سيڪشن؛    علميات

ڪتاب: اخلاق حميده

ڀاڱو ٽيون

صفحو :5

اخلاق حميده

ميرزا علي نواز بيگ

 

هڪ لمحي کان پوءِ، هڪ جوان انهيءَ رستي تان اچي لنگهيو. هِن اڳيان وڃي سلام ڪيس ۽ خيرو عافيت پڇڻ کان پوءِ چيائينس ته ”اي جوان، طعام لذيذ تيار رکيو آهي، تنهائيءَ جي ڪري ڪنهن رفيق هٿ ڪرڻ لاءِ مدت کان منتظر بيٺو آهيان، تنهنڪري جيڪڏهن مون سان هلي گڏجي کائين ته تنهنجي نهايت مهرباني ڄاڻندس؟“ هن جوان ڪيترو به عذر ڪيو، پر هو وڌيڪ منت ڪرڻ لڳس ۽ گهڻا ئي حيلا ۽ بهانا پيش ڪري، هن کي گهر ۾ وٺي ويو ۽ در کي مضبوط بند ڪري هن جوان جي حياتيءَ جي ڌاڳي کي ظلم ۽ حق ناشناسيءَ جي ڪئنچيءَ سان ڪتري ڇڏيائين. پوءِ ان کي زال جي پاسي ۾ سمهاري، وري ٻاهر نڪري آئيو ته پاڙيسرين ۽ راهگزرن کي هن حال مان واقف ڪري.

خواجه حسن به انهيءَ مهل اتان ڪو اچي لنگهيو، ۽ هي مردود هن جي استقبال واسطي ڊوڙي ويو ۽ چيائينس ته ”اي پير روشن ضمير، تنهنجي عمديءَ تدبير موجب عمل ڪيو اٿم، تنهنڪري تون به هلي ڏس.“ ٻئي ڄڻا اندر گهر ۾ لنگهي ويا. اتفاق سان اهو مقتول جوان، خواجه حسن جو پٽ هو! جڏهن خواجه حسن جي نظر پنهنجي پٽ جي لاش تي پئي، تڏهن گريبان ڦاڙي، خاڪ مٿي ۾ وجهي پٽ جي غم ۾ ايتريقدر مٿو زمين سان هنيائين، جو سندس حياتي جي بهار کي نيستي جي خزان ڪومائي، بدنيتيءَ جي سزا کي پهچائي ڇڏيو.

قضا سان هڪ پاڙيسري جي گهر مان جن گمراهه جي گهر ۾ سوراخ هو ۽ پاڙيسريءَ جي زال شروع کان آخر تائين، اها ماجرا ڏٺي هئي. جڏهن سندس مڙس گهر ۾ آيو، تڏهن هن کي سجھي قصي کان آگاهه ڪيائين. جيئن ته انهيءَ پاڙيسري کي هن بدبخت سان پراڻو وير هو ۽ هن جي پاڙي ۾ رهڻ ڪري هميشه تڪليف سان گذاريندو هو، تنهنڪري هڪ گهڙيءَ ۾ هن ماجرا جو سڄو حال شهر جي حاڪم کي وڃي ٻڌايائين. ان بدنفس شرير جي بدافعالن جو حال حاڪم جي ڪن تي اڳيئي پهتل هو، تنهنڪري حڪم ڏنائين ته ”هن کي قتل ڪري، هن جو هر هڪ عضوو، هر هڪ رستي تي ٽنگي ڇڏجي ته سڀني اهڙن خطاڪارن واسطي مثال ٿئي.“ خواجه حسن، جنهن اهڙي بدصلاح هن ظالم کي ٻئي ماڻهوءَ جي باري ۾ ڏني، تنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو اها مصيبت سندس مٿان پيئي، ۽ پنهنجي بدڪرداريءَ جي طلسم ۾ گرفتار ٿيو. هو نابڪار، جنهن پنهنجي بيگناهه زال کي خون ڪيو، سو به پنهنجي نفس اماره جي شرارت جي اونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو.

خير انديش ماڻهو پنهنجي نيڪو ڪاريءَ جي جواهرن کي سهڻن لڇڻن جي ڌاڳي ۾ پُوئي شيرين زبان سان خاص ۽ عام جي تارونءَ کي مٺو ڪن ۽ آب حيات وانگر سڀڪنهن مزاج سان موافق ٿي، تندخوئي ۽ درست طبعيءَ جي نشتر سان ڪنهن به نيڪ يا بد جي راحت کي زخمي نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته خلق جي دل، غيبي انوارن جي نزول جي جاءِ ۽ ڳجهن اسرارن جو خزانو آهي.

دوستن سان شفقت ڪرڻ ۽ مخالفن سان مروت ۽ مهربانيءَ سان پيش اچڻ، ٻنهي جهانن جي خيريت جو باعث آهي. ڇاڪاڻ ته ان ڪري دوستن جي محبت آهستي آهستي ٻيڻي ٿي ويندي، ۽ خصومت جو غبار مخالفن جي دل جي آرسيءَ تان محو ٿي ويندو. جيڪو غافل ڪنهن دل کي ظلم سان زخمي ڪري ٿو، سو عنقريب پنهنجي عافيت جي جگر کي، بدلي جي تيز ترارن جو نشانو بنائي ٿو، ۽ جيڪو بيخبر نقصان ۽ خلل جا ڪنڊا، اگهاڙن پيرن وارن جي رستي تي وڇائي ٿو، تنهن جي اقبال جو گلزار، جبار حقيقي جي قهر ۽ غضب جي خزان سان سڪي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو مهر ۽ محبت جي ماکيءَ سان، خلق جي راحت جي تارونءَ کي مٺو ڪن ٿا، سي ئي خردمند ۽ هوشيار آهن، ۽ نيڪوڪاريءَ جي سهڻن اطوارن سان سينگاريل آهن ۽ نجات ۽ ڇوٽڪاري جا مستحق آهن. جيڪي ماڻهو دولت ۽ عزت جي غرور ۾ ڀرجي، پنهنجي نفس پليد کي بلنديءَ تي چاڙهي، خلق الله سان ظلم ۽ زبردستي ڪن ٿا، سي انهن غريبن ۽ ضعيفن جي آهُن جي اثر سان، خداوند عالم جي قهر ۽ غضب کي چوري، پنهنجي دولت ۽ حياتيءَ کي ائين ناس ڪن ٿا، جيئن فرعون ڪنهن غريب زال جي بددعا سبب، پنهنجي بادشاهيءَ ۽ حياتيءَ کي برباد ڪيو هو.

ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن فرعون مردود، گمراهيءَ جي سلسلي کي سرڪشيءَ ۽ نافرمانيءَ سان سنڀالڻ لڳو ۽ نفس اماره جي هوا ۽ هرس موجب شرارت جو قدم، بدبختي جي ميدان ۾ رکيو، تڏهن حڪم ڏنائين ته ”نيل درياءُ جي ڪپ تي اهڙي محلات تيار ڪئي وڃي، جنهن جون تجليون سج سان همچشمي جي دعوا ڪن، ۽ آسمان جي بلنديءَ سان برابري ڪري ڏيکارين.“ هر روز چار سؤ هوشيار ڪاريگر، هزارن مزدورن سان انهيءَ محلات تي ڪم ڪندا هئا. ٺهراءُ ڪيو هئائين ته مصر جي شهر جو هر هڪ پاڙو، انهيءَ محلات جي ڪم ۾ مدد ڪري، ۽ هڪ پاڙي جا ماڻهو هر روز ڪم تي اچن.

هڪڙي ڏينهن هڪ پاڙي جو وارو آيو جنهن ۾ هڪ شخص رهندو هو جو مدت کان مفلسيءَ ۽ غربت جي ڪري ڀڄي ويو هو ۽ گهر ۾ هن جي حامله زال کان سواءِ، ٻيو ڪوبه ڪونه هو. اُها به بک ۽ فاقن جي ڪري، بلڪل ضعيف ٿي ويئي هئي. فرعون لعين جا ماڻهو، ان شخص جي ڳولا واسطي گهر تي آيا. جڏهن ان شخص کي نه ڏٺائون، تڏهن زور ۽ زبردستيءَ سان ان ويچاريءَ ڪمزور زال کي سندس مڙس جي عوض ۾ ڪم تي وٺي ويا. اتفاق سان ان زال جي حمل جو وقت انهيءَ ڏينهن تي پورو ٿي ويو هو. جڏهن ڪم تي پهتي، تڏهن هن کي ٻار ڄمي ويو هو. هن کي انهيءَ حال سان سرن ۽ پٿرن کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، جيڪڏهن هن کي ڪجهه دير ٿي ويئي ٿي ته انهن حق ناشناسن، هن کي سخت دڙڪا ڏنا ٿي ۽ گهڻي تنبيهه ڪئي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري هن زال کي نهايت تڪليف پهتي ۽ عاجز ۽ لاچار ٿي، درگاهه مجيب الدعوات جي طرف منهن ڪري، مناجات ڪيائين، ۽ چيائين ته ”اي خدا وند عالم، آءٌ تنهنجي بندي آهيان ۽ تون ڏسين پيو ته فرعون جا ماڻهو، تنهنجي بنديءَ تي ڪيتريقدر ظلم ۽ جبر ڪري رهيا آهن. آءٌ جيڪڏهن گنهگار آهيان، تنهنجي رحمت کان محروم آهيان، تنهنجي عذاب ۽ عقوبت جي مستحق آهيان، ته به هي ٻار بيگناهه آهي- تنهنجي ڪامل صفتن مان هڪ صفت عدالت به آهي، تنهنڪري اي عدل ۽ رحم جي مٿاهين تخت تي ويهڻ وارا! هن بيداديءَ جي انصاف لاءِ، ڪنهن کي فرياد ڪريان؟ منهنجي دل جي ناسور واسطي ڪو ملم  موڪل جو بيوسيلن ۽ دل ڦٽيلن جو تون ئي مددگار ۽ نگهبان آهين.“ مطلب ته سانجهيءَ تائين قسمين قسمين زحمتون ۽ مشقتون ڪڍيائين، ۽ سج لهڻ کان پوءِ پنهنجي گهر موٽي ويئي.

هن ڳالهه کي ٿورائي ڏينهن ٿيا هوندا ته وقت اچي ويو، جو خداوند جبار جي غضب ۽ قهر  جو درياءُ موجزن ٿي، فرعون ۽ قبطين جي عمر ۽ حياتي  جي ٻيڙي کي نيل درياءَ ۾ انتقام جي زوال سان نابود ڪري ڇڏيو.

انهيءَ قصي بابت تاريخ جي معتبر ڪتابن پڻ ۾ لکيل آهي ته ”هو بدبخت، درگاهه ايزديءَ جو تڙيل، قدرت جا اشاري سان پاڻيءَ جي رستي کان هميشه جي باهه جي عذاب ۾ داخل ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن مصر جو ننڍو خواه وڏو، انهيءَ هنگامي جو تماشو نيل نديءَ جي ڪناريءَ تي ڏسڻ لاءِ آيو هو. اتفاق سان اها عورت به انهيءَ جماعت سان سير ڪرڻ لاءِ آئي هئي، ۽ درياءَ جي ڪپ تي گهمندي، هڪ هنڌ پهتي. اتي ڏٺائين ته ڪا شيءِ پاڻيءَ ۾ پيئي چمڪي. هڪ ڊگهيءَ ڪاٺيءَ سان انهيءَ شيءِ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڏٺائين ته ماڻهوءَ جو مٿو آهي، جو ڌڙ کان جدا ٿيل آهي، ۽ ان جي سڀڪنهن وار ۾ ڪيترائي جواهر پُوتا پيا آهن. هن زال، وارن مان سڀئي جواهر ڪڍي، پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪيا. انهيءَ وچ ۾ آواز ٿيس ته ”اي عورت، ڪن مصلحتن سبب، بعض ڪمن ۾ دير ٿئي ٿي، مگر ائين نه آهي جو اهي ڪم وسري وڃن. ڇاڪاڻ ته سڀني اطاعت ڪندڙن تي فيض جا دروازا کليل آهن، ظالمن ۽ گنهگارن واسطي عقوبت ۽ عذاب جو اسباب موجود ۽ تيار آهي. عدالت جو قاعدو، سڀڪنهن باب ۾ محڪم، ۽ غور ۽ تحقيق جو ضابطو سڀڪنهن چڱي خواه بڇڙي عمل واسطي مقرر آهي. هي مٿو فرعون جو آهي، جنهن جي واسطي محلات تيار ڪئي ٿي ويئي. هن جي ننڍي ۾ ننڍي ملازم، توسان انهيءَ ڏينهن ظلم ٿي ڪيو ۽ تنهنجي لعنت جي بجلي هن جي دولت ۽ زندگانيءَ جي پوک کي زوال جي باهه ڏيئي ڇڏي. هي جواهرات، جنهن جو هڪ هڪ داڻو بادشاهيءَ جو خراج آهي. سا تنهنجي انهيءَ ڏينهن جي مزوريءَ جو عوض آهي.“ ان زال، جواهر پنهنجي قبضي ۾ آندا ۽ جلد ئي سندس مڙس به مسافريءَ تان موٽي آيو. پوءِ هنن جي مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ جي ڪاري رات، بهبوديءَ ۽ آسودگيءَ جي روز روشن ۾ تبديل ٿي وئي.

هن ڳالهه جي مدعا هي آهي ته ظلم ۽ بيداديءَ جي ماڙيءَ جو بنياد پاڻيءَ جي مٿاڇري تي آهي، ۽ مظلوم جي آه جي هوا جي هڪ جهٽڪي سان، ان جي هستيءَ جو بنياد زير زبر ٿي وڃي ٿو. حقيقت ۾ عمر ۽ زندگيءَ جي استقامت جي متاع جو نگهبان، خلق جي خوشنوديءَ ۽ خير جي دعا کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. تنهنڪري ستم رسيدن جي آه کان حذر ڪرڻ گهرجي، جو ان کان ظلم جو عالم نابود ٿي وڃي ٿو.  هن قول جي سچائيءَ کي خاقان چين ۽ قيصر روم جو مقدمو ثابت ڪري ٿو. جيڪڏهن غفلت جي ڪپہ، هوش جي ڪنن مان ڪڍبي ته پوءِ هن ڳالهه جي گل جي خوشبوءِ، تجربي جي دماغ کي معطر ڪري ڇڏيندي.

اها ڳالهه هن طرح آهي ته اڳئين زماني ۾ مشهور ٿي ويو هو ته مملڪت چين جا اڪثر بادشاهه وڏيءَ عمر جا ٿين ٿا، ۽ هنن مان ڪنهن به هڪ جي جوانيءَ جي بهار کي موت جي خزان ڪومائي نٿي سگهي، ۽ روم جي بادشاهن جي عمر جي چنڊ کي، ڪمال جي درجي کان اڳ، موت جو گرهڻ اچي لڳي ٿو. انهن مان هڪ بادشاهه کي هن ڳالهه تي نهايت حيرت لڳي، ۽ ڪيتري به ڪوشش ڪيائين، مگر انهيءَ واسطي ڪو به سبب هن جي خيال ۾ نه آيو. تنهنڪري انهيءَ مشڪل جي حل ڪرڻ واسطي، چين جي بادشاهه ڏانهن خط لکيائين ته ”ثابت آهي ته توهان جي خاندان مان ڪنهن به هڪ کي جوانيءَ جي وقت زماني جي حادثن جو سيلاب ڪو خلل يا نقصان نٿو پهچائي، مگر اسان جي خاندان مان اڪثر جوانيءَ جي وقت ۽ حياتي پوري ڪري وڃن ٿا. جيئن ته هن ڪيفيت جي راز جي ڪا به خبر پئي نٿي سگهي، تنهنڪري قديم دوستي تي نظر رکي، خبر ڏيندا ته جيڪڏهن هن خزاني جو در، ڪنهن دعا جي ڪنجيءَ سان توهان جي عالي خاندان تي کُليو آهي، ته اها اسان کي به سيکاريندا يا جيڪڏهن هيءَ اميد ڪنهن دوا جي وسيلي حاصل ٿي سگهي ٿي ته ان مان اسان کي به حصو ڏيندا ته دستور موجب سڀڪنهن باب ۾ محبت جي ماڙيءَ کي استقامت جي بلندي حاصل ٿيندي.

خط ڪيترن تحفن ۽ هدين سان، ايلچيءَ جي حوالي ڪري، چين ڏانهن موڪليائين. جڏهن قيصر جو ايلچي، چين ولايت ۾ پهتو، تڏهن خاقان جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي، خط ۽ سوغاتون عرض رکيائين. خاقان جي حڪم موجب ايلچي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آيا هئا، تن کي شهر جي ٻاهران هڪ جاءِ ۾ لاٿائون، جنهن ۾ هڪ وڻ بيٺل هو. هڪ هفتي تائين هنن کي خرچ پکو ڏنائون ۽ تنهن کان پوءِ انهن کي بند ڪري ڇڏيائون، ۽ بلڪل وساري ڇڏيائون.

ايلچي گهڻيءَ مدت تائين جواب جي انتظار ۾ ويٺو ۽ جيڪي پاڻ سان آندو هئائين سو به کائي کپائي ڇڏيائين. ماڻهو جيڪي ساڻس آيا هئا تن مان گهڻا تنگي جي ڪري عاجز ٿي ڀڄي ويا، ۽ ايلچي نهايت پريشان ٿيو. خط جي جواب لاءِ جيتريقدر تاڪيد ٿي ڪيائين، اوتريقدر بيتوجهي ٿي ڏٺائين. نيٺ هڪڙي ڏينهن، خاقان شڪار جي ارادي سان اتان اچي لنگهيو ۽ ايلچيءَ رستي تي بيهي فرياد ۽ شڪايت ڪري، ڇوٽڪاري جي درخواست ڪئي. خاقان جواب ڏنس ته ”جنهن مڪان ۾ توهان کي لاٿو ويو آهي، تنهن ۾ جيڪو وڻ آهي سو جڏهن پاڙ سوڌو ڪِري پوندو، تڏهن توهان کي رخصت ڏني ويندي.“ ايلچي موٽي اچي پنهنجي دل ۾ چيو ته ”ههڙو وڏو ۽ مضبوط وڻ، ڪهڙو امڪان آهي جو سالن تائين پاڙ کان پٽجي وڃي!“ پوءِ باقي جيڪي ماڻهو وٽس بچيا هئا، سي به انهيءَ حڪم ٻڌڻ کان ڏاڍا حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا.

هڪڙي ڏينهن، انهيءَ وڻ جي فنا واسطي ڪمر ٻڌي، درگاهه مجيب الدعوات ۾ دعائون گهرڻ لڳا. هُو سڀئي رات جو سمهندا به ڪين هئا. نيٺ هنن جي دعائن جو تير قبوليت جي نشاني تي پهتو – هڪ ڏينهن هوا نهايت زور سان لڳڻ شروع ٿي، ۽ هڪ ساعت ۾ اهو وڻ پاڙ کان پٽجي، هيٺ ڪِري پيو. ايلچي نهايت خوش ٿيو، خاقان جي خدمت ۾ وڃي حقيقت بيان ڪيائين ۽ خط جو جواب گهريائين. خاقان جواب ڏنس ته ”انهيءَ وڻ جي ڪِرڻ جو واقعو قيصر جي خط جو جواب آهي، جو وڃي قيصر کي ٻڌاءِ، ۽ چوينس ته عمر جي چراغ جي روشنيءَ جو بقا، خير جي دعا سان وابسته آهي؛ ۽ حياتيءَ جو زوال ضعيفن ۽ مظلومن جي بددعا تي منحصر آهي. جيڪڏهن بادشاهه عدل ۽ انصاف جو قاعدو جاري رکي، خلق جي حال تي توجهه ڏيندو ته ننڍو خواهه وڏو دل سان هن جي وڏيءَ عمر ۽ اقبال واسطي دعا گهرندو ته يقين آهي ته اهو دولت ۽ عمر جي فائدن ۾ ڪامياب ٿيندو، پر جيڪڏهن ظلم ۽ زبردستي جي باهه ٻاريندو ته خاص ۽ عام هن جي زندگانيءَ جي ماڙيءَ کي نگهوسار ڪرڻ لاءِ بددعا ڪندو، جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو، جو جوانيءَ ۾ ئي سندس عمر جي پوک، زوال جي بجليءَ سان پائمال ٿي ويندي. توهين ٿورا ماڻهو فقط وڻ کي بددعا ڪرڻ ۾ مشغول ٿيئو، ته جلد ئي فنا جي ڪرٽ سان پاڙ کان ڪپجي ويو، پر جڏهن خدا جي بي انداز مخلوق ڪنهن جي واسطي بددعا ڪرڻ لاءِ ڪمر ٻڌندي ته پڪ آهي ته هن جي وجود جون اکيون، نيستيءَ جي غبار سان ڀرجي وينديون.“ ايلچيءَ کي خلعت عطا ڪري، گهڻو انعام ۽ اڪرام ڏيئي رخصت ڏنائين. هن موٽي وڃي سموري حقيقت قيصر کي شروع کان آخر تائين ڪري ٻڌائي.

هن ڳالهه جي بيان ڪرڻ جو مطلب هيءُ آهي ته سڀڪنهن عمل واسطي ان جو بدلو تيار آهي. خير انديش ماڻهن جي هميشہ اها نيت رهندي آهي ته زندگانيءَ جي رستي ۾ احتياط جي دائري کان قدم ٻاهر ڪڍڻ نه گهرجي. متان نفسانيت جي بيابان جي ممن جي ور چڙهي گرفتار ٿي وڃجي، ۽ پنهنجي حال جي سلامتيءَ جو متاع ڪنهن نقصان ۽ ضرر جي آسيب کان سواءِ، رستگاريءَ جي بندر تي پهچائي ڇڏجي.

حقيقت ۾ داناءُ اهو ماڻهو آهي جو خدا تعاليٰ جي حڪمن کان واقف ٿي، سڀڪنهن شيءِ جي حسن ۽ قباحت کي غور ۽ تميز سان جاچي. هُن عاقل ريڍار وانگي، نفس جي ڪتي کي پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ ۾ آڻيندو ته سندس راحت جون رڍون، فيروزمندي جي چراگاهه ۾، بدڪرداريءَ جي بگهڙ جي آسيب کان محفوظ ۽ سلامت رهنديون.

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڏينهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام، هڪ بيابان مان پئي ويو ته هن کي هڪ نوجوان سان ملاقات ڪرڻ جو اتفاق ٿيو، جو رڍن چارڻ ۽ انهن جي نظرداريءَ ڪرڻ ۾ مشغول هو. حضرت عيسيٰ چيس ته ”اي ريڍار، يقين آهي ته خالقِ ارض و سما، انسان جي فرقي کي عبادت ۽ اطاعت واسطي پيدا ڪيو آهي، تنهنڪري جيسين ماڻهو علم حاصل ڪري، حق شناسي، معرفت ۽ واجب الوجود جي مسئلن کان واقف نٿو ٿئي، تيسين هن عالمي رتبي جو ڪو فائدو وٺي نٿو سگهي. جڏهن سڀئي خاص توڙي عام هن ڳالهه واسطي ڪوشش ڪندڙ آهن، تڏهن ڪهڙو سبب آهي جو باوجود اطاعت جي لافزني هڻندي به انسانيت ۽ حق طلبيءَ جي فيض کي جيئن حاصل ڪرڻ گهرجي تيئن نٿو ڪرين، ۽ جانورن ۽ مرن وانگر پنهنجي پياري عمر، هن بيابان جي هيٺ مٿانهين تي هلڻ ۾ مصروف ٿو ڪرين. آخر خلق سان ميل ميلاپ ڇو نٿو ڪرين، جو پرهيزگارن ۽ نيڪن جي ملاقات جي سعادت، ۽ رهنمائيءَ سان آب حيات جي چشمي، ۽ ٻنهي جهانن جي برڪتن ۽ جاوداني درجن کي پهچي، ايزد ذوالاحسان جي گوناگون نعمتن کان ڪامياب ٿين؟، ريڍار جواب ڏنو ته ”اي نبي الله جا، جيڪي جيئي سو حق آهي. آءٌ ٿورا مسئلا ذات باريءَ جي معرفت جي قانون، ۽ بندگيءَ جي قاعدن جا سکيو آهيان، ۽ سڄي عمر انهن تي عمل ڪيو اٿم. انهن کان وڌيڪ ڪنهن به ٻئي مسئلي سکڻ جي مون کي ضرورت نه آهي.“ حضرت عيسيٰ پڇيس ته ”اهي ڪهڙا مسئلا آهن؟“ ريڍار جواب ڏنو ته ”پهريون هيءُ آهي جو پاڻ سان شرط ڪيو اٿم ته جيسين آءٌ جيئرو هوندس، تيسين نفس شوم جي راءِ موجب، قوت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي آبرو نه وڃائيندس، ٻيو هيءُ ته هميشہ سچ ۽ ايمانداريءَ جي رستي تي ثابت قدم رهندس، ۽ ڪوڙ ۽ خيانت سان پنهنجي چپن کي آلو نه ڪندس، ٽيون هيءُ ته حلال شيون ڪم آڻيندس ۽ حرام ۽ ناجائز شين کان پرهيز ڪندس، ۽ چوٿون هيءُ ته جيتريقدر ٿي سگهندو اوتري قدر خلق الله سان دوستي ۽ مروت سان ملندس ۽ خصومت ۽ دشمني اختيار نه ڪندس.“ حضرت روح الله چيس ته ”شاباس اي مرد عاقل! جيئن ته اڳيون ۽ پويون علم هنن ٿورن مسئلن تي مدار رکي ٿو، تنهنڪري حقيقت ۾ جيڪي سچا ۽ پرهيزگار آهن، ۽ خدا تعاليٰ جي رضامنديءَ جا خواهان آهن، تن جي ديني علم، تهذيب ۽ اخلاق جي مراد ۽ مقصد، انهن ٿورن ئي مسئلن تي آهي.“

جيڪڏهن ڪنهن کي حق طلبي جي سفر واسطي، رستي جو توشو موجود آهي ته اهو البت پنهنجي وسعت موجب، اقليم سعادت جون منزلون طي ڪري، صحيح ۽ سالم منزل مقصود تي پهچي ويندو. جيڪڏهن عاقل مرد، نفسانيت جي پردي کان نڪري، انصاف جي مدبر جو سخن، هوش جي ڪنن سان ٻڌندو ته يقين آهي ته هن فاسق وانگر، جيڪو هن ٻار جي گفتگوءَ کان الوٽ ۽ گهريءَ ننڊ مان جاڳيو، ۽ بيخبريءَ جي مستيءَ ۽ جهالت مان هوشيار ٿي، عافيت ۽ ڇوٽڪاري جي بزمگاهه کي، تميز ۽ عاقبت انديشيءَ جي روشنيءَ سان تجلي ۽ سوجهرو بخشيائين. اها ڳالهه هن طرح بيان ڪئي وئي آهي ته:

اڳئين زماني ۾ شيراز جي شهر ۾ هڪ شخص رهندو هو، جو هميشہ نفس امارہ جي اشاري موجب، فسق ۽ فجور ۾ گرفتار هوندو هو، ۽ پرهيزگاريءَ ۽ نيڪوڪاريءَ کان پاسو ڪندو هو. هُو سمورو وقت شقاوت ۽ خطاڪاريءَ ۾ گذاريندو هو، ۽ ڪڏهن به ڪو چڱو ڪم نه ڪندو هو، جيڪڏهن ڪنهن بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ هن کي وجهه ملندو هو ته چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ هرگز حرص نه ڪندو هو. اتفاق سان هن کي هڪ ڇوڪرو هو جو عقل ۽ شعور وارو هو، ۽ پنهنجو وقت هميشہ قابليت ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.

هڪڙيءَ رات جو پيءُ ڏٺس ته هنڌ تي بيقراريءَ سان پيو آهي ننڊ ۽ آرام بلڪل ڪونه اٿس. سڀڪنهن وقت آهون پئي ڪيائين، ۽ اکين مان پاڻي پئي هاريائين. پيءُ جڏهن پٽ کي اهڙيءَ پريشانيءَ ۽ مصيبت ۾ ڏٺو، تڏهن چيائينس ته ”منهنجي اکين جا نُور، توکي اڄ رات ڇا ٿيو آهي، جو تنهنجي راحت ۽ قرار جو شيرازو ٽٽي پيو آهي، ۽ تنهنجي آرام ۽ چين جا ورق بي تربيت ٿي ويا آهن، ۽ آه ۽ زاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ياد نه اٿئي؟“ پٽ هڪ آه ڪري چيس ته ”پنهنجي عاقبت واسطي حيران آهيان؛ ڇاڪاڻ ته سڀاڻي خميس جو ڏينهن آهي، مون کي گذريل هفتي جو سمورو ڪم استاد کي ٻڌائڻو آهي، تنهنڪري ڊڄان ٿو ته جيڪي هن مون کي سيکاريو آهي، تنهن مان متان غفلت جي ڪري، ڪجهه منهنجي دل تان لهي ويو هجي ۽ پنهنجي رفيقن جي اڳيان استاد جي تنبيهه جي لائق، شرمندو ٿيان! انهيءَ انديشي جي ڪري منهنجو آرام ۽ راحت هلي ويئي آهي.“ پيءُ جڏهن هيءَ ماجرا ٻڌي، تڏهن اکيون مهٽي غفلت جي ننڊ مان جاڳي پيو ۽ چيائينس ته ”اي پيءُ جي جان، توکي هڪ هفتي جي سبقن بيقرار ڪيو آهي، پر مون ناخردمند ۽ خطاڪار جي حال تي افسوس آهي جو نفس جي چوڻ تي لڳي ڪئين سال گنهگاريءَ ۽ بڇڙائيءَ جي ڪمن ۾ گذاريو اٿم، ۽ هڪ چڱو ڪم نه ڪيو اٿم! هاڻي به بيهوشيءَ جي شراب ۾ غلطان آهيان، جو سڀاڻي جي باز پرست جي متعلق موقعو نه اٿم. تنهنڪري حيران آهيان ته ايتري بار هوندي ڪهڙيءَ طرح هن خطري واري رستي تان، عقبيٰ جي منزل تي پهچي سگهندس!“ پٽ جي ماجرا، پيءَ کي  سئينءَ راهه تي آندو، ۽ پنهنجن اڳين گناهن ۽ بدعملن کان پشيمان ٿي گريه ۽ زاري ڪرڻ لڳو. صبح جو سچي نيت سان توبہ ۽ استغفار پڙهي، بندگي۽ عبادت جي مصلي تي ويهي، خداوند کي ياد ڪرڻ لڳو، ۽ هڪ وڏو نيڪوڪار ۽ پرهيزگار ٿي پيو.

هن ڳالهه جو مطلب هيءُ آهي ته عالم اسباب جي واقعن کي، اجايو يا بيفائدو سمجهڻ نه گهرجي، پر سڀڪنهن واقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عقلمند ماڻهو پنهنجي شعور ۽ ڏاهپ سان، ٿوري ئي اشاري مان حقيقت حال معلوم ڪري وٺن ٿا، ۽ حقيقت حال جي پن مان هڪ وڻ تيار ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته سڀڪنهن ڪيفيت جي سنگ مان فصل ۽ سڀڪنهن احوال جي مکڙيءَ مان هڪ گلشن ظاهر ۽ هويدا ٿي سگهي ٿو. جيئن شيخ سعدي شيرازي فرمائي ٿو ته:

برگ درختان سبز درنظر هوشيار،

هرورقي دفتريست معرفت ڪردگار.

ڳالهه ٿا ڪن ته ابن سهيل، جو يمن جي مشهور علمائن مان هڪڙو هو، سو ان ملڪ جي هڪڙي اوباش جو پٽ هو. هن جي ننڍپڻ جي وقت ۾، سندس پيءُ هن کي کهنباٽيءَ جي هنر سکڻ واسطي ويهاريو. ٿورا ڏينهن انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهيو، پوءِ غور جي نظر سان انهيءَ ڪم جي خصوصيات ڏانهن متوجهه ٿي، پنهنجي عقل سان معلوم ڪيائين ته جيڪڏهن ”استاد ڪنهن ڪپڙي کي وڌيڪ خوشرنگ ڏئي ٿو ته اهو ٻين ڪپڙن کان زيادہ قيمت وارو ٿئي ٿو.“ پوءِ پنهنجي دل ۾ خيال ڪيائين ته دنيا جا سڀيئي ڪم پنهنجن صفتن جي مقدار موافق سڃاڻڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سڀڪا پستي، بلندي جو نشان ڏئي رهي آهي. سڀڪنهن پيشي ۽ ڪم جي چڱائي ۽ بڇڙائي، هنن ڪپڙن جي رنگن مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته جن ڪپڙن کي سهڻا رنگ ڏيڻ ۾ اچن ٿا، سي وڌيڪ قيمت وارا ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو عالي فطرت علمن يا هنرن سکڻ ۾ بهرو وٺندو ته هن جي وجود جي متاع جو قدر، روزگار جي دڪان ۾ اعليٰ درجي وارو ٿيندو ۽ ان جو اجورو به زيادہ ٿيندو. انهيءَ خيال تي گهڻو فڪر ۽ تامل ڪيائين. جڏهن رات جو گهر ۾ آيو، تڏهن پنهنجي پيءُ کان پڇيائين ته ”کهنباٽيءَ جي ڪم کان ٻيو ڪهڙو هنر بهتر آهي؟“ هن جواب ڏنس ته ”سوناري جو هنر“، ڇاڪاڻ ته سون ۽ چاندي جي وسيلي دنيا جا سڀيئي مقصد پورا ٿين ٿا ۽ سوناري کي هميشہ سون ۽ چانديءَ سان ڪم آهي.“ پٽ چيس ته ”مون کي کهنباٽيءَ جي ڪم جو گهڻو شوق ڪونهي، تنهنڪري منهنجي طبع ٻئي ڪسب جي ڳولا ۾ آهي.“ ٻي ڏينهن پڻس سوناري جي دڪان تي ڇڏي آيس. ٿورا ڏينهن سوناري جو ڪم ڪيائين، مگر انهيءَ ڪم سان به هن جي دل نه لڳي، تنهنڪري اهو پيشو به ڇڏي، وري اچي پيءُ کي چيائين ته ”منهنجي دل هن ڪم کي به قبول نٿي ڪري.“ پيءُ هن کي ڪيترن هنرن ۽ ڌنڌن سکڻ واسطي ڇڏيو، پر هن جي طبيعت جو ميل انهن مان ڪنهن به هڪ هنر ڏانهن نه ٿيو. نيٺ هن کي مڪتب ۾ موڪليائين. انهيءَ شغل جو ميٺاج هن جي ذائقي ۽ طبع جي موافق ٿيو، ۽ هو علم حاصل ڪرڻ ۾ دل و جان سان لڳي ويو، ۽ رفتي رفتي سڀني علمن مان ڪامل بهرو حاصل ڪيائين. هن جي قابليت ۽ ڪماليت انهيءَ حد کي پهچي ويئي جو پنهنجي وقت جي سڀني عالمن کان گوءِ کڻي ويو، ۽ زماني جي مشهور علمائن مان هڪ ليکجڻ ۾ آيو. هن ٻار جي واقعي مان سڀني کي تجربو حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻار جي شعور ۾ اهڙي تميز جي قدرت هجي ته پنهنجي عقل جي اکين تان پردو لاهي، پنهنجي تميز جي ڪنجيءَ سان ڪُلي ۽ جزي ڳالهين جا دروازا کولي سڀڪنهن ڳالهه جي نيڪيءَ ۽ بديءَ کي معلوم ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان جي وسيلي وڏي مرتبي کي پهچي وڃي ٿو. جيڪڏهن شڪاريءَ کي باز جي ڦاسائڻ جو مقصد آهي ته پوءِ غريب جهرڪيءَ جي شڪار جو قصد هرگز نه ڪندو. پر جيڪڏهن ڪندو ته اها بي همتي آهي يا بلبل وانگر گل سان موافقت جو موتي پوئڻ گهرجي ۽ باغ جي لطف سير جي ڪيفيت کان بهرو رٿجي، مگر چٻري وانگر سڀڪنهن خرابيءَ ۾ ويهڻ، پس فطرتيءَ جو نشان آهي. مهربانيءَ ۽ مروت سان جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۽ دماغ کي فرحت پهچائي سگهجي ته بهتر آهي، مگر ڪنهن جي سيني کي دشمنيءَ جي خنجر سان زخمي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي. دنيا جي بي بقا مال ۽ اسباب جي حب جي واسطي، ڪنهن جي دولت جي برباديءَ تي ڪمر ٻڌڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي دولت کي بقا ڪونهي، يا ان کي چور کڻي ويندا يا وارثن جي اسراف سبب نابود ٿي ويندي. اهڙيءَ صورت ۾ دنيا ۾ سواءِ رنج ۽ شرمساريءَ جي، ۽ آخرت ۾ سواءِ باز پرس ۽ عقوبت جي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. حقيقت ۾ بيپرواهن ۽ غافلن کي تجربي جي اکين سان هن جواهريءَ جي بي انصافيءَ جو ملاحظو ڪري، تجربو حاصل ڪرڻ گهرجي.

اها ڳالهه هن طرح آهي ته اڳئين زماني ۾ تبريز جي شهر ۾، هڪ شخص رهندو هو جو اکين کان انڌو ۽ نهايت مسڪين هو. هميشه احتياجمندن ۽ مسڪينن سان گڏجي، ماڻهن جي درن تي پنڻ لاءِ ويندو هو. ۽ هميشه هيٺئين مضمون جو شعر هن جي زبان تي جاري هوندو هو:

هرکه از جادہ انصاف بگر داند روي،

سينه رو هدف تير حوادث گردد.

هڪڙي ڏينهن، پنهنجي هميشه جي دستور ۽ عادت موجب، شهر جي هڪ شاهوڪار ماڻهوءَ جي در تي ويو ۽ صدا ڪرڻ بعد اهو مٿيون بيت پڙهڻ لڳو. گهر جي مالڪ هن کي خيرات ڏيئي پڇيو ته ”مدت ٿي آهي جو تو کان اهو بيت ٻڌندو اچان، تنهنڪري ضرور اهو ڪنهن سبب کان خالي نه هوندو. انهيءَ ڪري آءٌ توکي خداوند عالم جو قسم ڏيان ٿو ته انهيءَ  ڳالهه جو راز مون کي ٻڌاءِ.“ انڌي فقير جواب ڏنس ته ”هن ڳالهه بابت نه پڇ، ڇاڪاڻ ته هي سرگذشت ملال وڌائيندڙ آهي، ۽ ان جي بيان ڪرن سان منهنجي دل جو زخم تازو ٿيندو ۽ منهنجي آتش بار آهُن کان خلق جو صبر ۽ قرار چٽ ٿي ويندو: منهنجو وطن شام آهي. منهنجو پيءُ، پنهنجي استطاعت موجب ان ملڪ ۾ ريشم جو واپار ڪندو هو، ۽ انهيءَ ڪم ۽ پيشي ۾ خدا تعاليٰ جي حڪمن موجب، ايمانداري ۽ انصاف سان ڪم ڪري، پنهنجو گذران پيدا ڪندو  هو. انهيءَ نموني جي برڪت سان هن جي حال ۽ اسطاعت کي رونق پهچندي ويئي، ۽ روزبروز مفلسي ۽ تنگدستيءَ جي اونداهي، تونگريءَ جي شمع سان روشن ٿيندي وئي. اهڙيءَ طرح رفتي رفتي هن وٽ گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي، آخر انهيءَ پيشي کي جواهري جي پيشي سان بدلي ڪري، ڪن سوداگرن سان بحرين جي سفر تي روانو ٿيو. اتان تمام گهڻا موتي خريد ڪري موٽي آيو، ۽ پوءِ انهيءَ شغل ۾ مشغول ٿي ويو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org