سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: اقتصادي انصاف

باب: --

صفحو : 5

 

مقالو ٻيو

دولت جون رڳون

76. اڳئين مقالي ۾ جيڪي ڳالهيون پيش ڪيون ويون آهن، تن جي جواب ۾ هر ڪو سياسي اقتصاديات جو ماهر هيٺين لفظن ۾ ئي خيال آرائي ڪري سگهي ٿو:

77. ”تحقيق، هنن سماجي احساسات جي فروغ معفرت ڪي عام قسم جا فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا، پر سياسي اقتصاديات جي ماهرن، نه ڪڏهن ڪن عام قسم جي فائدن کي خيال ۾ آڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ۽ نه هاڻي ئي اهڙي ڪا دعويٰ اٿن.

78. ”اسان جي سائنس (53) صرف اهو سيکاري ٿي ته ماڻهو ڪيئن شاهوڪار بنجي سگهي ٿو. تجربي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته اُها غلط يا محض خيالي هئڻ بجاءِ، عملي طرح هڪ نهايت موثر ۽ ڪارگر سائنس آهي. هن سائنس جي اصولن جي باقاعدي پيروي ڪندڙ ماڻهو شاهوڪار ٿين ٿا. ۽ نافرماني ڪندڙ غربت جو شڪار ٿين ٿا. يورپ جي هر سرمائيدار هن علم جي عام مڃيل اصولن جي عام پيروي ڪري دولت ڪٺي ڪئي آهي، ۽ انهن ئي اصولن تي ثابت قدر رهي، هو روز بروز پنهنجي سرمايي ۾ اضافو آڻي رهيو آهي. ڏٺل وائٺل واقعات جي صداقت خلاف محض منطقي دليل پيش ڪرڻ بيسود آهن. هر ڪاروباري ماڻهو تجربي جي بنا تي هن حقيقت کان اڄ پوريءَ طرح واقف آهي ته پئسا ڪيئن اچن ٿا ۽ ڪيئن وڃن ٿا.“

79. گستاخي معاف. ڪاروباري ماڻهو کي واقعي پوريءَ طرح خبر آهي ته ڪيئن هن مايا ميڙي ۽ ڪهڙي ريت ڪنهن موقعي تي وٽانئن اها گم ٿي ويئي. اها واپار جي پتن _ راند طويل عرصي کان کيڏيندي، واپاري ان راند جي هر داءَ پيچ جا ڪافي راز محرم ٿي وڃن ٿا. ۽ پوريءَ طرح پنهنجي نقصانن ۽ فائدن جي اسبابن جي تشريح ڪرڻ ڄاڻن ٿا. پر کين انهيءَ ڳالهه جي پروڙ نه آهي، ته هن قمارخاني جي اصلي بئنڪ ڪنهن جي قبضي ۾ آهي ۽ نه انهيءَ کان واقف آهن ته ساڳين پتن سان ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون رانديون ڪري سگهجن ٿيون. نه وري کين اها خبر آهي ته نفعي نقصان جي هنن دائن تي، جيڪي هو ظاهر ظهور کُليل ۽ روشن ڪمرن ۾ لڳايو ويٺا آهن، ڪهڙن ٻين نفعن ۽ نقصانن جو دارومدار آهي، جن لاءِ خفيه مڪانن جي اونداهن ڪمرن ۾ اهڙن ئي قسم جا ٻيا داءُ کيڏيا وڃن ٿا. انهن کي تجارتي اقتصاديات جا مختصر، بلڪل مختصر قانون ته واقعي ياد آهن، پر سياسي اقتصاديات جي هڪ به قانون کان هو واقف نه آهن.

80. منهنجي نظر ۾ سڀ کان اول ڳالهه، جا تمام حيرت انگيز ۽ نمايان آهي، سا اها آهي ته هي واپاري ماڻهو ”شاهوڪار“ لفظ جي اصل مفهوم کان قطعي نا آشنا آهن. جيڪڏهن کڻي آشنا به آهن، ته به پنهنجي دليل دلائل ۾ هو ڪڏهن به ان ڳالهه جي گنجائش نٿا رکن ته لفظ ”شاهوڪار“ هر حالت ۾ هڪ نسبتي لفظ آهي، جنهن سان ان جو ضد ”غريب“ هر حالت ۾ ڳنڍيل آهي _ بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح لفظ ”اتر“ سان ان جو ضد ”ڏکڻ“ ڳنڍيل آهي.

81. اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ ائين ظاهر ڪندا آهن ته شاهوڪاري ڄڻ هڪ مطلق شئي آهي، ۽ هر هڪ ماڻهو سياسي اقتصاد جي ڪن اصولن جي پيروي ڪرڻ سان شاهوڪار ٿي سگهي ٿو. حالانڪه شاهوڪاري، برقي طاقت وانگر، هڪ طاقت آهي، جنهن جو عمل اندروني مخالف جزن جي باهمي تصادم يعني پنهنجي پاڻ کي مٽائڻ سان ئي ظاهر ٿي سگهي ٿو. جهڙيءَ طرح برقي طاقت جو وجود اثباتي ۽ منفي قوتن تي مبني آهي، تهڙيءَ طرح شاهوڪاري غربت تي پلجي، وڌي ۽ ويجهي ٿي. اوهان جي ”گنيءَ“ جي طاقت صرف تڏهن آهي، جڏهن اوهان جي ڪنهن پاڙيسريءَ وٽ ان جي گهرج آهي. جيڪڏهن هن کي ان جي ضرورت نه هجي؛ ته اها ”گني“ اوهان لاءِ گويا ڪنهن به ڪم جي نه رهي؛ ان جي طاقت جو درجو صرف ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته اوهان جي پاڙيسريءَ کي ان جي ڪيتري گهرج  يا خواهش آهي. تنهنڪري پاڻ کي شاهوڪار بنائڻ جو فن، هڪ رواجي واپاريءَ جي خيال کان، صرف انهيءَ ڄاڻ يا ترتيب ۾ سمايل آهي ته پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪنهن طرح هر وقت غريب رکيو اچجي.

82. هن مسئلي ۾ (توڙي ٻئي هنڌ ڪٿي به) آءٌ محض لفظن کي قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪانه ٿو ڪرڻ گهران، پر منهنجي اها دلي چاهنا آهي ته ناظرين ٻن قسمن جي اقتصاد (54) کي گهريءَ نگاهه سان ڏسن ۽ ٻنهي قسمن يعني سياسي اقتصاد ۽ واپاري اقتصاد کي هم معنيٰ ڪري نه وٺن.

83. سياسي اقتصاديات (ملڪ ۽ ماڻهن جي اقتصاديات) فقط ’ڪارآمد ۽ دلپسند شين جي پيداوار، حفاظت ۽ سندن وقتائتي ۽ جائيتي ورهاست تي مشتمل آهي. هاري، جو پنهنجو فصل پوري وقت تي لڻي ٿو؛ جهاز ٺاهيندڙ مستري، جو جهاز جي ڪاٺ ۾ مضبوط ڪِليون ٺوڪي ٿو؛ سِر بند، جو پنهنجون سرون خوب ملايل ۽ وليل گچ مان ٻڌي ٿو؛ گهرڌياڻي، جا پنهنجي بورچيخاني ۾ کاڌي جي زيان کي خبرداريءَ سان روڪي ٿي؛ ۽ ڳائڻو، جو صحيح نموني پنهنجي آواز کي ضابطي هيٺ رکي ٿو ۽ ڪڏهن به ان تي حد کان زياده بوجو نٿو وجهي _ سي سڀ قطعاً ۽ حقيقتاً سياسي اقتصاديات جا ڄاڻو يا عامل آهن، ۽ منجهانئن هر هڪ پنهنجي پنهنجي منهن هر روز قوم جي سرمايي ۽ خوشحاليءَ ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو.

