سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:9 

ڀارت کي به ساڳي خاطري ڏني ويئي هئي. جڏهن آمريڪا پاڪستان کي هٿيارن جي امداد ڏيڻ جو پروگرام رٿيو هو. هتي هيءَ ڳالهه ياد ڪرڻ کپي ، ته ان وقت اعتراض ڪرڻ جو موقعو ڀارت کي هو، ۽ ڀارت آمريڪا طرفان ڏنل انهيءَ خاطريءَ خلاف، ته جيڪڏهن پاڪستان ڀارت تي حملو ڪيو، ته آمريڪا ڀارت جي مدد ڪندو، ساڳيائي دليل ڏنا هئا. پر جا خاطري پاڪستان کي ڏني ويئي آهي سان هڪ طرح سان مختلف آهي. هي فرق انهيءَ حقيقت مان پيدا ٿئي ٿو، ته ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان ننڍو ملڪ آهي. اسين جيڪڏهن هر قرباني ڏيون پنهنجا سڀ وسيلا ۽ ٻاهران مليل امداد استعمال ڪريون، تڏهن به اسين ڀارت جي ذريعن ۽ ان جي حقيقي طاقت جو مقابلو نه ڪري سگهنداسين. زياده ۾ زياده اسين ڪنهن طرح سان غير اختياري توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري سگهنداسين . انهيءَ جو سبب هي آهي ، ته ڀارت پاڪستان جي مقابلي ۾ آبادي ءَ جي لحاظ کان، ايراضيءَ جي لحاظ کان اقتصادي دولت جي لحاظ کان ۽ فني برتريءَ جي لحاظ کان چوڻو آهي. انهي ءَ ڪري، ڀارت کي آمريڪا طرفان ڏنل خاطري جيڪڏهن بي معنيٰ هئي، ته پاڪستان کي ڏنل خاطري ڪا وقعت ئي  نٿي رکي . جڏهن اسان جي سلامتي خطري ۾ اچي چڪي آهي.

هن نقطه نظر کان، جيڪو اسان جي مافي الضمر جي صحيح نمائندگي ڪري ٿو.، آمريڪا توڙي برطانيا، ٻنهي کي باخبر ڪيو ويو آهي. بهرحال سمجهن ٿا ته سندن عالمي مفادن  ۽ پاليسين جي تقاضا آهي، ته بين الاقوامي ڪميونزم کي روڪيو وڃي. هو اهو دليل پيش ڪن ٿا ، پاڪستان کي به مغرب کان اقتصادي ۽ فوجي مدد ڏيڻ جو بنيادي مقصد اهوئي هو. پنهنجي عالمي پاليسيءَ موجب، ڀارت کي حقيقي خطري هجڻ جي خاطريءَ سبب. هو ڀارت کي فوجي امداد ڏيڻ ضروري ٿا سمجهن ، هو اها به دعوا ڪن ٿا، ته جيڪڏهن پاڪستان طرفان اعتراض ۽ انديشا نه اڀاريا وڃن ها، ته ڀارت کي هنن جي مدد اڃا به وڌيڪ وسيع پيماني تي هجي ها. هو چون ٿا، ته هن وقت ڀارت کي ڏنل امداد محدود ۽ بچاءَ جي حد تائين مخصوص آهي.

” ناسا ، ( Nassau )جي معاهدي موجب، ڀارت کي آمريڪا ۽ برطانيا طرفان هڪ سئو ويهه ملين ڊالرن جي فوجي امداد جي آڇ ڪرڻي هئي. چند مهينن بعد 30- جون تي صدر ڪينيڊي ۽ وزير اعظم مئڪلن جي هڪ گڏيل پڌرائي جاري ٿي، جنهن موجب ڀارت کي ڊگهي عرصي واري فوجي امداد ڏيڻ جي فيصلي جو اعلان  ڪيو ويو . جا ناسا معاهدي مطابق رٿيل امداد کان جدا هئي. اسين اڃا ايوان کي انهيءَ تازي معاهدي جو مڪمل تفصيل ۽ نوعيت نٿا ٻڌائي سگهون، ڇاڪاڻ ته ان جي شرطن کان اسان کي آگاهه نه ڪيو ويو  آهي. جڏهن اهي ظاهر ڪيا ويندا، ته ضرورت ۽ موقعي مطابق، ايوان ۾ ان جو اعلان ڪيو ويندو، يا اخبارن ذريعي قوم کي ٻڌايو ويندو.

مان ٻڌائي چڪو آهيان ، ته اسان جي بهترين ڪوشش جي باوجود اسين آمريڪا ۽ برطانيا  کي ، ڀارت کي ڊگهي عرصي واري فوجي امداد ڏيڻ واري فيصلي کان، روڪي نه سگهيا آهيون ، ممڪن آهي ته انهيءَ فيصلي مطابق اها امداد مقدار ۾ محدود يا بچاءَ جي شرط  سان هجي. بهرحال .

مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته انهيءَ خاطريءَ کان اسين مطمئن نه آهيون، ته اها امداد محدود، ضابطي اندر ۽ بچاءَ جي صورت ۾ هوندي. ڇاڪاڻ ته اسان کي معلوم آهي ته ، اهي ڪمزور وصفون آهن؛ عملي اصطلاحن ۾ اهي بي معنيٰ آهن.

اهڙيءَ حالت ۾، پاڪستان پنهنجي خود مختياريءَ ۽ علاقائي سلامتي کي ڪيئن بحال رکي سگهندو ؟ اسان کي ٻڌايو ويو آهي. ته ويهينءَ صديءَ ۾ ڪنهن به ملڪ لاءِ اهو ممڪن نه آهي، ته ڪنهن به ٻئي ملڪ تي ، جهڙو اسان جو ڏهن ڪروڙن آبادي وارو ملڪ آهي. کلم کلا، چڙهائي ڪري. جواب ۾ اسان چيو آهي، ته اهو دليل مستحڪم نه آهي، جيڪڏهن اهو تسليم به ڪجي ، ته ڀارت جي اهڙي حيثيت ڪانه ٿيندي. جو پاڪستان خلاف مڪمل اڳرائي ڪري، تڏهن به  ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات اڃا به بدتر ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته ڀارت کي اهڙيءَ حيثيت ۾ آڻي ڇڏيو ويندو، جو هو پنهنجي پاڙيسري ملڪ کي، پنهنجيءَ طاقت جي اثر هيٺ، هيسائي ۽ ڌمڪائي سگهندو،

اهڙيءَ طرح ڀارت جي سوديبازي واري حيثيت ۾ ايتريقدر ته اضافو ٿي ويندو، جو ڪنهن ٺاهه تي سندس رضا مند ٿيڻ جا امڪان هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا، سواءِ ان جي جو هو پاڻ کان فوجي نقطه نظر کان ڪمتر ملڪ کان غير منصفانه شرط طيءِ ڪرائيندو رهندو. انهيءَ ڪري، هي مسئلو رڳو اهو نه آهي  ته ڀارت کي فوجي امداد ملي رهي آهي، جا پاڪستان جي خلاف ڪتب آندي ويندي پر اهو مسئلو به آهي ته ڀارت جي فوجي طاقت ۾ اضافي اچڻ  ڪري، ان کي اها خطرناڪ طاقت ملي ويندي ، جو ٻين ملڪن سان پنهنجن تڪرارن ۾ به هو پنهنجي مرضيءَ مطابق شرط مڃرائيندو. هيءَ به هڪ مسئلو آهي، جنهن تي گهرائي سان غور ڪرڻ گهرجي، وقت ختم ٿي رهيو آهي .

وقت جي روانيءَ سان ، جيئن جئين ڀارت جي فوجي ۽ اقتصادي طاقت ۾ اضافو ايندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي اهم تڪرارن جي معقول فيصلن جا امڪان به انهيءَ  ئي مناسبت سان گهٽبا ويندا.

مون انهن اهم تبديلين جو ذڪر ڪيو آهي، جي نومبر واري نازڪ دور کان پوءِ ظاهر ٿيون. اسين جڏهن ڀارت سان ڪشمير بابت ڪنهن شانائتي فيصلي سان لاڳو ڪن . هاڻي انهيءَ بابت ڪابه غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي. ائين ڪو نه هو، ته ڪو اسين ڀارت لاءِ پيدا ٿيل صورتحال مان اجائي فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. سياسي حقيقت پسنديءَ ۽ اخلاقي لحاظ کان اسان جو نقطه نظر صحيح ۽ انصاف تي مبني هو اسين هڪ التجا ڪري رهيا هئاسين ، جا جيڪڏهن قبول پوي ها، ته ان مان مفيد ۽ پختا نتيجا نڪرن ها. اسين پنهنجن مسئلن يا تڪرارن  کي ڀارت يا ڪنهن ٻئي  ملڪ جي مسئلن يا تڪرارن سان الجهائي نه رهيا هئاسين. اسين وڌ ۾ وڌ ڪشمير جي باشندن جي ڏک ۽ سک جي سنگين مسئلن کي پنهنجي ملڪ جي امن يا جنگ جي مسئلن سان ڳنڍي رهيا هئاسين، جيئن تاريخ انهن کي اڳي به ڳنڍيو هو. جيڪڏهن ڪشمير جي مسئلي جو فيصلو ڪنهن شانائتي ۽ انصاف پسند بنياد تي ٿئي ها، ته ساري برصغير ۾ صلح ڪن پاليسين جي جدوجهد لاءِ هڪ عظيم موقعو ملي ها.

اهڙي قسم جو فيصلو نيون قوتون پيدا ڪري ها ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سهڪار جا نوان رستا کولي ها. بدقسمتيءَ سان ڀارت ڪشمير جي فيصلي لاءِ سنجيدو نه هو.

درحقيقت ڀارت کي چين جي اڳرائيءَ جو خطرو نه هو، ڇاڪاڻ ته ان کي معلوم هو، جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي، ته چين سان تڪرار صرف هڪ سرحدي جهڳڙي جي نوعيت جوهو، جنهن کي ڀارت پنهنجي تيز مزا جيءَ سان وجود ۾ آندو. اهڙي حالت ۾، ڀارت جو پنهنجي فوجي طاقت ۽ رسوخ  کي وڌائڻ جو اصل مقصد ، چين کان وڌيڪ، ان کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ جو هو ، جنهن کي هن پنهنجو ” اول نمبر دشمن “ ّظاهر ڪيو هو. اڄ اسين نازڪ صورتحال سان دوچار آهيون، جا شايد اسان کي پنهنجي قومي تاريخ جي هڪ نيئن موڙ ڏانهن وڃي . هن صورتحال تي حڪومت انتهائي سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهي آهي، ايترو ته اسين ڄاڻون ٿا ۽ چئي سگهون ٿا، ته خدانخواسته جيڪڏهن اسين ڀارت سان لڙائي جي لپيٽ ۾ اچي وياسين . منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن مايوسيءَ وچان ڀارت پنهنجين توبن جا منهن پاڪستان طرف موڙي ڇڏيا، ته موجوده بين الاقوامي صورتحال مطابق، پاڪستان اڪيلو نه هوندو.

