڳو.

دراصل پنڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. حقيقت هيءَ آهي، ته پاڪستان جي جاگرافيائي – سياست  واري حيثيت دنيا لاءِ ۽ عظيم طاقتن جي عالمي فوجي حڪمت عملي لاءِ اهميت واري آهي. اسان کي امداد انهيءَ ڪري نٿي ملي جو اسين ان لاءِ هٿ ٽنگيون ٿا. اسان کي انهي ڪري امداد ملي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڏهه ڪروڙ باشندن جي هڪ يڪي قوم  آهي، ۽ ان سان گڏ جاگرافيائي – لحاظ کان بيحد اهميت وارو ملڪ آهي. اولهه پاڪستان وچ  اوڀر سان لاڳاپيل آهي، جو علائقو دنيا لاءِ نهايت اهيمت وارو آهي. ملڪ جو ٻيو اڌ. يعني اوڀر پاڪستان ڏکڻ – اوڀر ايشيا جي گرم مزاج علائقي جي سرحد تي واقع آهي انهيءَ  حالت جي مدنظر ، پاڪستان کي امداد ڏيڻ ۾ ڪن طاقتن جو پنهنجو مفاد سمايل آهي .

اهي طاقتون پاڪستان کي انهي ءَ لاءِ مدد ڏيئي رهيون آهن، جو انهن سان دفاعي معاهدن ۾ پاڪستان پاڻ کي پابند رکيو آهي. اهڙيءَ طرح ، پاڪستان ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾، جي ان جي مدد ڪري رهيا آهن، مفاد ۽ ڏيتي- ليتيءِ جي سوديبازي آهي.

ميمبرن طرفان اسان کي چيو ويو ته ساڳيون ئي طاقتون ڀارت کي خطرناڪ حد تائين هٿياربند بنائي رهيون آهن، ۽ جيڪي هٿيار ان کي مهيا ڪيا وڃن ٿا، سي پاڪستان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ڪيا ويندا. ٻئي طرف، ڪن ميمبرن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀارت، پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته ڀارت بيحد انتشار ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي حالت ۾ آهي. هڪ ميمبر ته ائين به نه چيو ته ڪو ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي حالت ۾، بلڪه چيو ته اهي اڳئي ٽڪرا ٽڪرا شروع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪري، هن ظاهر ڪيو ته ڀارت کي جيڪا امداد ملي رهي آهي، يا اڃا آئيندي ملندي، سان پاڪستان لاءِ ڪنهن به قسم جو خطرو پيدا نه ڪندي.

اهڙي قسم جا بيان هڪٻئي جي ابتڙ آهن- اسان کي ڪن ميمبرن مشورو ڏنو آهي، ته ڀارت کي بي انداز فوجي امداد ملڻ تي پاڪستان کي حسد ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڀارت کي اهڙي قسم جي مدد ڏيڻ ۾ مغربي طاقتن جي عالمي فوجي حڪمت عملي ڪار فرما آهي جيڪڏهن هن قسم جي بيان لاءِ عام راءِ جي صحيح عڪاسي هجڻ جي دعوا ڪئي وڃي ٿي. ته پوءَ اسين چاهيون ٿا ته جن ميمبرن اهو  بيان ڏنو آهي يا ان حمايت ڪئي آهي، سي ان کي ثابت ڪن جيڪڏهن پاڪستان جا باشندا هن نئين نظريي سان موافق آهن، ته پوءَ اسان کي ڪنهن تي به الزام رکڻ نه گهرجي، ۽ انهيءِ دليل کي قبول ڪرڻ گهرجي، ته ڀارت کي فوجي امداد ڏيڻ ۾ مغربي طاقتن جو عالمي مفاد سمايل آهي

بهرحال، اها ڳالهه صحيح نه آهي. منهنجي گذارش هيءَ آهي ته ڀارت کي جيڪا فوجي امداد ملي رهي آهي، تنهن تي پاڪستان جي باشندن کي بيحد تشويش آهي. انهن تشويش جو بنياد هي آهي، ته گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾ ڀارت گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا اڳرائي جو ڪاروايون ڪري چڪو آهي. ۽ اهي بنيادي طرح پاڪستان جي خلاف هيون، اسان کي انهيءَ ڪري، تشويش ڪرڻ جو قوي سبب آهي. حقيقي معنيٰ ۾ ۽ اصولي طور اهو عظيم طاقتن جي عالمي مفادن وٽان نه آهي، جو ڀارت جي بي انداز مدد ڪري رهيون آهن. انهيءَ لاءِ ائين ڪري رهيون اهن ته جيئن نئين دهليءَ کي ٻيو چنگڪنگ ( Chungking ) بنائين، ۽ هاڻوڪيءَ ڀارتي حڪومت کي ٻئي ڪومنٽنگ“ ( Kuomintang ) ۾ تبديل ڪن. اسين انهيءَ امداد جي حشر کان واقف آهيون، جيڪا چيانگ ڪائي- شيڪ کي ڏني ويئي هئي. چيانگ وارو چين زوال پذير ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي حالت ۾ هو، تنهنڪري ان کي مليل امداد موثر طريقي ۾ استعمال ٿي نه سگهي ڀارت پڻ زوال ۽ زبونيءَ جي حالت ۾ آهي.

ان کي مليل امداد جو نتيجو به اهڙوئي نڪرندو، جيئن چين جي حالت ۾ ٿيو ايوان جي ڪن ميمبرن حڪومت  تي ايران کي هن ايوان جي اطلاع سواءِ پنهنجي قومي علائقي جي ٽي هزار چورس ميل ايراضي ڏيئي ڇڏڻ جو الزام رکيو آهي. پاڪ – ايران سرحدي معاهدو گهڻو اڳ 6- فيبروري  1958ع جي معاهدي مطابق جيڪو پنجانوي چورس ميل علائقو اسين هن وقت حاصل ڪري رهيا آهيون، سو جيڪر ايران وٽان اسان کي نه ملي ها. انهيءَ ڪري مان چوندس ته ايران سان سرحدي معاهدي موجب ، در اصل پاڪستان کي پنجانوي چورس ميل جو فائدو حاصل ٿيو. 15- جولاءِ 1963ع تي ڪوئيٽا ۾ انهيءَ معاهدي جي تعميلات جي جيڪا رسم ادا ڪئي ويئي.تنهن ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ قائم ٿيل قديمي دوستيءَ تي مهر لڳائي ڇڏي. جيئن ايوان جي ميمبرن کي معلوم آهي، اقوام متحده جي ٺهرائن پٽاندر، ڪشميري باشندن جي خوداريت واري حق کي ايران جي حمايت حاصل آهي. مان ڀانيان ٿو ته ايران سان اسان جي ناتن بابت، ۽ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو عمل ۾ آيل سرحدي معاهدي جي اصليت بابت، مون ڪافي وضاحت ڪئي آهي.

افغانستان سان جيڪو هڪ اسلامي ملڪ ۽ اسان جو پاڙيسري آهي. اسانجن لاڳاپن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. افغانستان جي عوام لاءِ اسان کي بيحد عزت آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي سياسي لاڳاپن ٽٽڻ  ۾ اسان جو هٿ ڪونه هو. اسان جي ملڪ خلاف افغانستان جيڪو بي بنياد علاقائي حق ڄاڻايو آهي. انهيءَ کان اسين باخبر آهيون. مان پنهنجي مسئلي جي انهيءَ رخ جو ذڪر ڪرڻ نٿو گهران، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين سر سياسي لاڳاپن بحال ٿي وڃڻ بعد، اسين سڀ پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام درميان مفاهمت جي هڪ نئين باب جي ابتدا ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. جيئن مون چيو آهي، اسان صرف افغانستان سان سياسي لاڳاپا نئين سر جوڙيا آهن، منهنجي دوست مخالف ڌر اڳواڻ جي سوال جو اهو جواب آهي، بهرحال ، نئين سر جوڙيل سياسي لاڳاپن ۽ ٻِين مختلف نمونن جي رابطن ذريعي، اسان کي اميد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي باقي مسئلن کي به اسين حل ڪري سگهنداسين. ساڳئي جذبي سان ڪهڙا به مسئلا هجن ، اسين انهن کي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. جيڪي اسان ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي وچ ۾ روڪاوٽ هجن. اهوئي جذبو هو. هيٺ اسان ڀارتي حڪومت کي چيو ته هوءَ ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو ڀارتي ۽ پاڪستاني عوام جي هڪٻئي ڏانهن خير خواهيءَ اڳيان روڪاوٽ بنيو بيٺو آهي

اسان سڌيءَ طرح ڳالهين ذريعي ٻين ملڪن سان پنهنجن اختلافن کي دور ڪيو آهي، اها ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته اقوام متحده جي هڪ ميمبر هجڻ جي حيثيت ۾، اسين پنهنجن تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهيون. منهنجن مخالف ڌر وارن دوستن چيو آهي.ته پاڪستان کي پنهنجي پاڙيسرين – نيپال ،سري لنڪا ، انڊونشيا، برما ۽ افغانستان سان دوستاڻن ناتن پيدا ڪرڻ تي قابليت جي دعويٰ  ڪرڻ نه جي خيال کان انهن ملڪن سان پنهنجن دوستاڻن ناتن جو ذڪر نه ڪيوهو . بلڪ منهنجو مقصد انهن ملڪن سان پنهنجن دوستاڻن ناتن جو ذڪر نه ڪيو هو، بلڪ منهنجو مقصد انهن ملڪن ۽ ڀارت جي رويي جي وچ ۾ فرق ڏيکارڻ هو. ڀارت جو رويو انهن مسئلن تي جيڪي هن. ۽ سندس پاڙيسرين جي لاڳاپن تي بريءِ طرح اثرا نداز آهن، گهمنڊ ۽ ضد وارو آهي. مون جيڪي ڪجهه چيو، سو ڀارت جي پنهنجن پاڙيسري ملڪن – پاڪستان، سري لنڪا ۽ چين- ڏانهن تعصب ۽ تنگدليءَ جي روش تي تبصرو هو. ڀارت تنهن هوندي به هڪ صلح پسند ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. پنهنجن پرامن ارادن ۽ دعوائون کي ثابت ڪرڻ جو بهترين طريقو اهوئي آهي ته ڀارت نه رڳو اسان سان، پر پنهنجن ٻين پاڙيسرين سان به پنهنجن تڪرارن کي حل ڪري، ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ايماندارانه خواهش آهي، ته برصغير جا سڀيئي ملڪ هڪٻئي سان امن ۽ اتفاق ۾ رهن.

بدقسمتيءَ سان، ڀارت دنيا سندس اڻ مناسب دليلن تي ڀنڀلجيو وڃي. اها هن برصغير جي بدبختي آهي. جو اهي طاقتون جيڪي ڀارت جي ذهينت کي نٿيون سمجهن، سي ان جي پاليسين جي ظاهري رنگ ڍنگ کي قبول ڪرڻ لاءِ هردم تيار آهن. انهن حالتن ڀارت لاءِ اهو ممڪن ڪري ڇڏيو آهي ته هو برصغير ۽ دنيا جي امن کي خوفزده ڪندو رهي.

هاڻي، اهو چيو ويو آهي ته ڪشمير بابت ڀارت سان ڳالهيون هلائي اسان غلطي ڪئي آهي، انهن ڳالهين هلائڻ تي اسان جي مخالف ڌر وارن دوستن اسان تي نڪته. چيني ڪئي آهي. پر پنهنجي نڪته چينيءَ جو ڪوبه مناسب سبب پيش نه ڪيو اٿن. جن مفروضن تي هنن پنهنجي راءَ قائم ڪئي آهي، سي حقيقت تي مبني نه آهن. هنن چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهيون هلائي، اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي ريٽي ڇڏيو آهي. آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته ڀارت سان ڳالهين هلائڻ جي ڪري ڪنهن به حالت ۾ اهو حق  ريٽجي ڳالهين جي هر دور ۾ -- پهرئين دور ۾، ٻئي دور ۾ ٽئين دور ۾، ٽئين دور ۾ چوٿين دور ۾ پنجين ۽ ڇهين دور ۾ ڪشميري عوام جو خوداراديت وارو حق اسان لاءِ فيصلي تائين پهچڻ جو بنياد بنيو رهيو . جيئن مون اڳي ڄاڻايو آهي، تفصيلي جائزي وٺڻ سان اهو ظاهر ٿيندو ته انهن ڳالهين هلائڻ سان اسين فائدي ۾ رهيا آهيون.

هاڻي ثابت ڪندس ته ڪيئن ٻئي طرف ڀارت انهن ڳالهين جي ذريعي خساري ۾ ويو . اوهان کي ياد هوندو ته گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾ ڀارت هميشه اهوئي مؤقف پئي اختيار ڪيو آهي، ته ڪشمير جو مسئلو طي ۽ ختم ٿي چڪو آهي. ڀارت انهيءَ تي ضد ڪندو رهيو ته ڪشمير ڀارتي يونين جو هڪ اهڙو ئي سالم حصو آهي، جهڙو مهاراشٽر يا اوڙيسا يا مدارس . قانوني ، سياسي اقتصادي، سماجي توڙي ٻئي هر نقطه نگاهه کان، ڪشميري عوام ڀارتي قوم جو هڪ لازمي حصو آهن؛ ۽ انهيءَ ڪري ڪشمير جي تڪرار جهڙي مسئلي جو ڪو وجود ئي ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾. آئون ڀارت جي ڪن مکيه بيانن جو ذڪر ڪندس.

... ڪشمير ڀارت جي اتر ڇيڙي تي آهي .. هيءُ خيال ته ان تي قبضو ڪيو ويو آهي . جيئن سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويو آهي ، قطعي غلط آهي .......... پوءِ اسان جي فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ واري حق جو وجود ئي ڪونهي ...... ڀارتي حڪومت سواءِ انهيءَ جي ته شموليت هڪ مستحڪم اقرار نامو آهي، ٻيءَ ڪنهن به تشريح کي ڪڏهن به تسليم نٿي ڪري سگهي. جڏهن ڪشمير شامل ٿي ويو، ته مسئلو ختم ٿي ويو.

( مسٽر ڪرشنامينن جو بيان “

23- جنوري 1957ع تي، سلامتي ڪائونسل ۾ )” انهي ڪري  27 آڪٽوبر تي ڄمونءَ ۽ ڪشمير جي رياست جي شموليت، مڪمل ۽ قطعي شموليت هئي.. جيتريقدر ڪشمير ۽ ڄمونءَ جي خود مختياريءَ جو تعلق آهي، اها مهاراجا جي انگريزي راڄ سان شموليت واري قانوني عهدنامي مطابق، ڀارتي يونين جي خود مختياري بنجي ويئي آهي ..... اسان جي قانون ۾ عارضي شموليت جي قسم جي ڪابه گنجائش ڪانهي ........

( مسٽر ڪرشنا مينن جو بيان،

3- مئي 1962ع تي، سلامتي ڪائونسل ۾ ) اسين ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست جي يونين سان شموليت کي مڪمل ۽ قطعي قرار ڏيون ٿا، جا ناقابل تنسيخ ۽ دائمي آهي..... اسين ڪڏهن به هن مسئلي تي وساطت يا ثالثيءَ لاءِ آماده نه ٿينداسون..

( مسٽر ڪرشنامينن جو بيان “

4- مئي 1962ع تي سلامتي ڪائونسل ۾ )

اها هئي ڀارتي حڪومت جي پوزيشن. اهو انهيءَ پوزيشن جي بنياد تي هو، جو ڀارت ڪشمير جي مسئلي تي نئين سر ڳالهين ڪرڻ کان يا ان کي هڪ تڪرار تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ۽ ڪوشش ڪري روس جي حمايت حاصل ڪئي، جڏهن 1955ع ۾ خروشيف ڀارت ۾ وارد ٿيو. ان وقت روس جي اڳواڻن کي چيو ويو هو، ته اها ڀارت جي طي شده پوزيشن آهي، ۽ ڀارت پاڪستان سان ڪشمير تي سڌيءَ طرح يا اقوام متحده  جي ذريعي ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به آماده نه ٿيندو. انهيءَ ئي بنياد تي، دوست ڪشمير جي سوال تي ڀارت جي زبردست حمايت ڪئي ليڪن جڏهن ڳالهين کي نئين سر شروع ڪيو ويو ته انهيءَ جو اهوئي مطلب هو ته ڀارت ڪشمير جي تڪرار جي وجود کي تسليم ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڀارت ڳالهين واري ميز تي ” ڪشمير جي تڪرار کي منصفانه ۽ شانائتي بنياد تي ” طي  ڪرڻ لاءِ آيو  هي لفظ 29- نومبر 1962ع واريءَ گڏيل پڌرائيءَ جا آهن . ڳالهين جي پڄاڻي بعد به ساڳي ئي پوزيشن رهي. جڏهن هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت ۽ پاڪستان ڪشمير جي تڪرار جي هڪ شانائتي ۽ منصفانه حل لهڻ جي ڪوشش ورتي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا. اهڙيءَ طرح ڀارت کي مجبور ڪيو ويو آهي، ته الحاق يا شموليت جي تڪميل واري دائري کي ترڪ ڪري، جنهن جي ئي بنياد تي کيس ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل وارن بحثن ۾ روس مسلسل حمايت حاصل ٿي هئي. هيءُ حڪومت ڪشمير جي سوال کي، جو دنيا جي اهم ترين تڪرارن مان هڪ آهي، پنهنجي جائز حيثيت ڏيارڻ تي بجا طور فخر ڪري سگهي ٿي.

بهرحال مون کي اهو چوڻ جي اجازت ڏيو ته ڪشمير جو مسئلو اسان جو پيدا ڪيل نه آهي. اسان کي اهو پاڪستان جي اڳين حڪومتن کان ورثي ۾ مليو آهي. ڪشمير ۾ لڙائي بند ڪرائڻ لاءِ ڪير جوبدار هو؟ ڀارت سان جنگبندي واري حقيقت هيءَ آهي ته ڪشمير جي مسئلي تي غلط رويي اختيار ڪرڻ لاءِ اڳيون حڪومتون جوابدار هيون. ڪمزوري ۽ غير مستقل مزاجي انهنجي پاليسين جو خاصيتون هيون. جيڪڏهن اسين ڪنهن به ڳالهه لاءِ جوابدار آهيون، ته اها آهي اندروني پائيداريءَ کي بحال ڪرڻ ۽ ڪشمير جي سوال کي نئون رخ بخشڻ.

ڪشمير جي معاملي ۾ اسان وري به ڪي قدر ترقي ڪئي آهي.اسان پنهنجيءَ جدوجهد سان هن مسئلي کي ٻيهر دنيا جي اکين اڳيان آندو آهي انهيءَ  کي هڪ ڀيرو وري به بين الاقوامي برادريءَ کي درپيش مسئلن مان هڪ اهم ترين مسئلو تسليم ڪيو ويو آهي.

اسان کي چيو ويو آهي ته اسان ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ جو هڪ سنهري موقعو وڃايو آهي، جڏهن چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ جاري هئي منهنجي خيال ۾، هي هڪ غير ذميداري ۽ ڪوتاهه بينيءَ جونظريو آهي، جيئن مون ذڪر ڪيو آهي،  پنهنجين اڻٿڪ ڪوششن ۽ مسلسل جدوجهد جي ذريعي اسان ڪشمير جي مسئلي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو آهي. اسين ان کي الماڙيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيا آهيون جنهن ۾ اهو بند پيو هو.

چين ۽ ڀارت جي جهڳڙيءَ مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڀارت پڪو ارادو ڪيو آهي ته ان جي نوعيت ۽ اهميت بابت مبالغي کان ڪم. وٺي، ڀارت جو بهرحال اصل ارادو اهوئي آهي ته چين جي لڙائي کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ هٿيار حاصل ڪري. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت ۾ لڙائي جو جنون پيدا ڪيو ويو آهي. اهي اقتصادي پاليسيون اختيار ڪيو ويون آهن، جن عام ماڻهوءَ کي پيڙهي ڇڏيو آهي. ڀارت اهڙا اپا اختيار ڪيا آهن، جي ناممڪن العمل ۽ بلڪل بيڪار آهن، انهيءَ  ڪري اڳ ۾ ئي ڀارت جي باشندن ۾ ڪمتريءَ جو احساس پيدا ٿي ويو آهي، رشوت خوري وڌي ويئي آهي، ۽ اقربا پروري انتها در تي پهچي ويئي آهي. تنهن هوندي به  پنهنجين پاليسين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڀارتي حڪومت سخت اپاءَ وٺي رهي آهي.

انهن اپا ئڻ جي نتيجي ڪري انهيءَ ملڪ جا باشندا اهڙين ڄالتن مان گذري رهيا آهن جيڪي اقتصادي تباهيءَ جي علامت هونديون آهن ۽ جن ۾ کين اهڙي مقصد لاءِ عذاب ڀوڳڻا ۽ قربانيون ڏيڻيون آهن جنهن کي هو سمجهي نٿا سمجهي سگهن پنهنجي عوام جي مرضيءَ خلاف ڪيتري عرصي تائين ڀارت جي  حڪومت انهن پاليسين جو بوجهه برداشت ڪندي رهندي ڀارت جا باشندا به ته آخر ڪار انسان ئي آهن هنن کي به ٻين انسانن وانگر  اٽي اجهي ۽ لٽي جي ضرورت آٰهي انهن بنيادي ضرورتن کان محرومي جي ڪري هو غربت غلاظت ۽ مصيبت جي زندگي گذاري رهيا آهن  نتيجي  طور  هنن ۾شديد مايوسي گهر ڪري ويئي آهي

هاڻي جيڪڏهن ڀارت جي باشندن جي احساسات جي اها حالت آهي ته مان اوهان کان پڇان ٿو ته ڪشمير جي با شندن جي احساسات جي ڪهڙي حالت هوندي جي ڀارتي يونين جو حصو نه آهي ۽ جن ڪڏهن به ڪشمير کي ڀارت جو ڀاڱون  تصور ڪيو آهي؟ هنن کي سختين سهڻ لاءِ ڇاڪاڻ مجبور ڪيو ڪيو ٿو وڃي، ۽ هو ڪنهن اهڙي مقصد لاءِ جنهن سان سندن ڪو واسطو ڪونهي، اهڙي جهڳڙي لاءِ، جنهن کان هو بي تعلق آهن ۽ سندن ڪو به مطلب ڪونهي، ڇالاءِ قربانيون پيش ڪن؟ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي؛ هن حقيقت کي ماضيءَ ۾ ڀارت تسليم ڪيو آهي، ۽ اڄ به ان کي تسليم ڪري ٿو. ڪشمير جي باشندن کي ڀارت جي خاطر، جنهن جي هو  بيٺڪي غلاميءَ ۾ آهن، مصيبتن سهڻءَ لاءِ ڇو آماده ڪيو وڃي؟ ڀارت کي ڪوبه حق نٿو پهچي ته هنن کي انهيءَ مقصد جي پيش نظر قربانين ڏيڻ لاءِ چون ، جنهن کان هو لاتعلق آهن. هي هڪ اهم معاملو آهي، ماضيءَ ۾ ڀارت دنيا کي ٻڌائيندو هو ته پاڪستان وچولي زماني جي هڪ خدائي (theocratic) حڪومت آهي، جنهن ۾ جمهوريت جو ڪو وجود ئي ڪونهي، ان جي ابتڙ، اها دعويٰ ڪئي ويندي هئي، ته ڀارت ۾ جمهوري طرز جا ادارا آهن، ٽي دفعا چونڊون ٿيل آهن. فولاد جا ڪارخانا آهن. هو نئن به ڪافي اقتصادي ترقي ڪئي اٿس، ۽ اتي جا باشندا بهتر زندگي بسر ڪري رهيا آهن، هنن اها به حجت اٿاري ته ڪشمير جا باشندا ڀارتي قوم جي حصي بنجڻ جا خواهشمند آهن، جيڪا ايتريقدر خوشحال. آسودي آهي.

ڇا ڀارت هن وقت به اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو، ڪشمير جا عوام ڀارت جي حصي بنجڻ جا خواهشمند آهن؟ يقنا نه – پر تنهن هوندي به هنن کي ڀارت جي خاطر مشڪل ترين قربانين ڏيڻ لاءِ لڙائي لڙڻ لاءِ آماده ڪيو ٿو وڃي، جنهن جا هو خواهشمند نه آهن.

اڄ جيڪڏهن ڪشمير جا باشندا پاڪستان ۾ هجن ها، ته پنهنجي اترئين پاڙيسريءَ سان ڪنهن به تڪرار کان سواءِ هو آزاد ڪشمير ، گلگت، ۽ هنزا جي باشندن جيان امن ۽ سلامتي ۾ گذارين ها. پر هو ڀارت جي غلاميءَ ۾ آهن ۽ سندن سرزمين کي لڙائيءَ جو ميدان بنايو ويو آهي. ڀارت ڪشمير کي ان جي امن سڪون ۽ سلامتي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. عوامي چين جي خلاف ان کي هڪ جنگي آکاڙي ۾ تبديل  ڪري ڇڏيو آهي. هي اهم معاملا آهن، جن کي ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ غور هيٺ آڻڻو آهي.

پهريون ته ڪشمير جي باشندن کي مجبور ڪيو ويو آهي، ته هو صعوبتون سهن، ڀارت جي خاطر انهيءَ جهڳڙي لاءِ قربانيون ڏين، جنهن سان هنن جو ڪوبه تعلق ڪونهي. ٻيو ته جنهن نموني هنن جي سر زمين ۾ هٿيار ۽ جنگي سامان ڦٽا ڪيا ويا آهن، تنهن جو به هنن کي مقابلو ڪرڻو آهي. ڀارت گهڻي عرصي تائين ڪشمير کي پنهنجيءَ اطاعت ۾ هرگز رکي نه سگهندو، تنهنڪري حالتن جو نتيجو لازمي طرح هڪ وڌي ڀنڀٽ جي صورت ۾ پڌرو ٿيندو. انهيءَ خطرناڪ نتيجي کي ٽارڻ لاءِ، ڀارت کي ان جي مستقبل جي مسئلي کي عزت ۽ انصاف جي شرطن پٽاندر حل ڪرڻ لاءِ آماده  ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ٿي وڃي، ته پاڪستان ڀارت سان امن ۽ دوستيءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار ٿيندو، جهڙيءَ طرح پاڪستان پنهنجن ٻين پاڙيسرين- جهڙوڪ سري لنڪا، افغانستان. ايران برما  ۽ چين ، سان گذاري رهيو آهي. اسين اهڙيءِ تبديليءَ جو خير مقدم ڪنداسين.

اسين هڪ اهڙي قوم آهيون، جنهن جو جهڳڙي يا جنگ ۾ ڪوبه ويساهه ڪونهي. اسان جي تاريخ گواهه آهي ته اسان ڪڏهن به طاقت کي استعمال نه ڪيو آهي. برخلاف ان جي، اسان هميشه اشتعال جي مقابلي ۾ صبر کان ڪم ورتو آهي. اهو ڀارت ئي آهي.، جنهن جنگ ۽ جنگ جي ڌمڪين کي استعمال ڪيو آهي. پر هاڻي ڀارت جو زمانو پورو ٿي چڪو . هاڻي هو ننگو ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري اڪيلو رهجي ويو آهي.

اولين اهيمت جون ڳالهيون، اول ٿيڻ گهرجن، ڀارت کي اندازو لڳائڻ گهرجي، ته سندس اصل حيثيت ڇا آهي؟ ايشيا ۾ ڀارت اڄ هڪڙي مشڪوڪ قوم آهي. هيءَ اها قوم آهي. جنهن تي سندس پاڙيسرين کي اعتماد ڪونهي. عوامي چين کي ان تي ڀروسو ڪونهي. ڀارت ۽ انڊونيشيا ۾ درميان ڪشيدگي آهي. ايشيائي – آفريقي ملڪن ۾ ڀارت جي چال چلت بنسبت عام طرح شديد بدگماني آهي. ڀارت ڪيتري عرصي تائين پنهنجن حماقتن تي ضد ڪندو، ۽ هڪ هٺيلي ۽ اڪيلي قوم جو ڪردار ادا ڪندو؛ ڀارت کي پنهنجي اوچي ۽ ڏاڍ مڙسيءَ واري وضع ترڪ ڪرڻ گهرجي، ڀارت کي پاڪستان سان پنهنجن تڪرارن کي شانائتن شرطن تي حل ڪرڻ گهرجي. ڀارت کي جيڪڏهن رڳو ائين ئي ڪري گذريو، ته برصغير جي باشندن لاءِ اهو هڪ عظيم ۽ شاندار دور جو پيش خيمو ٿيندو.

ڀارت پاڪستان کي ” جنگ نه ڪرڻ “ جي معاهدي جي آڇ ڪئي آهي. اسان کي انهيءَ آڇ ۾ دوستيءَ جو هٿ نظر نٿو اچي. حقيقت ۾ اها هڪ پر خطر آڇ آهي. جيستائين ڪشمير جو تڪرار وجود ۾ آهي. تيستائين اها ڳالهه بعيداز عقل ٿيندي، ته اسين ڀارت جي جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي کي قبول ڪريون. جيڪڏهن اسين اهو قبول ڪريون، ته پوءَ ان جو مطلب هي ٿيندو ته اسين جنگبندي لائين کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير جي قطعي سرحد طور تسليم ڪري چڪاسين. ٻين لفظن ۾، جيئن ڀارت گهري ٿو . اسين ڄڻ موجوده حالتن  جي بنياد تي ورهاڱي جي ذريعي ڪشمير جي سوال جو فيصلو قبول ڪري چڪاسين، اهڙيءَ طرح. موجوده حالتن ۾، جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي جو مطلب ٿيندو. هاڻوڪين حالتن جي بنياد تي ڪشمير جي مسئلي جو فيصلو ، اتي جي باشندن جي رضا منديءَ کان سواءِ ، جنهن کي پاڪستان  اڄ، سڀاڻي يا هڪ سؤ ورهين پڄاڻا به هرگز قبول نه ڪندو.

ازانسواءِ، تاريخ اسان کي جنگ نه ڪرڻ وارن معاهدن بابت ڇا ٿي سيکاري؟ ” ڪيلاگ پئڪٽ ، ( Kellog Pact ) جو حشر عالم آشڪار  آهي . تازي جرمنيءَ ربن ٽراپ – مالوٽوف واور جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو روس سان ڪيو، تنهن هوندي به جرمنيءَ روس تي چڙهائي ڪئي ڀارت سان جنگ نه ڪرڻ جي معاهدي جو اثر رڳو اسان کي پنهنجي سلامتيءَ جي هڪ غلط احساس ۾ مبتلا ڪرڻ جو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان اسين ائين سمجهڻ لڳنداسين  ته ڀارت  اسان خلاف ڪڏهن به طاقت  استعمال نه ڪندو. تنهن کان پوءِ اسين  ڀارتي اڳرائيءَ جو آسانيءَ سان شڪار ٿي سگهنداسين. گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾، ڀارت گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا اڳرائي ڪري چڪو آهي.

جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو ڀارت طرفان ڪشمير جي مسئلي لاءِ هڪ عذر طور استعمال ڪيو ويندو. جهڙيءَ طرح ڀارت دعويٰ ڪئي آهي، ته سنڌو ماٿر معاهدي مطابق پاڪستان چناب ندي تي  پنهنجو حق وڃائي ويٺو آهي. تهڙيءَ طرح. جيڪڏهن پاڪستان جنگ نه ڪرڻ  جي معاهدي تي رضامند ٿيندو، ته ڀارت ساڳئي بي اصوليءَ جي طريقي  سان اها دعويٰ  ڪندو، ته پاڪستان موجوده جنگبندي لائين کي ڪشمير جي مسئلي لاءِ هڪ قطعي فيصلي  جي صورت ۾ قبول ڪري چڪو آهي. ان طرح، موجوده صورتحال جئين جو تئين قائم رهندي.

ڀارت ۽ پاڪستان ٻيئي اقوام متحده جا ميمبر آهن، ۽ ٻين سمورن ميمبر ملڪن سان گڏ، پنهنجن مسئلن کي پڌرنامي جي قلم 33مطابق، صلح ڪن طريقن، جهڙوڪ؛ گفت وشنيد، مصالحت ، وساطت ۽ ثالثيءَ ذريعي نبيرڻ جي پابندين ۾ شريڪ  آهن. اسين پاڻ پرامن خيالن جا حامي آهيون. گذريل پندرهن  سالن جي عرصي ۾ بين الاقوامي معاملن ۾ اسان جي ڪردار مان اهو ظاهر آهي،

جو ڪنهن به امن پسند ملڪ لاءِ هڪ قابل رشڪ مثال آهي. ڀارت جي ابتڙ اسين هڪ امن پسند ملڪ جي حيثيت سان پنهنجيءَ ساک کي تمام گهڻي اهيمت ڏيون ٿا.

۽ بين الاقوامي پابندين جي تعميل کي پنهنجي لاءِ الاحد ضروري ۽ لازمي ٿا سمجهون. ڀارت ائين چوڻ سان ته هن پاڪستان کي جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي جي آڇ ڪئي. جنهن کي پاڪستان ٺڪرائي ڇڏيو. صرف دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ چاهي. ٿو جنهن مهل به ڪشمير جو تڪرار حل ڪندو . اسين جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي لاءِ تيار ٿينداسين، جنهن مهل به هو انهيءَ مسئلي کي ختم ڪندو. اسين ڀارت سان اقتصادي تعاون ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آماده ٿينداسين، مان صاف طرح چوان ٿو، ته هي مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، ۽ اهو ضرور حل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪشمير جي عوام کي انصاف کي هميشه لاءِ ڪوبه محروم رکي نه سگهندو. مستقبل جي تاريخ ڏيکاريندي ، ته ڪشمير جي باشندن کي سندن خوداراديت واري اڻٽر حق کان هميشه لاءِ محروم رکي نه سگهبو – انهيءَ حق کان،جنهن تي اسين ڀارت سان ڳالهه ٻولهه جي سمورن موقعن تي زور لڳائيندا رهيا آهيون.

مغربي طاقتن سان اسان جي لاڳاپن بنسبت مون کي مجبور ٿي چوڻو پوي ٿو ته مخالف ڌر جي ميمبرن حقيقتن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو آهي. اهو غلط آهي ته ڪو اسين خيرات لاءِ هڪ نئون جواز پيش ڪري رهيا آهيون، ته جنهن صورت ۾ ڀارت کي ايترو ڪجهه ملي رهيو آهي، تڏهن پاڪستان کي به وڌيڪ ملڻ گهرجي. اها اسان جي باري ۾ هڪ افسوسناڪ غلط بياني آهي. مون جيڪي پنهنجي بيان ۾ چيو هو. ان جو مطللب هي هو ته برصغير ۾ ڇڪتاڻ جو سبب فوجي عدم توازن آهي. گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾، اسان فوجي توازن.

کي قائم رکڻ لاءِ قربانيون ڏنيو آهن. اسان ائين ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ شاهد آهي، ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪن ملڪن طرفان طاقت استعمال ڪرڻ واري رجحان کي صرف ان علائقي ۾ طاقت جي توازن قائم ڪرڻ سان ئي روڪي سگهجي ٿو.

اهو صلح ۽ سلامتيءَ جي مفاد خاطر هو. جو اسان ڀارت سان ڪنهن حد تائين فوجي توازن قائم رکيو. اڄ اهو توازن درهم برهم ٿي رهيو آهي. اسان ائين ئي چيو هو ته مغرب کي  محسوس ڪرڻ گهرجي ته انهيءَ مان خطرو پيدا ٿي رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن هو برصغير ۾ صلح ۽ سلامتيءَ جي فضا ڏسڻ گهرن ٿا ته پوءِ کين توازن جي پورائيءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. اسان صرف ايتروئي چيو هو. اسان ائين ڪونه چيو هو ته ڪو اسين هٿيارن جي امداد لاءِ منٿون ڪري رهيا آهيون.

اسين دفاعي معاهدن ۾ مغرب جي رفيق رهيا آهيون. اسين ساري عرصي ۾ ان جا ساٿي ٿي رهيا آهيون. اسين ڪيترن ئي خطرن جي سلسلي ۾ ساڻس همر ڪاب رهيا آهيون. اسان مغرب لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. جڏهن يو – ٽو جهاز  ( U-2 Plane ) جنهن لاءِ اهو اندزو لڳايو هو ، اهو پشاور کان اڏاڻو هو، روس مٿان پرواز ڪندي ڪيرايو ويو هو ، تڏهن مسٽر خروشيف ائين نه چيو ته ڀارت کي تباهه ڪيو ويندو، بلڪ هن چيو ته  پاڪستان کي تباه ڪيو ويندو. مغرب سان عهدنامن ۾، اسان پنهنجي ساري مستقبل جي بازي لڳائي آهي. ٻن ڪلاڪن درميان جهڳڙي جي حالت ۾، اسان ائٽمي جنگ ۾ مبتلا ٿيڻ جو  خطرو خريد ڪيو آهي. تنهن هوندي به، اڄ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ناشناسن جي زبان ۾ اسان

“ تنها ڇڏيو پيو وڃي “

مغربي طاقتن سان پنهنجي ماضيءَ جي خوشگوار واسطيداريءَ کي اجارڻ لاءِ اسين انهن سان پنهنجن ناتن کي تازو ڪرڻ گهرون ٿا. اهو محسوس ڪرڻ سندن ڪم آهي، ته پاڪستان هڪ زخميل ڌر آهي. اهو سندن ڪم آهي جيڪي خطرا ۽دشواريون پاڪستان کي سامهون آهن، انهن کي سمجهن،. احتساب جو وقت ڀرجي آيون آهي، مغربي طاقتن کان اسان جي تقاضا آهي ته پنهنجي ناتي کي نباهڻ لاءِ اڳ جهڙي خير خواهيءَ ۽ تعاون جي نيئن دور جي شروعات ڪرڻ لاءِ مڙني واسطيدار مسئلن جو جائزو وٺن. اسان کي هنن جي دوستيءَ جو قدر آهي. هنن اسان جي گهڻن ئي طريقن سان مدد ڪئي آهي. هنن اسان کي پنهنجي اقتصادي ترقيءَ ۽ فوجي سلامتيءَ لاءِ قيمتي امداد مهيا ڪئي آهي. اسين انهن حقيقتن کان غافل نه آهيون. اسين احسان فراموش نه آهيون. پاڪستان جي باشندن جا ڪهڙا به عيب ۽ غلطيون هجن، پر هن حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو ته هو احسان فراموش نه آهن.

اسين مغربي طاقتن کي رڳو ايترو چئون ٿا، ته اهي هن حقيقت جو اندازو لڳائين ته ڀارت جي وڌندڙ فوجي طاقت صرف پاڪستان جي خلاف ئي استعمال ٿي سگهي ٿي. ڀارت بار بار چيو آهي. ته پاڪستان ڀارت جو ” اول نمبر جو دشمن “ آهي اهو ڀارت ئي آهي، جنهن اڳرائي جو جرم ڪيو آهي. هن ڪشمير ۾ جوناڳڙهه ۾ ۽ حيدرآباد ۾ اڳرائي ڪئي، هن گوا تي به اڳرائي ڪئي. ۽ چين سان سرحدي جڳهڙي ۾ به اڳرائي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح، ڀارت پنج ڀيرا اڳرائي ڪئي آهي. خود اسان جي خلاف ڀارتي اڳرائيءَ جي تجربي کان پوءِ، اها ڳالهه قدرتي آهي ته اسين مغرب مان، برصغير ۾ طاقت جي موجوده خطرناڪ توازن کي سوارڻ لاءِ مدد جي اميد رکون.

اسين پنهنجي طرفان مغربي طاقتن سان پنهنجي دستوري دوستيءَ کي قائم رکنداسين. اسين نه رڳو انهن سان دوستيءَ جا خواهان آهيون. بلڪ دنيا جي سڀني ملڪن سان، ۽ سڀني ملڪن جي هڪٻئي سان دوستيءَ جا به، اسين ڪٿي به ڪو تڪرار ڏسڻ نٿا چاهيون.

دنيا جي باشندن کي پنهنجي سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو موقعو فقط امن ۽ سلامتيءَ جي بي خوف ماحول ۾ ملي سگهي ٿو. اسين پنهنجي عوام لاءِ اهڙي موقعي جا خواهشمند آهيون، ته جيئن انهن لاءِ گذران جا بهتر وسيلا، وڌيڪ ۽ بهتر رهائشي سهولتون، اسڪول ۽ اسپتالون مهيا ڪري سگهون، اسين چاهيون ٿا، ته اسان جو عوام اهو محسوس ڪري ته جيتوڻيڪ هو غريب ۽ افلاس ۾ پيدا ٿيا هئا، پر کين هميشه لاءِ غربت ۽ افلاس ۾ مبتلا نه رهڻو پوندو. اسان کي مفلسيءَ جي للڪار سان مقابلو ڪري، تنگيءَ جي حدن کي ٽوڙڻ گهرجي. اسين انهيءَ ڪوشش ۾ تڏهن ڪامياب ٿي سگهداسون، جڏهن اسان جي برصغير ۾، ايشيا ۾ ۽ دنيا ۾، امن هوندو. انهي ئي سبب جي ڪري اسين سڀني ملڪن سان خوشگوار، گهرا ۽ دوستاڻا لاڳاپا پيدا ڪرڻ جا متمني آهيون.

جيتريقدر اسان جو تعلق آهي، اسان هميشه امن جي راهه ۾ اختيار ڪيل اپائن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انهتائي ڪوشش ورتي آهي. اسان عوامي چين سان، جو اسان جو پنجهٺ ڪروڙ باشندن  وارو هڪ عظيم پاڙيسري ملڪ آهي، سرحدي معاهدو طي ڪيو آهي، ساڳئي جذبي سان، اسين ڀارت سان انهن مسئلن تي ٺهراءُ ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهيون. جن اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نفاق پيدا ڪيو آهي، پر پاڪستان پنهنجي روءِ سوءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندو. انهيءَ باري ۾ ڀارت تي ، ۽ انهن قومن تي، جيڪي هاڻي محسوس ڪري رهيون آهن ته ڀارت ۾ سندن غرض اٽڪيل آهي. وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. جيترو جلد هو انهيءَ ذميداريءَ کي محسوس ڪندا، اوتروئي سڀني واسطيدار ڌرين لاءِ بهتر ٿيندو.

مان پنهنجي اڄوڪي تقرير صرف پنهنجي باري ۾ نه ڪري رهيو آهيان، ساڳيءَ طرح جڏهن صدر ايوب ڳالهائيندو آهي ته هو هڪ فرد جي حيثيت ۾ نه ڳالهائيندو آهي. جڏهن به پاڪستان جي سرڪار جو ڪو نمائندو اسان جي ملڪي ساليمت لاءِ ڪنهن خطري بابت اسان جي گهريءَ تشويش جو اظهار ڪندو آهي ، ته هو هن ملڪ جي ڏهه ڪروڙ باشند جي پاران ڳالهائيندو آهي. پر، جيئن مون چيو آهي، اسين هن خطري جو مقابلو ڪري سگهنداسين. ازانسواءِ ، اسان وٽ پنهنجن دوستن جي هيءَ خاطري موجود آهي، ته ڪنهن به اڳرائي جي صورت ۾ هو اسان جي مدد لاءِ قدم وڌائيندا. اسان کي مٿن پورو ڀروسو آهي . اسان کي ٻين ملڪن طرفان به يقين ڏياريو ويو آهي ، ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي خلاف اڳرائي ڪندو، ته انهيءَ اڳرائيءَ کي هو پنهنجي خلاف سمجهندا. اهڙيءَ طرح، اڳرائي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اسين اڪيلا هرگز نه هونداسين . اسان کي يقين آهي، ته پاڪستان جي علاقائي سالميت ۽ خود مختياريءَ جي حفاظت لاءِ نظرياتي واسطيداريءَ کان قطع نظر، اسان کي انهن سڀني ملڪن  جي حمايت حاصل ٿيندي، جي اڳرائي کي ناپسند ڪن ٿا. اڳرائي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن خاص عقيدي سان وابستگيءَ جي ضرورت نه آهي. اڳرائي سڀني ملڪن لاءِ مصيبت جو باعث آهي.

ڀل ته هو ڪهڙي عقيدي يا نسل جا هجن. جيڪڏهن ڪا مصيبت آئي، ته اسان کي معلوم آهي ته دنيا جي سڀني صلح پسند قومن ۽ انهن سڀني ملڪن جي، اقوام متحده جي پڌرنامي کي سر بلند ڏسڻ چاهين ٿا، اسان کي همدردي ۽ حمايت حاصل ٿيندي، پر جيڪڏهن اسين کڻي اڪيلائي رهجي وڃون، ته به اسين پنهنجي مقصد جي صداقت ۾ ايمان رکندي. پوري اعتماد سان مصيبت جو مقابلو ڪنداسين، مون کي يقين آهي ته اسين فتحياب ٿينداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org