سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون

باب: --

صفحو :4

ڌرم جو پٽ

عرف

جيوت جو جس

 

(1) بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي. مان پاڻهي پاپين کي پاپ جو عيوض ڏيندس. تون پنهنجا هٿ ڪارا نه ڪر. ]انجيل[

(2) ڪنهن به گنهگار کي بدني سزا ڏيڻ سان اٽلندو سندس دل وڌيڪ پٿر ٿي ڪجي ۽ کيس خرابيءَ ۾ پختو ٿو ڪجي. جيل ۾ ويل چور رهزن ٿي ٿو نڪري.

(3) ڪنهن ماڻهوءَ کي خون جي عيوض خون ڪرڻ سان سندس بدين جو بوجو لاهي پاڻ تي ٿو چاڙهجي. جيڪڏهن هو خون ٿو ڪري ۽ اوهان سمجهو ٿا ته خون ڪرڻ خراب ڪم آهي ته پوءِ ڪيئن ٿا سندس رت ۾ هٿ رنڱي ساڳيو گناهه جو ڪم ڪريو جهن لاءِ کيس سزا ڏيئي رهيا آهيو.

(4) هر ڪنهن برائيءَ ۾ ڀريل انسان کي قدرت جي پاران ڀوت مڙيو ئي بڇيل آهي جو پيو سندس ليکو لاهي ۽ کيس جزا ۽ سزا ڏئي. تنهنجي دشمن کي به قدرت ڪونه ڪو قاصد ڪڍ لائي ڇڏيو آهي جو پيو سندس حساب صاف ڪندو. ائين سمجهي، تون پاڻ کي بي آرام نه ڪر ۽ وير خواه بدلي جي ويچارن سان دل جي شانتي نه ڦٽاءِ؛ نڪي وري خرابي ڪري نئون ليکو ڳنڍ، ڇو ته ائين پوري ٿيندي ئي نه ڇڪ ته ويندي وڌندي.

*   *   *

هڪڙي مسڪين ڪڙميءَ کي پٽ ڄائو. هن جي دل گد گد پي ٿي؛ اندر واري اڇلون ٿي ڏنس. ڊوڙندو ويو پاڙيسريءَ وٽ ۽ چيائينس، ”تون منهنجي نينگر جو ڌرم جو پيءُ ٿيءُ.“ (ڪرستانن ۾ رواج آهي ته ٻار ڄمڻ تي ان کي هڪڙو ڌرم جو پيءُ ڏيندا آهن، جو هن جي ڌرمي عقيدن لاءِ ڄڻ ته ضامن ۽ ذمع وار رهندو آهي). پاڙيسريءَ انڪار ڪيو. ڀلا ڪهڙي گتي پيئي آهي ڪنهن کي جو هڪڙو ڪنگال نينگر جو بار کڻي. چوندا آهن ته شاهوڪار جو ته هرڪو سالو سڏائڻ لاءِ به تيار ٿئي، پر غريب جو ڀيڻيويو بڻجڻ لاءِ به ڪو مشڪل اڳڀرو اچي. سو ويچارو ڪڙمي لاچار ٻئي پاڙيسريءَ وٽ ويو، پر انهيءَ به منهن ڪونه ڏنس. گهٽي گهٽي ڦرندو در در تي ٻاڏائيندو رهيو پر

تلسيداس، غريب جي ڪوئي نه ٻڌي بات.

ڳلي ڳلي ڪري ڳوٺ پنيو، پر ڪنهن به سندس عرض ڪونه اگهايو. اچي ششدر ٿيو. غريب جي خوشي ته سموري غائب ٿي ويئي. هوڏانهن وري رسم جي ادائي به نهايت ضروري هئي، سو هليو ڀرواري ڳوٺڙي ڏانهن ته من اتي ڪا ماڙ ٿئي. واٽ تي هڪڙو اجنبي گڏيس، جنهن کيس کيڪاري پڇيو، ”سڄڻ، ڪهڙي طرف هليو آهين؟“

