سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ملير کان مالمو

الطاف شيخ

صفحو :6

ڀلا هيءَ ڪٿي جي آهي؟

هڪ ڏينهن سئيڊن جي هن شهر (مالمو) جي هڪ خوبصورت علائقي ’ٽرئنگلن‘ جي شاپنگ سينٽر ۾ هڪ دڪان اڳيان فٽ پاٿ تي قميص، سوٽن ۽ گنجين تي Sale لڳل هئي. يعني اصلي قيمت کان سستي اگهه تي ملي رهيون هيون. هن پاسي کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪپڙا گنديون به تمام ڳري اگهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري ڪاٽن جي ته هر شيءِ آسمان سان ڳالهايون ڪري ٿي. سو ان سستي وڪري (Sale) ۾ به گنجيءَ جي قيمت پاڪستاني سٺ ستر رپئا هئا. ان ڪري انهن کي ڇهڻ به پاپ سمجهيم. هڪ ٻه قميص پسند آئي پر ڪالر جي ماپ صحيح نه هئي. وڪڻڻ واري همراهه کان پڇيم: ”فلاڻي ماپ جون ههڙيون قميصون اٿئي؟“

”ها. اندر دڪان ۾ هليو وڃ. فرسٽ فلور تي Sales Girl (ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ) کان معلوم ڪر.“ هن ٻڌايو.

H&M ڪمپني جو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو جيڪو سئيڊن ۾ معياري ڪپڙن کان ائين مشهور آهي جيئن پاڻ وٽ ٽي جي جو. فرسٽ فلور تي چوڌاري نظر ڊوڙايم پر ڪٿي به ان اگهه تي سستا ڪپڙا نظر نه آيا جهڙا ٻاهر وڪامي رهيا هئا. چوڌاري فقط عورتون ۽ مرد گراهڪ ڦري رهيا هئا پر دڪان ۾ڪم ڪندڙ ڪابه ڇوڪري نظر نه آئي. آخر زنانن ڪپڙن جي هڪ سيڪشن ۾ سورهن سترهن سالن جي ڇوڪري اسٽول تي ويٺل نظر آئي.

مون کائنس انگريزي ۾ قميصن جو پڇيو پر هن کي انگريزي نه برابر آئي ٿي.

”آءِ ايم ساري! آءِ اسپيڪ نو انگلش.“ هن چيو. ان جومطلب اهو ٿيو ته هاڻ مون کي ڪو اهڙو سئيڊش گراهڪ ڳولڻو پوندو جيڪو انگريزيءَ جو به ڄاڻو هجي ۽ منهنجي ۽ هن جي ڳالهه جو ترجمو ڪري سگهي. ڇوڪري جا منهن مهانڊا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن جهڙا هئا جيڪي ملئي زبان ڳالهائين ٿا ۽ اها مون کي به آئي ٿي. ان ڪري پڪ لاءِ پڇيو مانس ته  ڪهڙي ملڪ جي آهين.

”انڊونيشين“ انگريزي زبان نه اچڻ ڪري هن مختصر جواب ڏنو.

”بوليح فهام ملايو؟“ (توکي ملئي زبان اچي ٿي؟) مون پڪ ڪرڻ لاءِ ملئي زبان ۾ پڇيومانس.

جواب ۾ هوءَ گونگن واگر چپ رهي. يعني هن بلڪل نه سمجهيو.انڪري انگريزي ۾ ساڳيو جملو ورجايم:

“Can You Speak Indonesian.”

”نو. اونلي سئيڊش.“ هن وراڻيو.

ان جو مطلب اهو آهي ته هن جو پيءَ يا ماءُ مان هڪ انڊونيشين آهي جيڪو هتي سئيڊن۾ اچي Settle ٿيو آهي ۽ سئيڊش عورت سان شادي ڪئي آهي.

”تنهنجو پيءُ انڊونيشين آهي؟“

”نو- هي از سئيڊش.“

”ته پوءِ ماءُ؟“

”اها به سئيڊش آهي.“ هن وراڻيو. آئون تعجب ۾ پئجي ويس ته اهو ته ڪمال آهي ماءُ پيءُ سئيڊش گورا ۽ هيءَ اسان جهڙي ڪڻڪ رنگي ڪارسري. ۽ نه فقط شڪل مان پر ان جو پاڻ به اعتراف ڪري رهي آهي ته هوءَ انڊونيشين آهي. اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو....

بهرحال مون کائنس مرداني قميص جو اشاري سان پڇيو پر پاڻ ٻڌائي نه سگهي ۽ سئيڊش ۾ جيڪي چئي رهي هئي ان جي لهجي مان اهوئي لڳو ٿي ته کيس خبر ناهي. آئون مغزماري ڪرڻ بدران اتان هلڻ وارو هوس ته سامهون ايندڙ هڪ سئيڊش عورت ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته اها سندس ماءٌ آهي.

سندس ماءُ کي سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ خبر پيئي ته هوءَ سيلز گرل نه هئي پر ماڻس خالي اسٽول تي ويهاري پاڻ شاپنگ ڪري رهي هئي. مون جڏهن کيس چيو ته تون ماءُ ته سئيڊش آهين ڀلا هن جو پيءُ انڊونيشين آهي يا نه.؟

”نه اهو به واقعي سئيڊش آهي.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ هوءَ مون کي ان جو راز سمجهائڻ لاءِ صحيح لفظ جي ڳولا لاءِ جهڙوئي سوچڻ لڳي ته مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته کيس يڪدم چيم:

”اوڪي. اوڪي. نائو آءِ انڊراسٽئنڊ. يو مين يو هئو اڊاپٽيڊ هر.“ (تو هن کي پاليو آهي.)

”ييس. ييس.“ هن وراڻيو.

جيڪي قميصون جنهن اگهه تي مون چاهيون ٿي اهي ته نه مليون. مٿين ڳالهه جو ذڪر فقط انڪري ڪيم جو هتي سئيڊن ۾ جيڪي آفريڪا يا ايشيا جا ڪارا، چاڪليٽي، ڪڻڪ رنگا، هئڊا ۽ ڦڪا ماڻهو نظر اچن ٿا سي سڀ هتي غير قانوني طرح نه آيا آهن ۽ نه وري ڪي سڀئي سياسي پناهگير آهن. ڪيترائي اهڙا به آ هن جن کي هتي جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان مختلف ملڪن مان وٺي آيا آهن. جيئن ته هتي سئيڊن ۾ برٿ ريٽ (ڄم جي رفتار) تمام گهٽ آهي يا ڪيتريون شادي شده عورتون ٻار کي ڏهه  مهينا پيٽ ۾ سانڍڻ ۽ ڄڻڻ جو کٽراڳ نٿيون کڻن. پوءِ اولاد لاءِ هتي جا شادي شده جوڙا ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ويٽنام، برما جهڙن ملڪن مان ٻار وٺي Adopt ڪن ٿا. يعني نپائين پالين ٿا. جيئن مٿين انڊونيشي ڇوڪري کي هتي جي سئيڊش زال مڙس ننڍي هوندي کان نپايو آهي ايتري قدر جو ان ڇوڪري کي پنهنجي مادري زبان جي به خبر ناهي.

پهريون دفعو جڏهن هتي جي هڪ پوڙهي سئيڊش جوڙيءَ سان گڏ ٻارهن تيرهن سالن جي سريلنڪا جي ڪاري ڇوڪري بس ۾ ويٺل ڏٺم ته مون سوچيو ته اها ڪا هنن جي نوڪرياڻي آهي، جيئن عرب ملڪن ۾ فلپينو، سريلنڪن انڊين ۽ پاڪستاني ڇوڪريون آيائون يا نوڪرياڻيون ٿي ڪم ڪن ٿيون. پر پوءِ بس مان لهندي ۽ شهر ۾ چڪر ڏيندي ڏٺوسين ته سئيڊش پوڙهو پوڙهي ان سريلنڪا جي ڇوڪريءَ جا ائين ناز نخرا کڻي رهيا هئا جيئن سندن پنهنجي ڌيءَ هجي. اسان جي يونيورسٽيءَ جي هڪ پراڻي شاگرد ٻڌايوته هتي ٻئي جي اولاد پالڻ (Adoption) جو تمام گهڻو رواج ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي ايشين ٻار يا وڏا جيڪي هتي سئيڊن ۾ نظر اچن ٿا سي ضروري ناهي ته ڪو هتي ڀڄي آيا آهن، پر هتي (سئيڊن) جي ماڻهن انهن جي مائٽن ۽ حڪومتن کي منٿون ميڙيون ڪري نپائڻ لاءِ (Adoption) لاءِ هتي وٺي آيا آهن.


