سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: ڪيميائي سعادت-1

باب: --

صفحو :1

ڪيميائي سعادت-1

شمس العلماء مرزا قليچ

ديباچو

        پڌرو هُجي ته ڪتاب ڪيميائي سعادت،  امام محمد غزالي رح جي ڪتابن مان هڪڙو تمام مشهور پارسي ڪتاب آهي، جنهن جو نه رڳو اُردوءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي ”اڪسير هدايت“ چون ٿا،  پر ڪنهن ڀاڱي جو هندي ڀاشا ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي ”پارس ڀاڳ“ چون ٿا ۽ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن کي ”اسلامڪ ٿياسافي“  چون ٿا.

        هيءُ ڪتاب، اخلاق ۽ تصوف ۽ ديني اُصولن ۽ حقيقتن جي بيان ۾ بي مثل آهي. سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ٿيل نه هو، تنهنڪري، ڪن دوستن جي صلاح ڏيڻ تي، مون انهيءَ جو ترجمو ڪيو. سڄو ڪتاب، تمام وڏو ٿي پوي ها، تنهن ڪري انهيءَ کي ڀاڱن ۾ ترجمو ڪرڻ بهتر سمجهيو ويو. اصل ڪتب ۾ چار عنوان ۽ چار رُڪن آهن ۽ چئن رُڪنن مان به ٻه، ظاهرسان تعلق رکن ٿا ۽  ٻه باطن سان، تنهن ڪري، پهرئين ڀاڱي ۾ رڳا عنوان ڏجن ٿا ۽ ٻئي ۽ ٽئي  ڀاڱي ۾، پهريان ٻه رُڪن ڏجن ٿا ۽ چوٿين ۽ پنجين ڀاڱي ۾، پويان ٻه رُڪن ڏينداسين ---- انشاءَ الله تعاليٰ.

حيدرآباد سنڌ                  مرزا قليچ بيگ

نومبر 1901ع

ناشر طرفان ٻه اکر

 

        شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سنڌ جي بلند و بالا علمي شخصيت آهي. حقيقت اها آهي ته علمي دنيا ۾ سنڌ قليچ جهڙين عظيم شخصيتن وسيلي ئي ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. قليچ سنڌي زبان ۽ خاص طرح سنڌي نثر جي جهڙي خدمت ڪئي، اهڙي  سعادت وري ڪنهن ٻئي سنڌي اديب کي نصيب ڪانه ٿي. سندس لکيل ڪتابن جو تعداد سون ۾ آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ ئي سنڌ جو اهو واحد ادارو آهي، جنهن مرحوم شمس العلماء جا پنجاهه کن ڪتاب شايع ڪيا آهن. شمس العلماء جي وفات کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جا ٻيا ادبي ادارا پڻ سندس ٿورا گهڻا ڪتاب شايع ڪندا اچن  ها، ته هينئر تائين اسان جا محترم سنڌي پڙهندڙ، شمس العلماء جي لکيل سمورن ڪتابن مان مستفيد ٿي سگهن ها.

        شمس العلماء جي اڻ  ڇپيل ڪتابن ۾ هڪ اهم ڪتاب امام غزاليءَ جي تصنيف ڪيميائي سعادت آهي. بورڊ ڪيميائي سعادت جي تلخيص سنڌي زبان ۾ اڳيئي شايع ڪئي آهي، جنهن جي ترجمي جو ڪم پروفيسر غلام حسين جلباڻي صاحب سرانجام ڏنو هو. پر ڪيميائي  سعادت کي اسلامي ادب ۾ جيڪا اهميت حاصل آهي، ان جي پيش نظر اهو ضروري هو ته سڄو ڪتاب سنڌيءَ ۾ شايع ٿئي. الحمد لله، اهو شرف به سنڌي ادبي بورڊ کي ئي نصيب ٿيو. اصل ڪتاب تمام وڏو آهي، ان ڪري ان کي هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪرڻ بدران متعدد حصن ۾ ورهائڻ بهتر سمجهيو ويو. پهريون حصو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. انشاءَالله ٻيا حصا پڻ رٿيل پروگرام موجب شايع ٿيندا رهندا.

        سنڌي ادبي بورڊ پندرهينءَ صديءَ هجري جو جشن ملهائڻ لاءِ حڪومت جي قائم ڪيل قومي ڪميٽيءَ جي چيئرمين محترم الله بخش بروهي صاحب جو تهدل شڪرگذار آهي، جن علم پروريءَ جي جذبي هيٺ، هن اهم ڪتاب جي اشاعت لاءِ بورڊ  جي امداد فرمائي آهي. ساڳيءَ  ريت، بورڊ محترم محمد صديق گهانگهري ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي خاندان جوبه شڪرگذار آهي،جن جي مدد ۽ تعاون کان سواءِ هن تاب جي اشاعت اڃا شايد گهڻي عرصي تائين روڪيل رهي ها.

ڄام شورو،سنڌ                          غلام رباني آگرو

                                             سيڪريٽري

1- محترم – 1401هه                    سنڌي ادبي بورڊ

ڪيميائي سعادت

ڪيميائي سعادت ۽ ان جو مصنف

         ڪتاب ڪيميائي سعادت  جو مصنف ”امام غزالي“ آهي. اُهو اُنهن ٿورن مشهور مشرقي علامن ۽ فيلسوفن مان آهي، جن جي قدرداني، يورپ جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿيل آهي، ۽ جن جا ڪتاب جدا جدا ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن. فلسفه جي تاريخ ۾ يورپ منجهه الغزالي اهڙو مشهور آهي جهڙو بو علي سينا، جنهن کي ”اواسينا“ ٿا چون يا ”الحسن“، جنهن کي  ”الهيزن“ ٿا چون يا ”الڪندي“ يا ”فارابي“ وغيره.

        امام غزاليءَ جو نالو مُحمد هو ۽ سندس پيءُ جو نالو به اهوئي هو. سنه 450هه/1058ع ۾، خراسان جي ضلعي ۾، طوس شهر جي هڪڙي ڳوٺ طبران نالي ۾  ڄائو هو. اوهان کي خبر هوندي ته فردوسي شاعر به اُنهيءَ طوس  جو رهاڪو هو. ’غزالي‘ انهيءَ ڪري ٿا چونس، جو هن جي ڪٽنب جو ڌنڌو اصل کان سُٽ ڪتڻ جو هو. غزاليءَ جو پيءُ، اڻپڙهيل ماڻهو هو. هن مرڻ مهل ٻه پٽ ڇڏيا. احمد ۽ محمد. سندس هڪڙي دوست، هن جي وصيت موجب انهن کي پڙهايو. ٻيئي خيراتي  مدد سان پڙهيا. ابتدائي تعليم کان پوءِ تحصيل لاءِ  غزالي، جرحان جي مدرسي ۾  ويو، ۽ اتي ڏاڍي محنت ڪري گهڻو علم حاصل ڪيائين ۽ انهن جا نوٽ ٻن – چئن بياضن يا نوٽبڪن ۾ لکيائين. اُهي کڻي، هو وطن ڏي موٽيو. رستي ۾ چورن ڦريس. ٻين ٽپڙن سان گڏ نوٽبڪ به کڻي ويس. هو لکي ٿو ته ٽپڙن جو هن کي ڪوبه ارمان ڪونه  ٿيو، مگر  نوٽبڪ، جي علم جي جواهرن سان ڀريل هئا، تن جو ڏاڍو ارمان يس. رُلي رُلي، نيٺ انهيءَ چورن جي ٽوليءَ جي سردار وٽ ويو ۽ مٽا مونا هڻي، نوٽبڪ وٺي  خوش ٿي، ڳوٺ آيو، جتي گهڻو مانُ مليس، پر انهيءَ اتفاق مان، هن عمر لاءِ هيءُ سبق پرايو ته اڳتي ڪابه نئين ڳالهه، نوٽ ڪرڻ جي بدران محنت ڪري، بروقت ياد ڪري ڇڏيندو هو، جنهن ڪري ذهن تمام تيز ٿيس. زياده  علم جي تحصيل جو شوق ٿيس، اُنهيءَ وقت ٻه مشهور  شهر دارالعلوم هئا، يعني يونيورسٽي يا ڪاليجن جا – هڪڙو نيشاپور، جو ويجهو هو ۽ ٻيو بغداد، جو پري هو.، هو نيشاپور ۾ وڃي پڙهڻ لڳو ۽ ڏاڍي هوشياري ڏيکاريائين ۽ نالو ڪڍيائين. انهيءَ وقت جو بادشاهه سلطان الپ ارسلان سلجوقي هو. اُهو ڏاڍو تعصبي ماڻهو هو.   انهيءَ جي ظلم ۽ تڪليف جي ڪري امام غزالي، اُهو مدرسو  ڇڏي، حرمين ۾ آيو يعني مڪي مديني ۾. اتي به علم جي ڪري نالو ڪڍيائين ۽ خطيب ۽ مفتي مقرر ٿيو. عالمن کان امام الحرمين جو لقب مليس. انهيءَ وقت کان وٺي هو، امام سڏجڻ لڳو. اگرچه سلجوقي سلطان جي ظلم ۽ تعصب کان نيشاپور مان ڀڄي آيو هو، تڏهن به سلطان جو وزير نظام الملڪ، نهايت علم دوست ۽ بي تعصب ماڻهو هو،  سو هن جو مربي ٿيو. نيشاپور ۾ هڪڙو وڏو نئون مدرسو جاري ڪيائين، جنهن تي پنهنجن نالي جي پٺيان، ”نظاميه“ نالو رکيائين. شيخ سعديءَ به گلستان ۾، انهيءَ نظاميه جو اشارو ڏنو آهي ۽ اُتي به وڃي رهيو هو. انهيءَ مدرسي ۾ وزير، امام غزاليءَ کي، نائب مُدرس ڪري رکيو يعني وائس پرنسپال. پوءِ سگهو ئي هن کي گهرائي پنهنجي دربار ۾ رکيائين، جتي عالمن سان بحث مباحثا ۽ مناظرا ڪندو رهيو، جن ۾ ڏاڍي قابليت ڏيکاريائين. نظاميه ڪاليج جي پرنسپال جي مرڻ ڪري، وزير، هن کي، ان جي جاءِ تي مقرر ڪيو. ،هو تڏهن  34 ورهين جي عمر  جو هو. اُنهيءَ جاءِ لاءِ، وڏا وڏا بزرگ ۽ پيرسن عالم اُميدوار هئا، تنهن ڪري، سڀني کي حيرت لڳي ويئي ۽ حسد  ٿيڻ لڳن. اتي رهئي به هن نالو ڪڍيو ۽ بادشاهن کان عزت ملڻ لڳيس. ملاقات وقت،  اُنهن سان گڏ  ويهندو هو، بلڪه ملڪي يا پوليٽيڪل ڪمن ۾ به، هن جي صلاح مصلحت وٺڻ ۾ ايندي هئي. هڪڙي ڀيري ته سلجوقي سلطان جي طرفان وڪيل ٿي، بغداد جي خليفي مستظهر بالله ڏي ويو. اتي بغداد ۾ به وعظن ۽ تقريرن ڪرڻ ڪري نالو ڪڍيائين.ا ُتي گهڻن مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو رهندا هئا ۽ انهن جي وچ ۾ جهيڙا جهڳڙا ٿيندا هئا. انهن جي صحبت جو اهو نتيجو ٿيو، جوامام غزالي، جو اڳي مذهب جو پابند ۽ تقليدي مسلمان هو، سو هاڻي بدلجي، آزاد خيال ٿي پيو ۽ مذهبي تعصب اصلي ڇڏي ڏنائين. سڀ مذهب سکڻ لڳو ۽ انهن سان ملڻ جلڻ لڳو. ڪيترا ڏينهن دل ۾ خيال پچائي، ٻيا مذهب ڇڏي،  پنهنجي لاءِ تصوف اختيار ڪيائين، جنهن ۾ سڀ مذهب اچي ٿي ويا. تنهن ڪري هن کي لاچار ٿيو ته  دنيا ئي خيال ۽ مشغوليون ڇڏي،  تارڪ صوفي ٿي، گوشه نشين ٿئي. بغداد ڇڏي، جهنگ منهن ڪري  نڪتو. رلي ڪلهي تي ۽ پاڻيءَ جس انداري ساڻ. ڏاڍيون رياضتون ۽ مجاهدا ڪڍيائين.ساڳئي وقت ۾ ڪتاب به پيو لکندو هو. دمشق ۽ بيت المقدس ۽ ٻين شهرن جو سير ڪندو ۽ مماتي اوليائن جون زيارتون ڪندو ۽ جيئرن بزرگن جون ملاقاتون ڪندو وتيو. اُنهيءَ وقت سندس مربي وزير نظام الملڪ مري ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي ان جو پٽ فخرالملڪ هو، تنهن امام صاحب کي گهرائي،  زور ڪري وري نيشاپور جي نظاميه ڪاليج جو مدرس يا پرنسپال مقرر ڪيو، فخرالملڪ به شهيد ٿيو ۽ هو اها جاءِ ڇڏي، پنهنجي وطن طوس ڏي موٽيو ۽ اُتي گوشه نشين ٿي رهڻ لڳو ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي خانقاه بنائي، درويش ٿي ويهي رهيو، جتي وقت جا بزرگ ۽ امير، بلڪ بادشاهه  به سندس ملاقات ۽ صحبت خواهان هوندا هئا. هن کي بغداد واري ڪاليج ۾ به پرنسپال ڪري رکڻ ٿي گهريائون،پر هو نه ويو. نيٺ سن 505هه/1111ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ  احمد غزالي لکي ٿو ته ادو، صبح جو ننڊ مان اُٿيو ۽ وضو ڪري نماز پڙهي حڪم ڪيائين ته منهنجو ڪفن ٺاهي کڻي اچو.  اهو آندائون، سو چمي اکين تي رکي چوڻ لڳو ته آغا جو حڪم برسر و چشم آهي. ائين  چئي، هو سنئون ٿي سمهي پيو ۽ دم ڏنائين، هن جي وفات جو ٻڌي، اسلامي دنيا کي ڏاڍو درد ٿيو. ڪيترن شاعرن سندس لاءِ مرثيا لکيا. پٽ ڪونه هوس، ڪي ڌريون هئس، جن مان نسل رهيس. هن جي عمر 54 ورهيه هئي. ويهن ورهين جي عمر کان وٺي ڪتاب لکڻ لڳو. ڏهه، يارهن ورهيه، سير ۽ سفر ڪيائين. مدرسن پڙهائڻ جو به شغل رهيس. ڪڏهن به ڏيڍ  سؤ کان گهٽ شاگرد نه هئس. پري پري جي ديني مسئلن جون فتوائون ڏيندو هو. سوين ڪتاب  وڏا ننڍا لکيائين، جن مان ڪي ته گهڻن جلدن ۾ آهن.سندس قرآن جو تفسير ”ياقوت التاويل“، چاليهن وڏن جلدن ۾ آهي. هن جا سڀ ڪتاب، عربيءَ ۾  آهن، فقط ٻه فارسي اٿس.، هڪڙو ڪيميائي  سعادت ۽ ٻيو نصيحت الملوڪ، جي سلجوقي سلطانن جي  فرمائش موجب لکيائين، جو انهن جي درباري ٻولي فارسي هئي، ڪيميائي سعادت، سندس وڏي چئن جلدن واري عربي ڪتاب ”احياءُ العلوم“ تان ورتل آهي. امام غزاليءَ، عربي ۽ فارسي شعر به چڱو چيو آهي، سندس ڪتاب، جدا جدا  مضمونن تي آهن. فقه، منطق، فلسفه، علم ڪلام، اخلاق، تصوف وغيره. امام غزاليءَ جي ڪتابن مان ڪيميائي سعادت ۽ چئن –پنجن ٻين جو، مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪيميائي سعادت جو فقط منڍ يا پهريون ڀاڱو ڇپيو آهي، ٻيو اڃا قلمي رکيو آهي. انهيءَ ڪيميائي سعادت جو مون انگيرزي ترجمو به ڪيو اهي، جو لاهور جي اسلاميه پريس ۾  ڇپيو آهي، ۽ جهن جو نالو ”الڪمي آف هئپنس“ اهي. امام غزاليءَ جي مفصل سوانح  عمري به مون لکي آهي جا هاڻ تازي ڇپي آهي، جنهن مان هيءُ مختصر احوال  ڏنو ويو آهي.

        امام غزالي ديني يا دنيائي علمن ۾ هڪ نئين قسم جي ڦير گهير ڪئي، جا نه فقط اسلامي دنيا ۾، پر يورپ ۾ به  پکڙي  وئي.، اخلاقي فلسفه ۾  هُن، فلسفه ۽  مذهب ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس عبارت اهڙي سليس ۽ عام فهم  هئي ۽ اڳوڻي فلسفه جي عبارت اهڙي مشڪل هئي، جو اُها جدا جدا طبيعتن جي ماڻهن تي جلد اثر ڪرڻ لڳي ۽ نصيحتون ۽ مثال ۽ قرآن ۽ حديث جون شاهديون ڏيندو رهيو. اخلاقي مرض بيان ڪري، انهن جا سبب ٻڌائي، علاج ڪيا اٿس ۽ انهن جون ٻئي خراب حدون يعني افراط ۽ تفريط ڏيکاري، پوءِ اعتدال يا وچولو درجو ٻڌايو اٿس. علم ڪلام ۾، امام غزاليءَ جو اهڙو  درجو آهي، جهڙو ارسطاطاليس جو منطق ۾ آهي. انهيءَ ۾ هن اها نئين ڦير گهير وڌي ته اڳي علم ڪلام ۾ فلسفه ڪونه هو، پر هن، ڪلام  ۽ مذهب جي علم ۾ به فلسفه شامل ڪيو. اڳي حجت دليل جا ٻه رستا هلندڙ هئا – عقلي ۽ نقلي، پر هُن، عقلي قائم ڪري، نقلي به انهن ۾ داخل ڪري ڇڏيا. علم تصوف کي هُن هڪڙو باطني علم ٺهرايو ۽  ڏيکاريائين ته تصوف  آهي عبادت ۽ پرهيزگاري، جا علم ۽ عمل  مان مرڪب ٿيل آهي، فرق هيءُ آهي ته شريعت يا مذهب ۾ پهرين علم، پوءِ عمل آهي، پر تصوف ۾ انهيءَ جي برعڪس، پهرين عمل، پوءِ علم آهي، فقط دل جي صفائيءَ لاءِ تصوف ۾ رياضت ۽ مجاهدو ضروري آهن. اسلامي يا مذهبي عقيدن ۾ هن،هيءَ ڦير گهير ڪئي ته اڳي، تقليد زور هئي ۽ ماڻهو، اڳوڻن اعتقادن تي اکيون پوري هلندا هئا. پنهنجي آزادي ڪانه هئي، انهيءَ ڪري جدا جدا مذهبن جا جهيڙا جهڳڙا لڳندا آيا ۽  هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا هئا. امام غزاليءَ، اهي سڀ بند ڪيا، تقليد اصل ڇڏي ڏنائين، قرآن ۽ حديث جي حڪمن جون، انهن جي نظر تي سمجهاڻيون ڏنائين. ديني علم يا فقه به دنيوي علمن ۾ داخل ڪيائين.

        اهي علمي  سڌارا برابر ڪيائين جنهن ڪري هن کي، حجة الاسلام جو لقب مليو،  مگر اسلام جي گهڻن فرقن جا علماء، سندس برخلاف ٿيڻ لڳا ۽ مٿس ڪفر جون فتوائون جاري ڪيائون، اگرچه بروقت هُو، انهن جا جواب ڏيندو رهيو، پر پوءِ نيٺ قسم کڻي ڇڏيائين ته اڳتي ڪنهن به مذهبي بحث مباحثه ۾ شامل نه ٿيندس ۽ نه ڪنهن دنيائي حاڪم يا بادشاهه جي سڏ تي ويندس ۽ نه سندس سلام ڪندس. پڇاڙيءَ تائين، تارڪ ٿي، گوشه نشيني اختيار ڪيائين ۽ انهيءَ حالت ۾ مري ويو.

        هاڻي اوهان کي سندس ڪتاب ڪيميائي سعادت جو مختصر مضمون ٻڌائيندس. هن  جي خيال موجب  مسلمان اُهو آهي،  جنهن جو سچو پچو يا ڪامل انسان هجي، سو اُهو هوندو جنهن کي سعادت حاصل هوندي يعني نيڪ بختي يا هميشه جي خوشي، جنهن لاءِ هو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي طلب  ۾ هن کي هميشه رهڻو آهي. پهرين عالم جمادات پيدا ٿيو، پوءِ عالم نباتات ۽ پوءِ عالم حيوانات، جنهن ۾ انسان به داخل ٿيو، مگر انسان اشرف المخلوقات ٺهرايو ويو ۽ ٻيا سڀ عالم، هن جي مدد لاءِ آهن ۽ هن جي عمل هيٺ آهن ۽ انهن جي وسيلي هو، پنهنجي مطلب يا مقصد تي رسي ٿو. انهيءَ ڪري مٿس وڏي جوابداري آهي. جي هو پنهنجا فرض ادا نه ڪري ته جانورن کان به گهٽ درجو ٿئيس، جنهن کي اسفل السافلين ٿا چون ۽ جي  پوريءَ طرح امر ادا ڪري ۽ ڪامل انسان ٿئي  ته ملائڪن کان به درجو  مٿي ٿئيس، جنهن کي اعليٰ عليين ٿا چون، هن جو  جسم خاڪي آهي پر هن جو روح رحماني آهي. هڪڙي پاسي هو جانور آهي ۽ جانورن سان شامل آهي ۽ ٻئي پاسي ملائڪن سان يا خدا سان. خدا ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو، پر انسان ازلي ناهي، پوءِ مخلوق ٿيو، ليڪن  ابد تائين رهڻو آهي.

        اگرچ هن دنيا ۾ هن جي عمر هاڻي گهڻو گهڻو ته سو ورهيه مس آهي،  اُنهيءَ جو مقابلو ابدي حياتيءَ سان ڪري نٿو سگهجي. ازل چئجي ٿو شروع يا ابتدا کي ۽ ابد  چئجي ٿو انتها کي.  بعضي، ازل کي الست به چوندا آهن، جڏهن خدا خلق ۽  عالم پيدا ڪيا. اگرچ امام غزالي، ماڻهوءَ  کي شرع جي نظر تي  ابدي سڏي و پر ازلي نه؛ پر ڪي صوفي، هن کي خدا وانگي ازلي به ۽ ابدي به ٿا ڄاڻن، جوا نسان ۾ خود خدا جو جزو يا روح آهي،  سو خدا جهڙو هئڻ گهرجي. شاهه ڀٽائي چيو آهي ته:

نڪا ابتدا  عبد جي نڪا انتها،

سي وڃڻ کي ويا، جني سُڃاتو سپرين.

        عبد يعني ٻانهو يا بندو، انسان ٿيو؛ عبادت ٿي  بندگي ۽ معبود ٿيو خدا،  جنهن جي بندگي ڪجي. بهلول صوفي، ته خدا کان به اڳي هئڻ جي دعوا ٿو ڪري:

چه  خوش گفت بهلول فرخنده فال؟

که من از خدا پيش بودم دو سال

من آنر وز بودم که اسما نبود     زمين هم نبود و خدا هم نبود تنهن ڪري صوفين جي چوڻ موجب انسان، خدا سان گڏ هو. خدا کي خدا تڏهن چوڻ لڳا جڏهن عالم ۾ مخلوقات پيدا ٿي، تنهن کان اڳ ڄڻ ته خدا ڪونه هو. وحدت ئي وحدت هئي. جڏهن ڪثرت ٿي تڏهن خدا به پيدا ٿيو. اهو ٿيو ازل، هاڻي ابد يا هميشگي، جتي اسين مرڻ کان پوءِ رهنداسين، تنهنجو مثال امام غزاليءَ، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مزي جهڙ و ڏنو آهي. چوي ٿو ته زمين، ان جي انبارن سان ڀرجي ٿي. ان، ٻاجهريءَ کان به سنهو آهي ۽ هڪڙي جهرڪي، اُهو ان چڳڻ لڳي ٿي ۽ هزار هزار ورهيه ۾ هڪڙو هڪڙو داڻو چڳي ٿي. جڏهن سڀ ان چڳي رهي، تڏهن  به اڃا ابد جي عرصي مان ذرڙو مس گهٽ ٿيو. انهيءَ جي به نسبت، اسان جي دنيائي عمر جو خيال ڪريو. انهيءَ ڪري دوستو! آخرت جي ڏک ۽ خوشيءَ جي زياده ڳڻتي رکو. هيءَ دنيا ڪجهه ڪين آهي ۽ فاني آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org