سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :15

 

هرڻ (Rein- Deer) ۽ بگهڙ

سئيڊن جا اتراهان علائقا جتي ٻارهوئي برف لڳي پئي آهي. اتي بگهڙ ۽ رين ڊيئر به مشهور جانور آهن. رين ڊيئر هرڻ جو قسم آهي، جيڪو گوشت لاءِ ۽ برف ۾ گاڏيون ڇڪڻ جي ڪم اچي ٿو. سئيڊن جهڙن اتراهن ٿڌن ملڪن ۾ برف جي ڪري، ٻيو ته ڪجهه نٿو ٿئي ۽ پوءِ هتي جا ماڻهو کاڌي خوراڪ، پوشاڪ ۽ واپار خاطر هن قسم جي هرڻن جا ڌڻ پالين. هي هرڻ قدبت ۾وڏا ۽ سندن سڱ ڦڏا سڏا ۽ ڪيترين ئي شاخن وارا ٿين ٿا. رين ڊيئر سواريءَ جي ڪم پڻ اچي ٿو. ڪاٺ جي، ڦيٿن  بنا گاڏين ۾ هنن کي جوٽيو وڃي ٿو جيڪي برف تي ترڪن. ان کان علاوه هن هرڻ جو گوشت، کير ۽ کل ڪم اچن ٿا غريب هرڻن کان علاوه هنن ٿڌن برفاني پٽن ۾ بگهڙ جهڙو خوفناڪ جانور پڻ رهي ٿو. بگهڙ هنن هرڻن لاءِ آخري ڏينهن آهي. ان ڪري هتي جا ڌراڙ بندوقون کڻي بگهڙن پويان هوندا آهن. بگهڙن کي ماري ماري انهن جو ڳاڻيٽو ان حد تائين گهٽائي ڇڏيو اٿن، جو سرڪار کي اچي ڳڻتي لڳي آهي ته اهو وقت پري ناهي جو هن جانور (بگهڙ) جو نسل دنيا جي تختي تان ختم ٿي ويندو. ان ڪري هن جانور کي اڻلڀ جنس قرار ڏيئي سندس مارڻ تي بندش وڌي وئي آهي. پر اتر يورپ جاهي قطبي رهاڪو ان قانون کان بلڪل خوش ناهن. سندن دانهن جا خط هتي جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا.

”اسان جي روزگار جو ذريعو هي هرڻ آهن. بگهڙ اسان جي مال کي ماري رهيا آهن ۽ مال جي بچاءَ لاءِ اسين بگهڙ ماريون ٿا، ته سرڪار قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي سزائون ۽ ڏنڊ وجهي ٿي. اسين وڃون سو وڃو ڪيڏانهن. يا ته سرڪار هي قانون ختم ڪري يا اسان جي هرڻ مرڻ  تي ان جو ملهه ادا ڪيو وڃي“.


 

 

 

ڪوئي مهانڊو جانور

يورپ جي سرد اتراهن ملڪن ۾ گدڙ جي قد بت جيڏو ڪُوئي مهانڊو، هڪ جانور بيحد مشهور آهي. جيڪو منڪ (Mink)  سڏجي ٿو. هن جي ڳري اگهه واري بجن واري کل نه فقط سيءَ جو بچاءَ ڪري ٿي پر فئشن طور پڻ هن جو مٿانهون درجو آهي. هن جانورمنڪ جي کل جو معمولي ڪوٽ به لک لهي.

وڏي قيمت ڪري، پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ ماڻهن هن جانور جي اها مارا ماري شروع ڪئي، جو ائين لڳو ته هي اڻلڀ جانور پڻ هن دنيا مان ڄاڻ ته غائب ٿيو. ڪيترن مهينن کان، ان ايندڙ افسوسناڪ حالت کان هن پاسي جون اخبارون خبردار ڪنديون رهن ٿيون. ٽي وي ۽ ريڊيو تان پڻ ايندو رهي ٿو ته مهرباني ڪري ان فئشن کي ڇڏي ڏيو. نه ته هي جانور فقط تصويرن ۾ ڏسڻ لاءِ رهجي ويندو. توهان کي پنهنجي دولت جو ڏيکاءُ ڪرڻو آهي ته مهنگو منڪ ڪوٽ وٺڻ بدران ڪا ٻيءَ شيءِ وٺو.

ان مهم پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي ۽ ماڻهن کي هن ڪوئي مهانڊي منڪ سان محبت ۽ ان جي ان کل جا ڪوٽ وڪڻندڙ ۽ پهريندڙ دڪاندارن۽ اميرن سان نفرت ٿي پئي آهي. گذريل هفتي قاضي حميد لنڊن جي ٽوئر تان موٽي اچي ٻڌايو ته اتي ڪا عورت منڪ ڪوٽ پائي شهر ۾نڪري ٿي ته ماڻهو ان کي پٿر هڻن ٿا ان ڊپ کان نه ڪو پائي ٿو نه خريد ڪري ٿو. منڪ ڪوٽن جا اگهه ڪري پيا آهن. پنج سؤ پائونڊن (پنجويهه هزارن جو ڪوٽ) ڪو هزار ٻن روپين ۾ به نٿو وٺي.

 

 

بيماريون ۽ موت آدمشماري کي  صحيح رکڻ لاءِ آهن

گذريل چند مهينن ۾ يورپ ۾ ڪجهه اهم شخصيتن جو Aids ڪري موت ٿيڻ تي، هڪ دفعو وري هن بيماريءَ جو خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو آهي. اهي ملڪ جن جي آدمشماري گهٽ ۽ ڪنڊوم استعمال نٿا ڪن اتي به هاڻ اهڙين شين جو وڪرو وڌي ويو آهي. ملائيشيا جهڙن ملڪن وڌندڙ کپت کي منهن ڏيڻ لاءِ رٻڙ ٺاهڻ جو تعداد ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.

اسان جو ٿائي ڪلاس ميٽ مسٽر ’سوتي ڇائي‘ جيڪو هيئرڪٽ لاءِ حجام وٽ وڃڻ جو سوچي رهيو هو تنهن کي ملائيشيا جي ڪئپٽن ليءَ سمجهائيندي چيو:

”سوتي! مهرباني ڪري ڪئنچي ۽ بليڊ پنهنجو کڻي وڃ. Aids بيماري نه فقط سيڪس مان پر ٻئي جي استعمال ڪيل سئي يا پاڪيءَ سان به ٿي سگهي ٿي.“

۽ پوءِ معصوم صورت ٺاهي اسان کي چيو: ”آئون هميشه پنهنجي ڪئنچي ۽ سيفٽي استعمال ڪندوآهيان. ٻي صورت ۾ ڪهڙي خبر متان ائڊز ٿي پوي ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي. ڪجهه ڪيو به نه ته به، گهر ويٺي درد پرائڻ واري ڳالهه ٿي.“

اوشنو گرافي جي آمريڪن پروفيسر هڪ ڏينهن ليڪچر دوران چيو ته ”عوام جي وڌڻ سان دنيا جي گولي (ڌرتي توڙي سمنڊ) تي ڪچري جو مقدار وڌي ٿو. دنيا جي آدمشماري جڏهن به حد کان وڌي ٿي ته قدرت ان کي گهٽائڻ جا اپاءُ ڪري ٿي. طوفانن، ٻوڏن، زلزلن، ڏڪارن، بيمارين رستي. پر  انسان ان قدرتي عمل کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ڪري صحيح آدمشماري ٿيڻ بدران اهائي وڌندي رهي ٿي. ايڊز بيماريءَ جي خوفناڪ هجڻ جي خبرعام ڪرڻ بدران راز ۾ رکي وڃي، جيئن ڀلي گهڻي کان گهڻا ماڻهو مرن ۽ بئلنس صحيح ٿئي“.

خبر ناهي ڇو سندس ڳالهه ۾ چرچو يا حقيقت جو پهلو گهٽ ظالميت جو عنصر وڌيڪ محسوس ٿيو- خاص ڪري اسان ٽين دنيا جي رهاڪن کي جن جي ملڪن جي آدمشماري هيڪاندي گهڻي آهي. سندس مٿينءَ ان ڳالهه (يا چرچي) تي جڏهن ڪوبه نه کليو ته کيس به احساس ٿيو ۽ ڳالهه کي گول مول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

 

سهڻي سيڪريٽري

اسان جي يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۾ ڊزن کن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر اسان جي استعمال لاءِ رکيا ويا آهن جيئن ٿيسز (جنهن کي پروجيڪٽ ۽ Dissertation به سڏجي ٿو) لکي سگهون.  ۽ جلدي لکڻ لاءِ ٽائيپ جو اچڻ ضروري آهي، جيئن گهڻي کان گهڻيون آڱريون استعمال ڪري، جلدي لکي سگهجي. ٽائيپ سيکارڻ جو بندوبست پڻ يونيورسٽي وارا ڪن ٿا. مالمو شهر جي لئبرري ڀرسان هڪ ٽائپنگ جو وڏو اسڪول آهي. يونيورسٽيءَ وارا انهن کي في شاگرد جي حساب ساب ڏهن ڏينهن جي ٻه سؤ ڪرونا (اٺ سؤ رپيا) في ڏيندا آهن.

هن سال به جيئن ئي نوٽس بورڊ تي سرڪيولر لڳو ته جن کي ٽائپنگ سکڻي هجي اهي پنهنجا نالا لکن ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا شام جو ٽائيپ سکڻ لاءِ تيار ٿين. ته اسان به جهٽ پٽ نالو ڏنو، جيئن ٻن آڱرين سان ٽائيپ ڪرڻ بدران سڀني آڱرين سان ٽائيپ ڪرڻ جي پرئڪٽس ٿئي. يونيورسٽيءَ طرفان ان آفر ۾ هڪ شرط رکيو ويو ته ٽائپنگ جي في هو ڏيندا پر ڏهن ڏينهن مان گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏينهن اسان کي ضرور وڃڻ کپي نه ته فيءَ جا ٻه سؤ ڪرونا اسان کي ملندڙ مهيني جي خرچيءَ مان ڪٽيا ويندا.

پهرين ڏينهن ته خوش خوش وياسين. پر پوءِ جلدي ٽائپنگ جا ڪلاس مٿي جو سور ٿي پيا. ڇو جو اسان سڀني اهوئي سوچيو ته ڪو اڌڪلاڪ ٽائيپ سکڻ سان اسان اهڙا ماهر ٿي وينداسين جهڙا پاڪستان ۾ ڪورٽن اڳيان رٽائرڊ آفيسر ڀڳل ٽائيپ تي ٽائيپ ڪندي نظر ايندا آهن. پر پوءِ پهرين ڏينهن ئي محسوس ڪيوسين ته عشق ناهي راند جيڪي کيڏن ڳڀرو. تنهن وانگر ٽائپنگ سمجهڻ هڪڙي ڳالهه آهي پر ائين ٽائيپ ڪرڻ اهڙو سولو ڪم ناهي جو مائي انيليءَ جو هڪ ٻه ليڪچر ٻڌي ڏهن ئي آڱرين سان ٽڪ ٽڪ ٽڪ شروع ڪري ڏيون. سچي ڳالهه ته اها، ته ٻن ڏينهن ۾، ٽائيپ ۾ صحيح طرح پنو وجهڻ به مس آيو ۽ انيليءَ کي جڏهن چيوسين ته هي ڏهن ڏينهن ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ ته مشڪل آهي، ته هن به چتاءُ ڏنو ته ان لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هفتا کپن سو به دل لڳائي روزانو ٻه ٽي ڪلاڪ پرئڪٽس ڪندؤ، ته پوءِ ڪم جهڙي ٽائيپ ڪري سگهندؤ. هن ’دل لڳائي‘ لفظ تي زور ڏيندي ان انداز سان چيو ڄڻ دل لڳائي اسان هرگز نه ڪنداسين، سو اسان هرگز سکي نه سگهنداسين. انهيءَ ڪري اسانجي بسم الله ئي موچاري نه ٿي. پهرين ڏينهن ئي دل ٽٽي پئي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيترن ٽائيپ سکڻ کان توبهه ڪري ڪلاس روم وارو ڏيڍ ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ لڳا. يا وقت پاس ڪرڻ لاءِ هڪ آڱر سان ئي دوستن يارن کي خط لکڻ لڳا. ان خط لکڻ جي شروعات گهانا جي ائلس پنهنجي مڙس کي خط لکڻ سان ڪئي. هر هڪ ايندي ويندي کيس چيو ٿي: ”مڙسين کي اسانجا سلام لکجانءِ.“

”ائلس! منهنجا به سلام لکجانءِ.“ پري کان ويٺل آذربائيجان جي ٿلهي چنگيز چيو.

”مون کي چريو سمجهيو اٿوَ ڇا؟“ ائلس چيو، ”مڙس ڇا سوچيندو ته آئون ٻار ڇڏي هتي سئيڊن پڙهڻ آئي آهيان يا ترڪيءَ جي حسن بقال، آذربائيجان جي چنگيز، پاڪستان جي الطاف ۽ ٻين جا سلام نياپا پهچائڻ آئي آهيان.“

”چڱو ڀلا مون طرفانHello لکينس.“ ڪولمبيا جي ائنا روزا چيس

”سڀ ماٺ ڪري ويهو.“ ائلس چيو.

منهنجي ڀر ۾ آفريڪا جي هڪ ملڪ گنيءَ جي ويٺل شاگرد عورت چيو: ”ائلس ڪنهن عورت بابت ته هرگز مڙس کي نه لکندي.“

”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.

”چوي ٿي ته سندس مڙس دل ڦينڪ عاشق آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ عورتن بابت لکانس ته هو توکي سلام چئي رهيون آهن ته، يڪدم سندن ائڊريس گهرندو.“

”پوءِ ڀلا اتي اڪيلوڪنهن جي آسري ڇڏي آئي آهيس؟“ مون پڇيومانس.

”ان لاءِ ٻڌائيندي آهي ته کيس ڏيج ۾ مائٽن وٽان هڪ خوفناڪ قسم جي نوڪرياڻي (حبشڻ) جيڪا ملي آهي، اها سندس سار سنڀال لهندي آحي ۽ مڙس جيڪڏهن ڪنهن غلط ڪم ڏي رغبت ڏيکاريندو آهي ته ان جا اسڪريو ٽائيٽ ڪندي آهي.“

”توبنهن! توبنهن!“ موراڪو جي امين چيو، ”انهي ڪري ته آئون گهانا يا سينيگال جي ڪنهن شيدياڻي سان شادي نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجا ناناڻا انهن ملڪن ۾ آهن، پر مون صاف صاف چيو اٿمان ته آئون فرينچ ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ سان کڻي شادي ڪندس پر هجي اڇي رنگ جي.“

گنيءَ جي هيءَ شاگرد عورت امين جي ان جملي جو آخري حصو ٻڌي ڪاوڙ مان امين ڏي نهارڻ لڳي، موراڪو جو امين ۽ گنيءَ جي هيءَ شاگردياڻي ٻئي فرينچ ڳالهائيندڙ آهن ۽ ٻئي ڪارا آهن.

ٽائپنگ جي ڪلاس ۾ هرڪو ان انتظار ۾ هوندو هو ته ماسترياڻي- مئڊم انيلي فوٽن واري لسٽ کڻي حاضري هڻي ته ڀڄڻ جي ڪجي. ان چڪر ۾ هرڪو اڳيان ويٺل ڪرسيءَ تي انيليءَ ڏي اهاني بهاني پيو ويندو هو ته جيئن هو ڏسي ۽ حاضري لڳي.

انيليءَ بار بار اها صلاح ڏني ٿي ته ڏهه پندرهن منٽ ٽائيپ ڪري ٻه منٽ واڪ ڪريو. پر اسان ڏهه پندرهن منٽ واڪ ڪري ٻه منٽ کن ٽائيپ ڪئي ٿي. چنگيز، حسن بقال ۽ ماريطانيا جو شيخنا ته هتان هتان ڦري ڏکڻ واري دريءَ تي وڃي بيٺا هئا، جتان هيٺ سئمنگ پول تي نظر پئي ٿي.

”ڀلي توهان اتي بيهي وقت خراب ڪريو“، انيليءَ چتاءُ ڏنو، ”ٻئي سال جڏهن توهان کي ٿيسز ٽائيپ ڪرڻي پوندوَ ته پوءِ پاڻهي خبر پوندوَ.“

”ٽائپنگ مان فائدو ئي ڪهڙو آهي؟“ هڪ ڏينهن موريطانيا جي شيخنا غائوض انيليءَ کان پڇيو.

”ڪمال آهي!“ انيليءَ چيو، ”وڏو فائدو ته اهو آهي ته ٽائپنگ اچڻ ڪري راز وارا خط پٽ ۽ سرڪاري ڪاغذ توهان پاڻ ٽائيپ ڪري سگهندؤ.“

”پر آئون ته ان هوندي به ٽاپئنگ لاءِ هڪ سهڻي سيڪريٽري رکندس.“ آئوري ڪوسٽ جي ڪمانڊر مائيڪل چيو.

مائيڪل اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪوٽا ڊي آئوري کان آيل آهي، جيڪو ملڪ ڪجهه سال اڳ تائين، آئوري ڪوسٽ جي نالي سان مشهور هو. ’عابد جان‘ سندس مشهور بندرگاهه آهي، جنهن ۾ اسان جا پاڪستاني جهاز اڪثر ويندا رهن ٿا. منهنجي ڀر ۾ راحت عزيز ويٺو هو. تنهن ڪمانڊر مائيڪل جي مٿين ڳالهه تي نڪ کي موڙو ڏيئي مون کي آهستي چيو: ”ڌوڙ اٿس پئي. اها سهڻي حبشڻ سيڪريٽري الائي ڪهڙي هوندي. سينيگال جي ائميءَ جهڙي هجي ته به غنيمت.“

”يار تون ائميءِ کي ائين نه سمجهه.“ مون چيومانس.

”واقعي! مجنونءَ جي ليلى به ته ڪاري هئي. ائمي جا به ڪيترا مجنون ڊڪار ۾ ڦرندا هوندا.“ راحت چيو.

”بلڪل صحيح ٿو چئين.“ وراڻيو مانس، هتان ايم ايس سي ڪرڻ بعد سندس هڪ سان شادي ٿيڻ واري آهي. مون کي فئمليءَ سان دعوت ڏني اٿس. اوسي پاسي جي ڪنهن ملڪ ۾ هونداسين ته ضرور هلنداسين. ڪنهن زماني ۾ تيل وٺڻ لاءِ اسان جو جهاز ڊڪار ۾ ڏاڍو ويندو هو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org