سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :2

سقراط کان وٺي نذير عباسي تائين – برونو ھجي يا بلاول، سرويٽس ھجي يا منصور، جان آف ليڊن ھجي يا جون آف ارڪ، سرمد ھجي يا انتونيو گويرا ڊي لاسرنا (چي گويرا)- سڀني سچ جي چڙھتي / سوڀ لاءِ سر ڏنو. سچ مرندو ناھي. امر ھوندو آھي. اھا سڀني کي سڌ ۽ پڪ ھئي. سقراط کي بھ ھئي. ”مان ھنن کي ڪيئن يقين ڏياريان تھ مئل ماڻھو مان نھ ھوندس.... ھنن کي ائين چوڻ نھ ڇڏجو تھ ڪو سقراط کي پوري رھيا آھيو.... پيارا ڪريٽو! رڳو ائين چئو تھ توھان منھنجو جسم دفنائي رھيا آھيو.“

بلي شاھھ اسان مرنا ناھين

گور پيا کوئي ھور

”سقراط جو موت ساڳئي وقت دنيا ڏانھن ھڪ نئين رخ جو جنم ھيو، جنھن جو بنياد قسمت ۾ انڌي عقيدي ۽ خدا پاران احتساب جي خوف جي بنياد تي نھ، پر ڄاڻ جي بنياد تي رکيل ھو.“

سقراط سچ جو  symbol آھي. سچ سقراط ۽ سقراط سچ آھي. سچ امر آھي، سقراط امر آھي.

پيار/ محبت / عشق ڇا آھي؟ پڪ ڄاڻو مون کي اڃا تائين خبر نھ پئي آھي. بھرحال ھر دؤر ۾ اھو عنوان بحث ۽ دلچسپي جو موضوع رھيو آھي، خاص ڪري نوجوانن ۾، ان ڪيفيت کي ڇا چئجي، جڏھن نٽھڻ اس ۾، ٽاڪ منجھند جو جھولو بھ جھولو نھ پر ٿڌڙي ھير محسوس ٿئي ۽ وري چنڊ جي ٿڌي مٺي، اڇي کير جھڙي چانڊوڪي بھ اھڙي آنڌمانڌ، اٿل پٿل، لڇ پڇ پيدا ڪري، تڙپائي، جلائي ڄڻ اھو چنڊ نھ پر سج ھجي، جيڪو ساڙيندو ھجي.

توھان سان ڪڏھن ائين ٿيو آھي تھ ڪنھن جي موجودگي / ويجھڙائي، توھان جي دل ۾ لرزش پيدا ڪري، جيئن صبح جي ھير جو جھوٽو، واھھ جي ڪڙ تي بيٺل ڪانھھ جي ٻوڙي ۾ لرزش پيدا ڪندو آھي ۽ پوءِ توھان جي دل ان بي ترتيب انداز ۽ آواز سان ڌڙڪي جيئن تيل واري ان پيھڻ جي مشين جي سالينسر ۾ ٻڌل لوٽي، بي تربيت واڄٽ ۽ واڪا ڪندي آھي. چپ ائين خشڪ تي ڏرا ڏئي ڦاٽي پون، جيئن مينھن جو پاڻي سڪي وڃڻ کان پوءِ زمين ڏرا ڏئي ڦاٽي پوندي آھي ۽ پاڻي اچڻ کان اڳ، شاخ جي تري وانگر سڪي ٺوٺ ٿي ويل نڙي منجھان ڳيت تھ ٺھيو، پر ساھھ کڻڻ تي بھ ائين محسوس ٿئي ڏکي پئي، ڄڻ ان مان ڪو ٻٻر جو سڪل ڍنگھر گھليندو ھجي.

ڪڏھن توھان تي اھڙي ڪيفيت طاري ٿي آھي تھ اوھان ماڻھن کان الڳ ٿلڳ، پري ڪنھن اھڙي سنسان ھنڌ وڃڻ چاھيو جيئن ڪو توھان کي ڳولي بھ نھ سگھي.

اھڙي جوءِ وڃان

ڪمپيوٽرائيزڊ ريڊارن کان

ڳولھيو نھ لھان

۽ وري ڪڏھن ان جي ابتڙ، اوھان کي اڪيلائيءَ جو احساس ستائي:

ھن رات جي تنھائي

ڄڻ گبرئيل گارشيا جو ڪتاب

ھڪ صديءَ جي اڪيلائي.

ڪڏھن توھان کان، توھان جي دل ائين کسڪندي، بي خبري ۾ کسجي وئي آھي، جيئن ٻاچ ۾ پاتل ڪو گھر گھلو ڇلو، موقعو ۽ مھل نھ ڏسندي، توھان کي سرت نھ ڏيندي، سرڪي ڪري پوندو آھي.

اوھان سان ائين ٿيو آھي تھ يا تھ سڄو وقت چپ ئي رھيا ھجو يا جيڪڏھن ڳالھايو ھجيو تھ ھيڏانھن ھوڏانھن جون کوڙ، ڍير ڳالھيون ڪري ويا ھجو يا ساڳيون ڳالھيون وري وري ويٺا ورجايو، پر اھو ڪجھھ نھ چئي سگھيو، جيڪو چوڻو ھجيو.

ڇا اھي ڪيفيتون اوھان تي گذري چڪيون يا اڃا بھ گذرنديون آھن؟ لڳ ٿو توھان سڌ رکڻ واري صورتحال مان نھ گذريا آھيو، پر ڪڏھن، سڌ ئي نھ رکڻ، واري ڪيفيت مان بھ لنگھيا آھيو؟ توھان کي ڪھڙي ڳالھھ جي پڪ آھي، ڪھڙي جي نھ آھي؟

”پيار“ ۾ پيار بابت بحث ٿيل آھي تھ اھ واصل ۾ آھي ڇا ۽ ان جي قسمن ۽ منزلن تي بھ بحث آھي. لازمي طور پيار ڪندڙ / عاشقن تي بھ بحث نڪري ٿو، جيڪي بھ مختلف قسمن جا ٿين ٿا. ڪي اھڙا بھ ٿين ٿا جيڪي سڄي عمر شادي ڪرڻ تي مورڳو راضي ئي نھ ٿا ٿين تھ وري ڪي اھڙا بھ آھن جيڪي نوجوان ڇوڪرن جي گھٽ عمر، عقل، اڻڄاڻائي ۽ ناتجربيڪاري جو فائدو وٺي کين بيوقوف بڻائي، ساڻن دغا ڪندا ۽ ڌوڪو ڏيندا آھن.“ انھن ستن ڄڻن جي تقريرن کي ڌيان سان پڙھڻ سان، اسان کي اڄ جي دؤر ۾ بھ ان معاملي بابت ڪافي معلومات ۽ مشابھت ملي ويندي. سقراط جي تقرير وضاحتي جامع ۽ اھم آھي جنھن ۾ جمالياتي پيار کان وٺي ويندي، ڪنھن سرجڻھار کي پنھنجي تخليق سان جيڪو پيار آھي، تنھن جو ذڪر بھ ڪيل آھي ۽ ڇا تھ بحث ٿيل آ! مان ھتي رڳو ھڪ ڳالھھ جي وضاھت مناسب ۽ ضروري سمجھان ٿو.

عين ممڪن آھي تھ ”پيار“ (سمپوزيم) ۾ سقراط ۽ الڪيبيادس جون تقريرون پڙھڻ کان پوءِ، ڪنھن کي سقراط جي ڪردار جي باري ۾ ڪا غلط فھمي ٿئي. حقيقت ھيءَ آھي تھ خود سقراط ۽ الڪيبيادس جون تقريرون، ڪنھن اھڙي غلط فھمي کي دور ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. بھرحال پوءِ بھ ان بابت ٻھ اکر ڳالھائڻ ئي گھرجن.

مصر ۽ عربستان ۾ ”عورت جو حسن“ تھ ايران ۽ يونان ۾ وري ”مرداڻو حسن“ مقناطيسي رھيو آھي ۽ سقراط يوناني ھيو. يقينا جسماني خوبصورتي، فطري طور، ڪنھن بھ ماڻھو لاءِ ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪشش ضرور رکي ٿي. ان کان ڪير بھ انڪار نٿو ڪري سگھي. ان معاملي ۾ سقراط بھ Exeption نھ ھيو. پر اصل ڳالھھ اھا آھي تھ ڪنھن ماڻھوءَ جو ان سونھن ڏانھن رويو ۽ سوچ ڇا آھي – نيڪ يا بري؟- ھو ان جسماني سونھن کي ئي سڀ ڪجھھ / منزل سمجھي ويھي ٿو يا ڪنھن ۾ موجود گڻن، خصلتن، خيالن جي سونھن کي اھم ڄاڻي ٿو. جيڪڏھن ھو پوئين ڳالھھ کي درست سمجھي ٿو تھ پوءِ ماڻھو ڪھڙي بھ جسماني خوبصورتي کان متاثر ٿئي ۽ انھن ڏانھن ڇڪجي، جيڪا مرد جي ھجي يا عورت جي – فرق نھ ٿو پئي. ڳالھھ اھا آھي تھ توھان جي اندر سچائي ڪيتري آھي، خيالن جي پاڪائي ۽ اخلاق جي بلندي ڪيتري آھي.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ شاھھ لطيف کي مغلن جي نياڻي جي صرف چيچ جي سونھن ئي لوڏي وڌو. بيدل کي وري ڪرمچند جي نظاري اھڙو گھائي وڌو جو فقير صاحب باقاعده صبح جو روزانو، روھڙي مان نڪري، سکر روانو ٿيندو ھو. جتي ڪرمچند جو دڪان ھيو ۽ درشن ڪري، شام جو واپس ٿيندو ھو. سقراط جي سلسلي ۾ ھي تھ نوجوان ھن جي پويان ڦرندا وتندا ھئا. الڪيبيادس سندس ويجھرائي ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ حرفتون ۽ حيلا ھلائي ٿو. چوي ٿو: ”ڄڻ ھو (سقراط) ڪو حسين محبوب ھجي ۽ مان ڪو حرفتي عاشق“ پنھنجي آخري وار ۾ بھ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، السيبيادس خود چوي ٿو: ”مون کي سقراط جي اخلاق، پاڻ تي ضابطي ۽ مردانگي لاءِ ڏاڍي عزت ۽ احترام پيدا ٿيو.“ برٽينيڪا لکي ٿي: ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ ھو نيڪ ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ ھيو، پر ايترو سو ھيو، جيئن چئجي تھ، ھن جو مزاج عاشقاڻو ھيو.“

ڊبليو – ايڇ ٿامسن لکي ٿو: ”اخلاقي طور بلڪل پاڪ ۽ صاف، پر ظاھري طور ھو جذبن جو غلام لڳندو ھو.“ مسھور ۽ مڃيل محقق ول ڊرانٽ لکي ٿو: ”اسان کي ھن اڻ – گھڙيل پٿر منجھان ھڪ انساني سڄڻپائي / دوستائپ، نھٺائپ ۽ پاڪدامني واري اھڙي سادگي نظر اچي ٿي، جنھن ھن بي زيبي مفڪر کي اٿينس جي خوبصورت ترين نوجوانن جو محبوب استاد بڻائي ڇڏيو.“

اڻ گھڙيي / تراشيل پٿر وانگر بي زيب – ھي سقراط – خود ”ايترو بھ خوبصورت نھ ھيو، جيترو ھڪ فلاسافر کي ھجڻ ئي گھرجي. گنجو مٿو، وڏو گول منھن، گھوريندڙ اکيون، ويڪرو ٽڙيل پکڙيل نڪ – اھو ڄڻ تھ ھڪ عظيم فلاسافر جو نھ پر ڪنھن ڦلي جو منھن ھيو.“ قد جو بندرو، ٿلھو متارو مضبوط جسم، نڪ بينو، ويڪريون ناسون، اکيون ٻاھر نڪتل، وڏو وات ۽ ٿلھا چپ. عمر گذرڻ سان گڏ گنجو ٿيندو پئي ويو. کھريون ۽ بي ترتيب ڀرؤن، ڏاڙھي – وري ٻاھرين ٺاھھ ٺوھھ ۽ لٽن ڪپڙن جو کيس ايڏو خيال بھ ڪو نھ. ”ڀڪليا ڀوڻن، ڌڙ کي گڏيو ڌور ۾“ (ساھھ) (کاھوڙي بت کي مٽيءَ سان ملي، ميرا ٿيو پيا گھمن) اونھارو توري سيارو سندس لٽا ساڳيا. اھو گھنجيل، ڦاٽل ڪڙتو اوڙھيل اٿس ۽ دسوس تھ سھي، اھو اٿينس جي گھٽين ۽ بازارن ۾ وتي ٿو پيرين اگھاڙو گھمندو. نھ سيءُ ٿو سٽيس ۽ نھ ئي اس ٿي ساڙيس. توھان ٻڌو تھ سافسٽ اينٽيفون ھن باري ۾ ڇا چئي ورتو: ”جي ڪنھن غلام کي بھ ھن جھڙي حالت ۾ رھايو وڃي تھ ھو ڀڄي پٽ ڪندو.“

سقراط کي خوشيءَ سان اھو مڃيندو ھو تھ ھن جي شڪل شباھت اھڙي آھي. پيٽ جي باري ۾ چوندو ھو تھ ھن کي اميد آھي تھ ھوڊآنس جي ذريعي ان کي گھٽائي وجھندو. ڌن، دولت ۽ ڏيکاءُ سان نھ لڳيس. ھڪ دفعي بازار ۾ کوڙ ساريون شيون ڏسندي چيائين، ”اھي ڪيتريون نھ شيون آھن، جن جي مون کي طلب ئي ڪانھي.“ جيئن پنھنجو نھ، تيئن گھر ٻار جو بھ اونو نھ ھوندو ھئس. زينٿپي جي نظر ۾ ھو ”ڪنھن ڪم جو نھ، ھڪ سست ۽ واندو ماڻھو ھو، جنھن پنھنجي ڪٽنب لاءِ ماني ڳڀي کان وڌيڪ، بدنامي آندي.“ کيس شڪايت رھي تھ ھو مارڪيٽ ۾ پنھنجي نھ کٽندڙ بحث ۾ رھي. پنھنجي ان گھر ٻار ٻچن کان بلڪل لاپرواھھ رھي ٿو ۽ ھڪ طرف سقراط پنھنجي ڪوتاھي جو اعتراف بھ ڪندو ھو تھ ٻئي طرف جھيڙڻ جي باوجود زينٿپي ساڻس پيار ڪندي ۽ کيس پسند ڪندي ھئي. ”ھو ستر سالن جو پيرسن ٿي ويو تھ بھ ھوءَ سندس مرڻ تي خوش ۽ راضي ڪو نھ ھئي.“ آخري ڏينھن تي ھو زال ۽ ٻارن کان موڪلائڻ کان پوءِ ڪريٽو کي چوي ٿو تھ ڪو ھنن کي گھر وٺي وڃي. سقراط سان زينٿپي جو پيار ڏسو: ”پوءِ ڪريٽو جا ڪجھھ ماڻھو کيس ٻاھر وٺي ويا. ھوءَ روئي، رڙي ۽ پنھنجو سينو پٽي رھي ھئي.“ سقراط کي زينٿپي کان نفرت ڪو نھ ھئي. پر ھن کي وڌيڪ پيار پنھنجي آدرش سان ھيو. اسان کيس صبح جو ڪثرت خاني ۾ ورزش ڪندي ڏسون ٿا ۽ ”سندس اھو روز جو معمول ھيو تھ صبح جو گھران نڪري، اٿينس جي مارڪيٽ يا ڪنھن ٻي اھڙي جاءِ تي ويندو ھو، جتي ماڻھو گڏ ٿيندا ھئا ۽ پوءِ انھن سان گفتگو ۽ ڳالھين ۾ شروع ٿي ويندو، جيڪو بھ ھن سان زندگي ۽ موت جي اونھن معاملن تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ھوندو. امير توڙي غريب، نوجوان توڙي پوڙھو، دوست يا اڻ واقف جيڪو بھ آيو ۽ بيھي ٻڌندو تھ اھو سقراط جي اھا گفتار مفت ۾ پئي ٻڌي سگھيو.“

سقراط نھ ئي ڪنھن ٻئي کي بحث جي ”جبري الحاق“ ۾ زوري جڪڙيو ۽ نھ ئي ”مھاڏاھن“ وانگر سمورو وقت پاڻ ڳالھائيندو ھيو.“ ھو ڊگھيون تقريرون ڪو نھ ڪندو ھو ۽ نھ ئي ٻين تي ڇوھھ ڇنڊڻ يا ڇنڊ ڪڍڻ واريون غصي ۾ ڀريل تقريرون ڪندو ھو. نھ ئي رڳو پاڻ ڳالھائيندو ھيو. ھن ڪڏھن گفتگو ۽ بحث مباحثي ۾ پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪو نھ ڪئي ۽ اڪثر اھا ٻي ڌر ھوندي ھئي، جيڪا گھڻو وقت ڳالھائيندي ھئي.“ ۽ اھڙن بحثن ۾ يا ڪنھن بھ ٻئي وقت ھن ”ڪڏھن بھ منھن ۾ گھنج نھ وڌو ۽ نھ ئي ڪو مھڻو ڏئي ڳالھائيندو ھو. سندس طبيعت ۾ غير معمولي حد تائين خوش مزاجي ھئي ۽ ھو کل مک سڀاءُ وارو ھيو.“ ان ڪري نھ ھو جوشيلو ۽ جذباتي ھوندو ھيو ۽ نھ ئي رکو. ”مون کي اڃا بھ ڪجھھ ٻڌاءِ، لڪاءِ نھ“ ”تون رڳو ٿورو وڌيڪ چٽو ڪري چئھ تھ تنھنجو مطلب ڇا آھي تھ جيئن مان پھريائين توکي سمجھي تھ سگھان“، ”منھنجي سوال ڏي تھ ڏس، اھو ڪيڏو نھ سادو ۽ آسان آھي.“ ھن جو اھو دستوري انداز ۽ محبوباڻو حجاب آھي ۽ سندس اھا خوش طبعي، سندن مخالفن چواڻي ھن جي ”ٺٺولي“ ھوندي ھئي. ڇو تھ ”اھڙي گفتگو دوران سقراط سوال پڇندو. مليل جوابن کي غلط ثابت ڪندو، ان جي جاءِ تي جواب طور مختلف رايا رکندو، شڪ ظآھر ڪندو، مخالفن جي نقطئھ نظر ۾ تضادن کي واضح ڪندو ھو.“

ڇا ڀلا سقراط رڳو اھڙو ئي ھيو جيئن فلاسافر لاءِ اسان وٽ عام تصور آھي. فلاسافر بابت اسان جو عام تصور ڪانٽ تي بلڪل پورو لھي ٿو. اڳتي لڙڪندڙ سوڙھا ڪلھا، غير حاضر ۽ پنھنجي خيالن ۾ گم، جيڪو رڳو پنھنجي گھر ۽ يونيورسٽي وچ ۾ مقرر وقت تي ايندو ويندو ھو ۽ ھر صبح جو جڏھن ھي ليڪچر ڏيڻ لاءِ لنگھندو ھو تھ ڪانسبرگ شھر جي گھرن جون زالون ھن کي ڏسي پنھنجي گھڙيالن جو وقت درست ڪنديون ھيون.“ سقراط اھڙو نھ ھيو. ھڪ يوناني ھجڻ جي ناتي ھو اھڙو ٿي ئي نھ پئي سگھيو.“

ايمپيڊو ڪليس فلاسافر بھ ھيو ڊاڪٽر بھ، مقرر ۽ شاعر بھ تھ سياستدان ۽ سائنسدان بھ ھيو، ۽ ائين سقراط بھ سڀ ڪجھھ ھيو، ھڪ زنده دل انسان وانگر، پھرين ڳالھھ تھ ھو بيحد رلڻو ملڻو ۽ صحبتي ھيو. ھن کي سنگت ۾ ھجڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. ”مان ڄاڻ جو عاشق آھيان“ ھو پنھنجي لاءِ چوي ٿو، ”۽ ماڻھو منھنجا استاد آھن.“ گروني مطابق ھو شھر جي سڀني ڄاڻ ۽ تجسس رکندڙ ماڻھن سان ملاقاتون ڪندو رھندو ھو. پيريڪلس جي سريت، ايسپيزيا سان بھ سندس واقفيت ۽ دوستي ھئي.

حقيقت ۾ ھن جي نرم دل، ڳالھھ کي جلدي سمجھي وٺندڙ ذھن، اندازو غلط نھ وڃڻ، صبر، سھپ ۽ خوش مزاجي – انھن سڀني سان گڏ وري سندس، ڪنھن جي دل کٽي وٺڻ جو اندازو کيس ھڪ مثالي سنگتي بنائڻ لاءِ ڪافي ھو ۽ ماڻھن کي سندس سنگت ۾ مزو ايندو ھو. پوڙھا توڙي ٻار ٻئي ھن جا يار. ھن جو ھم عمر ڪراڙو ڪريٽو بھ سندس سنگتي تھ پٽھس ڪريٽو بولس کي بھ ھن سان پيار، ڪريٽايس چاچو افلاطون ڀائيٽيو، ٻئي سندس سلامي، ھو سادگي پسند بيشڪ ھيو پر دل جي زندھ جذبن کان وانجھيل نھ ھيو. پنھنجي عادتن، اطوارن ۽ سڀاءَ ۾ بلڪل سادو ۽ صاف دل، مادي لطفن ۽ فرحتن کان آزاد، انھن ڏانھن لاپرواھھ تھ بلڪل رھيو. پر پنھنجو پاڻ کي تپسيا، فقر ۽ رياضت ۾ گم ڪري، بيراڳي ۽ راھب بڻجڻ بھ نھ ڏنائين. ھو ڪنھن بھ کل خوشيءَ جي موقعي تي محفل جي جان ھوندو ھو. اھڙي طرح شراب ڪڏھن بھ ھن جي حاجت ۽ ضرورت نھ رھيو، پر وري جڏھن ڪو اھڙو موقعو ٿيندو ھو تھ ھو نھ صرف پيئندو ھو، پر محفل ۾ موجود ٻئي ڪنھن بھ ماڻھو کان وڌيڪ ئي پيئندو ھو. ۽ کيس ڪجھھ اثر بھ نھ ٿيندو ھو ۽ مڌ ڪيڏي ذوق سان پيئڻ گھري ٿو. زينوفون اسان کي ٻڌائي ٿو. گولائي ۾ ويٺل سڀني ڄڻن کي مڌ ننڍن پيمانن ۾ ڏنو وڃي. پر ان انداز سان تھ جام جلدي جلدي ھڪ ٻئي پٺيان ائين ايندا وڃن جيئن ڦوھاري مان پاڻيءَ جون ڪڻيون نڪرنديون آھن.

فطرت جي سونھن جي باري ۾ ڪيڏو نھ باذوق ۽ حساس آھي. ھاڙ جا ڏھاڙا ۽ ڪچڙي منجھند جو وقت آ. ھو فيڊرس کان ڪنھن ڪچھري جو حال احوال ٻڌڻ چاھي ٿو. پر ڪھڙي جاءِ تي ويھن؟ فيڊرس کيس ٻڌائي ٿو ان ڊگھي چنار جي وڻ ھيٺان جتي ڇانورو بھ آھي. ٿڌڙي ھوا بھ گھلي ٿي ۽ ويھڻ يا سمھڻ لاءِ ڇٻر بھ آھي. سقراط کيس ورندي ڏيندي چوي ٿو، ”ھائو، واقعي ھڪ خوبصورت ۽ آرامده جڳھھ، اونھاري جي سرن ۽ سرھاڻين سان واسيل، چنار جو اوچو ۽ گھاٽو ويڪرو وڻ، واھڙ جو وھندڙ ٿڌڙو پاڻي پيرن کي ڪيڏو نھ وڻندو ۽ ھيٺ بيٺل ڇٻر ڄڻ تھ مٿي ھيٺان نرم ترڪندڙ وھاڻو  مان تھ ليٽي پوندس...“ ۽ پوءِ ڪيترا ڪلاڪ ان چنار جي وڻ ھيٺان ويٺي گذري وڃن ٿا.

وري ڪٿي دعوت ۾ اسان سقراط کي ائين گھنجيل، گابي چٻاڙيل چوغي ۾ پيرين اگھاڙو ويندي نھ ٿا ڏسون. جيئن ھو عام طور تي ھوندو آھي. ”پيار“ ۾ ئي پڙھو. ھو اگيٿون جي دعوت تي وڃڻ لاءِ سنبريو آھي، اجھو ھو تڙ ڪري نڪتو آھي ۽ اڄ تھ پيرن ۾ چونپل بھ پاتل اٿس، اچو تھ کانئس پڇون. ”ڀلا اڄ اھي پوشاڪون پھري ڪيڏانھن ڪاھھ آھي؟“ ”اگيٿون جي مانيءَ تي.... ان ڪري اڄ اھي تيل ڦليل ڪيا آھن، ڇو تھ ھو بھ سھڻو جوان آھي ۽ جڏھن بھ ڪو، ڪنھن خوبصورت ماڻھوءَ سان ملڻ وڃي تھ پاڻ سينگاري وڃي.“ بڌو توھان جواب. اچو تھ ڀلا ھاڻي وري زينوفون جي سمپوزيم / ڪچھري ۾ ٿا ھلون. جتي افلاطون جي سمپوزيم وارا وڏا عالم ۽ دانشور نھ پر عام ماڻھو گڏ ٿيل آھن. سواءِ سقراط ۽ زينوفون جي. ھن پرئين ھمراھھ جي ڳالھھ ٻڌو. بصر نھ ٿو کائي. چي: نئين شادي ڪئي اٿم، اجھو ھن ڇوڪريءَ جا ڪرتب تھ ڏسو، ھوءَ ڪيئن نھ ڊانس بھ ڪري رھي آھي ۽ ٻارنھن رنگون مٿي ھوا ۾ اڇلائي، ڦيرائيندي ۽ انھن کي وڄندڙ موسيقي تي پوري وقت تي پڪڙي. وري اڇلائيندي رھي ٿي! سقراط کي تھ ڏسو ڪيڏي نھ ڌيان سان، ٽِڪ ٻڌي ويٺو ڏسي. اجھو ڪجھھ چيائين: ”رڳو ھن ڇوڪريءَ جا ڪمال ڏسڻ کانپوءِ نھ، پر ٻين سببن ڪري بھ مان چوان ٿو تھ ھڪ عورت جي قابليت ۽ گڻ، مرد کان ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ نھ آھن.“ پوءِ ھو ويٺلن کان پڇي ٿو. ڀلا اوھان مان ڪير اھڙو آھي، جيڪو مون واري زال کي ڪجھھ سيکاري؟ ريٽي کي؟ تون پنھنجي پاڻ کي سٺا لڇڻ ڇو نھ ٿو سيکارين؟“ ”جيئن تھ منھنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد رلي ملي رھڻ آھي. سو مان رينٿپي جي چونڊ ان ڪري ئي تھ ڪئي ھئي تھ جي مان ھن سان گذارو ڪري ويس تھ پوءِ سڀني سان گذاري ويندس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com