سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: فرهنگ جعفري

باب: --

صفحو :15

سرنهه وڻ:

نالا: ع. سلطان الاشجار، ف. درخت ذڪريا، هه. وغيره___ سرس، ڊاڙي گڊ، اسرس ۽ سرسيون.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دماغ کي ۽ سدا پيدا ڪري، ميل: گلقند، عيوض: ___، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: وڏو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جا پن گدامڙيءَ جي پنن جي نموني تي، پر اُنهيءَ کان ڪجهه وڏا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. هنن جو گل اڇو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هن ۾ ڦريون ٿينديون آهن.

خاصيت: هن جا پن ۽ ڇوڏا ڪاڙهي گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سور کي لاهي، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿا.

هن جي گلن جو عرق دماغ کي خوش ڪري ٿو، رت چڱو پيدا ڪري ٿو، معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائڻ لاءِ مفيد آهي. هن گل جي سنگهڻ سان مٿي جي سور کي فائدو ٿيندو. هن جو ٻج ڪٽي مٿي جي سور، نزلي ۽ زڪام لاءِ ناس ڪرائجي.

سسئـَـيءَ جو پٿر:

نالا: ع. ازخر، ف. گورگياهه، هه. وغيره___ گهربيل، چتن مکي آفريدس ۽ گاه مکي.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گردن ۽ مقعد کي، ميل: پاڻي گلاب جو، عيوض: سرهي مر يا ڪٺ، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: هي گاه خوشبودار ۽ ڀوري رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي وڃائي ٿو. گهاٽي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي، ذهن ۽ عقل کي تيز ڪري ٿو، سنڌن جي سور ۽ ڏندن جي سور ۽ مضبوطيءَ لاءِ سٺي دوا آهي. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. رحم مان پاڻي اچڻ ۽ معدي جي رطوبت لاءِ مفيد آهي.

سقنقور:

نالا: ع. اسقنقور، ف. درل دريائي، هه. وغيره___ پاني ڪوٽي، سهمور، بن رهو ۽ ڪشت.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ماکي، عيوض: ثعلب مصري، وزن: هڪ تولي کان ڏهه تولا.

سڃاڻپ: هيءُ هڪ مڇيءَ جو قسم آهي، جيڪو نيل دريا ۾ ٿئي ٿو. رنگ هن جو ڳاڙهاڻ تي مائل ٿيندو آهي. هن جي ماديءَ کي ٻه فرج ۽ نر کي ٻه آلتون ٿينديون آهن.

خاصيت: هن جو گوشت قوت باهه کي وڌائي ٿو، ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، بدن تي گوشت وڌي ٿو. فالـج، لقوي، سنڌن جي سور، نقرس ۽ عضون جي ڏڪڻيءَ لاءِ موافق آهي.

قوت باهه لاءِ خاص طرح تجربي ۾ آيل آهي.

سڪنجبين:

نالا: ع. رب، ف. خشاب، هه. سڪنجبين، اوليومالي ۽ فنملن.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن ۽ گرم مزاج کي، ميل: چوعرق، عيوض: ليمن جو پاڻي، وزن: ٻه تولا.

سڃاڻپ: هي شربت کنڊ سان سرڪو يا ليمي جو پاڻي ملائي قوام ڪري ٺاهيندا آهن.

خاصيت: صفرا جي جوش، صفراوي تپن، گهڻي اُڃ ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. وات جي خشڪي ڀڃي ٿو. يرقان، ٻرهل، اُلٽين ۽ دستن کي روڪي ٿو. کاڌو هضم ڪري، معدي کي تقويت ڏئي ۽ گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو.

سکمرد:

نالا: ع. عصي الراعي، ف. هزار بندڪ هه. وغيره___ لال ساگ، سرخ موٽي، بطباط، اذان الفز.

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: بنفشو ۽ شربت صندل، عيوض: مريڙو، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: هي ننڍو ٻوٽو ڪلنگي دار پنن سان ٿئي ٿو، هن جون شاخون ڳاڙهي رنگ تي ٿينديون آهن. برسات جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جي پنن جو ساڳ رڌي کارائجي، پن گهوٽي پيارجن، ته رت جي دستن، حيض جي رت جي گهڻائي، سلهه جي رت ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽ ڪندو آهي.

ڦٽن ۽ ڦرڙين، رحم جي سوڄ، ڪن جي سور، سنڌن جي سور، پيٽ جي سور، ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي.

سکچين:

نالا: هندي - سک چين، بنگالي - ڪرمج، مرهٽي - ڪرنجلا، سنسڪرت- ڪرنجا، اردو - ڪرماله، انگريزي- (Indian Beeca).

سڃاڻپ: هڪڙي قسم جو ننڍو وڻ آهي، جو نيرن گلن سان خوبصورت ٿئي ٿو. هن جا پن به سرها ٿين ٿا. هن جي ٽاري ڏندڻ جي لاءِ نهايت موزون ۽ ڪارآمد ٿئي ٿي.

پيدائش: دهلي، پنجاب، ڏکڻ هندستان، لنڪا جي باغن ۽ سڙڪن جي ڪنڌيءَ تي ٿئي ٿو.

خاصيت: هن جي گلن مان 25 فيصد گهاٽو، هيڊي رنگ تي ڪوڙو تيل نڪري ٿو، جو ٻارڻ جو ڪم ڏيندو آهي. دوا طور کل جي بيمارين (خارش وغيره) لاءِ ڪارآمد ٿئي ٿو. هن جا گونچ گهوٽي، موڪن تي پني ڪري ٻڌايا ويندا ته آرام ايندو. هن جا گل ذيابطيس جي بيماريءَ لاءِ استعمال ڪرايا وڃن ٿا. پن پاڻي ۾ ٽهڪائي ان مان گٺيا (gout گائوٽ) وارن کي وهنجارجي ته فائدو پاڻيءَ ٿئي ٿو.

سکدرشن:

نالا: فارسي - گل حمص، بنگالي - ناگدنه، گجراتي - ناڪدمني، انگريزي- (Crinam Latifolium) ڪرينم ليٽي فوليم.

سڃاڻپ: خوبصورت ٻوٽو آهي، جنهن کي باغن ۾ رونق وڌائڻ لاءِ لڳايو وڃي ٿو. هن جا پن ڪنوار ٻوٽي جئان ڊگها مگر ان کان سنها ٿين ٿا، پاڙ بصر وانگر ڪري ٿو. پن ڇنڻ سان رس ڇڏيندو آهي. هن جا ٻٽي قسم ٿين ٿا. رنگ ۾ زردي مائل سبز ۽ مزاج ۾ گرم ٿيندو آهي.

مقدار خوراڪ: ڇهه ماسا.

خاصيت: هن جا پن ۽ پاڙ الٽي آڻيندڙ آهن، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي ٻڌايا وڃن ته انهن کي ڦاڙي يا نيسائي ٿو. آڱرين ۾ نڪرندڙ چـُـٺي لاءِ گهوٽي، ارنڊي جو تيل ملائي ٻڌجي ته آرام اچي ٿو. هن جي پنن جي رس ٿوري گرم ڪري ڪن جي سور لاءِ ڪتب آندي وڃي ته سور لهي وڃي ٿو.

سڳند ڦريو:

نالا: اردو - سڪند ڦلا، مرهٽي - ڦنس، بنگالي - ڪانٺال، انگريزي- انڊين جيڪ ٽري (Indian Jack Tree).

سڃاڻپ: هي هڪ وڻ جو ڇهه ڪنڊو ڦر آهي، جو ٻير جئان ٿئي ٿو. گولاڙي وانگر ٽارين مان نڪرندو آهي. رنگ ۾ هيڊو، ذائقي ۾ کٽو ۽ مزيدار ٿئي ٿو.

مزاج: سرد تر ٻي درجي اندر آهي.

مقدار خوراڪ: ٻه تولا.

خاصيت: پڪل ڦر طبيعت کي نرم ڪندڙ، غذا جي پورائي وارو ۽ ملين (Laxative) ٿئي ٿو. زياده انداز ۾ کائڻ سان دست آڻيندڙ آهي. ڪچو ڦر قابض ٿئي ٿو، جنهن جو آچار به ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ساڳ جئان رڌي کائيندا آهن. هن جا ٻج (جن ۾ نشاستو ٿئي ٿو) ڀڃي کاڌا وڃن ٿا. سندس نرم ۽ نازڪ پن محلل هئڻ سبب زخمن ۽ خارش تي گهوٽي ٻڌايا وڃن ٿا. هن جي کير کي سرڪي ۾ ملائي ڳڙن ۽ غدودي سوڄن (Bubos) تي ٻڌايو وڃي ته سٺو فائدو رسي ٿو.

سولڙي:

نالا: بنگالي - وش لانگلي، گجراتي - ڪلگاري، سنسڪرت - ڪلهاري، انگريزي - وولز بين (Wols Bane).

سڃاڻپ: هيءَ ٻوٽي هيڊ جئان ٿئي ٿي، مگر قد ان کان وڏو ڪندڙ آهي. سندس پن ننڍا ۽ هلڪا ٿين ٿا. هن جي هڪڙي اڀي ٽاري ٿيندي آهي، جنهن کي چوٽي تي گل ٿين ٿا. جي پهريان ساوا پوءِ هيڊا ۽ پڇاڙيءَ ۾ سهڻي ۽ سرخ رنگ تي بيهندا آهن، هن جي پاڙ تي سنهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي کل ٿئي ٿي، جنهن کي لاهڻ سان اندران اڇي پاڙ نظر اچي ٿي. ذائقي ۾ ڪوڙي ٿيندي آهي.

مقدار خوراڪ: ٻن کان چئن رتين تائين

پيدائش: بنگال، دکن، يو پي ۽ پنجاب جي جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: هن جي پاڙ چـُـن جي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي ٻن رتين جي انداز ۾ ڏينهن ۾ ٻه دفعا سنڍ جي ڦڪي سان ڏجي ته معدي جي ڪمزوري دفع ٿي وڃي ٿي. ويم جي وقت هن جي پاڙ گهي زال جي دن تي ليپ ڪرائي وڃي ته ٻار سهولت سان پيدا ٿئي ٿو. (زهر جي قريب آهي)

سنگ سرماهي:

نالا: عربي- حجرالسمڪ، فارسي - سنگ سرماهي، اردو - سنگ سرماهي.

سڃاڻپ: هي ٽڪنڊو ۽ چپترو اڇي ميٽائين رنگ تي پٿر آهي، جو سنول نالي مڇي جي مٿي مان نڪري ٿو.

مزاج: گرم هڪ خشڪ ٻئي درجي ۾.

مقدار خوراڪ: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

پيدائش: پسني وغيره طرف ٿئي ٿو.

خاصيت: هي پيشاب کوليندڙ (Diuretic) ۽ پٿري ٽوڙيندڙ (Lithontriptic) آهي. هن کي سنهون ڪري گردي مثاني وغيره جي پٿري لاءِ معجونن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. معجون سنگ سرماهي هن جو مشهور ۽ مفيد مرڪب آهي.

سلاجيت:

نالا: ع. سلاجيت، ف. موميائي سنگ، هه. وغيره___ ڪمارو ۽ عرق الجبال.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: مصطگي، عيوض: روغن چنبيلي، وزن: چار رتيون.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ تي کستوريءَ جي داڻن وانگر جبل جي کؤنر آهي. نقلي سلاجيت ٻڪر جي رت مان ٺاهيندا آهن.

خاصيت: زهرن لاءِ ترياق آهي، مني گهاٽي ڪري ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. گهاٽن خلطن کي صفا ڪري ٿو. مثاني جي ڦٽ، پرميل، جلندر، ٻرهل جي سوڄ ۽ معدي مان ڪيڙا ماري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. سرد مزاجن کي موافق اچي ٿو. دق تپ ۽ ڀڳل هڏ کي ڳنڍڻ لاءِ فائدي وارو آهي.

سماق:

نالا: ع. حجر ڪلڪون، ف. سنگ سماق، هه. وغيره___ پٿرا رنگين ۽ حجرالسرومه.

اثر: سرد خشڪ، نقصان ۽ ميل: _________-، عيوض: روهي ڪاري، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: رنگارنگي ۽ جوهردار پٿر جو هڪ قسم آهي، جيڪو بلڪل سخت ٿيندو آهي. هن جا ٻه - ٽي قسم ٿيندا آهن. هن مان کرل ٺاهيندا آهن.

خاصيت: هن کي گـَـهي پيارجي ته دل هول ۽ خفقان کي فائدو ڪري، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن جو سرمون نظر کي وڌائي ٿو ۽ اکين جي ڌنڌ لاءِ مفيد آهي.

سمنڊ جي گجي:

نالا: ع. زبدالبحر، ف. ڪف دريا، هه. وغيره___ سمندر جهاگ، اجرسن ۽ سمنڊ ڦيڻ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: نڙگهٽ ۽ ڦڦڙن کي، ميل: پاڻي کؤنر جو، عيوض: ٻورو ارمني، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: اڇا ۽ ڦيڦا ٽڪر ٿيندا آهن، هن جا ٻه چار قسم ٿين ٿا.

خاصيت: گل روغن جي تيل ۾ ملائي، چٽي، ڪوڙهه، بدن جي خارش ۽ ڇانئين جي داغن تي لڳائجي. هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪري ٿو. هن جو ٻورو ڏندن کي صفا ڪري ۽ وارن کي ڪوڙي ٿو. هن جو سرمون اکين جي مرضن جهڙوڪ: ڦلي، ڌنڌ ۽ خارش لاءِ مفيد آهي. مثاني مان پٿري کي ڪڍي ٿو، پيشاب جي ساڙي، چيلهه جي سور، جلندر ۽ وار چري کي فائدو ڪري ٿو.

سنا ڪوڙي:

نالا: ع. عينون، ف. سنا بلدي، هه. وغيره___ سنا ڪوڙي.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: غشي پيدا ڪري، ميل: عناب، عيوض: سنا مڪي، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: هن جو وڻ ننڍو ٿئي ٿو. سندس پن سنا جي پنن جهڙا ۽ گل هيڊي رنگ جا ٿين ٿا.

خاصيت: هن جا تازا پن انجيرن سان ڪاڙهي پيارجن ته بلغم ۽ سودا ۾ جلاب جو ڪم ڏيندا. هڏين جي سور، عرق النسا ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي.

سنا مڪي:

نالا: ع. سنا، ف. جتي، هه. وغيره___ مهار، الوي، بهوين ۽ ترور.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دل کي ۽ پيچش پيدا ڪري، ميل: بنفشو ۽ جرڦل، عيوض: ٽينج ڪاٺي، وزن: 9 ماسا.

سڃاڻپ: مشهور شيءِ آهي، هن جا پن سائي رنگ تي ليار جي پنن وانگر ٿيندا آهن.

خاصيت: گهاٽي بلغم، سودا ۽ صفرا جي خلطن جو جلاب آهي. معدي کي طاقت ڏئي ٿو، مرگهي، مٿي جو سور، ماليخوليا، پاسي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا ۽ قولنج جي مرضن لاءِ مفيد آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. بدن جي خارش لاءِ مجرب آهي.

سنبوسه:

نالا: ع. قطاف، ف. صد بوسه، هه. وغيره___ پوري، سپاسه ۽ سنبلوق.

اثر: گرم تر، نقصان: سدا پيدا ڪري ٿو، ميل: ماکي، عيوض: ______، وزن: قدر آهر.

سڃاڻپ: ميدي ۽ قيمي مان جوڙيندا آهن.

خاصيت: هنن ۾ جي پستا يا ڪشمش يا کنڊ وجهي کائبا ته بدن کي ٿلهو ڪندا، قوت باهه وڌائيندا، ٽوري جي خشڪي ڀڃي اُن کي نرم ڪري ٻاهر آڻيندا. دير هضم غذا آهي.

سنڀالو:

نالا: ع. اثلق، ف. بيخ گشت، هه. وغيره___ سنڀالو، ذوخمسته ۽ اوراق.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گـُـردن کي، ميل: ولجاڻ، عيوض: ڏاڙهونءَ جي کل، وزن: ٻج ٻن کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هي وڻ قد ۾ پورو پنو، چنبي وانگر چار پنج پن گڏيل ٿيندا آهن. اڪثر باغن ۾ پاڻيءَ وارين جاين تي پيدا ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جا پن گهوٽي پياربا ته نون ۽ پراڻن دستن کي بند ڪندا. بادفرنگ ۽ آتشڪ جي ڦٽن، کل جي خارش، ڦرڙين ۽ مٿي جي سور لاءِ مفيد آهن. جگر جي سدن ۽ ٻرهل کي تحليل ڪن ٿا. سوڄ ۽ رحم جي سور لاءِ مجرب آهن، پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪندا. هن جو ٻج دماغي بيمارين جو علاج آهي.

سنپات:

نالا: ع. سستات، ف. برابران، هه. وغيره___ سنپات، گل عضوي ۽ سطليون.

اثر: گرم خشڪ، _________، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: گلي جي ول وانگر وڻن تي چڙهندڙ هڪ ول آهي، هن جا پن ننڍا ٿيندا آهن.

خاصيت: هن جا پن گهوٽي سخت سوڄ ۽ سور وارين جاين تي لپري ڪري ٻڌجي ته فائدو ٿيندو. اها لپري ڏينڀو ۽ وڇونءَ جي ڏنگ تي ٻڌجي ته زهر جو اثر لهي ويندو ۽ زهر مٿي نه چڙهندو.

سـُـنڍ:

نالا: ع. زنجبيل، يابس، ف. زنگبيل خشڪ، هه. وغيره___ سينڍي ۽ مونٺ.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: نڙيءَ کي، ميل: ماکي، عيوض: پپريون، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: سڪل ادرڪ کي سنڍ چئجي ٿو، جيڪي اڇي رنگ جا هيڊ وانگي ڳنڍا ٿين ٿا.

خاصيت: معدي ۽ هاضمي کي قوت ڏئي ٿي ۽ بک وڌائي ٿي. وائي باديءَ کي تحليل ڪرڻ، فالـج، لقوي، يرقان، پيشاب جي گهڻائي، سلسلبول، مٿي جي سور، مثاني جي ڦٽ، بادي بواسير، اکين جي ۽ دماغي بيمارين، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي. دستن کي بند ڪري ٿي، قوت باهه وڌائي ٿي، گردن کي طاقت ڏيندڙ شيءِ آهي.

سنکيو:

نالا: ع. سم الفار، ف. مرڪ موش، هه. وغيره___ سنکيا، شڪ، رهج الفار، تراب القي، هنڪو، بکيه ۽ زرينه سفيد.

اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: زهر آهي، ميل: کير ۽ گيهه، عيوض: زرنج، وزن: چانور جي اٺين پتيءَ کان اڌ چانور تائين.

سڃاڻپ: جبل جي پيدائش آهي، هيڊي، ڪاري، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جا ڳنڍا ٿيندا آهن، زهر قاتل آهي.

خاصيت: مکڻ ۾ کرل ڪري مرهم تيار ڪجي. اهو مرهم ڦٽن، ناسور، بادفرنگ جي ڦٽن، خارش، ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو. آلت جي سستي وڃائڻ لاءِ ليپ ڪرائبو آهي، هن کي ڦلائڻ ۽ ڪامل ڪشتي ڪرڻ کان سواءِ کائبو ته سڄي عمر سور پرائبو. ڦلائڻ جي واٽ هيءَ آهي:

هڪ تولي سنکئي کي ڪيوڙي جي پاڻيءَ هڪ سير جا يا هڪ سير کير جا چوها ڏئي، هيرڻ جي ڇليل ڪڪڙين وزن پنج تولن کي گهوٽي لغدو ٺاهي ان ۾ رکي پوءِ گلحڪمت ڪري، سڪائي پنجن ڇهن سـيرن ڇيڻن ۾ باهه ڏجي ته ڦلي پوندو. اهو ڪشتو قوت باهه ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ ٻين ڪيترن مرضن لاءِ مفيد آهي. بواسير جي موڪن کي ساقطا ڪري ٿو.

سنگ بصري:

نالا: ع. سنگ بصري، ف. توتيائي ڪرمائي، هه. وغيره___ کپريا، نمقولس ۽ سودريقون.

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: سدا پيدا ڪري، ميل: ڌوئي ڪم آڻجي، عيوض: ٻورو ٽامي جو، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

سڃاڻپ: اڇي رنگ تي چلڪيدار ٽڪرا ٿيندا آهن. (ڪي نرين وانگر به ٿيندا آهن) ڌاتين کي ڳارڻ کان پوءِ هٿ ايندو آهي. هن جا ٻه - ٽي قسم آهن.

خاصيت: سرمي وانگر استعمال ڪرڻ سان نظر وڌي ٿي، ڌنڌ، ڦلي، اک جي ڦٽ ۽ خارش لاءِ مفيد آهي. هن مان ٺاهيل مرهم مقعد، نهائينءَ ۽ خنازير جي ڳوڙهن، ڦٽن ۽ ڦرڙين، ناسورن، بلڪل خراب ڦٽن ۽ بغل جي بدبوءِ کي فائدو ڪري ٿو.

سنگ جراح:

نالا: ع. حجرالاعرابي، ف. سنگ جراحت، هه. وغيره___ سرڪوله، شڪر سنگ، سيلگهري ۽ سنگ زخم.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: مکڻ ۽ کنڊ، عيوض: ___، وزن: هڪ کان ٻه ماسا.

سڃاڻپ: اڇي رنگ تي نرم چلڪيدار پهڻ جو قسم آهي.

خاصيت: هن کي نوشادر ۾ ماري کارائجي ته پرميل، مثاني جي رائي، ڦٽ، ۽ پٿري، بواسير ۽ حيض جي رت جي گهڻائي، دستن نـَـون خواه پراڻن، رت جي دستن، سوري ۽ پيچش کي بند ڪندو. سيني جي سور، پاسي جي سور، جگر ۽ ڦڦڙ کي تقويت لاءِ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿو. هن جو سنون ڏندن جي سور ۽ صفائيءَ لاءِ ۽ مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ فائديمند آهي. هن جو مرهم ڦٽن ۽ ناسورن کي ڇٽائي ٿو.

سنگ راسخ:

نالا: ع. روستحج، ف. مس سوخته، هه. وغيره___ راسخ، روسخت، فنا دميوس ۽ ڪل قديس.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل:___-، عيوض: ___-، وزن: ٻه ماسا.

سڃاڻپ: ڳاڙهاڻ مائل ڪاري رنگ تي ٽڪرا ٿين ٿا، ٽامي ۽ آنولا سار کي گڏي ساڙي، ان مان جوڙيندا آهن. ٻيو قسم ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو آهي. اهو تمام سٺو آهي.

خاصيت: هن کي ڌوئي سرمون ڪري استعمال ڪبو ته، اک جي ڦلي، ڌنڌ، خارش ۽ نظر جي واڌاري کي  فائدو ڪندو. هن کي ميڻ ۽ ترن جي تيل ۾ حل ڪري مرهم جوڙبو ته اهو مرهم وڌيل گوشت وارن ڦٽن، ناسورن ۽ ٻرهل جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن کي ڪيس سان گڏي وارن کي لائبو ته وار ڪارا ٿيندا. ڳاڙهي رنگ وارو سنگ راسخ اهل صنعت وارا ڪم آڻيندا آهن. ٻن تولن سنگ راسخ کي هڪ تولي جمال گهوٽي ۾ کرل ڪري ان کي گدازڪرائي اهڙي طرح پنڌرنهن سؤ دفعا ڪري، تنهن کان پوءِ ان مان ٽامون تمام ڳاڙهو رت جهڙو نڪرندو، ان مان هڪ ماسي جيترو هڪ تولي چانديءَ کي ڏبو ته ان کي سرخ ڪندو.

سنگ مرمر:

نالا: ع. حجرالرخام، ف سنگ سفيد، هه. وغيره___ سپيد پٿر ۽ اسطوطليس.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: مثاني کي، ميل: سرڪو، عيوض: ___-، وزن: قدر موافق

سڃاڻپ: هي مشهور پهڻ اڇي رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گـَـهي پيارڻ سان، ڦڦڙن مان يا واتان رت جو اچڻ، بواسير خونيءَ جو رت، حيض ۾ گهڻو رت بند ٿيندو. هن جو ٻورو نوشادر ۽ ميڻ سان ملائي مرهم ڪري ڦٽن، ناسورن، ڪوڙه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائبو ته انهن کي ڇٽائيندو. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو ۽ کل جي بيمارين ۾ مفيد آهي.

سنڱ:

نالا: ع. قرن، ف. شاخ، هه. وغيره___ سينگ، سرون ۽ شاخ.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___-، ميل: سداب، عيوض: کر، وزن: هڪ ماسو.

سڃاڻپ: جانور جي مٿي تي سخت گول آڏا ٽيڏا ڪاراڻ تي مائل ٿيندا آهن.

خاصيت: هرڻ ۽ ڦاڙهي جي سنڱن جو ٻورو ماکيءَ ۾گڏي کارائبو ته بواسير ۽ حيض جي رت کي بند ڪندو. مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

سنگهاڙ:

نالا: ع. سنگهار، ف. سنگهاره، وغيره___ سنگهارين، سرنگا ۽ جيلان.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: دير هضم ۽ سدا پيدا ڪرڻ، ميل: لوڻ ۽ مصري، عيوض: ثعلب، وزن: پنجن ماسن کان هڪ تولو.

سڃاڻپ: مٿان ڪاري يا سائي کل تي بيڊولا ٽڪر جن تي سنڱر وانگر ٻه چار ڪنڊا نڪتل ڏسبا آهن. ڇلڻ تي اندران اڇو ڳڀ نڪرندو آهي. ذائقي ۾ ڦڪا ۽ تمام ٿورڙي مٺاڻ تي، هڪڙي وڻ جو ڦر آهي.

خاصيت: هن کي تغلبن سان گڏي کير ۾ رڌي کائجي ته قوت باهه ۽ منيءَ کي وڌائيندا ۽ گهاٽو ڪندا. بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، گرم مزاج وارن جي رئيس عضون کي طاقت ڏين ٿا. صفراوي تپ، خشڪ ۽ گرم کنگهه، پيشاب جي ساڙي، دل جي گرمي ۽ سوزش، وات جي خشڪي ۽ اُڃ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.

سڻي:

نالا: ع. ابيض، ف. لادنه، هه. وغيره___ سن ڪنٺارڪ ۽ فتاق.

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: جاڻ، عيوض: سجادو، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هي مشهور وڻ خريف جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي. هن جو گل اڇو ٿئي ٿو ۽ ٻج گنگهڙي وانگر ڦرين ۾ ڇڪيل رهندو آهي. هن جي ڪاٺين مان سڳن وانگر تندون نڪرنديون آهن.

خاصيت: سڻيءَ جو ٻج ڪٽي کارائڻ سان پيشاب جاري ٿيندو، مثاني جي ڦٽ ۽ پرميل کي فائدو ڪري ٿو. هن جا گل رت جي دستن، حيض ۽ بواسير جي رت جي گهڻائيءَ کي بند ڪن ٿا.

سوا:

نالا: ع. شبت، ف. شوت، هه. وغيره___ سويه، والان خورد، انبيتون ۽ روسيا.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دماغ کي ڪمزور ڪرڻ، ميل: پاڻي ليمن جو، عيوض: ___-، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هي ننڍو ٻوٽو پاڻيءَ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيندو آهي، هن جو رنگ سائو ۽ ٻج سؤنف وانگر ذائقي ۾ تيز هوندو آهي.

خاصيت: هن جو ساڳ رڌي کارائڻ سان معدي ۽ جگر جا سدا تحليل ٿيندا، وائي بادي نڪري ويندي. ڪچن خلطن کي پچائي ٿي هاضمون ڪري ۽ بک وڌائي ٿي، پيچش ۽ سوريءَ کي مفيد آهي. هن جو ٻج ڪچي بلغم کي ڪپي ٿو، کنگهه، سيني جي سور، مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي فائدو ڏئي ٿي، پيشاب جاري ڪري ٿو، دستن کي بند ڪري ٿي. هن جي لپري خصين جي سوڄ لاءِ مفيد آهي.

سوانجهڙو:

نالا: ع. سهجنه، ف. سواجنه، هه. وغيره___ ساجنه، پاريه، ۽ سوهاجن.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل ۽ عيوض: _________، وزن: گل ٽي تولا - ٻج هڪ ماسو.

سڃاڻپ: سريه جي وڻ جيڏو وڏو وڻ ٿئي ٿو. هن جو گل اڇو، ڦرهيون تندن وانگر ڊگهيون، بهار جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي.

خاصيت: سريع الهضم آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري، معدي ۽ جگر کي تقويت ڏئي ٿو. گهاٽي بلغم کي وڃائي ٿو. مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. کنگهه ۽ دمڪشي لاءِ مفيد آهي. پيشاب جاري ڪري، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو.

مثاني جي پٿري، سنڌن جي سور کي فائدو ڪري ٿو. سخت سوڄن کي هن جي پنن جي لپري تحليل ڪري ٿي.

سوپاريون:

نالا: ع. فوفل، ف. پوپل، هه. وغيره___ سپاري، ناطويل، کوِيل ۽ اورسبمون.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: قولنج ۽ سيني کي، ميل: ڪتيرو، عيوض: ڌاڻا ۽ صندل، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڪاٺ وانگر سخت گول داڻا آهن، ڀڃڻ مهل اندر اڇا ليڪا ڏسبا.

خاصيت: هنن کي ڪٽي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي پيارڻ سان رت جا دست بند ٿيندا، پيشاب جي گهڻائيءَ کي به روڪينديون، قبض پيدا ڪندڙ آهن. معدي جي بخارن کي دماغ ڏانهن چڙهڻ نه ڏيندا. هن کي چٻاڙي کائڻ سان ڏندن ۽ مهارون مضبوط ٿيندا. ڏند ۽ معدي جي رطوبت کي صفا ڪن ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪندڙ آهن.

سوپيري:

نالا: ع. اربع اربعين، ف. هزار پاءِ، هه. وغيره___ کنکجور، ردالبقل ۽ سبع سبعين.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: کاڌي نٿي وڃي، ميل: ڪيوڙي جي پاڙ، عيوض ۽ وزن: _______________.

سڃاڻپ: هڪ ڊگهو جيت آهي، جنهن کي تمام گهڻا پير ٿيندا آهن. هن جو رنگ ڪاراڻ مائل ناسي هوندو آهي.

خاصيت: هن کي ماري سڪائي، پن ڪشميري سان گڏ ڪٽي مرگهيءَ واري کي ناس ڪرائجي ته فائدو ٿيندو. هن کي ترن جي تيل، ۾ ساڙي، اُهو تيل ڪن جي سور، بدن جي خارش، وڇونءَ جي ڏنگ، ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن، موڪن، نواسير، ناسور ۽ خراب ڦٽن تي لڳائجي ته فائدو ٿيندو.

سورُ:

نالا: ع. خنزير، ف. خوک، هه. وغيره___ سور، براهه، ذوالقور ۽ ڪرنيڪول.

اثر: گرم تر، نقصان: داءِ الفيل پيدا ڪري، ميل: شراب، عيوض ۽ وزن: ______.

سڃاڻپ: ڪاري ۽ ڀوري رنگ جو مشهور جانور آهي.

خاصيت: هن جو ڇيڻو سرڪي ۾ حل ڪري پاسي جي سور ۽ سيني جي سور تي ضماد ڪرائجي. هن جي چرٻي آلت جي نبضن کي طاقت ڏئي ٿي. جي سنڌن جي سور ۽ سوڄ تي مالش ڪرائجي ته به فائدو ٿيندو. هن جا هڏا ۽ ڏند ننڍن ٻارن کي ٻڌجن ته مرگهي ۽ ڊيڄوڙي لاءِ مفيد آهن. هن جو گوشت قوت باهه پيدا ڪري بدن کي ٿلهو ڪري ۽ عقل کي چٽ ڪري. (مسلمانن وٽ حرام آهي.)

سورج مکي:

نالا: ع. اذربون، ف. آفتاب پرست، هه. وغيره___ هاٿي سونڊي، جتوه ۽ آوَت ڀڳت.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن ۽ ٻرهل کي، ميل: شڪنجبين ۽ ماکي، عيوض: زعفران، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هي وڻ قد ۾ پورو پنو ٿئي ٿو. هن جو گل هيڊي رنگ تي سج جي شڪل وانگر گول ٿيندو آهي.

خاصيت: جگر، دماغ ۽ معدي جي طاقت لاءِ هن جو گل سڪائي ڪٽي، ماکيءَ ۾ گڏي کارائڻ گهرجي. ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي تحليل ڪري ٿو. هن جي ٻج جو تيل سنڌن جي سور، عرق النسا تي مالش ڪرائڻ گهرجي. قوت باهه وڌائڻ ۽ آلت جي نبضن جي ڍرائيءَ ۽ طرفين جي لذت لاءِ به هن جي مالش مفيد آهي. هن جا پن بواسير، يرقان، قولنج، جلندر، مثاني جي پٿري، بلغمي اُلٽين کي فائدو ڪن ٿا، هن جي لپري سوڄ تي ٻڌبي ته ان کي نرم ڪري ڦاڙيندي.

سورنجان:

نالا: ع. سورنجان، ف. سورنجان، هه. وغيره___ سورنجه، اقمارون، بربري، پساتڪ ۽ حملا.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي ۽ جگر کي، ميل: ڪتيرو ۽ زعفران، عيوض: ٽيج ڪاٺي، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ٿوم جي ڳڙين وانگر هڪ پاڙ آهي، جا اڇي رنگ تي ٿئي ٿي، ذائقي ۾ ٿوري مٺاڻ سان ڪڙي ٿيندي آهي.

خاصيت: گهاٽي ۽ پٽڙي بلغم لاءِ جلاب آهي. سڀني عروقن مان بلغم کي تحليل ڪري دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿي، سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. هن کي گل روغن ۾ ساڙي تيل تيار ڪجي، اهو تيل فالـج، عضون جي استرخاءِ ۽ سور وارين جاين تي مالش ڪرائڻ سان فائدو ٿيندو. دماغ جي رطوبت لاءِ ترياق آهي. مٿي جي سور، جگر، بواسير ۽ ڪن موتي اهو تيل مرهم وانگر ڪم آڻجي.

سورڻ:

نالا: ع. بطيخ بزرگ، ف. خربوزه بنگالي، هه. وغيره___ کهٽل، ڪوده، پنس ۽ چڪ برنا.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: سوداوي خلطن کي، ميل: لوڻ، عيوض: ___-، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: هي گول چڪيون ڀوري رنگ تي قد ۾ وڏيون ٿينديون آهن. هن کي گوشت سان گڏ رڌي کائيندا آهن.

خاصيت: هن جو مربو ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ آنڊن جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو. مثاني کي طاقت ڏئي ٿو.

سوشن:

نالا: ع. اسمابخون، ف. اسمانگون، هه. وغيره___ سوس، ايريس، اسمالاون ۽ اريل راوتال.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: نيلوفر ۽ ماکي، عيوض: سورج مکي، وزن: ڇهه ماسا.

سڃاڻپ: باغن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. هن جو گل آسماني رنگ تي سبزاڻ مائل ٿئي ٿو. هن جا ٻه - ٽي قسم آهن.

خاصيت: هن جا پن ۽ گل جگر ۽ ڦڦڙن کي طاقت ڏين ٿا. رحم، جگر ۽ ٻرهل جي سوڄ کي فائدو ڪن. سنڌن جو سور لاهي ٿو، حيض کي جاري ڪري ٿو. هن جي پاڙ صفرا، بلغم ۽ سودا جي لاءِ جلاب جو ڪم ڏئي ٿي. فالـج، لقوي، مٿي جو سور، دماغ جي رطوبت ۾ مفيد آهي. هن جي لپري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٻڌجي ته فرحت ايندي.

سون:

نالا: ع. ذهب، ف. طلازر، هه. وغيره___ سونا، عقيان، آبريز، زرشمس ۽ مکنون.

اثر: معتدل گرميءَ سان، نقصان: مثاني کي، ميل: ماکي ۽ مشڪ، عيوض: ياقوت، وزن: ڪشتو هڪ چانور کان اڌ رتي.

سڃاڻپ: چلڪڻي گهاٽي هيڊي رنگ جو ڌاتو آهي.

خاصيت: هن جا ورق يا ڪشتو دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا. جگر، معدي، گردن ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. ماليخوليا ۽ سوداوي بيمارين ۾ مفيد آهي. بدن کي ٿلهو ڪري قوت باهه کي وڌائي ٿو. گردي ۽ مثاني جي پٿري، بواسير جي رت، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ فائدي وارو آهي. هن جو سرمون اک جي روشنائي وڌائي، ڌنڌ ۽ ڦلي کي هٽائي ٿو.

سوناگيڙو:

نالا: ع. طين مغربي، ف. گل سرخ، هه. وغيره___ گيرو، طين احمر ۽ مغزي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: قولنج ۽ سيني کي، ميل: ڪتيرو، عيوض: ڌاڻا ۽ صندل، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڳاڙهي رنگ تي، ڳوڙهن ۾ ٻڌل هڪ مٽيءَ جو قسم آهي جو ذائقي ۾ ڪڙو ٿيندو آهي.

خاصيت: آنڊن جا ڦٽ ڇٽائي ٿو، سوري پيچش، ڦڦڙن مان ايندڙ رت، بواسير جو رت، حيض جو رت بند ڪري ٿو. پرميل، مثاني جي ڦٽ، منيءَ جي وهڻ ۽ رت جي دستن ۾ مفيد آهي. هن کي سرڪي ۾ ملائي ڪنهن به سوڄ تي ضماد ڪرائبو ته ان کي تحليل ڪري ڇڏيندو.

سونا مکي:

نالا: ع. اقليما ذهبي، ف. چري طلا، هه. وغيره ___- سونا مکي، قيشت، ابوالطيش ۽ روسيان.

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: روغن بادام، عيوض: توتيو، وزن: هڪ جـَـوَ.

سڃاڻپ: ننڍا ٽڪر داڻن وانگر جبل جي پيدائش آهي. هن جا ٻه - ٽي رنگ ٿين ٿا، خاص رنگ سون جي رنگ ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جو سرمون نظر وڌائي ۽ اکين جي بيمارين، ڌنڌ، ڦلي ۽ خارش کي ڇڏائي ٿو. ٻين دوائن سان حل ڪري کائڻ سان گرمي گهٽائي، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو. خفقان، ماليخوليا ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. هن جو مرهم ڦٽن ۽ ناسورن کي فائدو ڪري ٿو.

سونچر لوڻ:

نالا: ع. ملح الاسود، ف. نمڪ سياه، هه. وغيره ___ سونچر، سجي ۽ قلا.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: دماغ ۽ معدي کي، ميل: ليمن جو پاڻي، عيوض: لوڻ اڇو، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ تي لوڻ جو قسم ذائقي ۾ ڪڙو ۽ تکو کارو آهي.

خاصيت: گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي، کاڌي کي هضم ڪري، بک وڌائي ٿو، پيٽ جو سور لاهي ٿو، معدي جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو، هن کي پاڻيءَ ۾ ڳاري اکر لکبا ته ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا، پوءِ انهيءَ ڪاغذ کي باهه تي سيڪ ڏبو ته اڇا اکر ڏسڻ ۾ ايندا ۽ پاڻيءَ ۾ پوڻ سان به ڪين ڊهندا.

سؤنف:

نالا: ع. رازيانج، ف. باديان، هه. وغيره___ سؤنف، ولان بزرگ ۽ مارثون.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: صندل ۽ بنفشه، عيوض: جاڻ، وزن: پنجن کان ست ماسا.

سڃاڻپ: جـَـوَن جي داڻن وانگر مگر سنهڙا، سائي ۽ ڀوري رنگ جا داڻا ذائقي ۾ مٺا تيز ٿيندا آهن.

خاصيت: بلغمي، صفراوي ۽ سوداوي خلطن لاءِ منضج آهي. هن کي ڪاڙهي پيارڻ سان کنگهه، دمڪشي، دستن، ٻرهل کي فائدو ٿئي ٿو. سيني جي بلغم کي پچائي تحليل ڪري ٿو. جگر، ٻرهل، گـُـردن ۽ مثاني جي سدن ۽ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. قولنج، پاسي جي سور، پراڻن ۽ نون تپن لاءِ مفيد آهي، معدي جي بخارن کي دماغ ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿي. هن جي پاڙ حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي. وائي بادي، هڏين ۽ پاسرين جي سور لاءِ مجرب آهي. کاڌي کي هضم ڪري ٿي، ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوءِ ٿيل ڦٽ لاءِ هن جو مرهم فائدي وارو آهي.

سؤنف رومي:

نالا: ع. انيسون، ف. باديان، هه. وغيره___ رندلي، زيره رومي، برهليامن ۽ رازيانه.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: آنڊن کي، ميل: شڪنجبين، عيوض: سوا جو ٻج، وزن: ٻن کان پنج ماسا.

سڃاڻپ: سؤنف جي ٻج کان سنهو ميرانجهڙي رنگ تي ذائقي ۾ تيز هڪ ٻج آهي.

خاصيت: جگر ۽ گردن لاءِ مقوي آهي. پيشاب، حيض ۽ کير کي جاري ڪن ٿا، وائي بادي، ٻرهل ۽ جگر جي غليظ سدن کي تحليل ڪن ٿا. مٿي جي سور، سيني جي سور، کنگهه، دمڪشي، جلندر، بلغمي تپن، رحم جي رطوبت لاءِ مفيد آهن. هن جو سنون ڏندن جي صفائي ڪري ۽ وات جي بدبوءِ کي ڪڍي ٿو. هن کي گل روغن ۾ ڪاڙهجي، پوءِ اهو تيل ڪن جي سور ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪندو.

سهاڳو:

نالا: ع. لحام الذهب، ف. تنڪار، هه. وغيره___ سهاگه، بوره رندي ۽ ضحاڪ.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: رئيس عضون کي، ميل: کؤنر ۽ سرڪو. عيوض: ٻوردار مٽي، وزن: اڌ ماسي کان هڪ ماسي تائين.

سڃاڻپ: کار جو هڪ قسم جبل جي پيدائش آهي، جيڪو اڇي رنگ تي اٽي ۽ ڳوڙهن ۾ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين، ناسور ۽ جن ڦٽن ۾ خراب گوشت پيدا ٿئي، موڪن، نواسير جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن جون گرڙيون ڏندن جو سور لاهي ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن، ڪيڙن کي ماري. يرقان ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. ٻن تولن سهاڳي کي ليمن جي پاڻي اڌ پاءُ ۾ کرل ڪري لغدو تيار ڪري ان ۾ پارو هڪ تولو رکي گلحڪمت ڪري پنجن سيرن ڇيڻن جي باهه ڏجي ته پارو ڦلي سفيد تيار ٿيندو.

سهو:

نالا: ع. ارنب، ف. خرگوش، هه. وغيره___ سها، گرهل، اغروس ۽ سي.

اثر: گرم تر، نقصان: سوداوي خلطن کي، ميل: ڏاڙهون ۽ گيهه، عيوض: لومڙي، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: پشمدار کل وارو، ٻليءَ جي قد تي اڪثر اڇي رنگ جو جانور آهي.

خاصيت: هن جو گوشت فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي. هن جون ڦولهڙيون پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي اُنهيءَ پاڻيءَ ۾ سنڌن جي سور، ۽ نقرس واري کي وهارجي ۽ انهيءَ پاڻيءَ جي ٻاڦ ڪن جي سور، وهڻ ۽ ٻوڙاڻ کي فائدو ڪري ٿي. هن جو پتون زيتون جي تيل ۾ ملائي کارائجي ته دمڪشي ۽ کنگهه کي ڇڏائي ٿو. هن جي کل مان ٽوپي جوڙائي پائبي ته نزلي ۽ مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي.

سيتا ڦل:

نالا: ع. شريفه، ف. سيفل، هه. وغيره___ سيتاڦل ۽ ڪوڪنج.

اثر: گرم تر 2، نقصان: دير هضم، ميل: مصري، عيوض: ______، وزن: ٻه عدد.

سڃاڻپ: هيءُ ميوو سنڌي ڏاڙهونءَ جيڏو ٿئي ٿو. هن جي کل سائي ٿئي ٿي، جنهن تي مڻڪن وانگر داڻا داڻا هوندا آهن.

خاصيت: طبيعت کي نرم ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه پيدا ڪري ٿو، معدي ۽ دل کي طاقت ڏئي ٿو، معدي جي ڪيڙن کي ماري ۽ بلغم پيدا ڪري ٿو. خفقان ۽ ماليخوليا لاءِ مفيد آهي.

سيڙه:

نالا: ع. دلع، ف: خارپشت، هه. وغيره___ سينوه، شاڪره ۽ شال سئي.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: معدي کي، ميل: روغن بادام، عيوض: ڄاهو، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: هي جانور ڪتي جي قد کان ٿورو ننڍو ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي، جنهن جي سڄي پٺ ڊگهن ڪنڊن سان ڍڪيل هوندي آهي.

خاصيت: هن جو گوشت سنڌن جي سور، نقرس ۽ چيلهه جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جو رت ڪوڙه، چٽي ۽ ڇانئن جي داغن تي فائدو ڪري ٿو.

سيلارس:

نالا: ع. ميعه سائله، ف. ______- هه:، وغيره___- سيمرس، اسارا ۽ نيڪه لنبي.

اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: مصطگي، عيوض: جند بيدستر، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

سڃاڻپ: هي کؤنر جو قسم آهي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: معدي کي طاقت ڏئي ٿو، خشڪ کنگهه، بلغم، زڪام، سيني جي سور، پٺن، چيلهه ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، ڪچن خلطن کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. جلندر، مثاني جي پٿري، ڪن جي سور، ۽ ڦڦڙن جي ڦٽ لاءِ فائدي وارو آهي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو.

سيمرغ:

نالا: ع. خشر، ف. رخ، هه. وغيره___ سيمرغ ۽ خاتون.

اثر: گرم خشڪ 2، _________-، وزن: ٽي ماسا.

سڃاڻپ: هي پکي وڏي گينڊي جي شڪل تي ايران، چين ۽ روم ملڪن ۾ ٿيندو آهي.

خاصيت: اڪثر بادشاه اهي پکي هٿ ڪندا آهن، جو هن جي کوپڙيءَ مان زهر جي آزمائش لاءِ پيالو جوڙيندا آهن، جا آزمائش هن طرح آهي ته زهر گڏيل طعام هن کوپڙيءَ ۾ وجهي رکبو ته پگهري پاڻي ٿي ويندو.

هن جو هڏو مرگهي ۽ جذام لاءِ مفيد آهي.

سينڌو لوڻ:

نالا: ع. ملح هند، ف. نمڪ هندي، هه. وغيره___ سينڌ نمڪ ۽ نمڪ بلور.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: سرڪو، عيوض: ڳاڙهو لوڻ، وزن: هڪ ماسو.

سڃاڻپ: هي لوڻ جو قسم ڳاڙهسرو اڇي رنگ تي جبل جي پيدائش آهي.

خاصيت: صفرا، بلغم ۽ سودا لاءِ جلاب آهي، بک وڌائي ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، کاڌو هضم ڪري ٿو. قولنج، پيٽ جي سور ۽ ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن جو سرمون اکين جي ڌنڌ ۽ خارش کي فائدو ڪري ٿو.

سينگاري:

نالا: ع. سپيه، ف. سفيد ماهي، هه. وغيره ___- سينگاره ۽ رمياسف.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: بلغم واري کي، ميل: سرڪو، عيوض: چوڪو، وزن: قدر موافق.

سڃاڻپ: اڇي رنگ تي مڇيءَ جو قسم آهي. ڪنڊا گهڻا ٿيندا اٿس.

خاصيت: هن جو ماس رت جي دستن، سوري، پيچش ۽ مروڙن کي فائدو ڪري ٿو. معدي ۽ آنڊن جي رطوبت لاءِ مفيد آهي. هن جو پتو اک جي ناسور، ڦٽ ۽ خارش کي فائدو ڪري ٿو.

سيور:

نالا: ع. برگ ڪالي، ف. برگ ڪاسي، هه. وغيره___ برمايا.

اثر: گرم خشڪ، نقصان: آنڊن کي، ميل: ___-، عيوض: نر ڦوٽو، وزن: هڪ تولو.

سڃاڻپ: جبلن ۾ ننڍو ٻوٽو ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جا پن ڀڄائي پيارجن ته رت کي گهاٽو ڪندا، خارش، کل جي ڦٽ ڦرڙين ۽ معدي جي ڪيڙن مارڻ لاءِ مفيد آهي، پيشاب جاري ڪري ٿو، پرميل، مثاني جي ڦٽ ۽ وائي بادي تحليل ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي.

سيون:

نالا: ع. اطريه، ف. رشته آرد، هه. وغيره___ سيومان، قطايف ۽ اماج.

اثر: گرم تر 2، نقصان: دير هضم، ميل: گيهه، عيوض: ______، وزن: قدر آهر.

سڃاڻپ: مشهور غذا آهي، ميدي مان مشن يا هٿ سان سڳن وانگر ٺاهيندا آهن.

خاصيت: هنن کي کير ۾ رڌي کنڊ وجهي کائجي ته بدن کي ٿلهو ڪنديون. چيلهه جي سور ۽ پٺن جي سور لاءِ مفيد آهن. منيءَ کي گهاٽو ڪن ٿيون، سيني جي بلغم کي ڳاري ٻاهر ڪڍن ٿيون.

باب ”شِينَ“ جو

شيهو:

نالا: ع. رصاص الاسود، ف. سرب، هه. وغيره___ سيسا، اموليقون، زجل، فرفس ۽ زرانوز.

اثر: سرد تر 2، نقصان: ___-، ميل: ___-، عيوض: ___-، وزن: هڪ رتي.

سڃاڻپ: ڪاري رنگ جو نرم ڌاتو آهي جو قلعيءَ وانگر ٿيندو آهي.

خاصيت: هن کي گل روغن ۾ گهي، باهه ۾ ساڙيل داغ تي طلا ڪجي ته جلن ۽ سور کان آرام ملندو. هن کي پٽ تر جي پاڙن ۾ ماري ڪشتو ڪري کارائڻ سان کنگهه، پراڻي سل، سلسلبول، قوت باهه، بدن جي خارش ۽ اکين جي بيمارين ۾ مفيد ثابت ٿيندو.

شاهه بلوط:

نالا: ع. بلوط، ف. بالوط، هه. وغيره___- بهش، ثمرهِ الفواد ۽ بلوط الملڪ.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: سدا پيدا ڪري ٿو، ميل: مصري ۽ شڪنجبين، عيوض: ڏاڙهونءَ جا گل، وزن: ٻن کان ٽي ماسا.

سڃاڻپ: فندق جي ٻج کان ڊگهو ڳاڙهي ۽ ڀوري رنگ تي چپترن داڻن وارو ٻج ٿيندو آهي.

خاصيت: رت جي دستن، ڦڦڙن، حيض ۽ بواسير جي رت کي بند ڪري ٿو. پيچش، سوري، آنڊن جي ڦٽ ۽ سور، خفقان، هئين جي خراب ٿيڻ لاءِ، پيشاب جي گهڻائي، رحم ۽ وات جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ، ڦٽن، ڦرڙين ۽ ناسور جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي.

شاهه پسند:

نالا: اردو - شاه پسند، فارسي - شاهه پسند، انگريزي- (Seeds of Centroarea Moschate) .

سڃاڻپ: هي ول جئان ٻوٽو آهي، جو ڀر واري وڻ تي چڙهي وڃي ٿو. هن جا پن چونرن (راهن) جي نموني ٿين ٿا، سندس ڦر ننڍڙو ٽن ٽن داڻن جي صورت ۾ گڏ ٿيندو آهي، جنهن تي هلڪي پشم ٿئي ٿي. هن جا ٻج دوا جي ڪم اچن ٿا. رنگ ۾ پاڻ ڀوري ٿئي ٿي ۽ گل سندس اڇا ٿيندا آهن. ذائقي ۾ تلخ آهي. حيدرآباد سنڌ جي آس پاس به جام ڏٺو ويو آهي.

مزاج: گرم خشڪ ٽئين درجي ۾.

مقدار خوراڪ: ٽن کان پنجن ماسن تائين.

پيدائش: پنجاب جي ٻهراڙين ۽ سنڌ جي واهڻن ۾ عام ٿئي ٿو.

خاصيت: هيءُ جلاب آهي، جو ٽيئي خلط نيڪال ڪري ٿو. پيٽ جا ڪينئان هن جي کارائڻ سان مري وڃن ٿا. هن کي ڪٽي لوڻ يا گلقند سان کاڌو وڃي، ته خوب دست اچن ٿا. پنن جي لپري سوڄ کي نيسائيندڙ يا ڦاڙيندڙ تاثير رکي ٿي.

شالون:

نالا: عربي- ساج، فارسي - شال، اردو - سال، هندي - ساکون، بنگالي- شال ڪاڇ، انگريزي- (The Sol Tree).

سڃاڻپ: هي مضبوط جابلو وڻ آهي، جنهن جي ڪاٺي عمارتن جي ڪم ايندي آهي. هن جي ڦر کي ڏڪار پوڻ تي ماڻهو پـِـهـِـي ماني پچائي کائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته منجهس نشاستو ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو. ڌوپ هن جو کؤنر آهي. هن جا ٻه قسم ٿين ٿا (1) شال (2) ساڳ وڻ جن مان پويون قسم مادي آهي. رنگ: ڪاٺي ڳاڙهي، پن ساوا ۽ ڦر ڪارو.

مزاج: سرد خشڪ 2، ذائقو تلخ.

مقدار خوراڪ: ٽي ماسا.

پيدائش: ديرادون، مسوري ۽ اولهه بنگال جي جهنگلن ۾ پيدا ٿيندڙ آهي.

خاصيت: هن جو ڌوپ باهه ۾ وڌو وڃي ته خوشبوءَ ڇڏي ٿو. ان ڪري هندو گهراڻن ۾ مورتيءَ جي پوڄا ويل ساڙيندا آهن. قابض هئڻ سبب کنڊ سان پيچش لاءِ ڏيندا آهن. ڌوپ ڏهن رتين جي انداز ۾ اڌ سير اوٻاريل کير ۾ملائي روزانو صبح جو پيارجي ته قوت باهه زياده ٿئي ٿي. هن جي ٻوري جي دونهين کان مڇر ڀڄي وڃن ٿا. وبائي هوا جي خرابي وغيره دور ٿي وڃي ٿي. سندس ليپ سوڄ نيسائي ٿو. معدي جي سوزش ۽ پياس لاءِ مفيد آهي. هن سان دموي ۽ صفراوي سوڄ هٽي وڃي ٿي.

شالپرڻي:

نالا: هندي- سري ون، سنسڪرت - سالپرني، بنگالي - شال پاني، انگريزي -(Desmodium gangeticum) .

سڃاڻپ: هي خوبصورت ٻوٽو آهي جو ٻه - ٽي هٿ اوچو اُسريل ٿئي ٿو، هن جي هر ٽاري تي ٽي ٽي پن هوندا آهن، جن تي وري ٽي ٽي ڪونگرا ٿين ٿا. سندس ٽاريءَ تي پشم ٿئي ٿي، جا ڪپڙي کي چنبڙي پوندي آهي.

رنگ: ڪاٺي ڪاري ۽ پن گهرا سبز.

مزاج: سرد خشڪ.

مقدار خوراڪ: ٻه تولا.

پيدائش: ڪالڪا، شملي، ڪانگڙي ۽ ڪوه مري طرف ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي مقدس سمجهي پوڄا جي وقت ڪم آڻيندا آهن. ويدڪ ۾ هن کي ”دسمول“ جو هڪ حصو ليکيو وڃي ٿو (دسمول ۾ ڏهه دوائون پونديون آهن) شالپرڻي جي پاڙ جو ڪاڙهو بخرالانف (نڪ جو مرض جنهن ۾ نڪ مان بد بوءِ ايندي آهي (Qzena لاءِ مفيد آهي. هن جي پنجني انگن جو ڪاڙهو بگڙيل زڪام ۽ کنگهه ۾ آرام رسائي ٿو. چرائتي سان ڪاڙهي پيارجي ته نوبتي بخار کي هٽائيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 12 14 15 16 18 17 19 20 21 23 22 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org