سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: تذڪر المراد

باب: --

صفحو : 3

پيش لفظ

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

الصلواة و السلام عليٰ رحمة للعالمين

 

 سنڌ ۾ صوفين سڳورن جي تذڪرن، سوانح حيات، شعر ۽ ملفوظات جو تحريري مواد گهڻو ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ موجود آهي. البت ڪن صوفي بزرگن، مشائخن ۽ عالمن سڳورن جو احوال عربي ٻوليءَ ۾ به دستياب آهي.

سردست دستياب هيءُ قلمي ڪتاب تذڪرة المراد عربي، نائين صدي هجري، پندرهين صدي عيسويءَ جي مشهور بزرگ حضرت سيد محمد حسين شاهه شيرازي ٺٽويءَ رحمته الله عليه بابت تذڪرو آهي ۽ مڪلي، ٺٽي جي تاريخ جو روشن باب آهي. هن ڪتاب ۾ حضرت شاهه مراد شيرازيءَ ٺٽويءَ جي حسب نسب، ولادت، ننڍپڻ، تعليم و تربيت، اخلاق سڀاءُ، سخاوت، فيض و ارشاد، خليفن مريدن، ملفوظات، شرعي پابندي، سنت نبويءَ جي پيروي، ڀلائي، وفات ۽ ڪرامتن جو مختصر ۽ سربستو احوال سمايل آهي.

الله تعاليٰ جي نبين سڳورن جا معجزا ۽ الله جي نيڪ دوستن ولين جون ڪرامتون برحق آهن. قرآن مجيد، احاديث نبوي، سيرت، تاريخ ۽ تصوف جي تذڪرن ۾ انهن معجزن ۽ ڪرامتن جو ثبوت موجود آهي.

ان زماني ۾ به تذڪره نويسيءَ جو اهوئي تحريري اسلوب ۽ نمونو هو.

هـيءُ تـذڪرو حضـرت شـاهه مـراد شـيـرازي ٺٽويءَ جي سچي مريد ۽
خليفي حافظ حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ (وفات 931 هجري) عربي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. وڏي محبت ۽ عقيدت سان مرشد جي سوانح حيات، ڪرامتن ۽ روايتن کي سهڻي نموني محنت سان يڪجاءِ ڪيو آهي.

تذڪري ۾ ان دور جي حڪمران ڄام نظام الدين سمي ڄام نندي (وفات 914 هه) ۽ همعصر شخصيتن جو به ضمناً ذڪر آيل آهي.

بهرحال حضرت شاهه مراد شيرازي ٺٽويءَ جي عربي تذڪري جو سنڌي ترجمو، اهل سنڌ لاءِ طريقت ۽ شريعت، فيض ۽ فڪر، تصوف ۽ حقيقت جو آئينو آهي. اميد ته ڪتاب پڙهڻ سان ڪٽيل ۽ زنگيل دليون روشن ٿينديون ۽ دلي محبت ۽ روحاني سڪون حاصل ٿيندو.

 

آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نُور،

لاخوف عليهم ولاهُم يحزنون، سچن ڪونهي سور،

مولي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ اُن جو.

(شاهه)

 

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري

تاريخ: 28 ڊسمبر 2005ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org