سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 2

 

ڪتاب جو عنوان

اصل ڪتاب جو نالو، ”انٽ دس لاسٽ“ (Unto This Last) انجيل مقدر جي فصل ويهين، فقري چوڏهين، مان ورتل آهي. هي اصطلاح هڪ گهر جي مالڪ جي آکاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل آهي، جو صبح جو سوير پنهنجي انگور جي مَنهه ٺهرائڻ لاءِ مزور ڪرڻ ويو. کيس ڪجهه مزور صبح جو مليا، ۽ ڪجهه وري ڏينهن جي جدا جدا وقتن تي ملي سگهيا. جيئن جيئن مزور ملندا ويس، تيئن تيئن انهن کي ڪم تي رکندو ويو، تان جو شام ٿي ويئي. ڪم تان لهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ به هڪ مزور ڪم تي رکيائين. جڏهن سڀ مزورڪم تان لٿا، ته هن سڀني کي هڪ جيتري اجرت ڏني. جيڪي مزور صبح جو ڪم تي چڙهيا هئا، انهن هن مساوي اجرت جي اصول تي اعتراض ورتو. مالڪ جواب ۾ چين ته ”دوستو! آءٌ اوهان سان خراب برتاءُ نه ٿو ڪريان. اوهان مان هر هڪ مون سان هڪ پائليءَ جي ٻولي نه ڪئي هئي ڇا؟ جيڪو اوهان جو حق آهي، سو وٺي هليا وڃو. آءٌ ته ’هن آخرين مزور تائين‘ (Unto This Last....) اهوئي ڪي ڏيندس، جو اوهان کي ڏنو اٿم.“

رسڪن اسان کي ٻڌايو آهي ته هنن مقالن ۾ ٻه مکيه خيال سمايل آهن: (1) ناڻي جي وصف، ۽ (2) هيءُ ته ناڻي ميڙڻ جي چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو مدار معاشري جي حالت تي آهي. ٻين لفطن ۾ پوئين فقري جي معنيٰ هيءَ آهي ته ”ناڻي جي چڱائي يا برائي ماڻهوءَ جي انصاف ۽ ايمانداريءَ تي منحصر آهي، جنهن سان هو ان کي ڪمائي ٿو ۽ جمع ڪري ٿو. رسڪن جي نظريي مطابق اڪيلي ماڻهوءَ تي سڄي ملڪ جي ساريءَ اقتصادي ترقيءَ جو روح ايمانداريءَ ۽ نيڪيءَ ۾ سمايل آهي. اصل ڪتابجي عنوان جو تعلق ٻئي نمبر خيال سان آهي. رسڪن هن ڪتاب کي ٻيو ڪو موزون نالو ڏيئي سگهيو ٿي، پر غالباً اهو نالو بي لطف ٿي پوي ها؛ تنهنڪري هن پنهنجي ڪتاب جو عنوان انجيل مقدس جي فقرن مان چونڊيو، ۽ اهو ڏيکاريو ته هي ڪتاب اقتصاديات ۽ اخلاقيات سان تعلق رکي ٿو. هُن جو خاص مطلب هيءُ هو ته ملڪ اندر سڀني ڪم ڪندڙن کي، واپار جي لاهن _ چاڙهن کي ويچار ۾ آڻڻ کان سواءِ به، هر صورت ۾ منصفانه ۽ مستقل اجرتون ملڻ گهرجن. رسڪن جي فڪر جي انهيءَ مرڪزي نڪتي جي لحاظ سان، ڪتاب جي هن سنڌي ترجمي جو نالو ”اقتصادي انصاف“ رکيو ويو آهي، جو اصل ڪتاب جي بنيادي اصولن، مفهوم ۽ مقصد جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو.    ـــ   غ. ع.

 

 

 

مصنف جو ديباچو

1. هيٺيان چار مضمون ارڙهن مهينا اڳ ڪارن هل (1) مخزن (Cornhill Magazine) ۾ شايع ڪيا ويا هئا، ۽ ايترو مون کي معلوم آهي ته مخزن جي ڳچ پڙهندڙن طرفان انهن جي سخت لفظن ۾ مذمت (2) ٿي هئي.

2. آءُ انهن مضمونن کي بلند ترين (3) حيثيت کان ذرو به گهٽ نٿو تصور ڪريان. ائين ڪري چئجي ته صحيح ۽ صاف لفظن ۾ بيان ڪيل، سچيون ۽ ڪارگر ڳالهيون، جي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکيون آهن، سي هي آهن. منجهانئن آخرين مضمون، جنهن تي مون خاص ڪشالا (4) ڪڍيا آهن، سو عمدي ۾ عمدو آهي ۽ اهڙو سهڻو مضمون آءُ وري نه به لکي سگهان.

3. ممڪن آهي ته پڙهندڙ اهو رايو پيش ڪري ته ”هي ڪتاب سٺو لکيل نه آهي.“ پڙهندڙ جي انهيءَ راءِ کي مصنوعي انڪسار سان تسليم ڪرڻ بدران، آءٌ اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون کي هن تصنيف مان ڪافي خوشي حاصل ٿي آهي، برعڪس ان جي، ٻين تصنيفن مان ڪو لطف حاصل نه ٿيو اٿم. ٿورن لفظن ۾ منهنجو دلي مقصد آهي ته آئيندي پڻ جيترو به فراغت جو وقت (5) ملي سگهيم، اوترو هنن مقالن جي مختلف موضوعن کي اڃا به وڌيڪ تفصيل سان ڇيڙيندو اچان، پر في الهال چاهيان ٿو ته هي ابتدائي مذاڪرات جيڪڏهن ڪو به پڙهڻ گهري، ته هن کي بنان دير ۽ آسانيءَ سان هٿ اچي سگهن تنهنڪري آءٌ انهن مضمونن کي جيئن اهي مذڪور مخزن ۾ شايع ٿيا هئا، تيئن دوباره شايع ڪريان ٿو. صرف هڪڙي لفظ ۾ تبديل آندي اٿم _ يعني، تور (6) جي مقدار کي وڌائي درست ڪيو ويو آهي، ۽ ٻئي ڪنهن لفظ جو انهن ۾ اضافو نه ڪيو اٿم.

4. جيتوڻيڪ مون کي اهڙي ڪابه خامي نظر نٿي اچي، جو آءٌ پنهنجن مقالن کي درست ڪرڻ جي ضرورت سمجهان، تاهم اها وڏي افسوس جي ڳالهه آهي، جو مون جيڪي به نُڪتا هنن مقالن ۾ پيش ڪيا آهن، تن مان هڪ سڀ کان زياده حيرت انگيز نُڪتي جي ذڪر کي پهرئين مضمون ۾ جڳهه نه ڏني اٿم- ۽ اهو نُڪتو هي آهي ته مزورن کي هر حالت ۾ مقرر اجرت ڏيڻ جو انتظام هئڻ گهرجي. جن به نُڪتن جي صفائي پيش ڪرڻي آهي، انهن مان هي نُڪتو اهڙو آهي، جو اگرچه خاص اهميت رکندڙ نه آهي، تنهن هوندي به ان جي صفائي ڪرڻ بلڪل لازمي آهي. هنن مضمونن جو مڪمل اختصار ۽ مرڪزي مفهوم ۽ مطلب اهوئي آهي ته سڌيءَ ۽ صاف انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙيءَ طرح ”دولت“ جي منطقي وصف ۽ تعريف پيش ڪريان، جيئن صاف سڌيءَ يوناني ٻوليءَ ۾ افلاطون ۽ زينوفن (Xenophon) (9) ۽ صاف سڌيءَ لاطيني ٻوليءَ ۾ سسرو (Cicero) (10) ۽ هوريس (Horace) (11) پيش ڪئي آهي؛ دولت جي اهڙيءَ منطقي ۽ معقول وصف کي بنيادي اصول ڪري وٺڻ، اقتصادي سائنس لاءِ اشد ضروري آهي.