”ادل، مالڪ مهر ڪري پنهنجي گنج مان هڪڙو ڪڻو بخشيو آهي. انهيءَ لاءِ ته جوانيءَ ۾ منهنجي اکين جو ٺار ٿئي، پيريءَ ۾ منهنجي غمگساري ڪري ۽ مماتيءَ ۾ منهنجي آتما جي شانتيءَ لاءِ پرارٿنا ڪري. پر ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪنگال آهيان، تنهنڪري نينگر لاءِ ڌرم جو پيءُ نٿو لڀيم؛ پيو تلاش ۾ ڦران.“

”مٺل، ماندو نه ٿيءُ، دلجاءِ ڪر. مان ٿو اهو بار پاڻ تي هموار ڪريان.“

ڪڙميءَ تان ڄڻ ته بوجو لهي پيو. شڪر گذاري ظاهر ڪندي چيائين، ”هيءَ ڀلائي مون کان قيام ڪين وسرندي. هاڻي باقي ڌرم جي مآءٌ ڪير ٿيندي؟“

اجنبيءَ وراڻي ڏني ته شهر ۾ وڃ. هڪڙو پٿر جي سرن جو ٺهيل گهر ۽ دوڪان نظر ايندءِ. اتي وڃي دوڪاندار کي چئه ته سندس ڌيءَ ڌرم جي مآءٌ ٿئي.“

ڪڙميءَ کي اندر ۾ شڪ جاڳيو. اعتبار ئي نه پيو اچيس ته ڪو اهڙو شاهوڪار ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي ڪنهن غريب اتيت جي ٻار جي ڌرم جي مآءٌ ٿيڻ ڇڏيندو. پر اجنبيءَ کيس تسليٰ ڏيئي چيو، ”تون ڪو خيال خطرو نه ڪر پر جلدئي ڪم لاهي ڳوٺ موٽ. سڀاڻي جيڪو سوڻ ساٺ ٿيندو، ان تي مان وقت سر اچي حاضر ٿيندس.“

غريب ڪڙمي شهر ۾ ويو جتي واپاريءَ سندس مٺي آجيان ڪئي ۽ انجام ڪيو ته سندس ڌيءَ اول خير ته صبوح جو پوريءَ مهل تي اچي شامل ٿيندي. ٻئي ڏينهن پرڀات جو ٻئي، ڌرم جو پيءُ ۽ ڌرم جي مآءٌ آيا ۽ ٻار جا ساٺ سنوڻ پورا ڪري هرڪو وڃي گهر آرامي ٿيو. ڌرم جي پيءُ جو پتو ڪونه پيو ته ڪير هو.

ڏينهن ويا گذرندا ۽ ٻار ويو وڏو ٿيندو. هو مضبوط ۽ محنتي هو؛ منجهس فهم ۽ مروت جي ڪمي ڪا نه هئي. ڏهن ورهن جي عمر ۾ کيس اسڪول موڪليو ويو، جتي هن پنجن سالن جي تعليم هڪ سال ۾ طئي ڪئي. ايسٽر جو پاڪ هفتو آيو ۽ هو وڃي ڌرم جي ماتا وٽان ٿي آيو، پر هن جي دل ۾ پنهنجي ڌرم جي پتا سان گڏجڻ جو شوق هو. مائٽ کيس ڪو به ڏس ڏيئي نه ٿي سگهيا ۽ هو کانئن موڪلائي رستو وٺي راهي ٿيو. پنجن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ کيس هڪڙو غير واقف ماڻهو گڏيو، جنهن هن کان پڇيو، ”اي نينگر، ڪهڙيءَ تلاش ۾ پريشان آهين؟“

”مهربان سائين، ايسٽر جو پاڪ هفتو شروع ٿيو آهي. ڌرم جي ماتا سان گڏجي آيو آهيان ۽ باقي ڌرم جي پتا جي تلاش ۾ وڃان ٿو. خبر ڪانه اٿم ته الاجي ڪٿي ٿو رهي. سندس قدم بوسيءَ کان سواءِ آرام نٿو اچيم.“

”ٻچا، تنهنجي دل جي آس پوري ٿي آهي ۽ تنهنجو ڪشالو ثاب پيو آهي؛ جنهن کي تون ڳولي رهيو آهين، سو تنهنجي سامهون بيٺو توسان ڳالهائي رهيو آهي.“

ڇوڪر جي خوشيءَ جو پارئي نه رهيو. گوڏا جهڪائي ادب جي رسم ادا ڪيائين ۽ نياز سان پڇيائين، ”پتاجي، اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ جي اسان جي گهر جي طرف رخ اٿو، ته هلو ته هلون؛ پر جي پنهنجي گهر ٿا وڃو، ته مان به توهان سان هلندس.“

”پٽ، هن وقت مون کي اوهان جي گهر هلڻ جو وقت ڪونهي. ڳوٺ ۾ ڪجهه ڪم اٿم سو لاهي واپس ورندس. صبوح جو جيڪڏهن تون مون وٽ ايندين ته مان ضرور گهر ويٺو هوندس.“

”بابا سائين، ڪٿي آهي اوهان جو آسٿان ۽ مان اتي ڪيئن پهچان.“

”صبوح جو سويرو سورج جي طرف سڌوئي سڌو هليو وڃ، ته نيٺ هڪڙي ٻيلي ۾ وڃي پهچندين. اتان نڪرڻ بعد توکي پريان باغ نظر ايندو جنهن ۾ هڪڙو سونيءَ ڇت وارو گهر بيٺل ڏسندين. اهو آهي منهنجو مڪان، دروازي تي ايندين مس، ته مان پاڻهي اچي توسان گڏبس.“

ائين چئي هو غائب ٿي ويو. ڇوڪرو سوير صبح جو مليل ڏس پٽاندڙ هلندو هليو. جڏهن جهنگ لتاڙي کليل ٽڪر ۾ آيو تڏهن هڪڙو حيرت انگيز نظارو ڏٺائين جنهن سندس عقل چرخ ڪري ڇڏيو. هڪڙي وڻ جي ڏار ۾ رسي لٽڪي رهي هئي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو بنڊ ٻڌل هو. انهيءَ بنڊ جي هيٺان هڪڙو ماکيءَ جو ڪنو هو. اڃا هيءُ انهيءَ تعجب ۾ هو ته اهو ماکيءَ ڀريل ٿانوَ اتي ڪيئن آيو ۽ ڇو، ته ايتري ۾ هن هڪڙي رڇڻ ايندي ڏٺي، جنهن جي پٺيان هڪ سال کن عمر جو رڇ ۽ ٽي ننڍڙا ٻچا هوا. هوءَ ناسون ٽيڙيندي سڌي ماکيءَ ڏانهن هلي ۽ وڃي ڪني ۾ ٻوٿ وڌائين. ٻچا به ڪڍ ويس ۽ ماکيءَ مان وارو ڪڍڻ لڳا. سندن زور اچڻ ڪري بنڊ البت پري ڌڪجي ويو ۽ موٽي اچي ٻچن جو ٻوٿ ڀڳائين. رڇڻ شوخ ٿي ويئي ۽ چنبو هڻي بنڊ کي اڃا به پرڀرو ڌڪيائين. پر جيئن هيءَ ڪاوڙ ۾ پري ڌڪيندي ٿي ويئي، تيئن بنڊ به وڌيڪ زور سان اچي ٿي سندن ڪوپرا ٽي ڪٽي؛ تان جو هڪڙي زوردار ڌڪ ته سال عمر واري ٻچي جو بنہ پورائو ڪري ڇڏيو. رڇڻ جي ڪاوڙ جي هينئر حد ئي نه رهي. جيئن پوءِ تيئن بنڊ کي وڌيڪ زور سان ڌڪو ڏيئي ماکي کائڻ لڳي. بنڊ به موٽي کيس اڳي کان اڳرو ڌڪ وڄائڻ لڳو. جيترو پري ٿي ڌڪيو، اوترو موٽ جي ڌڪ ۾ وڌيڪ اثر ٿي ٿيو. آخرين ڌڪي ڏيڻ بعد ته قاتل موٽ آئي، جنهن رڇڻ کي ڌرتيءَ تي ليٽائي اڇلايو ۽ هوءَ ڦٿڪندي ڦٿڪندي راهه عدم راهي ٿي. ٻچڙا ويچارا ماءٌ کان سواءِ ماندا ٿي ڀڄي ويا.

مٿيون نظارو ڏسي ڇوڪر جون وايون بتال ٿي ويئون. جڏهن عقل جاءِ آيس، تڏهن اٿي سوريه طرف اڳڀرو هليو ۽ مليل ڏس مطابق اچي پنهنجي ڌرم جي پتا سان گڏيو. باغ جي سونهن بينظير هئي. محلات جي نزاڪت ته ان کي به شهه ٿي ڏني. هر هڪ ڪمرو ٻئي کان وڌيڪ رونقدار هو. جيئن جيئن ڇوڪر ويو اڳتي هلندو، تيئن تيئن سندس حيراني به ويئي وڌندي. نيٺ گهمندي گهمندي ٻئي هڪڙي بند ٿيل ڪمري جي در اڳيان اچي بيٺا ۽ ڌرم جي پتا کيس چيو، ”پٽ، هن در جي کولڻ جو ڪڏهن به خيال نه ڪج. هيءُ سارو محلات تنهنجي ملڪ آهي. گهر، ڦر ۽ مزا ڪر. هر ڪنهن قسم جي خوشيءَ جو سامان هتي موجود آهي. خوب مزي ۾ گذار ۽ فرحت وٺ، پر هڪڙو ڪم ياد رکج ته هن دروازي جي اندر گهڙڻ جو خيال مور نه ڪج. دروازي کي ڪرف لڳل ڪونهي. صرف سيل مهر ٿيل آهي. جي تون پاڻ تي قبضو رکندين ته سلامت رهندين، پر جي اتفاقاً تنهنجو لغام هٿان ڇٽي وڃي ۽ اندر گهڙين، ته پوءِ جهنگ وارو واقعو ياد رکج.“ ائين چئي هو غائب ٿي ويو.

ڇوڪري جي نئين زندگي هن محلات ۾ شروع ٿي. اڪيلائي سو هئس، باقي کيس ڪنهن به ضروري خواهه اڻ ضروري شي جي ڪمي ڪانه هئي. سندس ٽيهه سال ائين گذري ويا ڄڻ ته ٽي ڪلاڪ هوا. ايتري مدت کان پوءِ هڪڙي ڏينهن هو اچي انهيءَ منع ٿيل دروازي وٽ بيٺو ۽ کولڻ جو خيال ڪري جيئن ٿورو ڌڪو ڏنائين مس ته سيل مهر ٽٽي پيئي ۽ هڪڙو شاهي هال سندس اکين اڳيان کلي پيو. هو وڏي هيج مان اندر گهريو. ههڙو سهڻو ڪمرو عمر نه ڏٺو هوائين. محلات جا ٻيا ڪمرا ته هن جي اڳيان شرمندا هوا. پوري وچ تي سونو تخت رکيل هو، جنهن تي هو ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو. پاسي کان هڪڙي سوني لڪڙي رکيل هئي، جا هن هٿ ۾ کنئي. بس، کڻڻ جي دير هئي. چوڌاري ڀتيون هڪ ٻي کان ڌار ٿي ويئون ۽ ساري دنيا سندس اکين اڳيان ظاهر ٿي ويئي. جيڪي به سرشٽيءَ ۾ وهيو واپريو ٿي سو هو هڪ هنڌ ويٺي بلڪل چٽيءَ طرح ڏسڻ لڳو. سمنڊن تي جهاز تي هليا ۽ خشڪيءَ تي ڀانت ڀانت جا ماڻهو دنوي ڪمن ڪارين ۾ غلطان هوا. ڪرستان، يهودي، پارسي، هندو ۽ مسلمان وغيره سڀ سندس اڳيان پنهنجي جيوت جو کيل کيلي رهيا هوا. سارو جهان هڪ ناٽڪ جي چرتر جيان کيس ڀاسڻ لڳو ۽ هن جي دل خوشيءَ ۾ ڀرجي ويئي؛ پاڻ کي مال جو مالڪ سمجهڻ لڳو.

ائين ڏسندي ڏسندي دل ۾ خيال آيس ته پنهنجي گهر جي ته حالت ڏسان ته اتي ڇا پيو وهي واپري. نظر ڦيرائي نهاريائين. پنهنجي ٻني اکين اڳيان ڏسڻ ۾ آيس. هڪڙي باسل نالي چور سنگن ڀريل ڪانا پٽي ٿي بيل گاڏيءَ ۾ وڌا. هن کي باهه وٺي ويئي ۽ اچانڪ وات مان نