سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪرة المراد

باب: 1

صفحو :1

تذڪرة المراد

(قطب الاقطاب سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازي ٺٽويءَ

جي زندگيءَ، خانداني حالات، بزرگي ۽ ڪرامتن جو احوال)

از

حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي

مترجم

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

بسم الله الرحمٰن الرحيم

مترجم طرفان مهاڳ

 

الحمد لله رب العالمين والصلاة و السلام عليٰ سيد المرسلين و عليٰ آله واصحابه اجمعين.

سنڌ ۾ روهڙي، سيوهڻ ۽ مڪلي، ننگر ٺٽو الله وارن جا مشهور مرڪزي ماڳ رهيا آهن. لاڙ پٽ مڪلي ۽ ٺٽي ۾ گهڻائي الله وارن جا آستان ۽ پاڪ پروردگار جي پهتل پيارن ٻانهن جي فيض ۽ برڪت ۽ ڪرامت جا واهه ۽ واهڙ، اڏون ۽ اونهيون ڪسيون وهندڙ آهن. هر بزرگ پنهنجي پنهنجي زماني ۾ بنا لوڀ ۽ لالچ جي خدا ڪارڻ علمي ۽ روحاني فيض جي اڻ کٽ پالوٽ پئي ڪئي آهي. شيطان جي چنبي ۾ ڦاٿل ۽ نفس جي اري ۾ اڙيل ماڻهن جي رهنمائي ڪري، انهن موڙهيل ماڻهن کي حق جي هدايت جو رستو ڏيکاريو. صالحن جي صحبت ڪري گنهگار به نيڪ صالح بنجي پيا.

عالمن استادن، اديبن ۽ شاعرن وري علم ۽ قلم ذريعي، فڪر ۽ فهم، ادب ۽ علم جو نور پکيڙيو. مطلب ته انهن فيض ۽ برڪت جي وهڪرن ۽ مٺن چشمن مان هر دور ۾ ماڻهو سڪ ۽ سوز، محبت ۽ عقيدت مطابق فيض ياب ٿيندا رهيا آهن.

اهڙي ريت ننگر ٺٽي ۾ حضرت قطب الاقطاب سيد محمد حسين ملقب شاهه مراد شيرازيءَ (وفات: 893 هه) جي فيض ۽ برڪت جو سلسلو به روشن رهيو آهي. جنهن جي سوانح ۽ احوال و آثار بابت هي ڪتاب تذڪرة المراد (عربي) شاهد آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو اهل سنڌ جي سامهون حاضر آهي.

حضرت شاهه مراد وڏي ڪمال ۽ تصرف وارو بزرگ هو. ان جي صحبت ۽ فيض مان ونڊ وٺي فيضياب ٿيل مريد هن ڪتاب تذڪرة المراد جو مصنف حاجي حسين صفائي ٺٽوي به هڪ آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org