سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: برک سائنسي

کوجنائون ۽ ايجادون

باب: --

صفحو :1

برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون

 محمد عثمان ڏيپلائي

 

باب پهريون

سائنس ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿي وڌي

هي سڀ ڇا آهي؟

ڇو آهي؟

۽ ڪيئن ٿيو؟

 

ڏينهن ۽ رات ڇا آهن؟

۽ اهي ڪيئن ٿا ٿين؟

چنڊ رات جو ڇو ٿو نظر اچي؟

ڏينهن جو ڇو ٿو لِڪي وڃي؟

۽ سج وري ڏينهن جو ڇو ٿو نظر اچي؟

رات جو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟

تارا ڇا آهن؟

ڪَڪَر ڇا آهن؟

ميِنهن ڪيئن ٿو وسي؟

کِنوڻ ڇا آهي؟

مُندون ڪيئن ٿيون مٽجن؟

        اِهي ۽ اهڙا ڪيترائي سوال انساني ذهن ۾ اُڀرندا رهن ٿا. ظاهر آهي ته جڏهن به ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪي سوال پيدا ٿيندا ته سندس ذهن انهن جا جواب به ڳوليندو. انهيءَ ذهني ڳولا ۽ جاچ کي عام سائنسي ٻوليءَ ۾ ”سائنسي کوجنا“ ڪوٺيندا آهن. قرآن پاڪ ۾ ته ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل آهي ته ”اي انسان، تون سج، چنڊ، تارن ۽ مُندن تي ويچار ڇو نٿو ڪرين؟“

        ڏاها ماڻهو قدرت جي ڳالهين تي وڏو ويچار ڪندا هئا، يعني کوجنا ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت آخرڪار پنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڳولي لهندا هئا. هر کوجنا کان پوءِ کين نئين نئين ڄاڻ ملندي هئي. اِن سوچ ۽ کوجنا واري عمل کي ئي ”سائنس“ چئجي ٿو. ”سائنس“ نئين دؤر جو لفظ آهي. ڪابه شيءِ هڪدم وجود ۾ ڪانه ٿي اچي، اُن لاءِ ورهين جا ورهيه جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. ائين به ناهي ته هر ڪا کوجنا، هر ڪا جاکوڙ هڪ ئي وقت ۾ هڪ انسان جي هٿان ٿي ٿئي. پهرين ڪنهن انسان کي اندر مان ڪو ويچار اُڪلندو، اُن ويچار کي ڏسي، ٻڌي، ٻيو ماڻهو وري ٻه وکون اڳتي وڌندو ۽ پوءِ اهو سلسلو اڳتي وڌي، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي وڃي پڄندو، نتيجي ۾ ڪانه ڪا ”نئين شيءِ“ وجود ۾ اچيو وڃي.

        هر نئين ڳالهه تي ڪجهه اعتراض، ڪجهه پسند ۽ ڪجهه ناپسند جو اظهار پڻ ٿيندو آهي، پر پوءِ نيٺ، اُن نئين شيءِ مان مليل سهولتون ڏسي هنڍائي، پوءِ انساني ذهن اُن کي قبول ڪري وٺي ٿو، ۽ پوءِ ته مرڳو اهڙي حالت ٿيو وڃي، جو اُن شيءِ کانسواءِ سَري ئي ڪانه ٿي، ۽ اُن جو هر ڪنهن وٽ هجڻ بنهه لازمي ٿيو وڃي. پر وقت سان گڏ، ڪنهن ٻئي انسان هٿان، اُن شيءِ ۾ وڌيڪ سهولتون، وڌيڪ آرام ۽ فائدا اچيو وڃن، ۽ اُها اڳئين کان وڌيڪ دلڪش روپ ۾ سڀني جي آڏو اچي ويندي آهي. انساني ذهن هميشه ”اڃا اڳتي“ جي بنياد تي سوچيندو آهي، اِها سندس فطرت آهي ته هو هميشه اڳتي وڌڻ جي اُمنگ رکندو آهي.

        ڪنهن به شيءِ ۾، ڪوبه ڦيرو يا تبديلي، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن يا هڪ اڌ سال ۾ ڪانه ٿي اچي. مثال طور، اڍائي هزار سال اڳ کِنوڻ بابت، ماڻهن کي ڪجهه ڄاڻ پئي، پر اُها ائين هئي، ڄڻ ڌُنڌ مان ڪنهن شيءِ جو خاڪو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ پوءِ اُن خاڪي جي پڌري ٿيڻ ۽ عملي شڪل ۾ اچڻ تائين تمام ڊگهو عرصو لڳي ويو.

        توهان پڇندا ته ائين ڇو ٿيو؟

        اُن جو سبب اهو هو ته اُن وقت ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جون ايتريون سهولتون ڪونه هيون، جيتريون اڄ آهن. ٻيو ته ٺهيو، پر ماڻهن جو رڳو هڪٻئي سان ملڻ به تمام ڏکيو هو، ڇو ته مسافري ڪرڻ ڪا سَــــوَلي ڳالهه ڪانه هئي. ڍڳي - گاڏيءَ جون سهولتون پڻ ڪن هزارن، لکن سالن کانپوءِ، اسان کي سنڌ ۾ شايد پهريون ڀيرو مليون. اُن وقت اڄ وانگر ڪٿي ڪو ٽيليفون، ڪو ريڊيو، ڪا ڏُور ڏسڻي، ڪا اخبار، ڪو ڪتاب ته ڪونه هو، جو ماڻهو هڪ ٻئي کي پنهنجي ڄاڻ يا واقفيت بابت ٻڌائي سگهن. ها! بس، پوءِ ائين ٿيندو هو، جو ڪنهن ماڻهو ڪا نئين ڳالهه ڪٿي ڏٺي يا معلوم ڪئي، ته اُها وٽس ئي رهندي هئي ۽ گهڻو ڪري سندس مرڻ سان اُها اُتي ئي ختم ٿي ويندي هئي. ورهين کان پوءِ، ڪنهن ٻئي ماڻهو کي، اُن ساڳيءَ ڳالهه، يا اُن جهڙيءَ ڪنهن ٻيءَ ڳالهه جي کوجنا ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪم ڪرڻو پوندو هو ۽ کيس پراڻيءَ ڄاڻ ما ڪوبه فائدو حاصل ڪونه ٿيندو هو. هوڏانهن وري کوجنا ۽ تلاش جو ڪم ٿيندو ئي ائين آهي، جو ڪنهن ڪا ڳالهه سمجهي، ڪنهن وري اُن سمجهيل ڳالهه کي وڌيڪ سمجهيو، سوچيو ۽ اُن ڳالهه، اُن خيال کي وري ڪنهن ٻئي وڃي ماڳ تي رسايو، ۽ پاڻ اڳتي وڌي اُن مان بنهه ڪا نئين ڳالهه ڳولي ورتي، ڪا نئين شيءِ جوڙي ورتي. اهڙيءَ طرح نئين شين جي کوجنائن جو سلسلو هلندو رهي ٿو. پر اُن زماني ۾ اِهي سڀ ڳالهيون تمام ڏکيون هيون ۽ اُنهن جي اُن ”ڏکيائي“ جي ڪري ئي اڄڪلهه واريون ”سـولائيون“ اسان کي مليون آهن. اڄ اسين هزارين ميلن جي پنڌ تان هڪٻئي سان ڳالهائي سگهون ٿا، اهڙيءَ طرح هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هرطرف روشني پکڙجي وڃي ٿي. سالن جو سفر ڪلاڪن ۾ پورو ٿي سگهي ٿو.

        رڳو هڪ سؤ سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا جي هڪ سائنسدان، پاڻ پنهنجي سائنسي شعبي جي ڊائريڪٽريءَ تان استعيفا ڏيئي ڇڏي، اهو سبب ڏيندي ته ”جيڪي ڪجهه ايجاد ٿيڻ ممڪن هو سو ٿي ويو ۽ هاڻ ايجاد ڪرڻ جهڙي ڪا شيءِ آهي ئي ڪانه! هاڻ ٿي سگهي ٿو ته اهو شعبو ئي بند ڪرڻو پوي!“

        پر اوهان ۽ اسان کي اها خبر آهي ته گذريل هڪ سؤ سالن ۾ ئي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو عقل حيران آهي. لاتعداد شيون ايجاد ٿيون آهن، ۽ اسين هينئر به ائين نٿا چئي سگهون ته اڳتي هلي ڪجهه ايجاد نه ٿيندو؛ پر اسان کي پڪ آهي ته وقت سان گڏوگڏ انيڪ ايجادون ٿينديون ۽ انسانذات کي اڃا پڻ وڌيڪ سهولتون ۽ آرام ملندو.

        انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سائنس کي گهڻي اهميت ڏني وڃي ۽ هر علم جو مطالعو به جاري رکيو وڃي.

        مستقبل جا ايڊيشن (جنهن 1876ع ۾ گراموفون ايجاد ڪيو هو) ۽ گراهم بيل (جنهن 1876ع ۾ ٽيليفون ايجاد ڪيو هو) اسان وٽ به موجود آهن. شل اُهي وڌن، لائق ٿين ۽ پنهنجي قوم، ملڪ ۽ پوري انسانيت کي ڪم اچن!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: