سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: اخلاق حميده

باب: --

صفحو :1

اخلاق حميده

ميرزا علي نواز بيگ

 

ناشر طرفان ٻه اکر

 سنڌي زبان ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ مفيد ڪتابن جي اڻاٺ آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته سنڌي پڙهيل لکيل عورتون ۽ ٻار ڌارين ٻولين ڏانهن منهن ڪن ٿا. چنانچه، ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا اديب ۽ ناشر عورتن ۽ ٻارن جي ادب جي اهميت محسوس ڪن ۽ انهيءَ صنف ۾ جيڪو خال آهي، تنهن کي ڀرڻ لاءِ سعيو ڪن.

سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ ۽ ڪن ٻين صاحبن عورتن ۽ ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ڪجهه ڪتاب لکيا هئا، جن مان ڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرا ڪيا آهن. ميرزا علي نواز بيگ صاحب جو هي ڪتاب، ”اخلاق حميده“ به انهيءَ سلسلي ۾ شايع ڪيو وڃي ٿو.

”اخلاق حميده“ ڪتاب، جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي اخلاقيات جي موضوع تي آهي. اصل ڪتاب گهڻن ئي جلدن ۾ آهي؛  هي ڪتاب ان جي هڪ حصي جو ترجمو آهي. منجهس ٽي مقالا ڏنل آهن: تواضع، گفتگو جا آداب ۽ سهڻا اخلاق. اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي عورتن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org