سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: فرهنگ جعفري

باب: --

صفحو :1

فرهنگ جعفري

حڪيم محمد جعفر

ڇپائيندڙ پاران

زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايه کي ڪڏهن به فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن ۽ نه پنهنجي وڏن جي ميڙيل چونڊيل انهن املهه ماڻڪن کي ائين هٿن مان وڃائڻ ڏينديون آهن. سنڌي ٻولي به انهن زندهه ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي، جن جو ماضي ڏاڍو شاندار رهيو آهي. جيئن ٻين ٻولين ۾ ادبي سرمايي کي ڇاپي محفوظ ڪرڻ جون روايتون جاري آهن تيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙن ادبي شاهڪارن جي ڇپائيءَ جا اهتمام اوائل کان هلندڙ آهن. سنڌيءَ ۾ اهڙن علمي، ادبي تاريخي، سماجي، طبي موضوعن تي ڪتاب شايع ڪرڻ جي روايت خصوصاً سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان پوءِ زور شور سان تحرڪ ۾ آئي آهي ۽ وري جڏهن ڪمپيوٽر جي ايجاد ٿي، ته ويتر هن ڪم عروج حاصل ڪيو. ڪمپيوٽر جي ايجاد کان پوءِ جيڪي ڪتاب هينڊ ڪمپوز ٿيل هئا، اهي نئين سر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري سنواري سينگاري ڇپايا ويا آهن. اهڙن ناياب ۽ قيمتي ڪتابن ۾ فرهنگ جعفري به شامل آهي. فرهنگ جعفري طب جي دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب جو اصل ليکڪ حڪيم محمد جعفر آهي.  پر هن ڪتاب کي نئين سر سنوارڻ سينگارڻ جو سهرو نياز حسن همايوني جي سر تي آهي. جنهن هن نهايت ئي دقيق قسم جي ڪتاب کي سوڌي سنواري حڪمت جي شعبي سان واسطيدار ماڻهن لاءِ علم جو خزانو پيش ڪيو.

بورڊ هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهندي هن ڪتاب کي به ٻين ڪتابن جيان ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ذريعي شايع ڪرڻ جا تڪڙا قدم کنيا، ته جيئن طب ۾ هن ڪتاب جي دائمي حيثيت برقرار رهي، اميد آهي ته هي ڪتاب طب جي ڄاڻوئن ۽ شوق رکندڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                                      اعجاز احمد  منگي

اربع، 12- محرم الحرام 1428هه                                      سيڪريٽري

بمطابق 1- فيبروري 2007ع                                  سنڌي ادبي بورڊ

 

گذارش احوال

علم طب سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ، قدرتي طور سنڌي زبان ۾ هڪ جامع طبي ڪتاب تيار ڪرڻ جو شوق دل ۾ پيدا ٿي چڪو هو، مگر حالات سازگار نه هئڻ سبب ڪجهه نٿي ڪري سگهيس. اڳتي هلي جڏهن طبيه ڪاليج ۾ آيس، تڏهن پراڻي تمنا ڪـَـر موڙڻ لڳي ۽ حالتن کي ڏسندي وري به خاموش ٿي ويس.

آخرڪار سنڌي ادبي بورڊ جي ترغيب تي لبيڪ چئي فرهنگ جعفري جي ترتيب جو بار سر تي کڻي پنهنجي مراد موجب فني خدمت جي موقعي مرحمت ٿيڻ تي سرفراز ٿيس. فرهنگ جعفري جي اڳينءَ اشاعت ۾ جيڪي ڪتابت، طباعت ۽ تاليف جون غلطيون هيون، تن کي نئين سر تصحيح کان پوءِ ترتيب ۾ آڻي جديد اضافات جي شموليت سان پيش ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه رهائي وئي آهي. تڏهن به انهن کي علم طب جي وسعت موجب مڪمل چئي نٿو سگهجي.

بهرحال جن اهم معاملن جي ضرورت هئي تن کي نظر ۾ رکي ۽ غيرضروري مسئلن کي نظرانداز ڪري وقت جي تقاضائن مطابق ڪتاب کي تيار ڪيو ويو آهي. جيئن هر طبقو هن مان مستفيض ٿي سگهي.

بعض دوائن جا نالا، لساني مطابقت جي اعتبار کان اصلي حالت ۾ پيش ڪرڻ غير موزون ٿي لڳا، جنهنڪري انهن کي ٻيا نالا ڏيئي گوارا بنايو ويو آهي. جهڙوڪ: روح رهاڻ سڳنڌ، ڦريو، ڦڳڻ ڦلاريو، جوڀن جڙي، ليلا ٻوٽي، نانگ ڦڻي ۽ سدا سرهي وغيره.

اهو رواج ڪو نئون نه آهي. بلڪ هن کان اڳ به گهڻين ئي دوائن جا نالا اهڙيءَ ريت ٺيٺ سنڌي زبان ۾ رکيل نظر اچن ٿا. مثال طور: ڌنار کٿوري، سسئي جو پٿر، ڳڻتين جي پاڙ، من موهيو، نهن ديون پرين جا، ڪواڪني ۽ هار سينگار وغيره.

ائين ڪرڻ سان سنڌي زبان ۾ سليس لفظن جي اضافي واري ان رواج کي هٿي اچي وڃي ٿي، جو ايامن کان اسان وٽ هلندو پيو اچي.