84. پر واپاري يا تجارتي اقتصاد (هر ڳالهه ۾ پنهنجي نفعي ويچارڻ واري اقتصاد) جي اها مراد آهي ته چند ماڻهن کي، قانوني صورت يا ”اخلاقي“ آڙ ۾، ٻين جي پورهيي تي ”حق“ يا طاقت حاصل ٿئي. انهيءَ قسم جي حق جي اثر هيٺ ايتري ئي غربت ۽ زيرباري هڪ طرف پيدا ٿئي ٿي، جيتري دولت ۽ حقداري ٻئي طرف.

85. تنهنڪري، انهيءَ قسم جي اقتصاد جو لازمي نتيجو هرگز هيءُ نٿو ٿي سگهي ته ان جي فروغ معرفت ملڪ جي فلاح و بهبودي حاصل ٿئي يا ملڪ جي حقيقي ملڪيت ۾ اضافو رونما ٿئي. پر، ڇاڪاڻ ته هي تجارتي دولت، يا هيءُ ٻين جي پورهيي تي قبضو، تقريباً هر وقت ۽ هڪدم جنسي دولت هر وقت ۽ هڪدم ٻين جي پورهيي تي قبضي جي صورت ۾ تبديل ٿي نٿي سگهي، تنهنڪري سڌريل قومن جي چست ماڻهن جي نگاهه ۾ شاهوڪاريءَ جو مفهوم عام طرح صرف تجارتي دولت ئي رهيو آهي، ۽ هو پنهنجي املاڪ جي تخميني ڪرڻ وقت پنهنجي گهوڙن ۽ زمين وغيره جي قيمت گنين جي صورت ۾ ڪٿيندا آهن، جيڪي کين انهن جي عيوض حاصل ٿي سگهن ٿيون، ۽ نه پنهنجي گنين جي قيمت زمين ۽ گهوڙن وغيره جي صورت ۾، جيڪي هو انهن گنين وسيلي خريد ڪري ٿا سگهن.

86. هن ذهني خصلت جو هڪڙو ٻيو به سبب آهي _ ۽ اهو هيءٌ ته جنسي دولت جو انبار ان جي مالڪ لاءِ تيستائين ڪنهن ڪم جو ڪونه ٿو ٿئي، جيستائين ان سان گڏ هن کي ٻين جي پورهيي تي تجارتي قبضو حاصل نه ٿيو آهي. مثال طور ائين کڻي سمجهو ته هڪ شخص کي زمين جي هڪ وسيع زرخيز ايراضيءَ جو قبضو ڏنو ٿو وڃي، ۽ ان زمين ۾ سون جي کاڻ پڻ موجود آهي، تنهن سان گڏ ان زمين جي سبز چراگاهن تي انيڪ چوپايو مال هر گهربل چيز سان ٽمٽار گدام به موجود آهن؛ پر فرض ڪريو، هنن سڀني ڳالهين هوندي به هن کي ڪي نوڪر يا ڪمي نٿا ملي سگهن. هن کي نوڪر ملي سگهن، تنهن لاءِ لازمي آهي ته سندس پاڙي ۾ يا آسپاس ڪي غريب ۽ مفلس رهندڙ هجن، جن کي سندس اُن سون ۽ اناج جو احتياج هجي. فرض ڪريو ته ڪنهن کي به ٻنهي چيزن جو احتياج ڪونهي، ۽ ڪو به نوڪر هن کي ڪو نه ٿو ملي سگهي.

87. انهيءَ حالت ۾، کيس پنهنجي هٿن سان ماني پچائڻي پوندي، ڪپڙا سبڻا پوندا. زمين کيڙڻي پوندي، ۽ پنهنجا ڌڻ پاڻ چارڻا پوندا. سندس سون کيس اوتروئي ڪم ڏيئي سگهندو، جيترو ٻيا زرد رنگ جا ٺڪر ڀتر، جي سندس زمين تي اڻميا موجود آهن. سندس ذخيرن کي سُرو ۽ اُڏوهي وٺي ويندي، ڇاڪاڻ ته هو انهن کي استعمال ڪرڻ کان قاصر آهي. هو نه ڪنهن ٻئي انسان کان وڌيڪ کائي سگهي ٿو. نه وڌيڪ چوڙي سگهي ٿو. رواجي ضرورتن ۽ رواجي آسائش لاءِ به کيس سخت ۽ دستوري پورهيو ڪرڻو پوندو؛ آخرڪار هو پنهنجي جاين جڳهين کي سلامت ۽ پنهنجي زمين کي آباد رکڻ لاءِ لاچار ٿي پوندو. ۽ مجبور ٿي بيابان جهڙيءَ غير آباد ۽ ڦٽل زمين جي وچ ۾ _ جتي جهنگلي جانور پيا اونائيندا، ۽ جنهن ۾ هر هنڌ زبون حال ۽ سُڃين عمارتن جا کنڊر پکڙيا پيا هوندا، جن کي پنهنجو ڪري سڏڻ ۾ به هن کي شرم پيو محسوس ٿيندو _ا تي هو پنهنجي لاءِ هڪ غريباڻي جهوپڙي اڏي، ۽ زمين جو هڪڙو ننڍڙو ٽُڪر کيڙي، پنهنجي مشڪل زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽڻ شروع ڪري ڏيندو.

88. آءٌ سمجهان ٿو ته حد کان زياده حريص انسان به اهڙي قسم جي ”شاهوڪاريءَ“ کي، انهن شرطن تي، ڪڏهن به خوشيءَ سان قبول ڪين ڪندو. دولتمند ماڻهوءَ جي دولت جي آڙ ۾، اصلي تمنا اها هوندي آهي ته کيس ماڻهن تي قبضو هجي؛ جنهن جو سادي ۾ سادو مطلب هيءُ هوندو آهي ته کيس اها طاقت حاصل هجي، جنهن جي مدد سان، پنهنجي فائدي ۽ سهولت لاءِ، هو ملازمن، ڪاريگرن ۽ فنڪارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهي، ۽ ان جو پيچيده ۾ پيچيده مطلب هي هوندو آهي ته کيس اهو اختيار ميسر هجي، جنهن سان هو قوم جي ڪثير فردن کي، ڪن خاص مقصدن جي حصول لاءِ، جيئن وڻيس تيئن، هلائي چلائي سگهي (پوءِ اهي مقصد نيڪ هجن، خسيس هجن يا هاڃيڪار هجن _ جنهن جو دارومدار وري به خود سندس ئي ذهنيت تي قائم آهي). ۽ دولت جي هن طاقت جي گهڻائيءَ يا ٿورائيءَ جي سڌي نسبت ماڻهن جي غربت سان آهي، جن تي اها طاقت استعمال ٿيئ ٿي _ يعني جيترا ماڻهو گهڻا غريب، اوتري دولت جي هيءَ طاقت گهڻي. ساڳئي وقت، دولت جي هن طاقت جي گهڻائيءَ يا ٿورائيءَ جي اُبتي نسبت پاڻ جهڙن ٻين دولتمند ماڻهن جي موجود هئڻ سان پڻ آهي، جيڪي سڀئي هر انهيءَ چيز جي خريدڻ لاءِ ساڳين پئسن خرچڻ لاءِ تيار آهن، جيڪا شئي مجموعي طور گهربل انداز کان گهٽ ملڪ ۾ موجود آهي (55).

89. جيڪڏهن اهڙو موسيقار احتياجمند آهي ته هو تيستائين ٿورڙي اجوري تي ڳائڻ لاءِ مجبور رهندو، جيستائين کيس اجوري ڏيڻ وارو فقط هڪڙوئي شخص موجود آهي. جيڪڏهن سندس ٻڌندڙن جو تعداد هڪ مان وڌي ٻه ۽ ٻن مان وڌي ٽي ٿيندو، ته ظاهر آهي ته هو منجهانئن فقط انهيءَ وٽ ڳائيندو، جو کيس زياده ۾ زياده اجورو آڇيندو ۽ اهڙيءَ طرح سرپرست جي دولت جي طاقت (جا کڻي ڪيتري به بااختيار هجي، پر هميشه اڻپوري ۽ مشڪوڪ رهي ٿي _ جيئن هيٺ ان جو ذڪر ايندو) اول فنڪار جي غربت تي مدار رکي ٿي، ۽ بعد ۾ انهن هڪجهڙن سرمائيدارن جي تعداد تي، جي سندس فن کان لطف اندوز ٿيڻ جا خواهشمند آهن. انهيءَ ڪري جيئن مٿي پڻ بيان ڪيو ويو، ائين سمجهڻ درست ٿيندو ته عرف عام ۾ شاهوڪار بنجڻ جو هنر، آخرين طور ۽ مطلقاً، صرف پنهنجي لاءِ ڪثير دولت جمع ڪرڻ تي مبني نه آهي، پر تنهن سان گڏوگڏ پنهنجي همساين کي ڪنهن نه ڪنهن طرح غريب رکڻ جي حرفت تي پڻ منحصر آهي. ائين چوڻ زياده موزون ٿيندو ته هي اُهو هنر آهي، جنهن جي ذريعي، پاڻ کي اوچي کان اوچو رکي، ٻئي کي هيٺ کان هيٺ اڇلي، انسانن ۾ گهڻي کان گهڻي غير برابري قائم ڪئي وڃي ٿي.

90. هاڻي اهڙيءَ غير برابريءَ جي قائم ڪرڻ کي، ماورائي طور، قوم جي وجود لاءِ ڪڏهن به مفيد يا غير مفيد ثابت نٿو ڪري سگهجي. مگر موجوده سياسي اقتصاديات جو بنياد هن نا انديش ۽ غير معقول خيال تي ٻڌل آهي، ۽ اهڙيون برابريون قوم لاءِ لازمي طور مفيد ۽ ڪارآمد آهن.

91. هن معاملي ۾ ابدي ۽ اٽل قانون هيءُ آهي ته غير برابريءَ جي فائديمنديءَ جو انحصار (1) انهن طريقن تي آهي، جن سان ان کي قائم ڪيو ويو هجي، ۽ (2) انهن مقصدن تي آهي، جن لاءِ اها استعمال ٿئي ٿي. غير منصفانه قائم ڪيل دولت جون غير برابريون جنهن قوم ۾ موجود آهن، بي شڪ و شبه انهن جي قائم ٿيندي ٿيندي، ان قوم کي عظيم نقصان پهتا آهن ۽ انهن جو غير منصفانه استعمال، اوستائين جيستائين تنهان ئي زياده نقصان پهچائي ٿو. پر منحفانه قائم ڪيل دولت جون غير برابريون، ۽ ٿيندي ٿيندي، قوم کي ضرور فائدا پهچائين ٿيون، ۽ انهن جو شريفانه ۽ شانائتو استعمال قوم جي وجود لاءِ تنهان ئي زياده برڪت جو باعث ثابت ٿئي ٿو.

92. انهيءَ مان اهو مطلب نڪتو ته ذي حيات ۽ منظم قومن ۾ فردن جي جدا جدا طاقت ۽ صلاحيت کي جڏهن خالص پورهيي جي معيار تي آزمايو وڃي ٿو، ۽ خاص طرح جڏهن ان جو جدا جدا قومي ضرورت وارن ڪمن لاءِ موزون استعمال ڪيو وڃي ٿو، تڏهن نتيجي طور جدا جدا حالت ۾ جدا جدا حاصلاتون پلئه پون ٿيون _ جيڪي، انداز ۽ اهميت ۾ الڳ الڳ هوندي به، باهمي موافقت ۽ خوشگواريءَ جو باعث رهن ٿيون- ۽ پوءِ فردن مان هر هڪ کي سندس محنت ۽ صلاحيت جي مناسبت[1] سان جدا جدا انعام ۽ معاوضا ادا ٿين ٿا. پر خلاف ان جي، هڪ بيعقل ۽ غير منظم قوم جي ماڻهن ۾ ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميابيءَ، انعام ۽ سزا، حاڪميت ۽ غلاميءَ، جا اسباب * وسيلا اهي ٿا وڃي بيهن ته ڪي محض ڪنهن حادثي يا بدقسمتيءَ سبب زوال جو شڪار آهن ۽ ڪي رڳو خود غرضيءَ، اٽڪلبازيءَ ۽ قوم سان غداريءَ جي ڪارواين معرفت وڃي ٿا عروج حاصل ڪن، ۽ نتيجي طور، ان قوم جون اندروني ناهمواريون ۽ غير برابريون محنت ۽ صلاحيت جي انداز ۽ اهميت جي اختلاف سبب عين لازمي ۽ منصفانه هجڻ بدران، محض ظلم ۽ بيچارگيءَ، طاقت ۽ محتاجيءَ، خوش قسمتيءَ ۽ بدقسمتيءَ جي بنياد تي بيٺل هڪ ذليل ۽ زهريليءَ لعنت جي صورت وٺي وڃي ٿيون بيهن.

93. مطلب ته ڪنهن قوم جي دولت جي وار ڦير به هڪ ساهواري جي رت جي دوري مثل آهي، جنهن ۾ هڪڙي تيز رفتاري خوشيءَ جي جذبي يا صحت بخش ڪسرت جي ذريعي واقع ٿئي ٿي ۽ ٻي شرمساريءَ يا بخار جي اثر هيٺ. هڪڙو مُنهن ۽ بدن جو سرخ رنگ زندگي ۽ زندگيءَ جي گرميءَ ۽ تازگيءَ جو نشان آهي، ۽ ٻيو محض بيماريءَ ۽ عفونت جي علامت.

94. هيءَ تمثيل باريڪ کان باريڪ نقطي تائين به جائز طور استعمال ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيئن بدن ۾ ڪنهن به هڪ جاءِ تي رت جو خراب ٿي ڄمي پوڻ جسم جي سڄي موافق نظام تي سستي يا ملال ڇانئي ڇڏيندو آهي، اهڙي نموني دولت جي هڪ جاءِ تي ڪٺي ٿي بيهڻ جا بُرا اثر به سڄي قومي نظام جي بنيادن کي نستو ۽ کوکلو بنائي ڇڏين ٿا.

95. قومي نظام جي بنيادن جي هيءَ نستائي ۽ ضعف ڪهڙي طريقي واضع ٿئي ٿو، تنهن جي خبر، ممڪن کان ممڪن ساده ترين حالتن ۾ دولت ڪيئن وڌي ويجهي ٿي، تنهن جي هڪ- ٻن مثالن مان آسانيءَ سان خبر پئجي سگهندي.

96. سمجهو ته هڪڙا ٻه خلاصي آهن، جيڪي پنهنجي جهاز تان ٿيلهجي ڪنهن اڻ وسايل سمنڊ جي ڪناري تي وڃي ٿا پون ۽ مجبوراً کين پنهنجي پروش لڳاتار ڪيترن ئي سالن لاءِ پنهنجي هٿ _ پورهيي سان پاڻ ڪرڻي پوي ٿي.

97. جيڪڏهن هو تندرست رهيا ۽ هڪٻئي سان اتفاق ۾ رهي، مسلسل پورهيي کي سرانجام ڏنائون، ته ممڪن آهي ته هو پنهنجي واسطي هڪ آسائشي گهر اڏي وجهندا، ۽ ٿوري عرصي ۾ ڪافي آباد زمين به پنهنجي ڪري وٺندا، ۽ ان سان گڏ مستقبل لاءِ وڏي انداز ۾ طرح طرح جا ذخيرا پڻ پاڇي ڪري سگهندا. هي سڀ چيزون هنن جي واسطي سچو پچو ڌن ۽ دولت آهن. ۽ سمجهو ته ٻنهي ماڻهن انهيءَ دوران ۾ هڪجيترو سخت پورهيو ڪيو آهي، ان حالت ۾ لازمي طور گڏ ٿيل مال ۽ ملڪيت جي استعمال يا مالڪيءَ ۾ پڻ ٻنهي جو هڪجيترو حصو رهندو. تنهن جي معنيٰ ته سندن سياسي اقتصاديات جي مراد محض هيءَ رهندي ته گڏ ڪيل مال ۽ ملڪيت جي واجبي حفاظت ٿئي ۽ منجهانئن ٻنهي ۾ ان جي منصفانه ورهاست ٿيندي رهي.

98. هاڻي سمجهو ته اهڙو اتفاق ٿئي ٿو، جو ڪجهه وقت کان پوءِ هو ڀائيواريءَ واريءَ پوک جي ڳالهين تان هڪٻئي سان ناراض ٿي ٿا پون ۽ ان جو اهو نتيجو ٿو نڪري، جو آباد ٿيل زمين هو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿا ڪن ته جيئن هر هڪ پنهنجي زمين جو ٽڪر پاڻ سنڀالي ۽ ان جي پيدائش تي پنهنجو گذران ڪري. سمجهو ته اهڙي بندوبست طي ٿي وڃڻ کان پوءِ، منجهانئن هڪ اگهو ٿي، ڪري ٿو پوي، ۽ ضرورت سارو (يعني، پوکڻ يا لڻڻ وقت)، پورهيي ڪرڻ جي توفيق نٿي رهيس.

99. ظاهر آهي ته ان حالت ۾، لازمي طور، پنهنجي ٻنيءَ جي پوکڻ يا لڻڻ لاءِ هو ٻئي کي منٿ ڪندو.

100. اهڙيءَ صورت ۾ عين انصاف ٿيندو، جيڪڏهن سندس ساٿي کيس چوي ته ”آءٌ هي واڌو ڪم تنهنجي واسطي ڪندس، پر ان سان اهو شرط لاڳو آهي ته تون به منهنجي واسطي ايتروئي ڪم ٻئي ڪنهن موقعي تي سرانجام ڏيندين. آءٌ چاهيان ٿو ته جيترا ڪلاڪ آءٌ تنهنجي ٻنيءَ ۾ پورهيو ڪريان، موٽ ۾ تون به اوترا ڪلاڪ مون لاءِ پورهيي ڪرڻ جو انجام مون کي لکي ڏين؛ انهيءَ لاءِ ته جڏهن مون کي تنهنجي پورهيي جي درڪار ٿئي ۽ جڏهن تون به ڪم ڪري سگهڻ جهڙو هجين، تڏهن تون به مون لاءِ اوترا ڪلاڪ ڪم ڪري مون کي ڏيندين.“

101. سمجهو ته ناچاق ماڻهوءَ جي بيماريءَ ۾ اڃا ناغو نه پيو آهي، ۽ ڪيترين ضرورتن سبب ڪافي سال لڳاتار هُن ٻئي شخص جي مدد جي درڪار رهيس ٿي، ۽ هر هڪ موقعي تي پنهنجي ساٿيءَ کي اهو قسم نامو لکي ڏيندو ٿو اچي ته ”جڏهن ڪم لائق ٿيندس، ته اوتروئي وقت جڏهن چوندين تڏهن ڪم ڪري عيوضو پاڙيندس.“ هاڻي ٻڌايو ته جڏهن اهو بيمار شخص پنهنجي ڪم تي چڙهڻ لائق ٿيندو، تڏهن مالي لحاظ کان هنن ٻنهي جي ڪهڙي حيثيت وڃي رهندي؟

102. جماعتي يا ”راڄنيتي“ نقطه نگاهه کان ائين چئي سگهجي ٿو ته هو اڳي کان هينئر زياده غريب آهن: ڇاڪاڻ ته بيمار ماڻهو جيڪڏهن تندرست هجي ها، ته جيڪو عرصو هو بيمار رهيو، اهو عرصو به ضرور هو پورهيو ڪري ها، ۽ ان عرصي ۾ هو گهڻو ئي پيدا ڪري سگهي ها. ممڪن آهي ته سندس دوست سخت ضرورت کي سامهون رکندي پنهنجي ڪلي طاقت سان پورهيو ڪيو هوندو، پر هي به ظاهر آهي ته خود سندس پنهنجي ملڪيت ۽ زمين به هن جي پوريءَ محنت ۽ ڌيان نه هئڻ سبب ڪافي نقصان سٺو هوندو، ۽ هن کان ته انڪار ئي نٿو ٿي سگهي ته جيڪي ڪجهه هو ٻيئي ڄڻا تندرستيءَ جي حالت ۾ پنهنجي پورهيي سان پيدا ڪري سگهن ها، ان کان بهرحال گهڻو گهٽ پيدا ٿي سگهيو هوندو.

103. ساڳئي وقت خود سندن باهمي لاڳاپن ۾ به وڏي تبديلي اچي ويئي آهي. بيمار ماڻهو نه فقط ڪيترن سالن لاءِ عيوضي ۾ پورهيي ڪرڻ جو انجام لکي ڏنو آهي، پر هو تحقيق پنهنجي گڏ ڪيل ذخيري جو ڪافي حصو به کائي کپائي چڪو آهي. انهيءَ ڪري کاڌي پيتي واسطي ه هاڻي سندس دوست جي ذخيري تي ڀروسو رکي ويهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه اٿس، جنهن جي عيوض ۾ ظاهر آهي ته هو وري به پنهنجي اڃائي وڌيڪ پورهيي لکي ڏيڻ لاءِ مجبور آهي.

104. سمجهو ته لکيل انجام حرف بحرف ادا ڪرڻا (سڌريل قومن ۾ ته دستاويزن جي ادائگي قاعدي قانون[2] ذريعي ڪرائي ويندي آهي)، انهيءَ حالت ۾، جنهن ماڻهوءَ هن کان اڳ ٻنهي جي واسطي پورهيو ڪيو آهي، هاڻي تنهن جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته هُن ٻئي کي پنهنجي ڪم ۾ جوٽي، هو پاڻ ڀلي آرام ڪري ۽ پنهنجو سڄو وقت عيش و عشرت ۾ گذاري، ۽ نه فقط پنهنجي ساٿيءَ کي طي ڪيل انجامن ۽ اقرارن جي پوري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري، پر کاڌي واسطي کيس جو ڪجهه هو ڏيئي چڪو آهي يا هاڻ ڏيئي رهيو آهي، تنهن جي عيوض جيئن هو چاهي تيئن وڌيڪ پورهيي لاءِ هن کان انجام ۽ اقرارنامه لکائي وٺي.

105. هنن ٻنهي جي مٿئين لاڳاپن ۾ شايد اول کان آخر تائين ذري جيتري به ڪا بيقاعدگي (ان لفظ جي رواجي مفهوم موجب) نه هجي؛ پر سندن ”سياسي اقتصاديات“ جي هن منزل تي، جيڪڏهن ڪو اجنبي ماڻهو وٽن اچي نڪرندو، ته منجھانئن هڪ کي هو واپاري لحاظ کان بلڪل شاهوڪار ڏسندو ۽ ٻئي کي بلڪل غريب. هي صورتحال ڏسي، هن کي ڪافي تعجب ٿيندو ته منجھانئن هڪ عيش ۽ آرام جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو سخت محنت ۽ ڪشالي جي _ هو پنهنجي توڙي هن ٻئي جي پالنا لاءِ اڪيلي سر پورهيي ۾ ڳهي رهيو آهي، ۽ ڏاڍي سانگ صرفي سان گذر بسر ڪري رهيو آهي ته جيئن اڳتي هلي هو پنهنجي آزادي ۽ خودمختاري وري حاصل ڪري سگهي.

106. هتي فقط هڪڙي سادي ۾ سادي طريقي جو مثال پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جهڙا طريقا ٻيا ڪيترائي آهن؛ جن جي ذريعي مختلف شخص جي درميان ملڪيت جو ابتدائي غير برابريون وجود ۾ اچن ٿيون، جي اڳتي هلي شاهوڪاريءَ ۽ غربت جي مختلف ۽ دائمي تجارتي صورتن ۾ نمودار ٿين ٿيون.

107. اسان جي اڳيان جيڪو مثال پيش آهي، تنهن ۾ عين ممڪن آهي ته هڪڙي ماڻهوءَ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي واسطي سست الوجوديءَ جي زندگي منتخب ڪئي هجي، ۽ ٿوري آرام خاطر پنهنجي زندگي وڃي پنهنجي ٻئي ساٿيءَ وٽ گروي رکي هجي؛ يا هن پنهنجي سڄي زمين غفلت ۽ بيپرواهيءَ سبب بگاڙي خراب ڪري ڇڏي هجي ۽ پوءِ مجبوراً وڃي پنهنجي پاڙيسريءَ کان مدد ۽ کاڌ خوراڪ جي طلب ڪئي هجيس، ان جي عيوض هن کي آئيندي پورهيي ڪري ڏيڻ جو دستاويز لکي ڏنو هجيس. بهرحال، آءٌ چاهيان ٿو ته پڙهندڙ خاص طرح هن حقيقت کي ڌيان ۾ رکن _ جا حقيقت هوبهو مذڪور مثال جهڙن ٻين اڪثر مثالن ۾ عام طرح موجود هوندي آهي _ ته تجارتي دولت جا صرف ٻين جي پورهيي کي پنهنجي وس ۾ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، تنهن جي جمع ٿيڻ جو نتيجو آخرين طرح صرف هي ٿو نڪري وڃي بيهي ته حقيقي دولت جا سچيءَ پچيءَ جنسي مال ملڪيت جو ٻيو نالو آهي، تنهن ۾ لازمي طور ڪمي ۽ تخفيف واقع ٿئي ٿي.

108. هتي ٻيو مثال، جو رواجي تجارتي وهنوار سان ميل کائي ٿو بيهي، اهو پيش ڪجي ٿو. سمجهو ته ان جي بدران ٽي ماڻهو آهن، جي ملي، هڪ جدا ”راڄ“ ٺاهين ٿا. ڪجهه وقت گذرڻ بعد، هو هڪٻئي کان عليحده ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا، ۽ ان ساڳيءَ سرزمين تي جدا جدا ٻنيءَ جي ٽڪرن تي، پنهنجي پوک ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين. منجھانئن هر هڪ پنهنجي ٻنيءَ ۾ جدا جدا قسم جي پيداوار اُپائي ٿو ۽ هرهڪ کي ٻئي جي زمين جي پيداوار جي ٿوري گهڻي درڪار رهي ٿي. سمجهو ته اڳتي هلي، منجھانئن هڪڙو ماڻهو سڀني جي وقت بچائڻ خاطر، هڪ ٻنيءَ تان جنس کڻي ٻيءَ زمين تي پهچائڻ جو ڪم پاڻ تي هموار ڪري ٿو، ۽ اهو ڪم انهيءَ شرط تي ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ته کيس جنس جي اهڙيءَ لازمي مٽا سٽا جي ڪم کي سرانجام ڏيڻ ڪري، عيوض ۾ هن مال مان يا هُن مان مناسب حصو ڏنو وڃي.

109. جيڪڏهن هيءُ باربردار يا مٽاسٽا جو ايجنٽ هر هڪ ٻنيءَ تي ضروري جنسون بلڪل ٺيڪ وقت تي پهچائيندو رهي ٿو، ته هُنن ٻن آبادگارن جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهندو، ۽ آخر هي ”ننڍڙو راڄ“ زياده ۾ زياده پيداوار يا دولت جو مالڪ بنجي پوندو.

110. سمجهو ته انهن ٻنهي آبادگارن جي وچ ۾ ڪو به ڪاروباري ميل جول، سواءِ هن گشتي گماشتي جي، ناممڪن آهي ۽ هي گماشتو جنهن کي ٻنهي ٻنين جي پيداوار جي صورتحال جي سُڌ آهي، سو اُهي شيون، جي ڏي وٺ لاءِ سندس حوالي ڪيون ويون آهن. سي تيستائين پاڻ وٽ لڪائي رکي ٿو، جيستائين هن يا هُن طرف انهن جي سخت طلب ٿئي. پوءِ، هو منجھانئن ڪنهن به هڪ ضرورتمند آبادگار کي مجبور ڪري، کانئس انهن شين جي عيوض، پنهنجي مرضيءَ موجب، ڪافي مقدار ۾ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي پيداوار جون شيون حاصل ڪري سگهي ٿو. پوءِ هُن جي واسطي اها نهايت آسان ڳالهه بنجي وڃي ٿي. جو هو دانائيءَ سان اهڙا موقعا تڪيندو وتي. سان اهڙا موقعا تڪيندو وتي ۽ ٻنهي آبادگارن جي جيڪا زائد پيداوار آهي، ان جو وڏي ۾ وڏو حصو ڏينهون ڏينهن پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو وڃي. عين ممڪن آهي ته هلندي هلندي، آخرڪار ڪنهن سخت آزمائش ۽ قلت واري سال ۾ اهڙي منزل درپيش اچي، جو ٻنهي آبادگارن جي ملڪيت هو مرڳوئي خريد ڪري وٺي، ۽ ٻنين جي ٻنهي اڳوڻن مالڪن جو ڦري پاڻ سنڀاليندڙ ۽ آقا بنجي پوي، ۽ هو ڦري سندس پورهيت ۽ ملازم بنجي پون.

111. جديد سياسي اقتصاديات جي پورن پورن اصولن مطابق حاصل ڪيل تجارتي دولت جو هيءُ هڪ موزون ۾ موزون مثال آهي. پر ساڳئي وقت اڳئين مثال کان وڌيڪ هن مثال ۾ اها ڳالهه چِٽي آهي ته هڪ مملڪت جي دولت يا ٽن ماڻهن تي مشتمل هڪ ننڍڙي راڄ جي دولت مجموعي طور انهيءَ دولت کان گهڻي گهڻي گهٽ رهي ٿي، جيڪا هوند وٽن موجود هجي ها، بشرطيڪه سندن درميان جيڪو ”تاجر“ آهي، سو ڪنهن طرح پنهنجي منصفانه يا جائز نفعي تي راضي ٿيو ويٺو رهي ها.

112. مٿئين مثال ۾، ظاهر آهي ته ٻنهي ڪاشتگارن جو ڪاروبار هر وقت حد کان زياده اُجڙ رهيو. گهرج وقت شين جي مهيا نه ٿيڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجي وجود کي قائم رکڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ۾ هر وقت دلشڪستگيءَ سان دوچار رهڻ سبب، ڪاشتگارن جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو رهيو ۽ ٻئي طرف هن وچ واري باربردار واپاريءَ جو هنن طريقن سان گڏ لڪيل ذخيرو يا خزانو، ڪنهن به حالت ۾ انهن خزانن ۽ ذخيرن جيترو نه ٿي سگهيو هوندو، جن سان سندس ايماندارانه روش ڪري، هوند نه فقط سندس پنهنجو گهر زياده ڀريل رهي ها، پر هنن ڪاشتگارن جا گهر پڻ هميشه ڀرپور رهن ها.

113. تنهنڪري قومي دولت جي نه صرف افاديت، بلڪه ان جي انداز ۽ مقدار جو هيءُ مسئلو آخرين طرح صرف خالص ’انصاف جي هڪ سوال‘ جي صورت وٺي ٿو اچي بيهي. ڪنهن به حاصل ڪيل دولت جي ذخيري متعلق، فقط ان جي موجودگيءَ جي بنا تي، اهو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي ته جنهن قوم جي اندر اِها دولت موجود آهي، تنهن کي اها فائدو رسائيندي يا نقصان. انهيءَ دولت جي حقيقي قيمت جو دارومدار ان جي اخلاقي نوعيت تي منحصر آهي، بلڪل ائين جيئن رياضيءَ جي ڪنهن عدد جي قيمت جو دارومدار آلجبرا جي انهيءَ نشان (يعني، جنس) تي رهي ٿو، جيڪو ان سان شامل هوندو آهي.

114. ممڪن آهي ته ڪا تجارتي دولت ايماندارانه مشقت، ترقي پذير قوت ۽ زرخير صنعتگريءَ جي پيداوار هجي ۽ ساڳئي قسم جي ٻي دولت موتمار عيش، بيپناهه ظلم ۽ تباهه ڪن دغابازين جو نتيجو، جيئن لاپرواهيءَ سان رکيل فصل جا انبار ڪُمهلي مينهن سبب ڀِڄي بارگير ۽ بيڪار ٿي پوندا آهن، تيئن ڪيترا دولت جا انبار وري بيڪس انسانن جي لُڙڪن سان ڀريل ۽ بارگير رهن ٿا ۽ ڪيترو اهڙو سون آهي، جو صرف ”سج جي تڙڪي“ ۾ ئي وڌيڪ جلويدار نظر اچي ٿو.

115. غور فرمايو ته دولت جون اهي صفتون، جيڪي مٿي بيان ٿي چڪيون، رڳو افسوسناڪ يا محض اخلاقي نوعيت جون ئي نه آهن، جو دولت جو هڪ طلبگار جيڪڏهن چاهي ته انهن کي ڌڪاري سگهي يا انهن کان پاسو ڪري سگهي _ اِهي ته دولت جون بنيادي ۽ لازمي مادي صفتون آهن، جي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي دولت جي نقدي اهميت کي انتهائي طور گهٽائينديون ۽ وڌائينديون رهن ٿيون. پئسن جو هڪڙو ذخيرو هڪ اهڙي عمل جو نتيجو آهي، جو ان دوران ۾ ٻي ڏهوڻي دولت اپائي ٿو؛ ٻيو ذخيرو اهڙي عمل جو نتيجو آهي، جو ڏهوڻيءَ برباديءَ جو ڪارڻ ٿو بنجي _ ڪيئي طاقتور هٿ بيحس ۽ بيوس ٿي وڃن ٿا، ڄڻ ته ”مڪو جي ٻوٽي“ (56) جي اثر هيٺ سُڪي ساڻا ٿي پيا آهن، ڪيترن حوصله مند ماڻهن جي همت ٽٽي پوي ٿي، ۽ ڪيترا اُپائيندڙ ڪاروبار هميشه لاءِ بند ٿي وڃن ٿا؛ ڪا نه ڪا پورهيي کي اهڙي غلط ترغيرب ۽ ڪو نه ڪو ان جو اهڙو غلط استعمال عمل ۾ اچي ٿو، ۽ هي آسودگيءَ جو ڪوڙو پاڇو ”دُرا جي ميدانن“ (57) تي، ست ڀيرا زياده تتل کورن کي کوٽي، کڙو ڪيو وڃي ٿو.

116. جا ظاهري دولت نظر اچي ٿي، ممڪن آهي ته اها درحقيقت صرف سونن پترن سان ڍڪيل بي انتها تباهيءَ جي علامت هجي؛ بلڪل ائين جيئن هڪ دريائي _ چور جي مٺ ۾ سونا سڪا، جيڪي هن دلبو ڏيئي ڪنهن باربردار جهاز کي تباهه ڪري حاصل ڪيا هجن؛ يا ائين جيئن لشڪر جي ڪنهن غير فوجي پونيَر جي پٺيءَ تي ڦاٽل ڪپڙن جي بِدڙي، جيڪي هن لڙائيءَ ۾ شهيد ٿيل بهادر سپاهين جي پُٺن تان لاهي هٿ ڪيا هجن؛ يا اها خصيص رقم (58) جنهن مان ”ڪنڀر جي نهائينءَ واري زمين“ خريدي ويئي، ته جيئن اتي شهر جا رهواسي توڙي ٻاهريان سڀ گڏي دفن ڪيا وڃن:

117. تنهنڪري دولت جي اخلاقي سرچشمن کي ويچارڻ کان سواءِ، دولت کي حاصل ڪرڻ جون ڪي هدايتون مرتب ڪري سگهجن ٿيون يا خريداريءَ ۽ نفعي خوريءَ جو ڪو عام ۽ دستوري قاعدو قومي استعمال لاءِ مقرر ڪري سگهجي ٿو _ هيءُ خيال هڪ اهڙو ته گهمنڊ ڀريو ۽ بيسود خيال آهي، جو ان کان بدتر ٻيو ڪو خيال، جيڪو انسان کي گمراهه ڪري بد اعماليءَ ڏانهن زياده مائل ڪري سگهي، تصور ۾ ئي نٿو اچي سگهي. جيتريقدر مون کي خبر آهي، تاريخ جي ورقن ۾ انساني فهم کي رسوا ڪرڻ وارو ٻيو ڪو اهڙو خيال موجود ڪونهي، جهڙو اڄوڪي زماني جو هيءُ خيال ته ”سستي ۾ سستو خريد ڪريو ۽ مهانگي ۾ مهانگو وڪڻو“ وارو تجارتي اصول قومي اقتصاديات جو واقعي هڪ ڪارآمد اصول آهي يا ڪنهن صورت ۾ ٿي سگهي ٿو.“

118. سستي ۾ سستي مارڪيٽ ۾ خريد ڪريو! _ سو ته ڀلِي؛ پر اوهان جي انهيءَ مارڪيٽ کي سستو ڪنهن ڪيو؟ اوهان جي عمارتي ڪاڍ جي گدامن کي باهه لڳندي، ته ضرور انهن جو ڪوئلو سستو ٿيندو، ڌرتي ڌٻڻ کان پوءِ اوهان جي ڪِري پيل جاين ۽ اُکڙيل گهٽين جون سرون ضرور سستيون ٿينديون: پر انهيءَ ڪارڻ اوهان باهه يا زلزلي کي شايد قومي فائدن ۾ شمار ڪو نه ڪندا. مهانگي ۾ مهانگي مارڪيٽ ۾ وڪڻو؟ سر به ڀلِي؛ پر اوهان جي مارڪيٽ کي مهانگو ڪنهن ڪيو؟ اوهان اڄ پڪل نانُ ڏاڍي چڱي اگهه ۾ وڪيو؛ پر ڪنهن مرڻينگ ماڻهوءَ کي ته ڪين وڪيُو، جنهن ان لاءِ پنهنجو آخرين پئسو اوهان کي ڏنو ۽ ٻئي نان وٺڻ جي هن کي ضرورت ئي ڪانه رهندي، يا انهيءَ شاهوڪار ماڻهو کي وڪيو، جو سڀاڻي توهان جي زمين ئي توهان کا خريد ڪري وٺندو؛ يا مرڳوئي انهيءَ سولجر کي وڪيُوَ، جو بنهه انهيءَ بئنڪ کي لُٽڻ پيو وڃي، جنهن ۾ اوهان جي سموري ميڙي چونڊي رکيل آهي!

119. انهن صورتن مان اوهان کي هڪڙيءَ صورت جي به خبر پئجي ڪين سگهندي. اوهان کي فقط هڪڙي چيز جي خبر پئجي ٿي سگهي- ۽ هن سلسلي ۾ اهائي اوهان جي لاءِ سمجهڻ ضروري ۽ ڪافي آهي _ اها هيءَ ته ڇا، اوهان جي روش انصاف ۽ ايمانداري تي بيٺل آهي؟ ڇا اوهان کي خاطري آهي ته اوهان جي اها روش دنيا ۾ انهيءَ صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڦرلٽ يا قتل غارت (59) پيدا نه ٿي سگهي؟ حاصل مطلب ته هنن ڳالهين سان تعلق رکندڙ هر هڪ سوال آخرڪار وڃيو عدل ۽ انصاف جو ئي هڪڙو سوال بنجيو بيهي، ۽ ان جي سمجهڻ لاءِ هيستائين ڪافي ميدان صفا ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ان جو وڌيڪ بيان آءٌ ٻئي مضمون ۾ ڪندس. هتي ناظرين ڪرام جي ويچار لاءِ باقي فقط ٽي نڪتا پيش ڪرڻا اٿم.

120. مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته پئسي جي مکيه خاصيت ۽ قدر و قيمت صرف ايتريقدر آهي جيتريقدر ان ۾ ماڻهن مٿان اختيار حاصل ڪرڻ جي قوت آهي _ انهيءَ قوت کان سواءِ وڏي کان وڏا خزانا به بيڪار آهن، ۽ ٻئي طرف جنهن شخص کي اها قوت حاصل آهي، تنهن لاءِ اهي خزانا نسبتاً غير ضروري آهن. پر انسانن مٿان اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ دولت کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڪارگر ذريعا آهن. جيئن مون گذريل ورقن ۾ چيو هو، پئسي جي دولت جي طاقت غير مڪمل ۽ ناقابل اعتبار آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ڳالهيون آهن، جي دولت جي پهچ کان ٻاهر آهن ۽ ٻيون وري اهڙيون ڳالهيون آهن، جي ان جي روڪجڻ تي نٿيون روڪجي سگهن. ڪيتريون خوشيون آهن، جي انسانن کي ميسر ٿي سگهن ٿيون، پر اُهي سون وسيلي هرگز حاصل ٿي نٿيون سگهن ۽ ڪيترا اهڙا انساني گڻ آهن جن جو بدلو دولت جي صورت ۾ ڪڏهن به ادا ٿي نه ٿو سگهي.

121. پڙهندڙ جي نظر ۾ اها برابر هڪ معمولي ڳالهه نظر ايندي، پر درحقيقت اها معمولي ڳالهه ڪانهي _ ڪاش، واقعي اها معمولي هجي ها! انسان جي هيءَ اخلاقي قوت، جا هونئن سمجهه کان ٻاهر ۽ ڪَٿ کان بعيد آهي، سا درحقيقت جنسي نقدي صورت ۾ پڻ خزانن جي ڳرن کان ڳرن انبارن کان به وڌيڪ اهم ۽ قيمتي آهي. هڪ ماڻهوءَ جي مُٺ اخلاقي سونَ سان ڀريل آهي. تحقيق اُن هٿ جي اڻلکي جنبش، ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنهي هٿن کان وڌيڪ اثرار ۽ نتيجه خيز ٿيندي، جن سان هو هر طرف سونن سڪن جا وسڪارا ڪري رهيو هجي. تنهن کان سواءِ هي اخلاقي سون خرچڻ سان ڪڏهن به گهٽجي نٿو. سياسي اقتصاديات جا ماهر ڪنهن ڏينهن ان ڏانهن توجهه ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جيتوڻيڪ هو موجوده وقت ان جو اندازو لڳائي نٿا سگهن.

122. ٿورڙو اڳتي هلو. جيئن ته دولت جو جوهر ماڻهن مٿان اختيار هلائڻ ۾ سمايل آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ظاهري يا نالي ماتر دولت هن اختيار رکڻ يا هلائڻ ۾ ناڪامياب ٿئي، ته پوءِ يقينن اها دولت دولت سڏجڻ جي قابل نٿي رهي. ڪجھ وقت کان وٺي، انگلنڊ ۾ ائين نظر اچڻ شروع ٿيو آهي ته اسان کي ماڻهن مٿان سچ پچ ڪلي اختيار حاصل نه آهي. چنانچه ملازمن انهيءَ گمان هيٺ ته کين اُجرت مناسب نٿي ڏني وڃي، بي ضابطگيءَ جي عالم ۾ اچي پنهنجن مالڪن جي ماڙين تي حملا ڪيا آهن. اسان اهڙي مالڪ جي ملڪيت جي آئيندي جي ڪهڙي خاطري ڏيئي سگهون ٿا، جنهن سان سندس ملاقاتي ڪمري ۾ اهڙا ناخوشگوار حادثا هر روز پيش ايندا رهندا هجن.

123. اهڙيءَ طرح دولت جو اختيار نوڪرن جي حاجت رسائيءَ جي باري ۾ به اهڙوئي محدود معلوم ٿئي ٿو، جهڙو سند ن وفاشعاريءَ ۽ زبان بنديءَ جي باري ۾. بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙ، لباس ۾ غليظ، شڪل ۾ ميرا ۽ اڌ بک ۽ اڌ ڍَو تي گذران ڪندڙ آهن. اهڙين حالتن هيٺ واقعي هن ويچار ظاهر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي ته آقائن جي دولت فقط قياسي ۽ ڪاغذي نوعيت واري ئي آهي ۽ بس.

124. آخري ڳالهه، جيئن ته دولت جو سچو پچو جوهر ماڻهن جي مٿان اختيار هلائڻ ۾ ئي سمايل آهي، ته پوءِ ڇا، ان مان هيءُ نتيجو ڪين ڪڍي سگهبو ته جيترن گهڻن ۽ شريف ماڻهن جي مٿان ڪنهن کي اختيار حاصل هوندو، اوتروئي ان جي دولت تعداد ۽ طاقت ۾ زياده ليکبي؟ اهڙيءَ طرح شايد ڪجهه ويچار بعد ائين به معلوم ٿئي ته اِهي ماڻهو ئي خود دولت آهن، ۽ هي سون جا ٽُڪر جن جي ذريعي اسان کين هلايون چلايون ٿا، سي درحقيقت سندن ”بازنطيني (60) سازن سنجن ۽ آرائش جي سامان“ کان وڌيڪ ڪجھ نه آهن، اهي ساز سنج ۽ آرائش جا سامان وحشيانه نگاهن ۾ ته ڏاڍا چمڪندڙ ۽ حسين آهن- ۽ اسان هنن جيئرن جاڳندن ماڻهن کي انهن ئي سون جي ٽُڪرن جا لغام ڏيئي هلائيندا چلائيندا ٿا رهون _ پر، جيڪڏهن هن ساڳيءَ مخلوق کي اهي کڙڪندڙ ”بازنطه“(60) سندن واتن ۽ ڪنن ۾ وجهڻ ۽ ٻيءَ اهڙي ئي طرح کين مجبور ۽ پريشان ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن ڍنگ سان هلائي چلائي سگهون، ته هوند هو پاڻ انهن پنهنجن سازن سنجن ۽ لغامن کان اسان لاءِ بدرجها زياده قيمتي بنجي پون.

125. در حقيقت هيءَ ڳالهه واضع ٿي سگهي ٿي ته دولت جون سچيون پچيون رڳون (61) سرخ رنگ جون آهن _ انهن جو وجود ”جبل“ ۾ نه پر ”ماس“ ۾ آهي- ۽ شايد آخري نتيجو ۽ عاقبت انهيءَ دولت جي اها آهي ته جيترا جسيم ۽ صحتمند، روشن چشم ۽ خوش مزاج انسان گهڻا پيدا ٿي سگهجن اوترا ٿين. آءٌ سمجهان ٿو ته اسان جي جديد دولت جو لاڙو وري ان جي برعڪس آهي. ڪيترا اقتصاديات جا ماهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ائين تصور ڪن ٿا ته انسانن جي ڪثرت دولت جي پيداوار ۽ اضافي لاءِ فائديمند نه آهي. ۽ جيڪڏهن آهي ته صرف ان حالت ۾، جڏهن سندن اڪثريت بيمار، ڪمزور ۽ ڪم همت هجي ۽ دائمي طور ان حالت ۾ رهندي اچي.

126. تاهم آءٌ هن ڳالهه کي هڪ ڀيرو وري به پيش ڪريان ٿو ته هيءُ سوال انتهائي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جوڳو آهي، ۽ ان جو فيصلو آءُ ناظرين ڪرام جي ئي غور و فڪر تي ڇڏيان ٿو ته آيا نيڪدل ۽ صالح ضمير انسانن جي تخليق جي صنعت قومي صنعتڪاريءَ جي دنيا ۾ آخرڪار سڀ کان زياده ڪارگر ۽ اُپت واري ثابت ٿي نٿي سگهي ڇا؟ آءُ يقين سان چئي سگهان ٿو ته ڪو وقت ايندو، جڏهن انگلنڊ کي پنهنجا مايا ميڙڻ وارا خيال انهن جهنگلي قومن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏڻا پوندا جن وٽان انهن جي ابتدا ٿي هئي ۽ ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته هڪ پاسي ڪٿي ”سنڌو نديءَ جي واري ۽ گولڪنڊا جا سخت پٿر“ (62) اڃا جنگي گهوڙن جي سنجن ۽ وسلن جي سينگار طور ۽ غلامن جي سروپا ۽ دستار جي سونهن لاءِ پيا استعمال ٿيندا ته ٻئي پاسي انگلنڊ، جي مسيحي ماءُ جي حيثيت ۾ نيٺ هڪ ڪافر ماءُ (63) جون نيڪيون ۽ ان جا دل گهريا خزايا پاڻ وٽ پيدا ڪندو ۽ ان وانگر پنهنجن پٽن کي هيئن چئي دنيا جي آڏو پيش ڪري سگهندو ته منهنجا لعل، منهنجا هيرا، هي آهن!“


[1] مون کان ڪيترا مرتبا پهرئين مقالي ۾ ڪم آيل لفظن _ اڻ لائَق (مزور) کي ملازمت ۾ نه رکيو وڃي“ _ متعلق پڇيو ويو آهي ته ”پوءِ ڀلا“ تون انهن اڻ لائق بيروزگار مزورن کي ڪيڏانهن ڪندين؟“ آءٌ سمجهان ٿو ته هي سوال اوهان کي هونئن ئي خيال ۾ اچڻ گهربو هو. جڏهن اوهان جي گهر ۾ نوڪرياڻيءَ جي جڳهه خالي ٿئي  ٿي، ۽ اوهان ان جي ڀرڻ واسطي ويهه پائونڊ سالياني تنخواهه ڏيڻ جي پڌرائي ٿا ڪريو ۽ ان جڳهه لاءِ ٻه ڇوڪريون اميدوارن جي حيثيت ۾ اوهان وٽ پيش ٿين ٿيون _ جن مان هڪ خوشپوش آهي ۽ ٻي غليظ ڪپڙن ۾ ملبوس؛ هڪ کي چڱيءَ چال جي زوردار سفارش هٿ ۾ آهي ۽ ٻيءَ وٽ اهري سفارش ڪانهي- تڏهن اوهان غليظ پوشاڪ واريءَ کان اهو ڪونه پڇندا آهيو ته هوءَ پندرهن پائونڊ يا ٻارهن پائونڊ قبول ڪندي، يا جيڪڏهن هوءَ ازخود گهٽ اجرت لاءِ اوهان کي چوي ٿي ته اوهان هُن سفارش واري ڇوڪريءَ کي ريٽي، هن کي نوڪريءَ ۾ دخلڪار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيندا آهيو؛ نڪي وري اوهان ان کان به نيچ بنجي هيئن ڪندا آهيو، جو بنهي کي هڪٻئي جي خلاف واڪ ڏياري ايتريءَ گهٽ اجرت تي ملازمت اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪندا آهيو، جو هڪ کي ٻارهن پائونڊن ۽ ٻيءَ کي اٺن پائونڊن جي ساليانيءَ اجرت تي، هڪ ئي وقت پاڻ وٽ ملازم رکي سگهو. اوهان ته رڳو هيئن ڪندا آهيو، جو انهن ٻنهي ڇوڪرين مان، جنهن کي وڌيڪ لائق سمجهندا آهيو، تنهن کي پاڻ وٽ ملازم رکي، ٻيءَ کي چپ چاپ هٿين خالي موٽائي ڇڏيندا آهيون- ۽ ان ڳالهه جو غالباً ڪو نه خيال ڪو نه ڪندا آهيون، جيڪو هونئن اوهان کي واقعي ڪنهن حد تائين ڪرڻ گهرجي، ته ”ويچاري هن ٻيءَ ڇوڪريءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“ ۽ اهوئي سوال اوهان هان مون کان ٿا پڇو! بهرحال، منهنجي صلاح اوهان کي هيءَ آهي ته اوهان مزورن جي سلسلي ۾ به اها ئي روش اختيار ڪريو ٿا؛ جيڪا پنهنجن خانگي نوڪرن جي حالت ۾ اختيار ڪريو ٿا؛ تحقيق، هي سوال پنهنجيءَ جاءِ تي تمام وڏيءَ اهميت وارو آهي ته ”جيڪڏهن ڪو مزور خراب، مست ۽ بدمعاش آهي، ته ان کي ڪيڏانهن ڪجي؟

انهيءَ ڳالهه جو يقيناً، اڳتي هلي، هتي اسين ويچار ڪنداسون، پر ياد رکو ته قومي تجارت ۽ صنعتڪاري جي مڪمل نظام جو تفصيلوار بيان ٻارهن صفحن ۾ آڻڻ ناممڪن آهي. تنهن وچ ۾ اوهان فقط هن ڳالهه تي ويچار ڪريو ته سستن ۽ بدمعاشن کان بچڻ يا انهن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جا هيتري ساري زحمت برداشت ڪرڻي پوي ٿي، تنهن کان هي بهتر نه آهي ته اهڙو ڪو بندوبست رکجي، جو سماج ۾ اهي سست ۽ بدمعاش جيترا گهٽ پيدا ٿين، اوترو چڱو! جيڪڏهن اوهان هنن سستن ۽ بدمعاشن جي زندگين تي نظر وجهندا، ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي به، ڪارخانن ۾ ٺهندڙ ٻين شين وانگر، سماج ۾ گويا هٿ سان ٺاهيا ۽ پيدا ڪيا وڃن ٿا؛ ۽ ڇاڪاڻ ته گهڻي قدر اسان جي موجوده سياسي اقتصاديات ئي انهن جي پيدا ٿيڻ کي همٿائي ۽ ممڪن بنائي ٿي، تنهنڪري جيڪڏهن اسين ان کي غلط ۽ بنهه بيڪار سمجهون، ته ان ۾ اسين حق بجانب چئباسون. اسان کي اهڙو سرشتو ايجاد ڪرڻ گهرجي. جنهن ۾ ايماندار ۽ اشراف ماڻهو پيدا ٿين ۽ نه اهو جيڪو بدمعاش کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو اسان کي حرفتبازيءَ جا رستا سيکاري. اچو ته پنهنجن اسڪولن جي اصلاح ڪريون: ائين ڪرڻ سان قيد خانن ۾ اصلاح آڻڻ جي اسان کي ضرورت ئي ڪانه پوندي.

[2] * پئسي جي اصلي نوعيت بنسبت اختلاف محض پئسي جي مختلف استعمال جي بنياد تي پيدا ٿين ٿا، ورنه اُن سلسلي ۾ ڪنهن اختلاف جي گنجائش ئي ڪانهي. هر قسم جو پئسو، جنهن کي واقعي پئسو چئي سگهجي ٿو، سو هڪ ”قرض جو اعتراف“ آهي؛ ۽ ان سلسلي ۾ اُهو يا ته پئسي واري يا قرضخواهه جي محنت ۽ ملڪيت جي ترجماني ٿو ڪري يا ته هڪ اڻهوند واري ۽ قرضدار جي بيڪاريءَ ۽ محتاجي جي. هن مسئلي جي پيچيدگي انهيءَ ڪري به زياده وڌي ويئي آهي، جو پئسي کي قيمت يا سلامتي بخشڻ لاءِ خريدجڻ جهڙيون شيون (هيل تائين) اُن مقصد لاءِ لازمي پڻ هيون) جهڙوڪ سون، چاندي، لوڻ ۽ سپون وغيره ڪم ۾ آنديون ويون آهن، پر پئسي جي آخرين ۽ بهترين وصف وري به هيءَ ئي آهي ته اهو هڪ دستاويزي اقرار آهي، جنهن جي تصديق ۽ بحالي سڄيءَ قوم طرفان ٿيل آهي، ته گهر ڪرڻ تي اُن جي عيوض ماڻهوءَ جي محنت يا پورهيي جو هڪڙو خاص مقدار حاصل ڪري سگهبو. انهيءَ مراد سان قيمت يا اگهه جي معيار طور، ٻيءَ هر قسم جي شئي جي ماپي کان ماڻهو جي روزانه محنت يا پورهيو هڪ بهتر ماپو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جي پورهيي کان زياده ڪنهن به ٻيءَ شئي جي پيداوار جي رفتار مستقل ۽ هڪساريڪي ڪانه ٿي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org