 

 

 

ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي

هتي عورت ۽ مرد جي برابريءَ جي ايتري ته سوچ ويچار آهي جو ٻنهي کي هڪ ٻئي سان شڪايت رهي ٿي. نوڪري ڪري پئسو به ٻئي ڌريون ڪمائين ٿيون. پر جي نوڪري ناهي ته هنن ملڪن ۾ بي روزگارن کي سرڪار طرفان هر مهيني ايترومليو وڃي جو آرام سان گهر ويٺي کائي پي سگهن ٿا. بلڪه هتي جا ماڻهو ڪنهن هلڪي ڦلڪي نوڪري کان بي روزگار رهڻ ۾ بهتري سمجهن ٿا.

”بي روزگاريءَ جو ڀتو مهيني ۾ ٻارهن هزار رپيا کن مون کي ۽ ٻارهن هزار منهنجي زال کي ملي ٿو“، هڪ همراهه ٻڌايو. ”هاڻ منهنجي زال کي هڪ هنڌ سورهن سترهن هزار روپين کن جي نوڪري ملي آهي پر هوءَ چوي ٿي ته ٽن چئن هزارن روپين جي فرق لاءِ ڇو صبح جون ننڊون ڦٽائي روزانو اٺ ڪلاڪ وڃي ڪلارڪي ڪيان.“

نوڪريءَ ۾ مرد عورت جي تفاوت کي نٿو ڏٺووڃي. دڪانن توڙي آفيسن ۾، مرد توڙي عورتون ساڳيو ڪم ڪن. فئڪٽرين ۾ ڪم مرد به ڪن ته عورتون به. بس ڊرائيور مرد به آهن ته عورتون به. پڙهيل ڳڙهيل ۽ هنرمند مرد به آهن ته اوتروئي عورتون به. انڪري ڪنهن جي ننڍي وڏي جي ڳالهه ئي ڪانهي. هرڪو پنهنجو پاڻ کي سوا سير سمجهي ٿو. ڪوبه سير ناهي. رڌ پچاءَ به ٻئي ڪن. ٻار نپائڻ جو  ڪم به ٻنهي جو سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي هاسٽل سامهون ننڍڙن ٻارن جو اسڪول آهي. ٻارن کي واري وٽي تي هفتو ماءُ ته هفتو پيءُ اسڪول ڇڏڻ ايندو آهي. منهنجي خيال ۾ ان مٿي جي سور کان مردن به اولاد تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي. حڪومت دانهون ڪندي رهي ٿي ته گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو. ملڪ ۾مال ججهوئي آهي ماڻهو گهٽ آهن. پر هن پاسي ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي.

 

لاڏين ڪوڏين آندو آهي

هتي جي هڪ دعوت ۾ سئيڊش عورت يونيورسٽي جي شاگردن سان نه فقط نچي رهي هئي پر ڪافي فري انداز سان ڳالهائي رهي هئي.

“Are you Married?” مون پڇيومانس.

”ييس.“ هن وراڻيو.

”پوءِ تنهنجو مڙس نه آيو.“

”آيو ٿي پر اچڻ مهل کيس مٿي ۾ سور اچي ٿيو. سو چيومانس هن بيوقتائتي مرض اسان کي چڱو مُٺايو. پر پاڻ مونکي چيائين ته آءُ ڀلي Enjoy ڪري اچان.“

منهنجي تعجب کائڻ تي چوڻ لڳي:

”پاڻ به ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو ڌارين ڇوڪرين سان هليو ويندو آهي.“

ٻنهي ڌرين جي آزادي يا ٻنهي ڌرين جو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ يا ٻنهي ڌرين جو نوڪريون ڌنڌا ڪرڻ ته يورپ توڙي آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به عام آهي. ويندي ايشيا جي جپان ۽ ڪوريا ۾. پر سئيڊن جو قانون عورت جي حقن جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿو. جپاني يا ڪورين عورت محنت مزدوري بعد به مڙس جي موچڙن هيٺ رهي ٿي. پر مجال آهي جو سئيڊن جو ڪو مرد پنهنجي زال کي موچڙو مار ڪري يا وڏي واڪ به ڳالهائي.ڪو پاڙي واروئي پوليس کي فون ڪندو ته ملزم کي ان ئي وقت ٽنگوٽالي ڪري وٺي ويندا.۽ نه وري ڪو مرد زال کي طلاق ڏئي ٽن وڳن ۾ ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. طلاق مهل عورت جي پنهنجي ملڪيت ته پنهنجي رهنديس. پر مڙس جي اڌ ملڪيت جي به مالڪڻ ٿيو وڃي.

بهرحال انهن سڀني ڳالهين هوندي به گهڻي ڀاڱي مرد توڙي عورتون هڪ ٻئي سان خوش نه آهن. عورت کي اهائي شڪايت آهي ته مرد عورت جي اها عزت ۽ خيال نٿو ڪري جيڪو ڪرڻ کپي. ڪيترن ملڪن ۾ عورت گهر جي راڻي ٿيو ويٺي آهي. مرد نوڪري پورهيوڪري گهر جي خرچ لاءِ پئسو آڻي ٿو. گهر جي ڀاتين جي اگهائي سگهائي جوخيال رکي ٿو، گاڏين توڙي گهر جي مرمت جواونو رکي ٿو. پر هتي سئيڊن ۾ عورت کي به ڪمائڻوپوي ٿو. هڪ شهر مان ٻئي شهر اڪيلووڃڻو پوي ٿو. خود سامان ڍوئي ٿي. مڙس پنهنجن .ئي دوستن يارن يا سهيڙين جي سنگت ۾ رڌل رهي ٿو ۽ ٻاهران ئي ايترو پي اچي ٿو جو گهر ۾ گهڙڻ سان بستر تي ڊهيو پوي. هن کي زال جي ڏک درد ٻڌڻ ۽ همدردي ڪرڻ لاءِ نه وقت آهي نه واسطو. اهوئي سبب آهي جوسئيڊن جون ڪيتريون ڇوڪريون ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪارن ڪوجهن کي وڌيڪ پسندڪن ٿيون. ۽ ان۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ڌارين سان شادين جي ٽٽڻ جو في سيڪڙو گهٽ آهي نه ته هن ملڪ ۾ طلاق ۽ خودڪشي جا ساليانا انگ اکر تمام وڏا آهن.

ساڳي وقت هتي جي مردن کي پنهنجين سئيڊش زالن سان پڻ شڪايت آهي ته هو مڙس جي اها عزت نٿيون ڪن جيڪا ڪرڻ کپين. ان لاءِ هو ٻين ملڪن جا مثال ڏين ٿا.  خاص ڪري جپان، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشا پاسي جي عورتن جا، جيڪي نوڪري ۽ پورهيو ڪن ۽ مردن کي پئسوڪمائي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي باوجود سندن دل و جان سان خدمت ڪن ٿيون. نتيجي ۾ جنهن جنهن سئيڊش مرد کي وجهه لڳي ٿو ته اهو غير سئيڊش عورت سان شادي ڪري ٿو. شايد ان ڳالهه کي مدنظر رکي، ٿائيلينڊ حڪومت وچ ۾ ٽوئرزم (Tourism) جو اهڙو پروگرام ٺاهيو هيو جنهن ۾ يورپ جي پئسي وارن ٽوئرسٽن کي ٿائلينڊ گهمڻ سان گڏ ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. ان اسڪيم هيٺ ڪيترين ئي غريب لاوارث ۽ ويندي هلندي چلندي وارين ٿائي ڇوڪرين جي يورپين سان شادي ٿي هئي ۽ سندن سٺو وهنوار ۽ مڙس جي دل و جان سان خدمت چاڪري ڏسي اڃا تائين ڪيترا يورپي ٿائلينڊ جي ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ واجهائين ٿا.

مٿئين قصي بيان ڪرڻ مان پڻ اهائي مراد آهي ته هتي جيڪي ايشيائي مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون اهي پنهنجي مرضي سان هتي جي ماڻهن ۽ ملڪ جي ايڪاناميءَ تي بار اچي نه ٿيا آهن پر خود هتي جي ماڻهن- عورتن توڙي مردن، لاڏين ڪوڏين شاديون ڪري کين هتي آندو آهي. ان ڪري اڄڪلهه ايشيا يا آفريڪا جي ماڻهن جي گهڻائيءَ جي باوجود هتي جي حڪومت ڪو اهڙو قانون نٿي ڪڍي سگهي جنهن هيٺ هر ڌارئين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ڇو جو ڪيترا ڌاريا ٻار، مرد توڙي زالون، هتي جا سئيڊش ماڻهو پنهنجي رضامنديءَ سان وٺي آيا آهن ۽ اهي سندن فيملي جو حصو بنجي ويا آهن ۽ هاڻ انهن کان ڇڄي ڌار ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي. وڌ ۾ وڌ هو نون ايندڙ غير قانوني ماڻهن جي اچڻ تي روڪ ڪري سگهن ٿا.

 

وڏي آفيسر هجان ها

اسان جي آفيس ۾ آئرين نالي ايراني عورت آهي، جنهن جي شادي هتي جي سئيڊش همراهه سان ست اٺ سال اڳ ٿي. هو ٻئي خوشحال زندگي گذّاري رهيا آهن. هوءَ شايد مسلمان نه پر بهائي مذهب جي آهي پر بهرحال، ايران جي ۽ فارسي ڳالهائيندڙ ٿي ڪري اسان پاڪستانين جي ۽ ايران کان آيل مڙني همراهه جي مدد ۽ رهنمائي ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن لئبرري جي ٻاهران واندا ويٺا هوندا آهيون ته اچي خبرون چارون ڪندي آهي. پاڻ به ان نفرت جي اظهار بابت ٻڌايائين جيڪو پاڻ هتي جي سئيڊش سوسائٽي ۾رهندي محسوس ڪري ٿي.

”هتي جا ماڻهو مون کي ڏسي اهوئي سوچيندا آهن ته آئون به ڪاهن ملڪ جي خوشحالي ڏسي، پنهنجو غريب ملڪ ڇڏي آئي آهيان. پر ڪنهن ڪنهن کي ٻڌائيندي وتان، ته بابا آئون ته انگلينڊ ۾ پڙهي رهي هيس توهانجو سئيڊش همراهه مون تي عاشق ٿي پيو. ان هوندي به منهنجا مائٽ ان شاديءَ ۾ راضي نه پئي ٿيا، پر پوءِ ڪجهه عرصو ڇوڪري کي ويجهڙائي کان جانچي جونچي پوءِ چيائون ته ڇوڪرو شريف آهي ڀلي ان سان شادي ڪر.

هتي جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته آئون پنهنجي ملڪ ۾ هجان ها ته اتي به مون کي ڪنهن اعليَ خاندان جو ڇوڪرو ملي وڃي ها ۽ هيڏي تعليم هجڻ ڪري پنهنجي ملڪ توڙي انگلينڊ ۾ هن کان به وڏي آفيسر هجان ها“.

 

رمبوت حطام

هڪ ڏينهن مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ويندڙ فيريءَ ۾ ساڳي ٽيبل تي ايران ۽ عراق جا نوجوان مليا. شڪل شبيهه ۾ ٻئي گورا ۽ يورپين لڳا ٿي. هو ڇهن ستن سالن کان هت آهن. هنن به اهائي ڳالهه ڪئي ته هتي جا سئيڊش ماڻهو اسان ايشين يا ٻين ڌارين ملڪن جي  ماڻهن جي هجڻ مان خوش نه آهن.

”پر توهان ته رنگ روپ ۾ اهڙا گورا آهيو جو ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ايشيائي آهيو يا يورپين.“ مون چيومان.

”نه اهڙي ڳالهه ناهي. هتي جي ماڻهن کي خبر پئجيو وڃي. رنگ روپ مان، چال چلن مان، ٻيو نه ته، ڳالهائڻ جي لهجي مان.“ هنن ٻڌايو.

پر آئون اهوئي سوچيندو رهيس ته ائين ضروري ناهي. اهي ايشيا جا اڇي رنگ جا ماڻهو جيڪي ننڍي هوندي کان هتي رهيل آهن انهنجي چال چلت ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو لهجو ته بلڪل هتي جي ماڻهن جهڙوئي آهي پوءِ ڪيرڪيئن ٿو سڃاڻي ته هي يورپي نه پر ايشيائي آهي.

ان جو جواب هتي جي رهاڪو انڊونيشين واهه جو ڏنو. هن سان ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي سبزي مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿي. آئون خريداري ڪري ٻين ڪلاس ميٽ همراهن جو انتظار ڪري رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ ئي هي به بيٺو هو. وقت گذاري لاءِ کائنس خبرون چارون ڪرڻ لڳس.

”ڪٿي جو آهين؟“ انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.

”انڊونيشيا جو.“

وڌيڪ هجائتو ٿيڻ لاءِ سندس ئي زبان۾ پڇيومانس ڪيترن سالن کان آهين؟“.

”تعجب آهي توهان کي انڊونيشين اچي ٿي.“ هن پڇيو.

”انڊونيشين نه پر ملئي زبان به ڄاڻان ٿو جيڪا ائين آهي جيئن اڙدو، هندي يعني هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. سوهتي ڪڏهن آئين؟“

”اڄ کان چار سال اڳ آيو هوس.“ هن وراڻيو.

”اڪيلو آهين يا فئملي سان؟“ اسين ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا رهياسين.

”هينئر اڪيلو آهيان. هتي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم، پر طلاق ٿي وئي.“

”۽ پوءِ ٻار؟“ مون پڇيو مانس.

”ٻار زال وٽ آهن. آئون اڪيلو ٿو رهان.“

”ٻارن سان ملين يا نه؟“ مون پڇيومانس.

”ها. ائين هر هفتي هنن وٽ ويندو آهيان. زال به ڳالهائيندي آهي. هاڻ اسين زال مڙس نه پر دوستن وانگر آهيون.“ هن ٻڌايو.

”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا سوچيو اٿئي؟ ٻي شادي به هتان ڪندين يا پاڪستانين، هندستانين ۽ ٻين ايشين وانگر هاڻ هتي جو پاسپورٽ ملڻ بعد پنهنجي ملڪ مان شادي ڪري ايندين؟“ مون پڇيو مانس.

”نه آئون ٻي شادي هرگز نه ڪندس. ٻارن سان منهنجو تمام گهڻو ڳانڍاپو آهي.“ هن چيو.

۽ اها ڳالهه ڪندي هو بيحد جذباتي ٿي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ته هن جي هتي جي سئيڊش ڇوڪري سان شادي Marriage of Convenience (سهوليت ۽ مطلب خاطر شادي) گهٽ ۽ پيار محبت جي وڌيڪ هئي. هاڻ شادي ٽٽڻ تي هن کي ڪافي صدمو رسيو آهي.

”چئبو ته تون طلاق ۾ خوش نه هئين؟“ مون پڇيومانس.

”نه. پر ڇا ڪجي. هتي جي ڇوڪرين سان نڀائڻ ڏکيو آهي..“ هن ٻه دفعا ’لبيح لبيح سوسا‘ (ڏاڍو ڏاڍو ڏکيو) چيو.

”ڇو ڀلا؟“ مون سندس تجربي جي آڌار تي سندس واتان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي.

”هتي جون ڇوڪريون جنهن ماحول ۾ پليون نپنيون آهن انهن سان اسان جو ٺهراءُ ٿي نٿو سگهي. هڪ حد تائين اسين ايشيائي- خاص ڪري مسلمان، کين آزادي ڏئي سگهون ٿا. سندن ناز کڻي سگهون ٿا. سندن ڳالهين تي اکيون پوري سگهون ٿا. پر هر ڳالهه اسان کان برداشت ڪرڻ ڏکي آهي ۽ پوءِ جڏهن کين سمجهائجي ٿو ته، اها ڳالهه اسان جي قدرن، اصولن ۽ اخلاقن سان نٿي ٺهڪي ته هو سمجهن ٿيون ته اسين کانئن آزادي ڦرڻ چاهيون ٿا. پوءِ هڪ دفعو سمجهوتي ۾ ڏار پئجي وڃن ته ان پيار جي گهرڙي جون ڀتيون جلدئي اچيو ڦهڪو ڪن. پوءِ اسان جهڙا انسان جنڊ جي هڪ پڙ پيار محبت ۽ ٻئي پڙ اخلاق ۽ مشرقي حيا ادب جي وچ ۾ ئي پيڙبا رهون ٿا.“

سندس هلڻ جو وقت ٿي ويو هو، سو ٿيلهو کڻي موڪلائڻ مهل مون کان پڇيائين:

”توکي سئيڊن ڪيئن ٿو لڳي؟“

”سايا تيداق سُڪا نگري اني- آءِ لائيڪ ملائيشيا ائينڊ انڊونيشيا“ (مون کي هي ملڪ نٿو وڻي- مون کي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پسند آهن.)

”ڪيناپا؟ ڪيناپا؟“ ڇو ڇو- هن تعجب مان ساڳي ملئي (انڊونيشي) زبان ۾پڇيو.

”ان ڪري جو اتي ڌارئي لاءِ ايتري نفرت ناهي جيتري هتي آهي. هتي جا ماڻهو اسان کي بيحد نيچ سمجهن ٿا، ڇو جو اسان جي ڪاري چمڙي آهي.“ اهو  جملو چوڻ دوران هو به مون سان گڏ ساڳيو جملو دهرائي رهيو هو. پر جڏهن مون ”ڪاري چمڙي“ لفظ چيو ته هن ان بدران ڪو ٻيو لفظ چيو. جيڪو مون محسوس ڪيو پر ٻڌي نه سگهيس. سو کيس ورجائڻ لاءِ چيم ته هن ڇا چيو- حطام آپا- ڪارو ڇا؟

”حطام رمبوت“ هن وراڻيو- ڪارا وار. (ملئي زبان ۾ رمبوت وارن کي چئبو آهي. جيئن رمبوتان ميوو- معنى وارن واروميوو. ان ڪري جو رمبوتان مٿان وار آهن.)

”يار واهه جي ڳالهه ڪيئي.“ مون چيومانس.

”چمڙي ته اسان مان ڪيترن جي کير جهڙي اڇي به آهي پر هي يورپ جا ماڻهو ته اسان کي وارن مان ئي سڃاڻن ٿا. ڪارا وار معنى پڪ ايشيا جو هوندو. ائين اٽلي جا ڪيترا آهن جن جو رنگ اسان کان ويل آهي پر وار ڀورا يا ڳاڙهيرا يا اڇا ميٽوڙي هجڻ ڪري کين وري به اسان کان وڌيڪ، جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا ۽ پنهنجو سؤٽ ماسات سمجهن ٿا.“

اهو چئي انڊونيشي نوجوان روانو ٿي ويو.


 

 

 

سنگل پئرنٽ

هتي (سئيڊن ۾) رهندڙ پاڪستانين جي هڪ محفل ۾ هڪ پاڪستانيءَ ٻڌايو ته هتي جي ماڻهن ۾ طلاق تمام گهڻي آهي. ٿوري گهڻي ڳالهه تي روسامو ۽ علحدگي ٿيووڃي. طلاق بعد ٻار زال وٽ رهن يا مڙس وٽ. ان لاءِ هو پنهنجو پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿا يا ڪورٽ کان اختياري وٺي سگهن ٿا.

ان پاڪستانيءَ اهو ٻڌايوته سندس ڌيءَ سان گڏ پڙهندڙ اٺاويهه ٻارن جي ڪلاس ۾ ڪوبه اهڙو ٻار نه آهي. جنهن جي ماءُ پيءَ جي علحدگي ٿيل نه هجي. يعني سڀ Single- Parent ٻار آهن. ان پاڪستانيءَ جي اُها ڌيءَ به کيس پهرين زال مان آهي. جيڪا هتي جي سئيڊش هئي ۽ هاڻ طلاق ٿي چڪي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org