اهڙيون ڳالهيون اوائل ۾ ڏکيون لڳن ٿيون، مگر اڳتي هلي سٺو ڪم ڏئي ٿيون وڃن.

هن ڪتاب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيٺين ڪتابن مان مدد ورتي وئي آهي.

مخزن المفردات           فرهنگ همايوني

ڪتاب المفردات          قرابادين اعظم

بستان المفردات           مجربات قلمي

جامع العقاقير             برٽش فارماڪوپيا

لغات ڪبير               فارميسي نيوز

علم الادويه انگريزي               وغيره

ڪليات ادويه ديسي              

مخزن الادويه ڊاڪٽري

پڇاڙيءَ ۾ آءٌ قبله حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاه (ٽنڊو محمد خان) ۽ محترم محمد خان غني“ جن جو تهدل سان شڪريو ادا ڪرڻ واجب ٿو سمجهان. انهيءَ لاءِ ته جناب شاهه صاحب جن جي هن ڪتاب جي قلمي نسخي کي نظر ۾ رکي، ان تي پنهنجي گرانقدر راءِ جو اظهار فرمايو ۽ محترمي محمد خان غني جي ٻوليءَ ۽ ادب تي دسترس رکڻ سان گڏ پريس جي ڪم جو به ڄاڻو آهي، تنهن منهنجي صلاح سان هن ڪتاب جي مواد جي ترتيب جي ضرورت سارو ڪجهه قدر ڦيرائي اهڙيءَ طرح سان بيهاريو آهي، جو ڪنهن به دوا جو نالو لغات جي قانون موجب الف - ب وارا نهايت آسانيءَ سان هٿ اچي سگهي. ۽ ڪٿي ڪٿي دوائن جي خاصيت ۽ طريقه استعمال به، اصلوڪي مطلب کي برقرار رکندي، زياده آسان فهم صورت ۾ آندو اٿس، جنهنڪري به هن ڪتاب جي افاديت وڌي ويئي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح ٻنهي صاحبن منهنجي همت افزائي ڪري، ڪتاب کي بهتر صورت ۾ آڻڻ لاءِ فني خدمت ۽ محبت جو ثبوت مهيا ڪيو آهي.

 

نثار منزل حيدرآباد سنڌ                                                فقط

20 جون 1960ع                                      نياز حسن خليفه قائم الدين همايوني

ڊي- آءِ- ايم- ايس- حڪيم

ڊي- ايم- پي- ايس ڊاڪٽر

پروفيسر طبيه ڪاليج، حيدرآباد سنڌ.

تقريظ مبارڪ

استاد الاطباء فضيلت مآب جناب حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب فاضل طبيه ڪاليج دهلي و باني سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد.

____*___-

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم

اما بعد، فرهنگ جعفري جي تازي مسودي تي نظرثاني ڪرڻ کان پو، آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته ”هي ڪتاب جديد ترتيب ۽ تزئيد جي لحاظ کان قديم تشڪيل ۽ تحرير تي بيشڪ فوقيت رکي ٿو.“

درحقيقت سنڌي زبان ۾ علم الادويه تي هڪ جامع تصنيف جي ضرورت هئي. جا ترتيب جي صورت ۾ احسن طريقي سان پوري ڪئي وئي آهي.

محترم نياز حسن همايوني بهترين اديب ۽ شاعر هئڻ کان علاوه مستند حڪيم ۽ ڊاڪٽر به آهي ۽ عرصي کان طبيه ڪاليج ۾ درس و تدريس جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. اهڙي حالت ۾ قلمي ڪاوش بدولت فرهنگ جعفري جو بهترين نوعيت ۾ تيار ٿيڻ بلڪل قدرتي امر هو.

منهنجي خيال ۾ هي ڪتاب هاڻ ان لائق آهي ته طبي درسگاهن جي نصاب تي رکيو وڃي.

دعا آهي ته خداوند ڪريم اسان جي نوجوان اهل فن جون ڪوششون ڪامياب ڪري ۽ طب جو مستقبل شاندار بڻائي.

آمين.

ٽنڊو محمد خان                       حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه

30 مئي 1960ع                      صدر آل پاڪستان طبي ڪانفرنس

برگِ درختان سبز در نظر هوشيار،
هر ورقِ دفتريست معرفت کردگار.
 

بحمد الله الحڪيم الڪريم و نصلي عليٰ محمد شافي المستقيم الاليم و اصحابه المهتدين اليٰ صراط المستقيم.

تصرف الماضي و الحال و الا ستقبال بلطف اوست،
وصول ناقص بدرجهء ڪمال بفضل اوست،
شفاي هر قسم مسقم بحڪم اوست.
 

هزارين تعريفون ۽ ستايشون اُنهيءَ حڪيم جي القيوم دائم الموجود کي سزاوار آهن، جنهن پنهنجي قدرت ڪامله جي افعالن سان ناموجود قطري کي قلم قضا ساڻ: رحم ۽ نقش ٻڌي اربع عناصره متضادة الڪيفيت کي پاڻ ۾ ملائي اعضائي ارواح ۽ قوت انساني سان سينگاري پيدا ڪيائين ۽ نفس ناطقه مدرڪات ظاهري ۽ باطني سان نوازيائين. جيئن ته:

دهد نطفه را صورتي چون پري،
که کرده ست بر آب صورت گري.
نهد لعل فيروزه در صلب سنگ،
گل لعل در شاخ فيروزه رنگ.
ز ابر افگند قطره سوئي يم،
ز صلب آورده نطفه در شکم.
از ان قطره لؤ لوئي لا لا کند،
و زين صورتي سرو بالا کند.
برو علم يک ذره پوشيده نيست،
که پيدا و پنهان بنزدش يکيست.
مهيا کند روزي مارو مور،
وگر چند بيد ست پايند زور.
بامرش وجود از عدم نقش بست،
که داند جز او کردن نيست هست.
تا مل در آئينه دل گني،
صفائي بتدريج حاصل کني.
 

۽ طرح طرح جا گل ٻوٽا ۽ اوڀڙ بنائي حسن جي پنن سان سبز ڪري قسم قسم جا تاثير رکي، جنهن کي گلستان ڪيائين.

گلدسته نگار بسته درودنا محدود هديه بارگاهه عالي جاهه اُن جي محبوب مطلوب، صارنشين طــٰـه يـٰـسين جنهن جي نيم اتفاق کان دماغ عقل حڪمت خيز مشام اسلام عطر بيز، سندس فيض، کان عالم بستان ڪري اُمت ۾ جن و انس داخل ڪيائين.

سردار دوعالم، واقف الاسرار هوت، عالم السرائرالملڪوت، سفينه درياءِ طريقت، سر دفتر مخلوقات جناب سرورِ ڪائناتِ، صفوةِ الموجودات، لعل
بي بها، عالم علم لدني، تخت نشين ايوان شريعت، خليفةِ رب العالمين، والصلواة والسلام عليٰ رسوله المختار المخصوص صد برد الممتاز سيدنا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آلـہ وسلم، العلم علمان علم الا بدان کي تعليم فرمايائين.

عقل چه داند ڪمالات او،
بفڪر فرومانده آيات رو.
نه ادراڪ در کنه ذاتش رسد،
نه فڪرت بغور صفاتش رسد.
توان در بلاغت بسبحان رسيد،
نه در گنه بيچون سبحان رسيد.
 

جيترو ڪيترو انسان ويچارو ضعيف الدماغ و النسيان، اُن جي ذات ۽ صفات جي تعريف ڪري سگهندو.

جيئن ته: ”قل لوڪان البحر مدادالڪلمات ربي لنفد البحر قبل ان تنفذ ڪلمات ربي ولو جئنا بمثلهِ مدداً.“

هميشه ان جي مهربانَين ۽ نعمتن ۽ تندرستيءَ جو شڪرگذار رهجي، جنهن انسان کي اشرف المخلوقات جي حليي سان سينگاريو ويو.

اللهم اجعل اخر ڪلامنا لا الہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليه و آلہ وسلم.

ڪتاب جي تاليف

عبده ضعيف مسڪين خادم الاطبا محمد حسن ولد ميان محمود طيب ولد ميان محمد حسن ولد ميان عبدالواحد ولد ميان عبدالرحيم طبيب قوم انصاري ساڪن حيدرآباد سنڌ جو، التماس ٿو ڪري صاحبن ناظرين ۽ شائقين هن ڪتاب جي اڳيان پڌرو هجي ته مرحوم مغفور ميان محمد جعفر طبيب ولد ميان احمد طبيب ولد ميان محمد حسن صاحب کي سندس حياتيءَ ۾ ڪن صاحبن معززن ۽ دوستن جو چوڻ ۽ سعيو ٿيو ته ”اوهان علم حڪمت جي تشريح، تشخيص ۽ لغات جي علم ۽ آزمودگاريءَ ۾ گهڻا ورهيه درڪ ڪيو آهي، تنهن کان سواءِ اوهان جو خانداني ڪم طبابت جو به پشت به پشت ڪيترن ورهين يعني ڪلهوڙن صاحبن جي حڪومت کان وٺي اڄ انگريز جي حڪومت تائين آباؤ اجداد هلندو آيو آهي ۽ چڱا چڱا ڪتاب ۽ طبيبن جا نسخا ۽ وڏن جا آزمايل ۽ تجربيڪار اوهان وٽ موجود آهن. انهن نسخن کي گڏي، ڪو ڪتاب عام رفاه ۽ وڏن جي نام يادگار لاءِ تيار ڪري ڇاپرايو، ڇو ته دنيا سڀ فاني آهي. فقط نالو يادگار رهندو.“ جنهن تي محمد جعفر کي نيڪ خيال آيو ۽ ڪن صاحبن کي بيان ڪري ٻڌايو ته ”منهنجي نظر ۾ اچي ٿو ته جيڪي لغاتي خواه نسخاجاتي ڪتاب آهن، سي گهڻو ڪري عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ آهن، ۽ انهن ۾ وري جيڪي دوائن جا نالا مستعمل آهن، سي به گهڻو ڪري عربي، فارسي، هندي، يوناني ۽ ترڪي وغيره ٻولين ۾ آيل آهن. جن ڪتابن مان سنڌي دوائن جو ملڻ گهڻو مشڪل ٿئي ٿو، جڏهن ته گهڻين لغاتن کي ڏسي يا گهڻو وقت دوائن جي سڃاڻپ ۽ آزمودگاريءَ ۾ صرف ڪري تڏهن مس ڪن سنڌي دوائن جي نالن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪو اهڙو لغات سنڌي دوائن جو ڪتاب نه جوڙيو ويو آهي، جنهن مان سنڌي الفاظ دوائن جي پوري حقيقت ۽ ماهيت ملي. ۽ اهو عقدو حل ٿئي. تنهنڪري اهڙي سنڌي لغات دوائن جي ڪتاب جو سنڌ ۾ هئڻ گهڻو ڪمائتو آهي.“ جنهن ڪتاب جي جوڙجڪ جو بيان ڪن دوستن کي ٻڌايو ويو، جنهن تي گهڻن ماڻهن جي آرزو ٿي، ته اهڙي ناياب ڪتاب جو هجڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ گهڻو ضرورت وارو آهي. جنهن ڪتاب جي ٺاهڻ لاءِ مرحوم مٿئين پنهنجو وقت گهڻي محنت آڻي، ۽ گهڻن ڪتابن لغاتن جي چونڊ ڪري هيٺئين صورت تي برپا ڪيو، ۽ ڇاپائڻ جي اُميد ۾ هو.

در اين اُميد بسر شد دريغِ عمر عزيز،
که آن چه در دلم ست از درم فراز ايد.
 

جڏهن ته مرحوم جي محنت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪن دوستن ۽ عزيزن جي ڪوشش ٿي، جنهن کي خادم الاطبائن چئن ڀاڱن ۾ ڇاپارائي پڌريو ڪيو آهي، عام جي فائدي لاءِ:

عيان را چه بيان.

مطالع سان منحصر آهي، ۽ حسد ۽ ڪيني جي نظر کي پري ڪري مهربانيءَ جي نظر سان مطالع فرمائيندا، ڇو ته:

الحسد يعميٰ عين الانسان.

هاڻي انهيءَ سڄي ڪتاب کي چئن ڀاڱن ۾ منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀاڱو لغات مرڪبات، الفاظ ادويات جو باب وار الف کان وٺي ي تائين آهي، ۽ ان ۾ چار خانا لکيل آهن، جيئن پهرين منڍ واري خاني ۾ سنڌي دوا جو نالو جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ عام مشهور آهي، سو ڏيکاريو ويو آهي، ۽ گهڻو ڪري ائين به آهي ته ڪي اسم دوائن جا لغاتي اصطلاح ٻوليءَ جي نالي سان مستعمل آهن. جهڙيءَ طرح افتيمون، اسطوخدوس، افسنتين، بسفائج، زرنب، زرشڪ ۽ گاؤ زبان. ته اهي لغاتي نالا آهن، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن نالن سان مشهور آهن، ته اهي نالا ڏيکاريا ويا آهن، جيئن الف جي باب ۾ اسپنگر، اُبت ڪنڊڙي، ابرڪ، آنورا، آلو، آلو بخارا، اُٽنگڻ ۽ اُٺ پکي ته وري ب جي باب ۾ باد رنگ، باداميون، بڇناگ، برف، بدڪ، بربل ۽ بنفشو. ۽ ٻ جي باب ۾ ٻاجهري، ٻلهڻ، ٻهيڙا، ٻيرچو، ٻير، ٻٻر ۽ ٻاوڙي. (عليٰ هــٰـذاالقياس) ۽ تنهن کان پوءِ ٻيو خانو عربي نالي جو ۽ ٽيون خانو فارسي جو ۽ چوٿون خانو هندي ۽ ٻيا نالا ترڪي ۽ يوناني وغيره، جيڪي ميسر ٿي مليا آهن، سي ڏيکاريا ويا آهن. تنهن کان پوءِ ان دوا جي ماهيت ۽ مختصر خاصيت ڏيکاري ويئي آهي، ته هي ٻج آهي يا پن يا ڪاٺي يا پاڙ يا ڇوڏو آهي، ۽ ڪهڙن ڪهڙن مرضن تي فائديمند آهي ۽ انهيءَ جي بعد ٻيا پنج خانا ڏيکاريا ويا آهن، انهن ۾ پهريون خانو دوا جي طبيعت جو آهي ته هي دوا گرم تر آهي، يا سرد خشڪ يا گرم خشڪ يا معتدل آهي. تنهن کان پوءِ ٻيو خانو دوا جي مضر يعني نقصان جو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته انهيءَ دوا جي استعمال ڪرڻ سان ڪهڙي عضوي کي نقصان پهچندو. يعني سڀڪا شئي ٻن حالتن کان خالي نه آهي، نقصان ۽ فائدو سڀڪنهن شيءِ ۾ موجود آهي. ٽئين خاني ۾ پهتل نقصان جي رفع ڪرڻ لاءِ مصلح جو آهي، جو انهيءَ دوا سان مصلح واري شيءِ گڏي استعمال ڪندو ته انهيءَ جي نقصان کان امن ۾ رهندو. چوٿين خاني ۾ ڏيکاريل آهي ته اها شيءِ نه ملي سگهي، ته ان جي عيوض ڪهڙي شيءِ استعمال ڪجي، مثال لاءِ اسپنگر نه ملي سگهي، ته ان جي عيوض لوڻڪ جو ٻج ڪم آڻي سگهجي ٿو. پنجون خانو قدر خوراڪ جو ته ڪيتري وزن ۾ کارائجي: اهو وزن ڏنل آهي.

(جيئن ته هي موجوده ڇاپو ننڍي تقطيع تي ڇاپيو ويو آهي، تنهنڪري هن موجوده ڇاپي ۾ انهن خانن جي بدران عنوان ڏيکاريا ويا آهن، بلڪ هن ڪتاب ۾ سڃاڻپ جا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ اهي ڳالهيون انهن جي سامهون ڏيکاريون ويون آهن، بلڪ هن ڪتاب جي سڃاڻپ جو عنوان کان جدا ڪري اڳ ۾ رکيو ويو آهي، جنهن کي اصلي ڪتاب ۾ لکيل سڃاڻپ کان ڪي قدر وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي غني.)

دوا جي طبيعت جي خاني ۾ (1-2-3-4) جا انگ ڏيکاريل آهن، انهن مان مراد آهي ته سڀڪنهن دوا ۾ درجا رکيل آهن ته هيءَ دوا پهرئين درجي ۾ گرم تر آهي يا ٻي درجي ۾ سرد تر آهي يا ٽئي درجي ۾ خشڪ آهي يا چوٿين درجي ۾ گرم خشڪ آهي. انهيءَ دوا جي مقابل اهو انگ ڏنو ويو آهي. جيڪي دوائون ٽئي درجي ۾ گرم خشڪ يا سرد خشڪ آهن، انهن جو وزن وڌيڪ کائڻ ۾ ايندو ته يڪدم طبيعت ۾ بيقراري ۽ بيهوشي پيدا ٿيندي ۽ جيڪي چوٿين درجي ۾ گرم خشڪ آهن، تن جو وزن وڌيڪ کائيندو ته يڪدم روح حيواني کي ساڙي چٽ ڪيو ڇڏين. جنهن ۾ ماڻهو سڙيو وڃي ۽ انهيءَ کان سواءِ جيڪي گهٽ درجي ۾ آهن سي برعڪس مٿئين جي آهن.

ڪلي قاعدو حڪيمن جو آهي ته گهڻو ڪري جيڪي شيون مٺيون آهن سي گرم تر آهن ۽ جيڪي کٽيون آهن سي سرد تر آهن ۽ جيڪي ڪساريون ۽ ڦڪيون آهن سي سرد خشڪ آهن.

اُن جي بعد ٻيو ڀاڱو مفردات الفاظ ادويات جو، سو به تختي وار الف کان ي تائين آهي. جنهن ۾ ٻه خانا ڏيکاريل آهن. پهريون خانو نالو دوا جو مجمل عربي، فارسي، هندي وغيره ڏنو ويو آهي ۽ ان جي برابر ٻيو خانو سنڌي دوا جو نالو جيڪو سنڌي زبان ۾ مستعمل آهي، سو ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ لاءِ ته ڪنهن به لغات دوائن يا نسخه جات ڪتابن دوائن جي مان ڪي اسم دوائن جا عربي، فارسي، يوناني، وغيره لفظن ۾ هٿ آيا آهن جيئن ته ابقر، ابق، اثرار، اثمل، انبر باريس، انگور، شفال، بادنجان بري، پيچڪ، کزبره، عنب الثعلب، فلفل، الخواص، بيدانجير خطائي ۽ دمد وغيره. هاڻي اهي اسم عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ آهن ۽ انهن دوائن جي سنڌي نالن جي پوري تحقيقات نه آهي ته سنڌيءَ ۾ ڪهڙيون شيون آهن ته اهڙن الفاظن جي حل ڪرڻ لاءِ هيءُ چڱو رستو ڏنو ويو آهي ته الف جي تختيءَ ۾ ابقر جي لفظ کي ڳولي وٺي ۽ ان جي مقابلي سنڌي دوا جي خاني ۾ ڏسڻ گهرجي ته لکيل آهي ”قلمي شورو“ ۽ ابق جي لفظ جي مقابلي سنڌي خاني ۾ آهي پارو ۽ وري ب جي تختي ۾ بادنجان بري جي لفظ کي ڏسجي ته ان جي سنڌي خاني ۾ آهي آڏيري ۽ ڪاف جي تختيءَ ۾ ڪزبره کي ڏسجي ته ان جي سنڌي خاني ۾ لکيل آهي ڌاڻا. (عليٰ هــٰـذالقياس) ۽ جيڪڏهن وري ان دوا جي وڌيڪ خاصيت ۽ طبيعت ڏيڻي آهي ته تڏهن ان جي سنڌي نالي کي وٺي ۽ لغات مرڪبات جي بابن ۾ جنهن باب جو نالو هجي ان نالي کي ڳولي وٺي ته ان جا عربي، فارسي ۽ هندي وغيره نالا به ملندا ۽ طبيعت ۽ خاصيت وغيره جي حقيقت به معلوم ٿي رهندي.

اميد ٿو ڪريان ته اهڙي لغات جي وسيلي سان گهڻا نالا عربي، فارسي ۽ هندي دوائن جا نالا سنڌي نالن سان حل ٿي ملندا. ڪن ڪتابن مان ڪي اهڙا نسخا ماڻهن کي مليا آهن، جن نسخن ۾ دوائن جا اسم عربي، ترڪي ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ انهن اسمن مان سنڌي نالن کي پوري حقيقت ملي نه سگهي آهي، جو پوءِ اهڙين دوائن جي سمجهڻ ڪري نااميد ٿي انهن نسخن کي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ استعمال ۾ نه آندا اٿن. اميد ته اها مشڪلات سنڌي دوائن جي نالي نه ملڻ جي هن لغات جي ڏسڻ سان آسان ٿي ويندي. ائين به آهي ته گهڻو ڪري ڪن دوائن جا نالا لغاتن ۾ اهڙا به آيا آهن، جو انهن دوائن جي پيدائش ۽ ملڻ هن ملڪ ۾ مشڪل سان آهي، اهڙين دوائن جي عيوض سنڌ جي حڪيمن انهن جا بدل يا جيڪي ٻيون دوائون انهن دوائن جي اثر ۽ فائدن ۽ مناسبت ۾ برابر آهن، ته اهي ڪم ۾ آنديون اٿن ته اهڙين دوائن جا نالا انهن بدل وارين دوائن سان ڏيکاريا ويا آهن.

تنهن کان پوءِ ٽيون ڀاڱو چيده نسخن جو آهي، جيڪي وڏن حڪيمن جي تجربي ۾ آيل آهن، سي نمبروار ڏيکاريا ويا آهن. جهڙا اطريفلات، نوشدارو، برود، جوارشون، حب، حلوا، تيل، شڪنجبين، شربت، عرق، قرص، لعوق، معجونون، ماءِ اللحم، مرهم، منضج ۽ جلاب، تن جا ٻه- ٻه، ٽي- ٽي آزمايل نسخا ڏنا ويا آهن، ۽ ان جي پڄاڻا ڌاتن جي مارڻ جون واٽون، جهڙوڪ: سون، چاندي، ٽامون، قلعي، جست، شيهو، سنکيو، هڙتال، شنگرف، پاري وغيره جون عمديون عمديون ٻه - ٻه، ٽي- ٽي واٽون ڏنيون ويون آهن ۽ اُن جي بعد مرضن جا نالا جيڪي عربي، فارسي الفاظن ۾ آهن، تن جا سنڌي نالا- جدول تورڻ ۽ ماپڻ جي سنڌي وزن ۾ ڏيکاري ويئي آهي، ان کان پوءِ چوٿون ڀاڱو لغات مفردات الفاظ انگريزي آهي، جنهن مان پهريون خانو نالو انگريزي دوا جو ۽ ٻيو خانو انگريزي اکرن ۾ دوا جو ۽ ٽيون خانو سنڌي دوا جو نالو ته سنڌيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ آهي. ۽ ان دوا جي خاصيت، قدر خوراڪ جو. تنهن کان پوءِ مفرد لفظ انگريزي دوائن جا سنڌي دوائن جي نالن سان ۽ مرضن جا نالا ۽ اوزان ۽ تورن جا نشان ۽ جدول ماپن جي ڏيکاريل آهي، مطلب ته حتي المقدور گهڻي ڪوشش ۽ محنت سان ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي. جنهن جو نالو”تحفـة الادويات سنڌي“ بمعروف ”فرهنگ جعفري“ رکيو ويو آهي.

تڏهن به انسان خاطي آهي، جيڪڏهن ڪو صاحب مٿي سهو جي عدم قضا حتيٰ اطلاع لهي، ته ساڻ قسم مهربانيءَ جي اصلاح فرمائي، ڇو ته هيءُ ڳالهه مشهور آهي.

مڪر مان زمان درين تحرير،

خطا بنگرند با تقصير،

از سر خامه راست فرمايند،

اين صحيفه بلطف آرايند.

اين سخت روش نه پنهان ست،

که خطا پوشي از بزرگان ست.

چون مگس موضع گنده نشين،

همچو در خف بهر بوئي گل نشين.

____-

هه چه آيد پيش اهل نظريمڪا خطاش خط نکند،

عاقلان پيروي نقطه نکند يا نخوا نند يا غلط نکند.

ٻيو ته لغات مرڪبات ادويات جي پڇاڙيءَ ۾ ٿورو فقرو ڏيکاريل آهي ته جيڪي دوائون جهڙوڪ: گل، پن، ٻج ۽ پاڙون، ڪاٺيون ۽ ڇوڏا وغيره آهن، تن جا فائدا ۽ بقا ۽ جسماني مدت ورهين ۽ مهينن جي حساب سان ٺهرايل آهي. انهيءَ معياد کان پوءِ جيڪي وڌيڪ ڏينهن انهن دوائن کي گذرن ٿا، تن ۾ هنن جا فائدا ۽ اثر گهٽ ٿيو وڃن. ۽ هن وقت اهڙي ڳالهه جي گهڻي پڇاڻي ڪانهي. فائدي نه فائدي جو بار مريض جي ذمي تي آهي ۽ پسارين کي به پنهنجون دوائون کپائڻيون آهن، سي جي ڀلا ورهين ۾ سڙي پراڻيون ٿي کپن پوءِ اُهي مصنوع يا پراڻيون يا خراب هجن ته انهن لاءِ انهن تي ڪا جوابداري ڪانهي، هنن کي فقط فائدو وٺڻو آهي، جي دوائون پراڻيون يا خراب ٿيون ته هنن کي اڇلائي ڪونه ڇڏيندا، ضرور ماڻهن کي ئي ڏيئي پنهنجا پئسا وصول ڪندا.

