سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 3

 

آمريڪي جماعتن کي مرڪز نه آهي.

ٻنهي وڏين سياسي جماعتن جي درجيوار  تنظيمي ڏاڪن جي تصوير چٽڻ ممڪن آهي. هر هڪ پارٽيءَ جو پايو هزارين تڪن ۽ علائقن جي تنظيمن تي بيٺل آهي. انهن کان مٿڀرو، شهر يا ضلعي جون پارٽيون آهن. انهن کان مٿي، 50 رياستن جون جماعتي تنظيمون آهن. آخر ۾ ٻه قومي جماعتون آهن، جن مان هر هڪ کي هڪ قومي ڪميٽي ۽ هڪ قومي چيئرمن آهي. انهيءَ هوندي به، اختياريءَ جي ڪا اهڙي ڪڙي نه آهي، جيڪا قومي ڪميٽيءَ کان لهي علاقائي يا رياستي پارٽين تائين پهچي. پارٽيءَ جو هر طبقو، تعجب جي حد تائين پنهنجي مٿانهين طبق کان آزاد آهي، سواءِ تڪن يا علائقن جي پارٽين جي، جيڪي عام طرح (پر هميشه نه)  شهري پارٽيءَ جي ضابطي هيٺ هونديون آهن. قومي ڪميٽين ۾ هر رياست جا نمائندا هوندا آهن، جن کي هر چوٿين سال رسمي طرح قومي گڏجاڻيءَ ۾ چونڊيو ويندو آهي. حقيقت ۾ رياستي نمائندا رياستي جماعتن پاران چونڊيا ويندا آهن، ۽ انهن ڏانهن ئي جوابدار هوندا آهن. اهڙيءَ طرح، قومي ڪميٽي صحيح معنيٰ ۾ سڄيءَ پارٽيءَ طرفان فيصلو نٿي ڪري سگهي. ڪميٽي سڀ کان اهم فيصلو اهو ڪندي آهي ته هر چوٿين سال ڪهڙيءَ تاريخ تي ۽ ڪهڙي هنڌ تي قومي گڏجاڻي سڏائجي.

شروع کان وٺي، وڏين آمريڪي سياسي جماعتن کي ڪو مرڪز نه رهيو آهي. سواءِ صدارتي چونڊن جي، پارٽيون بنيادي طرح رياستي ۽ مقامي علائقن ڏانهن ڌيان ڏينديون آهن. پارٽين جي انهيءَ مقامي ضابطي جا سبب هي آهن:  پارٽين کان اڳ رياستن جو وجود، وقت جي سڀ کان اهم مسئلن جو گهڻو ڪري مقامي قسم جو هجڻ، مقامي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتي جي سڀني بالغ ووٽرن طرفان مقامي عهديدارن جي چونڊ، ۽ چونڊن ڪرائڻ لاءِ آئين پاران رياستن کي اختيار.

آمريڪي آئين ۾ چيل آهي ته نمائندن واري ايوان جا ميمبر رياستن جا عوام چونڊيندا، ۽ ”هر رياست ۾ چونڊيندڙن جون لياقتون اهي هونديون، جيڪي رياستي قانون ٺاهيندڙ اسيمبليءَ جي گهڻن ميمبرن واريءَ شاخ کي چونڊيندڙن لاءِ گهربل آهن.“ سينيٽ جا ميمبر رياستي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين پاران چونڊيا ويندا هئا، ۽ اهو انتظام مقامي ڦيرڦار سان 1913ع تائين قائم رهيو. انهيءَ سال آئين ۾ ” سترهين“ ترميم آندي ويئي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جي ميمبرن جي چونڊ، رياستي بنياد تي، رياستن جا بالغ شهري ڪندا آهن. صدر جي چونڊ رياستن پاران چونڊيل ماڻهن کي اڻسڌيءَ طرح ڪرڻي هئي.صدر جا چونڊيندڙ جدا جدا رياستن ۾ چونڊڻا هئا، ۽ انهيءَ چونڊ جو طريقو هر رياست جي قانون ٺاهيندڙ اسيمبليءَ تي ڇڏيو ويو.

ڪانگريس کي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن جي چونڊ لاءِ رياستن طرفان ” وقت، جاءِ ۽ چونڊ جي طريقي“ بابت ڪيل انتظام ۾ ڦيرگهير ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. ڪانگريس کي اهو به اختيار ڏنو ويو ته هوءَ صدارتي چونڊيندڙن جي چونڊ جو وقت مقرر ڪري، ۽ اهو فيصلو ڪري ته اهي چونڊيندڙ ڪهڙي ڏينهن تي صدر جي چونڊ ڪن. سڀني رياستن ۾ صدارتي چونڊيندڙن کي ساڳئي ڏينهن ئي صدر جي چونڊ ڪرڻ جو شرط وڌو ويو.

استعمال ۽ ترميمن ذريعي، آئين جي ڪجهه فقرن ۾ ڦيريون گهيريون ڪيون ويون آهن، پر سڄي آمريڪي تاريخ ۾ گهڻيءَ حد تائين چونڊن جو انتظام رياستن جي هٿ ۾ رهيو آهي. ڪانگريس قومي عملدارن جي چونڊ لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو آهي، ۽ دوکيبازيءَ ۽ رشوت خلاف قانون منظور ڪيو آهي. بهرحال، ڪجهه سالن کان وٺي ڪانگريس اليڪشن جي طريقي يا ووٽنگ جي سلسلي ۾ ڪو به دخل نه ڏنو آهي.

چونڊن جو ضابطو رياستن جي هٿ ۾ هجڻ سببان، پارٽين جو واڌارو چونڊن سان واسطي رکندڙ رياستي قانونن مطابق ٿيو آهي. جڏهن به پارٽين جي ڪم جي طريقي تي پابنديءَ جي ضرورت پيش آئي آهي ته اهڙيون پابنديون رياستي قانونن ۾ شامل ڪيون ويون آهن.  هر رياست طرفان ” پارٽيءَ“جي وصف ڄاڻايل آهي. رياستي قانون مطابق، اتي رڳو رياستي ۽ مقامي پارٽيون آهن. ظاهر آهي ته ڪا به هڪ رياست قومي جماعتي تنظيمن تي ڪي پابنديون نٿي وجهي سگهي، پر هڪ رياست قومي جماعتي گڏجاڻين (conventions) ۾ رياست جي نمائندن جي چونڊ واري طريقي تي پابنديون وجهي سگهي ٿي.

رياستي پارٽيون عام طرح جماعت جي قومي گڏجاڻين پاران ٿاڦيل اميدوارن کي قبول ڪنديون آهن، پر رياستي قانون مطابق اهي ائين ڪرڻ لاءِ وِرلي ٻڌل آهن. مثال طور، 1948ع ۾ ڪجهه ڏاکڻين رياستن اندر صدارت ۽ نائب صدارت لاءِ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا اميدوار اسٽرام ٿرمانڊ (Strom Thurmond) ۽ فيلڊنگ ايل. رائيٽ (Fielding L. Wright) هئا، ۽ نه هئري ٽرومن ( Harry Truman) ۽ البين برڪلي (Alben Barkley)، جن کي ساڳئي سال جي شروع ۾، فلاڊيلفيا ۾، ڊيمو ڪريتڪ پارٽيءَ جي قومي گڏجاڻيءَ ٿاڦيو هو. 1960ع ۾، مسيسپي رياست صدارتي چونڊيندڙن جون ٻه فهرستون پيش ڪيون ۽ ٻنهي تي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو نالو پيل هو. هڪ فهرست جا چونڊيندڙ قومي گڏجاڻيءَ جي ٿاڦيل اميدوار سينيٽر جان ايف، ڪينيڊيءَ جي حمايت ۾ هئا، ته ٻيءَ فهرست ۾ رياستي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا اهي چونڊيندڙ شامل هئا، جن سينيٽر ڪينيڊيءَ جي حمايت ڪرڻ نه پئي گهري ۽ ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو واعدو نه ڪيو هئائون. بنا واعدي وارن چونڊيندڙن کي مسيسپيءَ جي ووٽرن چونڊيوهو، ۽ انهن سينيٽرن هئري ايف. بائرڊ (Harry F. Byrd) جي پٺڀرائي ڪئي، جنهن کي ڪنهن به جماعت صدارتي اميدوار نه ٿاڦيو هو.

رياستي جماعتن طرفان 1948ع ۽ 1960ع ۾ کنيل قدم جيتوڻيڪ غير معمولي هئا، پر تنهن هوندي به انهن کي ائين ڪرڻ جو اختيار هو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته گهڻو ڪري هر رياست ۾ اها اونڌي صورتحال موجود آهي ته صدارتي اميدوار، جيڪو نالي ۾ پنهنجي پارٽيءَ جو سربراهه هوندو آهي، سو رياستي پارٽين کي ڊيمو ڪريٽڪ يا ريپبليڪن پارٽيءَ جي نالي استعمال ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي، پر ساڳئي وقت رياستي ڊيمو ڪريٽڪ يا ريپبليڪن پارٽي قومي اڳواڻ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي.

قانوني لحاظ کان سواءِ، آمريڪا ۾ پارٽين کي ڪنهن به مرڪزيت نه هجڻ جا مضبوط تاريخي سبب پڻ آهن. هڪ يا ڏيڍ صدي اڳ جا اهم فيصلا ملڪ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪيا ويندا هئا، ۽ نه قومي گاديءَ واري هنڌ تي. جن ماڻهن کي سينيٽ ڏانهن چونڊي موڪليو ويندو هو، انهن مان اميد ڪئي ويندي هئي ته هو پنهنجن رياستن جي ماڻهن ۽ صنعتن جي نمائندگي ڪندا. نمائندن واري ايوان جا ميمبر پهريائين هر رياست ۾ گڏي  چونڊيا ويندا هئا، پر پوءِ هر رياست ۾ تڪ ٺاهيا ويا ۽ هر تڪ مان (سواءِ ڪن غير معمولي حالتن جي) هڪ ميمبر چونڊيو ويندو آهي. آئين طرفان اها پابندي لاڳو ڪئي ويئي آهي ته اميدوار جنهن رياست مان چونڊ وڙهي، سندس انهيءَ رياست  جو رهاڪو هجڻ لازمي آهي. قانون يا رواج موجب، نمائندن واري ايوان جي ميمبريءَ لاءِ چونڊ وڙهندڙ کي هر حالت ۾ پنهنجي تڪ جو رهاڪو هجڻ گهرجي.انهيءَ پابنديءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڦيرڦار به ڪئي ويندي آهي، پر نمائندن واري ايوان ۾ پنهنجي تڪ جي غير رهاڪو ميمبرن جو ڪل تعداد هڪ في سيڪڙو کان به گهٽ آهي.

آئين جي منظور ٿيڻ کان پوءِ واري دور ۾ جيڪي پارٽيون وڌيون، سي بنيادي طرح مقامي مقصدن لاءِ قائم ٿيون. صدر جي چونڊ ۾ سندن دلچسپي گهٽ هئي، ڇو ته صدر جو عهدو وقت جي سياست ۾ اهم نه ليکيو ويندو هو. شهرن جي وڌڻ کان پوءِ به پارٽين جا مقصد مقامي ئي رهيا. شهري تنظيمون مقامي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ ٺاهيو ويون، ۽ انهن جو بنياد مقامي پروگرامن ۽ مقامي سرپرستيءَ تي رکيو ويو. پارٽيءَ جي وفادار ميمبرن کي جيڪي نوڪريون ڏنيون وينديون هيون، اهي نوڪريون شهرن ۾ ئي هونديون هيون. واشنگٽن ۾ يا قومي ملازمت ۾ ٿوريون نوڪريون لڀنديون هيون، ۽ اهي نوڪريون اهڙي قسم جون نه هيون، جن جي وسيلي صدر يا صدارتي ۽ ڪانگريسي شاخن جي ڪنهن گڏيل ضابطي هيٺ مضبوط قومي پارٽي قائم ٿي سگهي ها. 1840ع کان پوءِ جڏهن ٻين ملڪن مان لڏي ايندڙ تمام وڏي تعداد ۾ آمريڪا اچڻ لڳا، ته اهي شهري تنظيمون ئي هيون، جن کين نئين معاشري ۾ شامل ٿيڻ ۾ مدد ڏني. شهري تنظيمون نوڪريون وٺي ڏينديون هيون، يا نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڏَسَ ڏينديون هيون. جڏهن اقتصادي بحرانن سببان ماڻهن کي زوريءَ  نوڪريون ڇڏڻيون پيون ته اهي مقامي سياسي جماعتون  ئي هيون، جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺيون. ائين چوڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ووٽر هميشه انهن مقامي جماعتن ڏانهن ئي مائل رهيا.

ماڻهن جي خيالن انهن جماعتن جي مقامي مقصدن لاءِ مضبوط نظرياتي بنياد پيدا ڪيو. هو اڪثر ڪري انهن ماڻهن تي يقين ڪندا هئا، جيڪي چوندا هئا ته ”اها ئي حڪومت بهترين آهي، جيڪا گهٽ حڪم هلائي.“ انهيءَ چوڻيءَ تي سندن يقين اڃا به وڌي ويندو هو، جڏهن هو انهيءَ  حڪومت بابت سوچيندا هئا، جيڪا سندن گهرن کان سوين ميل پري هئي، ۽ جيڪا عام طرح انهن معاملن سان واسطو رکندي هئي، جن بابت گهڻو ڪري کين ٿورڙي ڄاڻ ۽ گهٽ دلچسپي هئي.

جڏهن پارٽيون مختلف رياستن ۾ وڌڻ لڳيون ۽ انهن جو پاڻ ۾ حسد پيدا ٿيو، تڏهن پارٽين کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏهن اهي پنهنجي قوت مقامي حد تائين محدود رکنديون ته ماڻهو سندن پٺڀرائي ڪندا، ڇاڪاڻ ته ماڻهن توڙي سياستدانن کي ڪو به سبب نه هو ته قومي سطح تي پارٽيءَ جي تابعداريءَ واري اصول کي قبول ڪن. سڀني جي اڳيان ”نيو انگلنڊ“ علائقي ۾ ڳوٺ جي ميٽنگ بهترين نمونو هئي، جتي ماڻهو گڏ ٿي پاڻ ۾ فيصلا ڪندا هئا. شهري حڪومتون جيتوڻيڪ ڳوٺن جي پنچات وانگر ڪم نه ڪنديون هيون، تڏهن به اوڻيهين صديءَ جي اڪثر ليکڪن ۽ سياستدانن جي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ مقامي حڪومت رياستي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ عوام کي ويجهو، ۽ قومي حڪومت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو هيون.

ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي قوت ڪهڙي هنڌ آهي، انهيءَ جي پرک اميدوارن کي ٿاڦڻ واري ضابطي  ۾ آهي. اها قوت رياستن، يا ان کان به هيٺينءَ سطح  تي آهي. شهر ۽ ڳوٺ جي حالت ۾ اها قوت نجي پارٽين جي مقامي عملدارن يا شهرين جي هٿ ۾ آهي. سچ پچ ته آمريڪا جي سينيٽرن ۽ نمائندن واري ايوان  جي ميمبرن جي چونڊ ۾ جيتري قوت مقامي جماعتي عملدارن کي آهي، اوتري رياستي ۽ مقامي عهديدارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ پارٽيءَ جي قومي عملدارن وٽ نه آهي.

شهرن جا اڳواڻ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو اثر شهرن کان ٻاهر ۽ مٿتي وڌائيندا آهن، پر گهڻو ڪري قومي، رياستي ۽ مقامي اڳواڻ هڪٻئي کان آزاد ٿي ڪم ڪندا آهن. هر سطح تي پارٽيءَ جا اڳواڻ نمائندن واري ايوان  جي ميمبرن جي چونڊ کان تعجب جي حد تائين پاسو ڪندا آهن. ايوان جي ميمبريءَ لاءِ اميدوارن جي اها خودمختياري، ملڪ جي گهٽ ڳتيل آباديءَ وارن علائقن ۾ اڃا به وڌيڪ حد تائين آهي، جتي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ کي خراب سمجهڻ جو رواج آهي. انهن علائقن ۾ وچ اولهه، وڏن ميدانن واري ايراضي ( Great Plains Area)، ۽ ماٺيڻي سمنڊ جي ڪناري واري ايراضيءَ ( Pacific Coast Area) جا ڪجهه حاصا شامل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org