لڙائي فقط پاڪستان کي ئي لپيٽ ۾ نه آڻيندي. پاڪستان تي ڀارت جو حملو فقط پاڪستان جي خود مختياريءَ ۽ علاقائي سالميت کي خطري ۾ آڻڻ تائين محدود نه هوندو. پاڪستان تي ڀارت جو حملو ايشيا جي سڀ کان وڏي ملڪ جي خودمختياريءَ ۽ علاقائي  سالميت  کي به لپيٽ ۾ آڻيندو. هي جيڪو نئون عنصر ا ڀريو آهي، سو تمام اهميت وارو آهي. هن منزل تي مان ان کي وڌيڪ واضح ڪرڻ نٿو چاهيان. ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو، ته پاڪستان تي ڀارت جو حملو  ٻئي ملڪ جي قومي مفادن تي به اثرانداز ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اهو ۽ ٻيا ملڪ ڀارت جي جارحانه ارادن کان باخبر آهن، ۽ انهن کي معلوم آهي، ته ڀارت ٻين ملڪن خلاف اڳرائي ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري، پاڪستان کي شڪست ڏيڻ يا پاڪستان کي مطيع بنائڻ جو مطلب صرف اسان لاءِ تباهيءَ جو نه هوندو، بلڪ ايشيا جي ٻين ملڪن ۽ خاص طرح ايشيا جي سڀ کان وڏي ملڪ لاءِ به هڪ زبردست خطري جو سبب بڻبو. انهيءَ نقطه نظر کان، ۽ تازو حرڪت ۾ آيل ٻين بين الاقوامي عنصرن جي نتيجي تي نظر رکندي، مان ڀانيا ٿو ته هيءَ ڳالهه مان خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو. ته حڪومت اسان جي قومي مفادن ۽ علاقائي سالميت جي برقراري ۽ بچا لاءِ سڀ ڪجهه ڪر ي رهي آهي.

ساڳئي وقت، مان اهو به ٻڌائڻ گهرندس ، ته جنهن سنگين صورتحال مان اسين گذري رهيا آهيون، تنهن جي باوجود، اسان کي ايتريقدر ڊڄڻ نه گهرجي،  جو اسين پنهنجي قومي زندگيءَ جو اخلاقي توازن وڃائي ويهون . اسان جي عوام جيئن ماضي ۾ سڀني نازڪ حالتن  جو مقابلو پئي ڪيو آهي، تيئن هو موجوده صورتحال جو به صبر ۽ شان سان مقابلو ڪندو.

آمريڪا اعلان ڪيو آهي، ته پاڪستان کي جيڪا ان وٽان فوجي امداد ملي آهي، سان ڀارت خلاف ڪتب نه آڻڻي آهي، ساڳيءَ طرح ڀارت کي به جيڪا ان وٽان فوجي امداد ملي رهي آهي ، سا پاڪستان جي خلاف ڪتب نه آڻڻي آهي. آمريڪا کي اها دعوا آهي، ته جئين پاڪستان کي ان وٽان مليل فوجي امداد اهڙيءَ طرح ضابطي هيٺ آهي، جو پاڪستان ان کي ڀارت خلاف استعمال نٿو ڪري ، تيئن ئي اهو به انتظام ڪيو ويندو . ته ڀارت کي ان وٽان مليل فوجي امداد پاڪستان جي خلاف استعمال نه ڪئي وڃي. هيءَ ڳالهه ڪيتريقدر ڪارگر ۽ ڀروسي جوڳي آهي. تنهن بابت جيتوڻيڪ مون پنهنجا شڪ شبها ظاهر ڪيا آهن. پر هيءَ خاطري پنهنجي جاءِ تي آهي ، موجوده صورتحال جي روشنيءَ ۾ هيءَ حقيقت اهميت کان خالي نه آهي.

هن وقت سوال آهي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي توازن قائم رکڻ جو  ته جيئن برصغير ۾ ڇڪتاڻ کي روڪي سگهجي. ڀارت ۾ هٿياربنديءَ جي سرگرمين ڪري، پاڪستان لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي، ته پنهنجي فوجي طاقت کي وڌائي. هاڻي اهو دليل درست نه آهي، ته آمريڪا پاڪستان کي انهيءَ لاءِ فوجي امداد نٿو ڏئي، ته اها ڀارت خلاف استعمال ٿئي. جيڪڏهن ڀارت کي ملندڙ فوجي امداد اهڙيءَ ضابطي ۾ آهي جو اها پاڪستان خلاف ڪتب نٿي آڻي سگهجي، ته به توازن کي قائم رکڻ لاءِ پاڪستان جي فوجي امداد ۾ وڌيڪ اضافي جو مطلب ڪو ڀارت  جي خلاف نه سمجهڻ گهرجي.

ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي وڌيڪ فوجي امداد کي به ضابطي ۾ رکي سگهجي ٿو. امن جي مفاد خاطر، اهو ضروري آهي، ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي توازن هجي، ۽ اها به خاطري ڏني وڃي، ته توازن کي بگيڙيو نه ويندو، ته جيئن ڪنهن  به ملڪ کي ٻئي ملڪ خلاف جارحانه ڪاروائي ڪرڻ جي سگهه نه ٿي سگهي.

ماضيءَ ۾ اسان مغربي طاقتن اسان پنهنجن لاڳاپن ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن. انهن سان سان جي لاڳاپن جي موجوده ابتريءَ لاءِ اسين ذميدار نه آهيون، ۽ ساڳيءَ طرح انهن سببن جا به ذميدار نه آهيون، جن جن هيءَ صورتحال پيدا ڪئي آهي، اها هاڻي مغربي طاقتن جي جوبداري آهي، ته هن ابتريءَ جو خاتمو آڻين؛ اهو انهن جوئي فرض آهي، اهڙو رويو اختيار ڪن، جيئن پاڪستان جي سالميت ۽ ان جي سياسي، اقتصاد ي۽ سماجي سرشتن جي تنظيم قائم رهي.

ايوان خاص طرح ڪشمير تي ڀارت سان اسان جي ڳالهه ٻولهه جي سوال بابت ٻڌڻ چاهي ٿو. هن موقعي تي مان انهن ڳالهين بابت اختصار سان بيان ڪرڻ چاهيندس. راولپنڊيءَ ۾ اسان جي پهرين گڏجاڻي ڀارت ۽ پاڪستان جي نظرين جي ابتدائي ڇنڊڇاڻ تائين محدود هئي، ۽ خاص طرح جهڳڙي سان واسطو رکندڙ معاملن بابت ڀارتي نقطه نظر کي چڪاسيو ويو. ڳالهين جو ٻيو دور دهليءَ ۾ ٿيو، جتي اسان پنهنجي نقطه نظر تي  زور لڳايو. ته ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ جو شانائتو طريقو اهوئي ٿيندو، ته ڪشمير جا باشندا پنهنجي مستقبل بابت پاڻ  فيصلو ڪن، ڳالهين جي ٽئين دور ۾ اسان اقوام متحده جي نگرانيءَ ۾ راءِ شماري ڪرائڻ تي پنهنجي اصرار کي جاري رکيو. ڀارت راءِ شماريءَ جي طريقه ڪار تي ڪيترائي اعتراض ورتا، ته آيا اها راءِ شماري مڪمل طريقي  جي هجي يامحدود ڳالهين جي انهيءَ ٽئين دور ۾ ئي ڀارت وارن اسان کي پنهنجي تجويز پيش ڪئي، جا ماضيءَ جي تجويز کان مختلف نه هئي؛ اها صرف جنگبندي لائين جي نيئن سر ترتيب جي باري ۾ هئي. کين ياد ڏياريو ويو ته راولپنڊيءَ ڳالهين جي پهرئين دور جي ابتدا ۾ ئي اسان هنن کي چيو هو ته جيڪڏهن هنن جنگبندي لائين جي بنياد تي فيصلي لاءَ ڪا تجويز پيش ڪئي، ته اها ڪنهن به صورت ۾ اسان لاءَ قابل قبول نه هوندي ، ۽ انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي ڪابه تجويز ڳالهين جي شروعاتي موضوع پڻ بنجي ڪانه سگهندي. تنهن هوندي به ڀارت وارن اهائي تجويز پيش ڪئي. قدرتي طور، پاڪستان ان کي رد ڪري ڇڏيو . اها حقيقت آهي ته اسان کي مشورو ڏنو ويو ته هن تجويز کي صرف هڪ شروعاتي موضوع ڪري سمجيهو وڃي ۽ ان کي ڀارت جي طيءَ شده پوزيشن نه سمجهيو وڃي، ۽ انهيءِ ڪري اسان کي ڳالهيون جاري رکڻ گهرجن.

ڳالهين جي چوٿين دور جو ڪشمير سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، پر چين سان اسان جي سرحدي ٺاهه جي سوال سان هو ڪراچيءَ واري ڳالهين جي پنجين دور ۾ بدمزگي پيدا ٿي وئي، ۽ اهو ظاهر هو ته ڀارت اڳتي قدم نه وڌائيندو ۽ ان بعد، ڳالهين جي ڇهين ۽ آخري دور ۾، اسان ڀارتي وفد  کي ٻڌايو ته اسان جي خيال موجب صرف راءِ شماري ئي ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ  جو هڪ شانائتو ، ڪار آمد ۽ موزون طريقو آهي. اسين بلڪل آماده هئاسين ته تقريبا هڪ سال لاءِ ڪشمير جي ماٿري بين الاقوامي ضابطي هيٺ هن شرط سان رکي وڃي ته انهيءَ مدت گذرڻ بعد. اتي جي باشندن جي خواهش حاصل ڪرڻ لاءِ راءِ شماري ڪئي وڃي، يا ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪري، انهيءَ مطابق سندن مستقبل جو فيصلو ڪيو وڃي . انهيءَ تجويز کي جيڪا اسان جي خيال موجب ڪشمير جي جهڳڙي کي شانائتي ۽ انصاف پسند طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ موزون هئي، ڀارت رد ڪري ڇڏيو .

هتي مان اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته محدود راءِ شماريءَ جي تجويز جيڪا شروعات ۾ جنرل مئڪناٽن ( Gerneral MNaughton )۽ ان بعد سر اوون ڊڪسن

 ( Sir Owen Dixon )  به ڏني هئي، تنهن تي اسان جي ماضي ءَ جي حڪومت پسنديدگيءَ سان غور ڪيو هو. اسان ان ۾ صرف هيءَ تبديلي ڪئي هئي ته راءِ شماريءَ کي ماٿريءَ تائين محدود رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جو ئي مستقبل هن مسئلي جو اهم نقطو آهي. رياست جي باشندن جي اڪثريت ماٿريءَ ۾ رهي ٿي.

اسان تجويز ڏني هئي ته اٽڪل روءِ هڪ سال تائين ، مان چوندس ته وڌ ۾ وڌ هڪ سال پندرهن مهينن تائين، هڪ ايجنسي هئڻ گهرجي – هڪ غير جانبدار بين الاقوامي ايجنسي – جيڪا ماٿريءَ جي نظام کي سنڀاليءَ ۽ ضابطي هيٺ رکي، ۽ انهيءَ ايجنسيءَ کي وقت گذرڻ کان پوءِ راءِ شماري ڪرائڻ جا اختيار ڏنا وڃن. هن تجويز کي ڀارت ٽڪرائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ها بنيادي طرح اهڙي ئي تجويز هئي. جنهن جي ماضيءَ ۾ پاڪستان حمايت ڪندو رهيو آهي.

اهو اڪثر پڇيو ويو آهي ته ڀارت سان ڳالهين هلائڻ مان ڪو فائدو حاصل ٿيو آهي يا نه ، منهنجي خيال ۾، تاريخ ئي هن سوال جو فيصلو ڪري سگهندي، پر اسان جي نقطه نگاهه موجب، پاڪستان کي يقينا انهن ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ تي فائدو رسيو آهي. مان انهيءَ نقطه نگاهه لاءِ اختصار سان دليل پيش ڪندس. پهريون، جيتريقدر اقوام متحده جو تعلق هو، ڪشمير جو مسئلو پنهنجي اهميت وڃائي چڪو هو. ازانسواءِ، جڏهن به سلامتي ڪائونسل کي ڪشمير بابت ڪنهن اثرائتي ٺهراءَ کي عمل  ۾ آڻڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ورتي ويندي هئي، ته روس هميشه ويٽو استعمال ڪندو هو. انهيءَ وچ ۾، ڪشمير ۾ ڀارت پنهنجيءَ پوزيشن کي مضبوط ڪري ڇڏيو هو.

تنهن کان سواءِ گذريل ڏهن سالن ۾ ڀارت پنهنجي معاملي کي هن مفروضي سان مضبوط بنائي ڇڏيو هو، ته ڪشمير جي مسئلي جو ڪو وجود ئي ڪونهي؛ ڪشمير ڀارت جو هڪ ثابت ۽ سالم جزو آهي. ۽ قانوني سياسي ۽ اقتصادي لحاظ کان اهو ڀارت جو اهڙوئي حصو آهي. جهڙا ان جا ٻيا صوبا آهن. ڪشيمر جي قانون ساز اسيمبليءَ رياست  جي مستقبل جي باري ۾ ڪي اهم فيصلا ڪري چڪي آهي، ڪشمير ۾ ٽي ڀيرا چونڊون ٿي چڪيون آهن، ۽ جيتريقدر بين الاقوامي سياست جي اصليت جو تعلق آهي، ڪشمير جي تڪرار يا ڪشمير جي مسئلي جهڙي ڪا شيءَ وجود ۾ ئي ڪانهي . هي نظريو نه فقط ڀارت پيش ڪيو هو. بلڪ ڪن ٻين مکيه ۽ طاقتور ملڪن به ان جي حمايت ڪئي هئي، جن جي نالن کان هن ايوان جا ميمبر باخبر آهن، انهن مان هڪڙو ملڪ ته اهڙو اهميت وارو آهي. جو سلامتي ڪائونسل ۾ ان کي ويٽو استعمال ڪرڻ جو حق آهي. ڀارت سان تازيون ڳالهيون هن حقيقت جو ٺوس ثبوت آهن، ته ڪشمير جو مسئلو لاڳيتو موجود آهي، ۽ اهو هڪ اهم مسئلو آهي، جنهن جو اثر بين الاقوامي امن ۽ سلامتي تي پوي ٿو.

ڳالهين جي خاتميءَ تي، مئي مهيني ۾ هڪ پڌرائي جاري ڪئي ويئي، جنهن ۾ ڀارت تسليم ڪيو ته ڪشمير جي تڪرار بابت ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون اهڙيءَ طرح، ڀارت جي پيش ڪيل انهيءَ نظريي تان، جنهن  جو سڄيءَ دنيا ۾ پرچار ڪيو ويو هو، ته ڪشمير جي مسئلي جهڙي ڪابه شيءَ موجود ئي ڪانهي، پردو هٽايو ويو آهي. انهيءَ جي ڪري اها طاقت ڪي قدر پريشان ٿي آهي. جيڪا ڀارت جي نظريي جي حمايت ڪري رهي هئي. تنهن کان سواءِ، هي ڳالهه به ثابت آهي ته ڀارتي پريس عوام جي راءِ پٽاندر، هنن ڳالهين ٻولهين مان جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي فائدو پهتو آهي، ته اهو ڀارت کي نه پهتو آهي. ان جي ابتڙ ، منهنجي گذارش آهي ته فائدي ۾ اسين رهيا آهيون ؛ دنيا جو ڌيان ڪشمير جي مسئلي ڏانهن ڇڪجي آيو آهي.

۽ هڪ بين الاقوامي مسئلي جي حيثيت سان ان جي اهميت وڌي ويئي آهي. اها اهيمت قابل تسليم رهندي، جيستائين عزت ۽ انصاف جي بنياد تي ان جو ڪو حل ڳوليو وڃي.ايوان جا ميمبر صاحب ، چين سان سرحدي ٺاهه بابت آگاهه ٿيڻ گهرن ٿا. انهيءَ مسئلي تي مان گذارش ڪندس، ته ڊسمبر 1960ع تي اسان چين کي پنهنجيءَ اڻ طي ٿيل سرحد تي نشانبنديءَ لاءِ تجويز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. فيبروري 1961ع ۾ اسان چين سان ان باري ۾ ڳالهيون هلايون ، ۽ مارچ 1961ع ۾ اسان کيس سرحدي ٺاهه لاءِ رسمي عرضداشت موڪلي.

نتيجي طور ، انهي مسئلي تي خيالن جي ڪجهه ابتدائي ڏي- وٺ ٿي، پر ڪوبه خاطر خواهه فيصلو نه ٿيو، ان وقت ڀارت چين سان اهو اعتراض اٿاريو ته پاڪستان کي ڪشمير  جي ان حصي لاءِ ڳالهين هلائڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي. جيڪو جيتوڻيڪ پاڪستان جي قبضي هيٺ آهي، پر حقيقت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو هڪ حصو آهي، قانوني طور ڀارت  جوئي حصو آهي، تنهنڪري فقط ڀارت کي ئي هڪ خودمختيار حڪومت جي حيثيت ۾ انهيءَ سرحد جي سوال تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو حق آهي.

انهيءَ اعتراض جي حمايت ۾، ڀارت طرفان روس ۽ ڪن ٻين وڏن طاقتن جي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي وئي. بهرحال، ڀارت  جي چالن جي باوجود ، چين سان اسان جي ڳالهين جو خاطر خواهه نتيجو نڪتو . چين – ڀارت تڪرار انهن ڳالهين ۾ نئون روح ڦوڪيو. اوهين ان جو سبب بخوبي سمجهي سگهو ٿا. ڪوبه ملڪ ساڳئي وقت ۾ ٻن محاذن تي ڪن مسئلن يا غير طي شده حالتن سان منهن ڏيڻ نه چاهيندو. ڇا به هجي، پر اسين چين سان حد بندي بابت ڳالهيون هلائي فائدي ۾ رهياسين. اسان کي انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ ۾ دير مدار ڪرڻ لاءِ ڪوبه سبب ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ، ڇاڪاڻ ته اسان ئي ڳالهين جي ابتدا ڪئي هئي. ٺاه کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مرحوم مسٽر محمد علي  بوگرا کي چين ڏانهن وڃڻو هو؛ پر سخت بدقسمتيءَ سان . حياتيءَ هن سان وفا نه ڪئي، ۽ مون کي ئي سندس عيوض وڃڻو پيو. اسان بنادير جي حدبنديءَ جو خاطر خواهه فيصلو ڪيو. انهيءَ فيصلي مطابق، اسان کي 750چورس ميل علائقو مليو، جنهن جو ڪجهه حصو قدرتيءَ خزانن سان مالامال آهي، خاص طور  ” اوپرنگ “ واريون لوڻ جو کاڻيون جن کي هنزا ۽ ان جي آسپاس جي علائقي جا باشندا پنهنجين ضرورتن ۽ پنهنجي اقتصادي بهتري لاءِ ضروري سمجهن ٿا. هيءَ هڪ تمام اهم ڳالهه آهي، جو هن ٺاهه جي ذريعي اسان پنهنجي عوامي چين جي گڏيل  سرحد تي ڇڪتاڻ جي مڙني امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اسان هڪ اهڙي مسئلي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جو غلط فهميءَ ۽ مستقبل جي دشوارين جو سبب بنجي سگهي ها.

جيستائين افغانستان جو تعلق آهي، اوهان کي معلوم آهي، ته ڪيترن سالن کان ان ملڪ سان اسان جا لاڳاپا بد کان بدتر ٿيندا ٿي ويا. مان انهيءَ سوال تي تبصرو ڪرڻ پسند نه ڪندس ته ڪيئن اهي لاڳاپا خراب ٿيا، مان فقط اها گذارش ڪندس ته انهن لاڳاپن کي ٽوڙڻ جي ابتدا اسان نه ڪئي هئي. اهو افغانستان ئي هو، جنهن تقربا ٻه سال اڳ پاڪستان سان سياسي ناتا ٽوڙي ڇڏيا.

اها ڳالهه اسان لاءِ افسوسناڪ ۽ ايذائيندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته افغانستان هڪ پاڙيسريءَ ۽ اسلامي ملڪ آهي. انهن سببن ڪري، اسان جي هميشه اها خواهش پئي رهي ته ان اسان جا بهترين لاڳاپا قائم ٿين، هن سال، ايران جي شهنشاهه جي تحرڪ سان، جنهن هن ڏس ۾ ڌاڍي ڪوشش ورتي ، اسان افغانستان سان نئين سر سياسي  ۽ تجارتي ناتن جوڙڻ لاءِ ڳالهيون هلايون ، نتيجي طور، مان ايوان کي هيءَ خوشخبري ٻڌايان ٿو، ته مستقبل قريب ۾ اسين افغانستان ڏانهن هڪ سفير موڪلي رهيا آهيون. هن عهدي لاءِ جنهن شخص جو اسان انتخاب ڪيو آهي، سو هڪ اهم حيثيت رکندڙ آهي، جنهن کي فوجي توڙي سياسي تجربو آهي، هو اسان جي فوج ۾ جنرل ٿي رهيو آهي ۽ اهم سفارتي عهدن تي فائز رهيو آهي. اهو شخص جنرل يوسف آهي، هن وقت برطانيا ۾ اسان جو هاءِ ڪمشنر آهي، اميد آهي ته هو جلد ڪابل روانو ٿي ويندو.

جيئن مون چيو آهي ته، اها اسان جي دلي خواهش کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾، فقط هڪڙي ملڪ کي ڇڏي، اسين مڪمل طرح ڪامياب ٿيا آهيون – ا هو هڪڙو ملڪ ڀارت آهي.

اسان هميشه پنهنجن تڪرارن کي فيصل ڪرڻ ۽ پنهنجن مسئلن کي سلجهائڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ سڌي طرح ڳالهين هلائڻ واري طريقي جي حمايت ڪئي  آهي، جيئن اسان چين جي باري ۾ ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهين تڪرارن جي فيصلن لاءِ پرامن طريقن جا حامي آهيو، ته پوءِ اوهان کي ڏي – وٺ جي اصول تي به رضامند ٿيڻ گهرجي. اهڙي حالت ۾، خاص طرح جڏهن گفت و شنيد ڪندڙ ٻه ملڪ هڪٻئي جا پاڙيسري آهن ۽ پاڻ ۾ دوستاڻا لاڳاپا اٿن، تڏهن جيڪا ڳالهه اهيمت واري آهي، سا سندن ڳالهه ٻولهه جو ڪوهڪڙو حصو يا رخ نه، بلڪ انهن جو مجموعي نتيجو يا    ساريءَ حاصلات ، ۽ ساريءِ صورتحال تي انهن جو مجموعيءَ اثر آهي. جڏهن ڪنهن تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ اوهين ڪارآمد ڳالهيون هلايو ٿا، تڏهن اوهين ” وٺ يا ڇڏ “  جي بنياد ته ڪوبه کڙ تيل پيدا ڪري نه سگهندا ڇاڪاڻ ته انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ سان ڳالهيون ٽٽي پونديون جيڪڏهن منهنجي مخالف ڌر وارن دوستن وٽ هيءَ اصول قابل قبول نه آهي، ته پوءِ ڪنهن به تڪرار کي نبيرڻ جي غرض سان ڳالهين هلائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪوبه مقصد ۽ ڪوبه مطلب نه آهي.

مون ٻڌايو آهي ته اسان عوامي چين کان 750چورس ميل علائقو حاصل ڪيوآهي. ڇا، اهو اسان لاءِ فائدو نه آهي؟ مجموعي طور چين به نقصان ۾ نه ويو، حقيقت ۾ هو انهيءَ خيال کان فائدي ۾ رهيو، ته پاڪستان سان سندس انهيءَ سرحد جو سوال طي ٿي ويو ، جا اڃا تائين غير فيصل هئي. انهيءَ سرحدي ٺاهه معتدل ۽ بهتر پاڙيسري لاڳاپن جو بنياد وڌو . آخر اسان جي تمنا ڇا آهي؟ جيڪڏهن اها تمنا آهي ته پنهنجي ملڪ ساريءَ دنيا جي لاءِ خوشنودي گهرجي، ته پوءِ اها صرف اهڙن فيصلن جي ذريعي ئي حاصل  ٿي سگهي، جهڙيءَ طرح اسان ۽ چين جي حالت ۾ ٿيو آهي. اسان جي خواهش آهي ته جيترن گهڻن ملڪن  سان ممڪن ٿي سگهي، بيحد دوستاڻا ۽ پرامن لاڳاپا قائم ڪجن. مان خوشيءَ سان چئي سگهان ٿو ، ته انهيءَ تمنا جي بر آوريءَ لاءِ اسانجين ڪوششن مان خوشگوار نتيجا نڪتا آهن، اسان عوامي چين سان سرحدي حدبنديءَ جو مسئلو پرامن هجن، انهيءَ لاءِ ته اسان جي گڏيل سرحد تي غلظ فهميءَ ۽ ڇڪتاڻ جو ڪوبه سبب نه رهي. اسان افغانستان ، سان جو هڪ اسلامي ملڪ آهي، پنهنجا سفارتي لاڳاپا نئين سر قائم ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته اسين امن ۽ دوستيءِ جي خوشگوار فضا ۾، پاڙيسرين جيان گڏ گذاري سگهون. اسان ايران سان پنهنجن اهم معاملن کي طي ڪيو آهي، ۽ هي اهو ملڪ آهي، جنهن سان اسان جا انتهائي دوستاڻا ناتا آهن. اسان برما سان به پنهنجن اختلافن کي رفع ڪيو آهي، ۽ اميد آهي ته هن سال جي پڄاڻيءِ کي اڳ ئي برما جي انقلابي ڪائونسل جو صدر پاڪستان جي دوري تي ايندو. اسين نيپال سان به پنهنجن ناتن کي گهڻيءَ قدر بهتر بنائي چڪا آهيون، ۽ انهيءَ ملڪ ۾ اسان جي صدر جي دوري دوران انهيءِ حقيقت کي وڌيڪ روشن ڪيو آهي. تازو اسان کي انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان ۾ اچڻ جي سعادت حاصل ٿي آهي. اهو هن خيال کان تمام اطمينان بخش ثابت ٿيو آهي، جو انڊونيشيا سان، جو ڏهن ڪروڙ باشندن جو هڪ اسلامي ملڪ آهي. اسان جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. سري لنڪا سان به اسان جا دوستاڻا ناتا آهن. انهيءَ  حڪومت  جي دعوت تي اسان جو صدر هن سال سرلنڪا جو دورو ڪندو،

فلپائن ۽ ٿائلينڊ سان، جيڪي اسان جا اتحادي ملڪ آهن، اسان جا دوستاڻا ۽ دلي ناتا آهن.

اهڙيءَ طرح، ڀارت کانسواءِ اسان جا ويجهن توڙي پر انهن، سڀي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا ناتا آهن. ڀارت جا نه رڳو اسان سان، پر گهڻو ڪري سڀني پاڙيسرين سان تعلقات بگڙيل آهن. ڀارت سرڪار جي گهمنڊ ڀريءَ روش جي ڪري، ۽ پاڙيسري ملڪن سان پنهنجن لاڳاپن ۾ صلح سانت جي جذبي اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ سان ڪري، اهڙي صورتحال جي وجود ۾ آئي آهي. جيڪا پاڪستان توڙي ٻين ملڪن لاءِ بيحد افسوسناڪ ۽ نامناسب آهي، مان انهن ملڪن جا نالا وٺڻ نٿو گهران، ايوان جا ميمبر انهن کان باخبر آهن، اسان معلوم آهي ته ڀارت جا لاڳاپا پنهنجي پاڙيسري ملڪ پاڪستان، پنهنجي پاڙيسري ملڪ عوامي چين، ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان ڪهڙي قسم جا  آهن، ساريءِ دنيا کي اهي معلوم آهن. انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي جو ڀارت کان سواءِ ٻيا ملڪ هڪٻئي سان پنهنجن اختلافن کي باهميءَ مفاهمت جي بنياد تي طي ڪري سگهن ٿا، ته ڀارت ائين ڇو نٿو ڪر ي سگهي؟ هي هڪڙوئي ملڪ آهي، جيڪو انهن مڙني ملڪن کان نمايان طور ڌار بيٺو آهي، جيڪي برصغير ۽ دنيا ۾ مفاهمت، سڪون ۽ امن آڻڻ چاهين ٿا. تازو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هوائي آمدو رفت جاري ڪرڻ جي معاهدي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اخبارن  ۾ به انهيءَ بابت ذڪر اچي چڪو آهي. هي معاهدو اسان لاءِ تجارتي لحاظ کان اهميت وارو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ جي ڪري پاڪستان ۽ جپان جي وچ ۾ ٽن کان چئن ڪلاڪن تائين هوائي مفاصلو گهٽجي ويندو. انهي نسبت سان، ٽوڪيو ڏانهن پاڪستان مان لنگهندڙ دنيا جي ٻين ملڪن جي پروازن جو مفاصلو به گهٽجي ويندو.

پاڪستان جي بين الاقوامي هوائي آمد رفت ( پاڪستان انٽرنئشنل ايئر لائنر P.I.A) سروس کي ٽوڪيو تائين وڌائڻ جي خيال کان، اسان هانگ ڪانگ ۾ پنهنجن هوائي جهازن کي لاهڻ جي اختياري گهري هئي. بدقسمتيءَ سان اسان کي اهڙي اجازت نه ڏني ويئي. انهي ڪري اسان کي عوامي چين  جي علائقي ۾ پنهنجن هوائي جهازن کي لاهڻ جي اختياريءَ لاءِ گهر ڪرڻي پيئي، اسان کي اها اختياري حاصل ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻي اسين سڄي دنيا ۾ پنهنجي هوائي آمدورفت کي ڦهلائي سهگنداسين. ايوان جي معلومات خاطر، آئون ٻڌائڻ گهران ٿو، ته ٻين ملڪن به چين جي رعيتي راڄ کان پنهنجن هوائي رستن لاءِ مٽا سٽا جي اختياري گهري آهي، ۽ ان باري ۾ هو چين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ آماده ٿيا ويٺا آهن.

پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ، آئون ٻڌائڻ گهران ٿو، ته اسان کي اهو احساس آهي ته جنهن صورتحال مان اسين هن وقت گذري رهيا آهيون. انهيءِ جدوجهد ۾ اسان کي ٽارڻ لاءِ اسين هر ڪا ڪوشش وٺي رهيا آهيون. انهيءَ جدوجهد ۾ اسان کي هن اسيمبليءَ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ قوم جي نمائندن جي سهڪار جي ضرورت آهي. هن موقعي تي حڪومت لاءِ عوام جي اتحاد کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڀرجهلو نه آهي. اسان کي معلوم آهي، ته ملڪ کي جيڪو خطرو آڏو آهي. تنهن جو عوام کي پورو پورو احساس آهي. اسان کي خاطري آهي ته ان تي غالب پوڻ لاءِ هو حڪومت جي مدد ڪري سگهن ٿا، ۽ ڪندا. اسين مغربي طاقتن سان لاڳاپن جي ابتري ڏسڻ نٿا گهرون. بهرحال، اهو اسان جو ڪم نه آهي ته انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي طرفان ابتدا ڪريون، ڇاڪاڻ ته اسين ڏکويل ڌر آهيون، فڪر مند ٿيڻ جو سبب اسان کي ئي آهي. هي ڪم انهن کي ئي ڪرڻ جڳائي، ته صورتحال ۾ اهڙي تبديلي آڻڻ لاءِ مناسب اپاءِ اختيار ڪن، جنهن سان اسان جي باهمي لاڳاپن  ۾ سڌارو  اچي ۽ اهڙا اپا اختيار ڪري سگهجن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org