ٻيءَ صورت ۾ هيئن به مروج آهي ته ڪن ماڻهن طب جي ڪتابن ۾ ڪي نسخا ڏٺا آهن، ته ”هي دوائون وٺي ڪٽي ڇاڻي، حب ٻڌي يا معجرن ٺاهي کائيندا، ته قوت باهه ۽ امساڪ جي لاءِ گهڻيون فائدي واريون آهن.“ نسخي جي تعريف کي ڏسي، گهڻو خوش ٿي، ڪتاب مان بجنسي دوائون لکي کڻي ويا پساريءَ وٽ. مثال طور هڪڙي نسخي ۾ هي دوائون لکيل آهن، افيون، نرڪيس، علڪ رومي، تخم بالنگ، تخم اڪتمڪت، نار مشڪ، زرنباد، اش پچکان، ڪڙو ڪاٺي، چترڪ ڪاٺي، بادرنجبويه، پاڙ ڪاسنيءَ جي ۽ ٻج باد رنگ جو درحقيقت دوائون وٺندڙ کي خبر نه آهي ته نرڪيس، علڪ رومي ۽ نار مشڪ ڇا کي چئجي ٿو ۽ اِهي ڪهڙيون شيون آهن. (ٻج آهن يا پن يا پاڙون آهن) هو به فقط پساريءَ تي اعتبار رکي ويو آهي ته پساري مون کي اهي سڀ دوائون سمجهي ڏيندو. پر پساري به اهڙو ئي مليس، جهڙا روح تهڙا ختما. تنهن به افيون جي عيوض افتيمون، نرڪيس عيوض نرڳنڍو، نار مشڪ جي عيوض مشڪ ڪافور، ڪڙو ڪاٺيءَ جي عيوض عود ڪاٺي، چترڪ جي عيوض لئي جي ڪاٺي، بادرنجبويه جي عيوض گومادر جا تهه ۽ بادرنگ جي عيوض گدري جو ٻج مليس. ڇو ته پساريءَ اهي شيون سمجهيون يا نه سمجهيون يا وٽس موجود ئي نه هيون ته به پنهنجي چالاڪي، هوشياري ۽ دڪان جي ناموس ۽ فائدي کي مدنظر رکي پڙيون ويڙهي ڏنائين. ۽ دوائن وٺندڙ کي به دلجاءِ ٿي ته مون کي پساري سڀ دوائون سمجهي ڏنيون آهن، سو به خوش ٿي وٺي ويو. ۽ ائين گهڻن حڪيمن وٽ به رواج آهي ته پنهنجي مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ڪنهن مريض کي نسخو لکي ڏنو اٿن ته هي دوائون پساريءَ کان وٺي اڌ ڪٽيون ڪري رات جو پاڻيءَ ۾ پسائي، ڪاڙهي، صبح جو ڇاڻي پـِـي ڇڏج. اُهو به مٿئين مثل برتوڪل دوائون وٺي ويو. وچ جي خبر رهي خداتعاليٰ کي.

تنهنڪري عرض آهي ته سڀڪنهن علاج ڪندڙ ۽ حڪيمن تي فرض آهي ته پهريائين دوا شناسيءَ جي ڳالهه کي مقدم ڪري، تنهن کان پوءِ جيستائين دوا جي اصالت ۽ پراڻي ۽ خراب جو تجسس نه ڪندو، اوتريقدر اُن جو فائدو ابتڙ ۽ پورو اثرائتو نه ملندو.

(ثواب جي عيوض گناه لازم)

چوٿـَـون ته خادم الاطبا پنهنجي آزمودگاري دوائن جي يا جناب قبله صاحب يا اُستاد صاحب جي تجربه گاري ۾ ڏٺو آهي ته ڪي اهڙي قسم جا بيمار  آيا آهن جي پنهنجي بيماريءَ جو حال ڏيکاري ۽ روءِ سوءِ علاج ڪرڻ لاءِ نسخو وٺي وڃي علاج ڪيو اٿن ۽ خداتعاليٰ جي مهربانيءَ سان انهن نسخن جي ڪم آڻڻ کان پوءِ اُنهن کي شفا حاصل ٿي آهي ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يقين ٿيو آهي ته هن دوا جي استعمال سان جيڪو فائدو مليو آهي، سو اهڙي نسخي کي پاڻ وٽ سوگهو رکڻ گهرجي، جو وري ڪنهن وقت تي ڪم ايندو. آخر ٿوري گهڻي ڏينهن ساڳئي قسم جي بيماري اُنهيءَ ماڻهوءَ کي يا سندس دوست يا عزيز کي پيدا ٿي پئي آهي ۽ مٿئين ماڻهوءَ کي چڱي طرح سان يقين ويٺل آهي ته جنهن دوا ساڳئي قسم جي بيماريءَ کي ڇٽايو هو، سو ضرور هن دفعي به هن بيماريءَ کي فائدو ڪندي. باوجوديڪ هو حڪيم نه آهي، فقط دوا ڪرڻ سان هن کي فائدو مليو هو ۽ هن جي دل تي اُهو فائدو ۽ ساڳي حالت بيماري جي ويٺل آهي ۽ ايتري خبر نه آهيس ته اُنهيءَ وقت منهنجي طبيعت ۽ خلط جو قوام ۽ موسم ۽ دوا جو اثر ڪهڙي صورت تي هو ۽ اها دلجاءِ اٿس جنهن دوا اڳي تپ ڇڏايو هو، سو هينئر به ساڳيو تپ آهي. جو اهڙي خام خيال تي اُن دوا کي پاڻ تي ڪم ۾ آندو اٿس يا سندس دوست يا عزيز کي استعمال ڪرايو اٿس.

اهڙي حالت ۾ بيمار کي شفا حاصل ڪرڻ جي عيوض نقصان رسيو. لاچاري حالت ۾ وري حڪيم وٽ آيو آهي ۽ احوال ڏنائين ته ”اوهان جيڪي اڳي مون کي تپ جي لاءِ دوائون لکي ڏنيون هيون، سي مون استعمال ڪيون ته خداتعاليٰ جي مهربانيءَ سان مون کي تپ ڇڏي ويو، ۽ هن دفعي به اهو ساڳيو تپ ٿي پيو هو ۽ اُنهن ئي دوائن کي استعمال ڪيم ته اٽلندو نقصان ڏيکاريو اٿن ۽ ٻين تپن وارن کي به نقصان رسيو.“ اهو ٻڌي لازمي طرح سان حڪيم اهوئي جواب ڏيندو ته ”مون توکي چيو هو ته هي نسخو گهڻو اونهون آهي، حڪمت جو علم هڪ باريڪ علم آهي. جنهن ۾ ڪيترا سال تشريح، تشخيص، نبض شناسي ۽ موافق دوائن جي منتخب ڪرڻ لاءِ گهرجن. اوهان کي جيڪو نسخو ڏنو ويو هو، سو انهيءَ وقت، موسم ۽ خلط جي مطابق ڏنل هو، ان جي اها معنيٰ ڪانه هئي ته اهو نسخو اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنل هو ته خود حڪيم بنجي پاڻ ۽ ٻين لاءِ نقصان پيدا ڪريو. مرض شناسي ته هڪ وڏو علم آهي، پر نسخن تي هلڻ مان ته لازمي طرح نقصان ٿيندو.

اهي ماڻهو جيڪي لکيل ۽ ٻڌل نسخن ۾ زهراتي شين جي ناموس تي هلن ٿا، سي انسان ذات لاءِ نقصانڪار آهن. ڇو ته جيستائين مرض خلط، دوا ۽ موسم جو لحاظ ۽ پوءِ زهراتي شين کي ماري ڪامل ڪرڻ کان اڻڄاڻائي ۽ انهيءَ سمجهه جو نه هجڻ ته ڪشتو پچي تيار ٿيو آهي يا اڃا اڌ ڪچو رهيل آهي. پوءِ جي اهڙو ڪچو ڪشتو ماڻهن کي کارائبو ته لازمي طرح برو نتيجو سامهون ايندو. ڏسجي ٿو ته اهڙا نيم طبيب ئي ماڻهن کي سڄي عمر جو آزار ڏين ٿا، جنهن مان وري هو آزاد نه ٿيا.

پنجون ته جيڪي شراب ۽ مڪسچر شيون آهن، تن جي پيئڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مسلماني مذهب ۽ ٻين ڪيترن سببن کان گوشو ڪرڻ فرض آهي. مسلمانن ۾ ايماندارن جي لاءِ هي پهريون حرمت ڪلام قديم لايزلي جي ثابت آهي ”يا ايهاالذين آمنو انما الخمر“ عين حرام ۽ گناه ”و الازلام رجس من عمل الشيطان فاجتنبو لعلڪم تفلحون“ ۽ ڪيترين حديثن کان ثابت آهي ته شراب وارين شين کي واپرائڻ ”سحر و الاخبار“ آهي. جيئن ته عن عائشـہ رضي الله تعاليٰ عنہ، عن رسول الله صلي الله عليـہ و آلـہ وسلم قال ما اسکر منه الفرق فملاً الکف منـہ حرام رواه احمد و گناه و ابودائود ابن ملجـہ و عن وائل الحضرمي عن طارق بن سويد قال النبي صلي الله عليہ و آلـہ وسلم عن الحضر فنهاه فقال امنعها الدواءِ فقال اندليس بد واءِ ولڪنه دواءِ رواه مسلم. ائين نه آهي ته شراب يا نشي وارين شين کي بيماريءَ جي حالت ۾ دوا طور ڪري ڪم آڻيندو ته اُن جي لاءِ گناهه نه آهي. اِنهي بابت گهڻو بيان آهي، جي لکجي ته گهڻي طوالت ٿي پئي. پر اهڙيءَ حالت ۾ مسلمانن ۽ مؤمنن جي لاءِ پهريون ڪلام قديم ۽ پوئين حديث نبي ڪريم صلي الله عليـہ و آلـہ وسلم جي بس آهي ته ”شراب مرض جي لاءِ دوا نه آهي، پر مورڳو مرض آهي“. اِنهيءَ کان سواءِ شرع شريف به جائز تڏهن ڪيو آهي، جڏهين بيمار جا ٻيا سڀ حيلا وسيلا ۽ رستا بند ٿي رهيا هجن ۽ ٻيو ڪو رستو سواءِ انهيءَ حرام وارين سـُـتين جي نه آهي، ۽ ڇوٽڪو ان جو اِنهي مان ٿيڻو آهي، تڏهين انهيءَ جي لاءِ حڪيم حاذق ۽ صاحب شريعت واري جي فتويٰ جائز آهي. اِئين به آهي ته تپ، کنگهه سور ٿيو ته يڪدم شراب وارين دوائن جا ڊرام ۽ آئونس پيڻ گهرجن، جا شيءِ حرام آهي تنهن جو قطرو به پيئڻ حرام آهي، پوءِ اُها شيءِ خالص هجي يا اتصال هجيس ڪنهن ٻي شيءِ سان. يعني ٻي شيءِ سان مليل هجي ته پوءِ انهيءَ تپ کي حرام سمجهڻ گهرجي، ۽ ڪن قومن هندن جي ۾ به اهڙو رواج آهي ته شراب کي عين حرام سمجهندا آهن. شراب مان ڪو قطرو سندس وجود يا ڪپڙي تي پئجي ويو ته انهن تي فرض ٿيو ته جيستائين سڄي وجود کي نه ڌوئندا، تيستائين اُنهن تي ڪم ڪار ڪرڻ حرام آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 12 14 15 16 18 17 19 20 21 23 22 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: