سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: بين الاقوامي اقتصاديات

باب: --

صفحو :1

بين الاقوامي اقتصاديات

ڊاڪٽر نبي بش خان بلوچ

ناشر طرفان

        انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ’ادب  ۽ ’تاريخ اھم موضوع آھن ۽ انھن موضوعن تي ڪتاب ڇاپڻ سان ٻوليءَ جي ترقي ٿئي ٿي، پر اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص ڪري انھن ئي موضوعن تي لکيو وڃي ٿو ۽ علم جا ٻيا ڪيترائي شعبا نظرانداز ڪيا ويا آھن، جن جو ڪارج ’ادب ۽ ’تاريخ کان وڌيڪ بازندگي آھي. انھن شعبن ۾ ’اقتصاديات به ھڪ آھي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي خيال کان اھا ڳالھ سنڌالاجيءَ جي نظر ۾ رھي آهي، انھيءَ ڪري ھن اداري جي ڪوشش رھندي آھي ته ادب کان سواءِ ٻين موضوعن تي ب ڪتاب ڇپائجن، ھي ڪتاب به انھن ڪوششن جو نتيجو آھي.

اقتصاديات جي موضوع تي لکيل ھن ڪتاب ’بين الاقوامي اقتصاديات جي مقبوليت انھيءَ مان پڌري آھي، جو اسان ھن وقت انھيءَ ڪتاب جو چوٿون ڇاپو پڌرو ڪري رھيا آھيون، جنھن تي وقت سارو آيل تبديلين مطابق ڪتاب جي فاضل ليکڪ محترم غلام حسين خاصخيلي جن نظرثاني ڪئي آھي.

اُميد ته اسان جو ھي پورھيو اڳي وانگيان قبول پوندو.

مھتاب اڪبر راشدي

ديباچو

هر هڪ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اهاڳالهه ضروري آهي ته منجهس مختلف مضمونن تي ڪتاب موجود هجن. جيئن ته اها هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته ٻار کي بهرين تعليم سندس مادري زبان ۾ ئي ڏيئي سگهجي ٿي، ان ڪري انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اشد ضروري آهي ته مادري زبان ۾ مختلف مضمونن جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب موجود هجن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم جي ضرورت کي محسوس ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ انهيءَ ڏس ۾ قدم کنيو آهي. محترم غلام علي الانا صاحب هن اداري جي سربراهه جي حيثيت ۾ مختلف استادن کي، مختلف مضمونن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ لاءِ ڏنا. مون کي انهيءَ سلسلي ۾ ”بين الاقوامي اقتصاديات“ تي ڪتاب لکڻ لاءِ چيو ويو ۽ مون اهو ڪم بخوشي قبول ڪيو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ فني نوعيت جي ڪتاب لکڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ٿئي ٿي، سا آهي فني (Technical) اصطلاحن جي کوٽ. اڄ ڏينهن تائين ٽيڪنيڪل اصطلاحن جي ڊڪشنري نه ٺاهي ويئي آهي. مون پنهنجي ناقص ڄاڻ موجب هن نقطي کي خيال ۾ رکي بين الاقوامي اقتصاديات جهڙي ڏکئي مضمون جي ٽيڪنيڪل اصطلاحن کي آسان سنڌي زبان ۾ آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ اهڙين اصطلاحن جي (جيڪي اندازاً 250 کن آهن)

عام طرح سان جيڪو تاثر هوندو آهي ته سنڌيءَ ۾ ٽيڪنيڪل اصطلاحن جو ترجمو نٿو ٿي سگهي، سو بلڪل غلط آهي. درڪار دراصل رڳو محنت جي آهي. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خصوصيت ۽ وسعت موجود آهي، ۽ منجهس هر مضمون تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انهيءَ ڪري دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي هڪ اعليٰ ترقي يافته ٻولي آهي.

        هيءُ ڪتاب، بي_اي_ (آنرس)، بي_ڪام، ايم_اي ۽ ايم_ڪام جي نصاب کي خيال ۾ رکي لکيو ويو آهي. ڪتاب کي ڪل ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ بين الاقوامي واپار جو نظرياتي اڀياس ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته پرڏيهي واپار ڇو ٿو ڪيو وڃي، ان مان ڪهڙا فائدا آهن، بين الااقوامي ملهه ڪيئن مقرر ڪيا وڃن ٿا، واپار جا نرخ ڇا آهن، ۽ انهن جو ملڪن جي ترقيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ وغيره. ٻئين باب ۾ بين الاقوامي ادائگين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ۾ ادائگين جي توازن جي کوٽ ۽ پورائي، بين الاقوامي ادائگين جي پڄت وغيره  جو تفصيل ڏنل آهي. ٽيون باب پرڏيهي مٽاسٽا يا زرمبادلي متعلق آهي، جنهن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي بازار، بين الاقوامي مالي مرڪز، ۽ مٽاسٽا جي اگهن جو مقرر ٿيڻ وغيره بابت وضاحت ڪيل آهي. چوٿون باب تجارتي نيتيءَ بابت آهي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته آيا واپار کي آزاد رهڻ ڏنو وڃي يا صنعتي بچاءُ ڪيو وڃي. واپاري ضابطن، سرڪاري واپار ۽ ترجيحي برتاءُ وغيره ادارن جهڙوڪ بين الاقوامي ناڻي جي فنڊ، عالمي بئنڪ، بين الاقوامي مالي منڊلي، بين الاقوامي ترقياتي جماعت، محصولن ۽ واپار بابت عام ٺاهه وارو ادارو ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ذڪر ڪيل آهي. آخري باب اقتصادي ميلاپ بابت آهي، جنهن ۾ اقتصادي ميلاپ جي قسمن جو چٽيءَ طرح بيان ڪيل آهي. دنيا ۾ ميلاپ جي ٻن اهم قسمن يورپي اقتصادي جاتي ۽ يورپ جي آزاد واپاري جماعت متعلق به ذڪر ڪيو ويو آهي.

        آءٌ پنهنجي استاد محترم محمد الياس ابڙي صاحب جو تهدل سان شڪرگذار آهيان، جنهن نه صرف مون کي وقت بوقت ڪتاب متعلق صلاح مشورا پئي ڏنا آهن، ۽ رهبري پئي ڪئي آهي، پر مهرباني فرمائي پوري ڪتاب کي نظر مان ڪڍي پنهنجي راءِ کان واقف به ڪيائون. آءٌ محترم خواجه غلام علي الانا صاحب جو به تهدل سان شڪرگذار آهيان، جنهن صاحب پنهنجي سر ذاتي ڪوشش وٺي هن ڪتاب جي پائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، ۽ نه رڳو ايترو پر آءٌ ائين به چوندس ته هن صاحب جي تڪليف وٺڻ ڪري هيءُ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. آءٌ پنهنجي دوست احمد علي ”ظهور“ انصاريءَ جو به شڪر گذار آهيان، جو هن مهرباني ڪري ڪتاب جي متن کي نظر مان ڪڍي، ٻوليءَ جون ضروري درستيون ڪيون. پنهنجي ٻن ٻين گهرن دوستن محترم عبداللطيف ۽ محترم عبدالرشيد انصاريءَ جو پڻ شڪر گذار آهيان، جن وقت بوقت هن ڪم ۾ منهنجي همت افزائي پئي ڪئي آهي. آخر ۾ آءٌ پنهنجن شاگردن يوسف شيخ، عنايت الله ميمڻ، اعجاز قريشي ۽ دوست علي احمد انصاريءَ جو ٿورائتو آهيان، جن ڪتابن جي متن اتارڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

        ڪتاب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هر قسم جي صلاح مشوري کي نيڪ نيتيءَ جي جذبي سان ڏٺو ويندو، ۽ دلي طرح سان خير مقدم ڪيو ويندو. ان ڪري ڄاڻو حضرات کي گذارش آهي ته اهي انهيءَ ڏس ۾ منهنجي رهنمائي ڪن.

        8_12_1975ع

غلام حسين خاصخيلي

ائسوسيئيٽ پروفيسر شعبہء اقتصاديات

سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

باب پهريون

بين الاقوامي واپار جو خالص نظريو

The Pure Theory of International Trade

هر فرد شروعات ۾ پنهنجون گهرجون پاڻ پوريون ڪندو هو. هو ساڳئي وقت هڪ هاري به هو ته موچي به، واڍو به هو ته لوهار به، ڪنڀار به هو ته ڪوري به ۽ رازو به هو ته درزي به؛ مطلب ته پنهنجي گهرج پوري ڪرڻ واسطي کيس ئي جتن ڪرڻا پوندا هئا ۽ ٻئي جي، گهڻو ڪري، ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه پوندي هيس. رفتي رفتي جڏهن انسان جي گهرجن ۽ ضرورتن ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ کيس هڪ ئي وقت اڪيچار شين جي ضرورت محسوس ٿي، تڏهن هنن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جو مادو پيدا ٿيو، ۽ آخر هڪ ٻئي تي ڀاڙڻو پين. اهڙيءَ طرح سان شين جي ڏي وٺ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ واپار وجود ۾ آيو. تاريخي حقيقتن مان ظاهر ٿو ٿئي ته اڄ کان اٽڪل چار هزار سال اڳ مصر ۾ اهرامن مان جيڪي لاش (ممي) نڪتا آهن، انهن جي مٿان سنهي ململ جو ڪفن چڙهيل آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ڪپڙو واديءِ سنڌ ۾ ٺهندو هو. ان مان ظاهر ٿيو ته قديم زماني ۾ به پرڏيهي واپار هلندو هو، جيتوڻيڪ ان وقت آمدورفت جو ڪو خاص انتظام به ڪونه هوندو هو، ۽ نه وري ڪو ناڻي جو سرشتو ئي رائج هو، پر تنهن هوندي به واپاري ٽولا ٺاهي قافلن جي صورت ۾ ديس ديس جو چڪر هڻندا هئا ۽ پنهنجون شيون وڪڻي، مختلف ملڪن مان ضرورت جون شيون خريد ڪندا هئا، ناڻي جي مروج نه هئڻ ڪري جنسن وارو سرشتو يا شين جي مٽا سٽا واريو سرشتو عمل ۾ ايندو هو، جنهن مطابق واپاري، شين جي مٽاسٽا جي صورت ۾ ڏي وٺ ڪندا هئا. ان سان گڏوگڏ سون پڻ شين جي قيمتن ڪٿڻ لاءِ هڪ معقول ذريعو هو. گهٽ مقدار ۾ هئڻ ڪري سون جو قدر ڪافي هو ۽ هر قوم سون کي قبول ڪرڻ کان گريز نه ڪندي هئي ۽ ورتل مال جي بها سون ذريعي چڪائي ويندي هئي. آهستي آهستي واپار جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. آمدورفت لاءِ نيون نيون ايجادون ٿينديون ويون، جنسن واري سرشتي جي عيوض ناڻي جو سرشتو وجود ۾ آيو ۽ اهڙيءَ طرح واپار ۾ به سهوليت ٿيندي وئي. هن وقت ته سڄي دنيا هڪ بازار مثل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ دنيا جا مختلف ملڪ هڪٻئي سان خريد فروخت ڪن ٿا.

جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اهو سڀ پورهئي جي ورڇ جي اصول تي مدار رکي ٿو، ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ يا هڪ قوم لاءِ پنهنجون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ نه صرف مشڪل آهي، پر ناممڪن پڻ آهي. ٻئي جي مدد کان سواءِ اها قوم پنهنجي ضرورتن کي منهن ڏئي نه سگهندي، تنهن ڪري هڪٻئي جي تعاون جي گهڻي ضرورت پوي ٿي. اها به هڪ حقيقت آهي ته سڀني ڌنڌن تي مغز ماري ڪرڻ جي بدران ڪنهن هڪڙي ڌنڌي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ نه فقط وڌيڪ بهتر آهي پر فائديمند پڻ آهي. هڪ شخص گهڻيئي هنر ڄاڻي ٿو پر فائدو تڏهن ٿيندس جڏهن هو سڀني ڌنڌن تي وقت وڃائڻ جي بدران ڪنهن هڪ ڌنڌي ۾ خاص مهارت حاصل ڪندو ۽ ٻيا ڌنڌا ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندو. اهڙيءَ طرح پيدائش سان گڏوگڏ سندس نفعو پڻ وڌندو. ساڳئي اصول هيٺ جدا جدا ملڪن ۾ الڳ الڳ قدرتي وسيلن موجود هئڻ جي ڪري اهي ملڪ ڪنهن مخصوص شيءِ جي پيداوار ۾ مهارت رکن ٿا، جا ٻين ملڪن ۾ مختلف وسيلن هئڻ جي ڪري آسانيءَ ۽ سستائيءَ سان پيدا ڪري نٿي سگهجي؛ اهو ئي سبب آهي جو اهي ملڪ پنهنجي پيداوار ٻاهر موڪلي، اتان پنهنجي ضرورت جون شيون گهرائي سگهن ٿا. انهيءَ نموني ٻن يا وڌيڪ ملڪن ۾ هلندڙ واپار کي ”بين الاقوامي واپار“ چئبو آهي.

حقيقت ۾ واپار مڙئي واپار آهي، جنهن جي وسيلي اسين پنهنجي ضرورتن جون شيون حاصل ڪري سگهون ٿا. پر تنهن هوندي به اقتصاديات جي اڪابرن، اندروني واپار ۽ بين الاقوامي واپار جي وچ ۾ ڪجهه فرق محسوس ڪيو آهي، جنهن موجب بين الاقوامي واپار لاءِ ڪي خاص نظريا قائم ڪيا اٿن.

بين الاقوامي واپار لاءِ علحدي نظريي جي ضرورت

The Need for Separate Theory

اقتصاديات جي مشهور ڪلاسيڪي اڪابرن ”ائڊم سمٿ“ (Adam Smith) ۽ ڊيوڊ رڪارڊو (David Ricardo) جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي واپار لاءِ علحدو نظريو هئڻ گهرجي. پر انهيءَ جي برعڪس پروفيسر برٽن اوهلن (Burtil Ohlin) ان خيال جو آهي ته بين الاقوامي واپار لاءِ علحدي نظريي جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي راءِ موجب هڪ مارڪيٽ واري تخيل تحت لاپي ۽ بين الاقوامي واپار جي ٻئي نظريا، عام قييمتن واري نظريي جا اهم جزا آهن، هن ڳالهه ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه صداقت نظر اچي ٿي، پر تنهن هوندي به اندروني ۽ بين الاقوامي واپار ۾ گهڻو ئي تفاوت آهي، جنهن ڪري بين الاقوامي واپار لاءِ علحدي نظريي جي ضرورت آهي.

محنت ۽ موڙيءَ جي نسبت گهٽ چرپر

مشهور ڪلاسيڪي ماهرن ائڊم سمٿ ۽ رڪارڊو جي خيال موجب ڪنهن ملڪ اندر محنت ج چرپر نهايت آسان آهي، مزورن کي ساڳئي ڪم لاءِ جتي به اجرت يا مزوري وڌيڪ ملندي ته هو اوڏانهن ئي لاڙو رکندا، انهيءَ ڪري ملڪ اندر ساڳي شيءِ ٺاهڻ لاءِ ماهر ڪاريگرن کي هڪ جيتري مزوري ملندي، پر بين الاقوامي واپار جي چڪر ۾ ايئن نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته چاهي ٻئي ملڪ ۾ مزوريءَ جو نرخ کڻي وڌيڪ به هجي پر مزور اوڏانهن وڃڻ نه چاهيندا ۽ ڌارئي ملڪ ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندا. ماهرن جو رايو آهي ته، ”هر قسم جي سامان مان ماڻهو ئي هڪ اهڙو ڏکيو سامان آهي جيڪو آسانيءَ سان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نٿو موڪلي سگهجي“. ان ڪري مزورن جي اجرت ۾ تفاوت جو اثر شيءِ جي پيدائش جي خرچ ٿي پوي ٿو. ساڳي طرح موڙيءَ جي چرپر به مشڪل آهي، ڪو به ملڪ پنهنجي موڙي آسانيءَ سان ٻاهر سيڙائڻ جي اجازت نه ڏيندو. ازانسواءِ وياج جي نرخن ۾ پڻ تفاوت هوندو آهي، جنهن جو اثر شيءِ جي قيمت تي لازمي طرح پوندو آهي، انهيءَ ڪري بين الاقوامي واپار جي سلسلي ۾ جدا اصول هئڻ گهرجن.

مٿينءَ ڳالهه تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته اهو چوڻ ته ملڪ اندر مزورن جي چرپر آسان آهي ۽ ٻاهر مشڪل آهي، سو غلط آهي، ملڪ اندر به هڪ شهر ۾ اهڙي چرپر کڻي آسان به هوندي، پر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ وڃڻ ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور آهي. ساڳيءَ طرح موڙي به ڦري گهري سگهي ٿي، پر تنهن هوندي به حب الوطنيءَ جي جذبي ۽ ٻاهرين فڪرن وغيره ڪري محنت يا موڙي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪيٻائيندا.

مختلف قدرتي وسيلا

هر هڪ ملڪ جا قدرتي وسيلا مختلف آهن، جنهن ڪري هر ملڪ يا قوم ڪنهن خاص شيءَ جي پيدا ڪرڻ ۾ خاص مهارت رکندي آهي، ان ڪري پوءِ هڪ ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ شين آڻڻ ۽ نئيڻ سان بين الاقوامي واپار جو سرشتو شروع ٿئي ٿو. مثال طور پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار لاءِ مناسب وسيلا آهن. پاڪستان ڪپهه جي پيداوار ۾ مهارت رکي ٿو، ۽ اهي شيون دنيا کي روانيون ڪري ٿو. جيڪي ڪپهه مان تيار ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ ۾ وري مشينن وغيره لاءِ وسيلا موجود آهن، تنهنڪري مشينن مان ٺهيل شيون برآمد ڪري ٿي. مطلب ته جدا جدا ملڪ، پنهنجن پنهنجن وسيلن آهر، جدا جدا شين جي ٺاهڻ ۾ خاص مهارت رکن ٿا.

ناڻي جي سرشتي ۾ تفاوت

هر هڪ ملڪ کي ناڻي جو پنهنجو پنهنجو علحدو سرشتو هوندو آهي. جڏهن ٻن ملڪن ۾ واپار شروع ٿيندو آهي، ته کين ورتل شين جو ملهه هڪڙي اهڙي ناڻي ۾ ڏيڻو پوندو آهي، جو سندن ناڻي کان مخلتف هوندو آهي. ان ڪري پرڏيهي مٽاسٽا جون ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن.

حڪومت جا قاعدا قانون

هر هڪ ملڪ ۾، پيداوار جي نسبت موجب، حڪومت جا پنهنجا پنهنجا قاعدا ۽ قانون رائج هوندا آهن. مثال طور، محصول ڪارخانن ۾ڪچي مال ڏيڻ جون سهوليتون، مزورن لاءِ قانون، ڪارخانن جي تنظيم بابت شرط شروط، مختلف وٽ، تورا ۽ ماپا، پنگتي ويما، ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ مال نيئڻ متعلق اصول وغيره. اهڙيءَ طرح ساڳي شيءَ پيدا ڪرڻ ۾ به مختلف ملڪن کي مختلف سهولتون مهيا هونديون آهن. جنهن جو اثر شين جي پيداوار جي خرچ تي پوندو آهي. ان ڪري ئي ساڳي شيءَ جي قيمت هڪ ملڪ ۾ وڌيڪ ته ٻئي ۾ گهٽ ٿيندي آهي.

معيار زندگيءَ جو مختلف هجڻ

هر هڪ ملڪ ۾ شين پيدا ڪرڻ وارن ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار گهڻو ڪري ساڳيو نٿو ٿئي. جهجهي موڙي سيڙائيندڙ ملڪ جهڙوڪ: آمريڪا، جرمني ۽ جپان وغيره پنهنجن پنهنجن مزورن کي سٺيون مزوريون ڏيندا آهن، جنهن ڪري لازمي طور سندن پوهئي يا محنت جي قابليت وڌيو وڃي، ۽ هو ٿوري وقت اندر عمدو مال تيار ڪري سگهندا آهن. پر ٻئي طرف، گهٽ سيڙپ واري قوم، پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ عاجز هوندي آهي، تنهنڪري سندس مزورن ۾ سٺي ڪم جي اميد رکڻ اجائي آهي. چيو وڃي ٿو ته ڳرين مزورين جي ڪري شيون مهانگيون ٿينديون آهن، پراهڙن ملڪن ۾ مزور پنهنجي اعلى قابليت سبب سٺيون ۽ ٿوري وقت اندر گهڻيون شيون پيدا ڪندا آهن، جيڪي ساڳئي وقت سستيون هونديون آهن.

اقتصادي خود اعتمادي ۽ قوميت جو جذبو

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترائي ملڪ خود مختيار ٿيا آهن. ان ڪري اڪثر ملڪن ۾ ترقيءَ جو جذبو گهڻو وڌيل آهي. هو انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته سندن عوام جي زندگيءَ جو معيار وڌايو وڃي. ان ڪري هو اقتصادي ۽ خود اعتماديءَ ۽ قوميت جي جذبي تحت رات ڏينهن ڪوشان هوندا آهن ته سندن ملڪي پيداوار وڌي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو انهن ملڪن جي اندروني ۽ بين الا قوامي واپار جي فرق ۾ هيڪاري اضافو ٿيندو پيو وڃي.

لاڳتن جي تفاوتن وارو نظريو

Doctrine of Cost Differences

ڪلاسيڪي ليڪن جي راءِ موجب ٻن ملڪن ۾ واپار، شين جي لاڳتن ۾ فرق هجڻ ڪري ٿئي ٿو. هئبرلر پنهنجي ڪتاب ’بين الاقوامي واپار‘ ۾ لکي ٿو ته ”انهيءَ سوال جو جواب ته ڪهڙو ملڪ ڪهڙيون شيون درآمد ڪندو، ۽ڪهڙيون شِون برآمد ڪندو، ڪلاسيڪل نظريي مطابق هيءُ آهي ته هر ڪو ملڪ اهي شيون پيدا ڪندو جن جي لاءِ هن کي هنن ڳالهين. جهڙوڪ آب و هوا، زمين جي طاقت، ان ملڪ جا ٻيا قدرتي وسيلا، سندس ماڻهن جون اندروني خصوصيتون، ۽ ان کان سواءِ سندس حقيقي موڙي جيڪا هن جي گذريل دور جو ورثغو آهي، جيئن ته جڳهيون، ڪارخانا، مشينري ۽ امدنيءَ جي ذريعن وغيره ڪري خاص مناسبت هوندي، اهڙو ملڪ صرف اهڙي قسم جون شيون پيدا ڪندو، ۽ واڌو پيدائش جي بدلي ۾ ٻين ملڪن کان اُهي شيون گهرائيندو، جن جي پيدا ڪرڻ لاءِ يا ته سندس ذريعا اڻپورا هوندا، ۽ يا ته وري هو اهي شيون بلڪ پيدا ڪري نه سگهندو هوندو“. مطلب ته هرڪو ملڪ صرف اُهي شيون پيدا ڪندو جن جي پيداوار ۾ ان کي خاص مهارت حاصل  هوندي. اهڙيءَ طرح پنهنجي گهرج کان وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ڪيل شيون ٻين ملڪن کي موڪليندو، ۽ اتان وري اهي شيون گهرائيندو، جن جي پيدا ڪرڻ ۾ کيس خاص مهارت حاصل ڪانه هوندي. اهڙي نموني ٻنهي وارپار ڪندڙ ڌرين کي فائدو رسندو. پرهاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻن مختلف ملڪن ۾ شين جي لاڳت ۾ فرق ڇو ٿو اچي؟ ان جو مکيه سبب صرف هي آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ پيدائش جا جزا ساڳيا نه آهن. هر هڪ ملڪ قدرتي طور پيدائش جي جدا جدا جزن سان نوازيل هوندو آهي. ڪن ملڪن ۾ زمين ۽ محنت وڌيڪ هوندي آهي، ته ڪن ۾ وري موڙي وڌيڪ هوندي اهي. ان ڪري هر هڪ ملڪ ۾ پيدائش جي جزن جي لاڳت به نسبتي طور جدا جدا ٿيندي آهي. ڪو ملڪ جنهن ۾ زمين تمام سٺي ۽ گهڻي هوندي، ظاهر آهي ته اتي زرعي پيداوار گهٽ لاڳت سان پيدا ٿي سگهندي. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ موڙي به گهڻي هوندي، ۽ مزور به قابل هوندا، ته اتي پڪو  مال تمام سستي اگهه ۾ تيار ٿي سگهندو. ان ڪري ثابت ٿيو ته شين جي لاڳت ۽ قميت جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا ٿيندي. انهن ملڪن ۾ لاڳتن جي فرق هئڻ ڪري، واپار آسانيءَ سان ٿي سگهندو. اهي فرق يا ته مطلق لاڳتن وارا هوندا، يا وري نسبتي لاڳتن وارا.(1)(Haberler)

مطلق فائدي وار اصول يا لاڳتن ۾ مطلق تفاوتن وارو اصول

Low of Absolute Advantage or Law of Absolute Cost Difference

ائڊم سمٿ جي خيال مطابق ڪن به ٻن ملڪن ۾ ٻن شين جو واپار تڏهن هلندو جڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ ملڪ، ڪابه هڪ شيءِ مطاقاً گهٽ لاڳت تي پيدا ڪندو. هيٺ ڏنل مثال مان اها ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿيندي. سمجهو ته ’الف‘ ۽ ’ب‘ ٻه ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪڻڪ ۽ ڪپڙو هيٺڏنل لاڳتن تحت پيدا ٿئي ٿو:

الف ملڪ ۾:

ڪڻڪ جي پيدائشي لاڳت    6 ايڪا پورهئي جا

ڪپڙي جي پيدائشي لاڳت   8 ايڪا پورهئي جا

ب ملڪ ۾:

ڪڻڪ جي پيدائشي لاڳت    8 ايڪا پورهئي جا

ڪپڙي جي پيدائشي لاڳت   6 ايڪا پورهئي جا

 

مٿي ڏنل مثال مان ظاهر ٿو ٿئي ته ’الف‘ ملڪ کي ڪڻڪ جي پيداوار ۾ خاص مهارت حاصل آهي، ڇاڪاڻ، ته هو اها مطلقاً گهٽ لاڳت سان پيدا ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح ’ب‘ ملڪ کي ڪپڙي ۾ مهارت حاصل آهي. ان ڪري ’الف‘ صرف ڪڻڪ پيدا ڪندو، ۽ ’ب‘ ڪپڙي جي پيداوار ڪندو. بعد ۾ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان انهن ٻن شين جي ڏي- وٺ ڪندا. ائڊم سمٿ جي خيال مطابق اهو فائدو وڌندڙ پورهئي جي بين الاقوامي ورڇ جي ڪري ٿئي ٿو، ان ڪري اهو ضروري آهي ته هتي پرهئي جي بين الاقوامي ورڇ جو ذڪر ڪيو وڃي.


(1)  G. Haberler, <International Trade<, London 1959, P. 125.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org