5. مذڪوره موضوع تي سڀ کان مشهور مضمون (12) جو موجوده وقت ۾ شايع ٿيو آهي، تنهن جي شروعات هنن لفظن ۾ ٿي آهي: ”سياسي اقتصاديات جا ماهر دولت جي اصلي ماهيت جي تفتيش ڪرڻ ۽ ان جي سيکارڻ[1] جي دعويٰ رکن ٿا.“ مضمون نويس اڳتي هلي پنهنجي راءِ جو هيٺين لفظن ۾ اعلان ٿو ڪري: ”هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ دولت جي معنيٰ جيڪا روزمره جي معاملات لاءِ ڪافي آهي، اڳتي واضح آهي.“ ... ”هن مضمون جو اهو مقصد نه آهي ته دولت جي وصف جي مابعدالطبيعاتي موشگافين ۾ وڃي اڙجي پئجي.“[2]

6. هن سلسلي ۾ واقعي مابعدالطبيعاتي موشگافيون لازمي نه آهن، پر هڪ طبيعاتي موضوع جي سلسلي ۾ خالص طبيعاتي ڇنڊ ڇاڻ ۽ منطقي طور حقيقت جو تعين ته هر صورت ۾ اسان کي لازمي طرح ڪرڻ گهرجي.

7. سمجهو ته اسان جي هن بحث جو موضوع ”گهر جي قانون“ (13) (قانون  + nomia =گهر Oiko = : (Oikonomia، يعني علم اقتصاديءَ بدران ”ستارن جو قانون“ (قانون nomia= + ستاره astro = (Astronomio :، يعني علم هيئت آهي.

جيڪڏهن اسان تارن (14) ۽ سيارن (15) جو تفاوت جي الحال پاسيرو رکون. جهڙي طرح هتي ”روشن دولت“ (16) ۽ عڪسي دولت (17) جي درميان اسان في الحال فرق نٿا ڪريون- ته پوءِ جيڪڏهن مذڪوره مصنف پنهنجو ڪتاب هنن لفظن سان شروع ڪري ها ته ”هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ تارن جي معنيٰ جيڪا روزمره جي معاملات لاءِ ڪافي آهي، اڳيئي واضح آهي... هن ڪتاب جو اهو مقصد نه آهي ته تارن جي وصف جي مابعدالطبيعاتي موشگافين ۾ وڃي اڙجي پئجي“ _ ته آءٌ سمجهان ٿو ته انهن لفظن سان شروع ڪيل اُن ڪتاب مان جيڪي نتيجا اخذ ٿي سگهن، سي شايد هڪ جهاز ران لاءِ صدبار وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿين، بنسبت انهيءَ ”علم اقتصاد“ جي ڪتاب کان، جنهن ۾ ”مال ۽ دولت“ جو مفهوم عام خيالات موجب فرض ڪيل هجي، ۽ انهيءَ مفهوم کي ئي خيال ۾ رکي ان مان ملڪ ۽ قوم جي رهبريءَ لاءِ نتيجا اخذ ڪيا ويا هجن.

8. تنهنڪري هنن مقالن لکڻ مان منهنجو پهريون ۽ خاص مقصد ۽ مطلب اهو هو ته ”دولت“ جي موزون ۽ پائدار ثابت ڪري ڏيکارجي ته دولت جو حاصل ڪرڻ فقط سماج جي ڪن اخلاقي قدرن ۽ معيارن جي پس منظر ۽ روشنيءَ ۾ ئي جائز ۽ صحيح سمجهي سگهجي ٿو، جن سياسي معيارن مان پهريون معيار هيءُ آهي ته انسان ايمانداريءَ کي افضل سمجهي، ۽ عملي طرح ايمانداريءَ تي ڪاربند رهڻ پاڻ لاءِ ممڪن ۽ مفيد ڄاڻي. ٻيو اهو به مقصد هو ته دنيا کي ثابت ڪري ته،

9. اها ڪهڙي شئي اهي جنهن کي الله پاڪ جو نهايت پسنديده ڪم ڪري شمار ڪجي (18)- تنهن جي اظهار ڪرڻ جي دعويٰ آءٌ نٿو ڪري سگهان؛ ڇاڪاڻ ته هن معاملي ۾ انسان جي راءِ ڪا قطعي ٿي نٿي سگهي. پر اسين پوپ (Pope) جي راءِ سان شامل ٿي، بنهه خاطريءَ سان ائين چئي سگهون ٿا ته ايماندار ماڻهو خدا تعاليٰ جي بهترين ظاهري مخلوق مان هڪ آهي- ۽ جيتوڻيڪ جهڙيون حالتون آهن، انهن ۾ هن جو ملڻ مشڪل ئي آهي، پر ائين به سمجهڻ نه گهرجي ته ايماندار ماڻهوءَ جو موجود هجڻ ڪو معجزو يا قدرت جو هڪ غير ممڪن عجوبو آهي ۽ نه ئي وري ان کي عام انسانن کان الڳ ۽ غير معمولي ڪري شمار ئي ڪرڻ گهرجي. ايمانداري انسانن يا انساني سماج لاءِ ڪو خلل انداز عنصر يا ڪا غير چيز نه آهي، اقتصاديات جي چڪرن کي درهم برهم ڪري ٿي ڇڏي؛ پر ايمانداري هڪ باضابطه ۽ موثر طاقت آهي، جنهن جي ئي واحد اطاعت سان، ۽ نه ڪنهن ٻئيءَ طاقت جي تابعداريءَ سان، اقتصاديات جاهي اونڌا چڪر پاڻ سڌا ٿي سگهن ٿا.

10. اها حقيقت آهي ته مون ڪڏهن ڪڏهن پوپ کي سندس پيش ڪيل هن ذاتي ايمانداريءَ جي معيار جي بلندي بدران ان جي پستيءَ سبب نندجندي ٻڌو آهي: ”تحقيق ايمانداري هڪ عزت ۽ قدر لائق گڻ آهي؛ پر انسان ان کان وڌيڪ ڪيڏين ڪيڏين اعليٰ بلندين تائين رسي سگهي ٿو! ڇا، وڌيڪ ٻي ڪا به اهڙي شئي ڪانه آهي، جنهن لاءِ اڳتي اسان کان پڇيو وڃي، سواءِ هن جي ته اسان ايماندار ٿي رهيا هئاسون يا نه؟“

11. منهنجا نيڪ دوستو! آءٌ سمجهان ٿو ته في الحال ٻي ڪابه اهڙي شئي ڪانهي. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته هن کان وڌيڪ ڪنهن بلنديءَ تائين رسڻ جي خواهش اسان کي رڳو ايتري ٿي رهن جي احتياط ۽ ضرورت کان به غافل ڪري ڇڏيو آهي. ٻين ڪهڙين ڪهڙين چيزن ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا آهيون _ تنهن جو هتي سوال ڪونهي؛ پر هڪ ڳالهه جي خاطري آهي ته ڪم از ڪم رواجي ايمانداريءَ ۽ ان جي عملي طاقت مان اڄ اسان جو ايمان نڪري ويو آهي ۽ هيءُ ايمان بمع انهن حقيقتن جي جن تي ان جو انحصار آهي، دوباره حاصل ڪرڻ ۽ محفوظ رکڻ اسان جو اولين فرض آهي. اسان کي نه فقط نالي خاطر ايمانداريءَ ۾ اعتماد رکڻ سان، پر ان تي عمل ڪرڻ سان، خود پاڻکي اهو اطمينان ڏيڻ گهرجي ته اڇا تائين به دنيا ۾ ڪي اهڙا ماڻهو پيا آهن، جن کي ملازمت[3] مان تڙجي نڪرڻ جي ڊپ کان سواءِ به ٺڳي ڪرڻ کان باز رکي سگهجي ٿو؛ نه فقط ايترو، پر اسان کي هيءُ به اٽل يقين رکڻ گهرجي ته اهڙائي ماڻهو آهن، جن جي وجود تي ۽ جن جي ڪنهن به زماني ۾ گهڻي يا ٿوري تعداد ۾ موجود هئڻ جي بناء تي، هڪ ملڪ يا قوم جي وجود ۽ آئيندي زندگيءَ جو لازمي دارومدار رهي ٿو.

12. انهن ٻن نڪتن سان ئي هيٺين مضمونن جو سڌو تعلق آهي. محنت جي نظام (Organization of Labour) واري عنوان کي ڪو جزوي بيان ڪيو ويو آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو اسان پنهنجي ڪپتانن ۾ ايمانداريءَ جو جذبو پيدا ڪري سگهياسون، ته پوءِ محنت ۽ مزوريءَ جو نظام درست ڪرڻ هڪ آسان ڳالهه آهي، ۽ اهو ڪنهن به جهيڙي جهٽي يا مشڪلات کان سواءِ ترقي پذير ٿيندو رهندو؛ پر جيڪڏهن اسان پنهنجن ڪپتانن ۾ ايمانداري پيدا ڪري نه سگهياسون، ته مزوريءَ ۽ محنت جي نظام جو درست ٿيڻ هميشه لاءِ محال ۽ مشڪل ئي رهندو.

13. انهيءَ اعليٰ مقصد جي ڪاميابي جن صورتن ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي، انهن جي تفصيلي اُپٽار آءٌ مناسب جاءِ تي اڳتي هلي پيش ڪندس. هتي انهيءَ خوف کان ته پڙهندڙ متان هيٺ پهرين اصولن جي تجزيي ماتحت جيڪي ڳالهيون اشاري طور پيش ڪيون ويون آهن، تن کي پڙهي، مرڳو ڊڄي وڃي ته اهي هن کي فڪر جي ڪنهن غير متوقع ۽ خطرناڪ سرزمين ڏانهن نيئي رهيون آهن. آءٌ کيس گهربل تسلي ڏيڻ خاطر، فوراً هتي پنهنجو اهو ”انتهائي نا پسنديده“ سياسي نظريو مختصر لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ڇڏيان، جيڪو مناسب تفصيل سان بالاخر آءٌ هن جي گوش گذار ڪرڻ چاهيان ٿو.

14. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته سرڪاري خرچ تي نوجوانن واسطي سرڪاري انتظام هيٺ ساري ملڪ ۾ تربيتي اسڪول (21)[4] قائم ڪيا وڃن ۽ ملڪ جي هر ڄاول ٻار کي سندس مائٽن جي رضا ۽ خوشي سان (پر بلڪل لازمي صورت ۾ مناسب سزا سان مجبور ڪري به) اسڪول ۾ رکيو وڃي؛ ۽ هنن اسڪولن ۾ (ٻين رواجي ڳالهين کان سواءِ، جن جي اپٽار پنهنجي جڳهه تي پيش ٿيندي) ٻار کي هيٺين ٽن ڳالهين متعلق هر ممڪن تعليم ۽ تربيت لازمي طور ڏني وڃي.

 (الف) تندرستيءَ جا قانون ۽ اهي ورزشون جيڪي انهن قانونن ماتحت لازمي هجن،

(ب) مروت ۽ منصف مزاجيءَ جي تربيت

(ج) ڌنڌو، جنهن ذريعي هو اڳتي هلي پنهنجي زندگي بسر ڪري سگهي.

15. ٻي هيءَ ڳالهه آهي ته انهن تربيتي اسڪولن جي سلسلي سان، وري به سرڪاري ضابطي هيٺ، زندگيءَ جي سڀني ضرورتن جي پيداوار ۽ وڪري لاءِ ۽ ڪمائتي هنر ۽ ڪاريگريءَ جي استعمال لاءِ، شين جا ٺاهڻ جا مرڪز ۽ صنعتي ادارا برپا ڪيا وڃن. ساڳئي وقت خانگي ڪاروبار ۾ ذري جيتري به دست اندازي نه ڪندي، ۽ ان جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جون (پابندين ۽ ٽئڪسن وغيره جي صورت ۾) ڪي به رنڊڪون نه وجهندي، ٻنهي ڌرين کي آزاد ڇڏيو وڃي ته ڀلي پنهنجي پنهنجي منهن حتي المقدور ڪوشش ڪن _ ايتريقدر جو خانگي صنعتڪاري هنن سرڪاري مرڪزن ۽ ادارن کي ڪم ۽ پيداواري جي لحاظ کان، جيڪڏهن شڪست ڏيئي سگهي، ته ڀلي شڪست ڏي. سرڪار جي هنن صنعتي مرڪزن ۽ دڪانن تي گهربل اعتبار جوڳو عمدو ۽ ڏسڻ جهڙو ڪم ٿيڻ گهرجي، وٽن نج ۽ سچي مال جو وڪرو ٿيڻ گهرجي، ايتريقدر جو اها هڪ انسان کي خاطري هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن سرڪار طرفان مقرر ٿيل قيمت سان هو ڪا ماني خريد ڪندو ته اها واقعي ماني هوندي، جي شربت خريد ڪندو ته واقعي کيس شربت ملندو ۽جيڪڏهن ڪم جي شئي وٺندو ته واقعي کيس ڪم جي شئي ملندي.

16. ٽين ڳالهه هيءَ آهي ته هر بيروزگار مرد يا عورت، ڇوڪري يا ڇوڪريءَ کي ويجهي ۾ ويجهي مٿي ذڪر ڪيل سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي، ۽ اهڙي ڪم تي رکيو وڃي، جنهن ڪم لائق، آزمائش کان پوءِ، هن کي سمجهيو وڃي، ۽ کيس مقرر ٿيل مزوري ادا ڪئي وڃي، جيڪا هر سال مجموعي حالتن پٽاندر نئين سر مقرر ڪئي وڃي، اهڙن بيروزگار پورهيتن مان جيڪي به اڻڄاڻائي ڪري ڪنهن ڪم ڪرڻ جي قابل نه هجن، تن کي ڪانه ڪا هنري تربيت ڏني وڃي. جيڪڏهن هو ڪنهن بيماريءَ سبب ڪم جي لائق نه هجن، ته سندن گهربل دوا درمول ۽ ٽهل ٽڪور ڪئي وڃي. منجهائن ڪي به ڪم ڪرڻ لاءِ آماده نه هجن، ته انهن کي سخت ۾ سخت پابندين هيٺ آڻي سڌو ڪجي. کين کاڻين ۽ ٻين اهڙين خطرناڪ جاين تي ڪم ۾ لڳائجي (البت انهن جاين تي صحت ۽ جان جي حفاظت جا سڀ ممڪن اُپاءَ وٺڻ لازمي آهن)، گهٽ درجي وارن، ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪمن ۾ وجهي کين جوڳي سيکت ڏجي، اجرت جي حالت ۾ (جيڪا هنن لاءِ پڻ اهائي ساڳي مقرر اجرت هوندي) پهريائين هنن کي سڌي ڪرڻ ۾ جيڪو خرچ ٿئي، سو سندن مزوريءَ مان ڪاٽجي- باقي سندن اجرت جي رقم تيسين کين نه ڏجي، جيسين هو سڌا نه ٿين، ۽ پوءِ جڏهن سندن دلين ۾ ايتري صلاحيت پيدا ٿي وڃي، جو هو ملازمت جي قاعدن ۽ قانونن جي عزت ڪري سگهن، تڏهن سندن سموري ڪمايل رقم کين ڏيئي ڇڏجي.

17. چوٿين ۽ آخري ڳالهه هي آهي ته محتاج ۽ پيرسن (22) انسانن لاءِ رهڻ لاءِ اجهو ۽ زندگيءَ جون ٻيون واجبي ضرورتون مهيا ڪيون وڃن. اهڙي قسم جي موزون ۽ مناسب بندوبست مان جڏهن اڳتي هلي هيءُ نتيجو نڪرندو ته امداد جا سچا ۽ لائق حقدار ۽ ڪوڙا ۽ مڪار دعويدار ظاهر ٿي، هڪٻئي کان ڇنڊجي الڳ ٿي بيهي رهندا، تڏهن هيءُ محتاجن ۽ پيرسنن جي امداد جو نظام فائدي وٺندڙ هڪ محتاج يا پيرسن لاءِ بجاءِ پريشانيءَ ۽ بيعزتيءَ جي، قلب جي اطمينان ۽ عزت جو باعث ثابت ٿيندو.

18. ڇاڪاڻ ته (۽ آءٌ هي ٽڪرو پنهنجي ڪتاب ”پوليٽيڪل ايڪانامي آف آرٽ“ (23)[5] مان ڪڍي، وري هتي دهرايان ٿو ۽ پڙهندڙ جو ڌيان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ان ڪتاب ڏانهن ڇڪايان ٿو) ”جيئن هڪ درمياني طبقي جو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ تلوار، قلم ۽ نشتر سان پنهنجي مادر وطن جي خدمت ڪري ٿو، تيئن هڪ مزور پنهنجي ڪوڏر (رنبي يا چنجور وغيره) سان اها خدمت سرانجام ڏئي ٿو. جيڪڏهن خدمت گهٽ درجي جي آهي، ته ان خدمت جي بجا آڻيندڙ جو اجورو، سندس صحتمنديءَ جي حالت ۾ به، گهٽ ئي ٿئي ٿو؛ پوءِ جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان هو بيماريءَ ۾ مجبور ٿي ويهي رهي، ته سندس ڪيل اڳوڻيءَ خدمت جي صدقي هن کي ان عرصي لاءِ انعام طور اجرت به اهائي گهٽ ملندي، پر ان کي هو ڪڏهن به پنهنجي بيعزتي ڪين سمجهندو. بلڪل اهڙي ئي طريقي سان، هڪ مزور لاءِ پنهنجي مقامي امدادي اداري مان پينشن حاصل ڪرڻ هڪ بلڪل فطري ۽ سنئين سڌي چيز آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڳوٺ يا شهر جي خدمت بجا آڻي پاڻ کي ان لائق بنايو آهي؛ _ بلڪل ائين جيئن کانئس ڪجهه مٿانهين درجي وارو سرڪاري ملازم يا ٻيو ڪو ماڻهو مملڪت يا سرڪار مان پينشن حاصل ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سڄي ملڪ جي خدمت بجا آڻي پاڻ کي ان لائق بنايو آهي.“

19. مٿئين بيان کان پوءِ، حياتيءَ ۽ موت جي دستور ۽ اجرت متعلق، نتيجي طور. آءٌ فقط مزيد هنن لفظن جو اضافو ڪندس ته ننڍي توڙي وڏي، غريب توڙي امير جي تربت جي ڪتبي جا پڇاڙيءَ وارا لفظ جيڪڏهن هي هجن ته ”هن جي مدفن جو خرچ به عوام جي خزاني مان ٿيو- جيڪي آخري لفظ وليرس پبليڪولا (valerius publicola)[6][7] متعلق لِويءَ (Livy) (24) پنهنجي ڪتاب ۾ استعمال ڪيا آهن- ته اهي لفظ ڪنهن به صورت ۾ سندن بيعزتيءَجو باعث ڪين بنبا.

20. اهي ڳالهيون، سندن لاڳاپن سميت، آءٌ اڳتي هلي ترت ئي واضح ڪندس، ۽ جيئن جيئن مون کي موقعو ملندو رهندو، تيئن تيئن زندگيءَ جي ٻين پهلوئن سان پڻ انهن جو واسطو ڏيکاريندو ايندس. هتي انهن ڳالهين جو ذڪر فقط مختصر طور ڪيم،انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي انهيءَ ڳالهه کان باز رکي سگهان ته منهنجي اصلي مطلب * مقصد کي سمجهڻ لاءِ بيجا پريشان نه ٿئي. تاهم آءٌ هن کي عرض ڪندس ته هو ياد رکي ته اهو علم جيڪو انساني فطرت جي باريڪ پهلوئن سان تعلق رکي ٿو، تنهن جي اصولن جي بنيادي سچائيءَ متعلق ڪجهه اطمينان سان چئي به سگهجي ٿو، پر انهن اصولن کي عمل ۾ آڻڻ جي تجويزن متعلق وقت کان اڳ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته اهي آخرڪار ڪامياب ٿينديون يا نه؛ ۽ هن سلسلي ۾ آءٌ پڙهندڙن کي اهو به چوندس ته تجويزون کڻي ڪيتريون به بهتر هجن، انهن جي فوري ڪاميابي هميشه غير يقيني هوندي آهي، ۽ ٻئي طرف انهن تجويزن مان بالاخر ڇا حاصلات ٿيندي، تنهن جو تصور به گهڻي قدر محال ٿئي ٿو.

 

ڊينمارڪ هل (Denmark Hill)

10 مئي، 1862ع .


[1] (1) ٻنهي مان ڪهڙيءَ هڪ چيز جي دعوا آهي؟ تفتيش ڪرڻ جي، يا سيکارڻ جي؟ ڇاڪاڻ ته جنهن ڳالهه لاءِ اڃا تفتيش جي ضرورت آهي، ان ڳالهه جي سيکارڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

[2]  (2) ”پرينسيپلس آف پوليٽيڪل ڪل ايڪانامي“ ”سياسي اقتصاديات جا اُصول _ (Principles of Political Economy- از جي. ايس. ايم (J.S.M) شروعاتي رمارڪ، ص، 2.

[3] نتيجه آور ۽ اثرائتو ضابطو، جيڪو هڪ مزور تي استعمال ٿي سگهي ٿو، سو سندس پنهنجي جماعت جو نه پر سندس مالڪن جو ٿي سگهي ٿو. فقط ملازمت ختم ٿيڻ جو ئي خطرو آهي جو کيس ٺڳي ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ غافل رهڻ کان باز رکي ٿو....“ ”ويلٿ آف نيشنس (19)“ ”قومن جي دولت“ _ (Wealth of Nations ڪتاب پهريون، باب ڏهون.

[4] ڪوتاهه نظر ماڻو ضرور هيءُ سوال ڪندا ته اهڙن اسڪولن کي ڪهڙن فنڊن مان امداد ڏيئي سگهبي؟ آءٌ اڳتي هلي انهيءَ امداد مهيا ڪرڻ جا سڌا ۽ واجب طريقا پيش ڪندس: پر اڻسڌيءَ طرح اهي اسڪول، خرچ جي سلسلي ۾، خود ڪفيليءَ کان به زياده ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. فقط ڏوهن ۾ تخفيف (هيءُ مسئلو موجوده يورپ جي اقتصادي مارڪيٽ ۾ وڏي خرچ گهرندڙ عياشين مان هڪ آهي). جيڪا اهڙن اسڪولن جي طفيل ملڪ ۾ واقع ٿي سگهندي، ان جي زير اثر ئي هنن اسڪولن کي سندن معمولي اخراجات کان ڏهوڻيون رقمون بچائي پيش ڪري سگهبيون.ان کان علاوه هنن اسڪولن ۾ ”پيدا ڪريو، کائو، ۽ بچايو“ جي محنتي اقتصاد جي اصول تي جيڪا پيداوار ممڪن ٿي سگهندي، سا خالص نفعي جي مترادف ٿيندي، _ ۽ اهو نفعو ايترو ته گهڻو ٿيندو. جو وقت کان اڳي ان جو پورو اندازو به نٿو ڪري سگهجي.

[5]  ضميمو ــ ص 195

[6] ”وليرس پبليڪولا عام جي متفقه فيصلي موجب صلح توڙي جنگ جي فن ۾ اول نمبر هو. هو ٻئي سال (10 ق م) فوت ٿيو. هن جو نالو ڏاڍو مشهو رهو؛ پر هن جي خانگي ملڪيت ايتري ته ٿوري هئي، جو ان مان سندس ڪفن به ڏيک ويک سان نه ٿي سگهيو. هن جي مدفن جو خرچ به عوام جي خزاني مان ٿيو. روم جي مائرن هن تي به ايترو ئي ماتم ڪيو، جيترو بروٽس (Brutus) تي ڪيائون“ _ 2، باب 16.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org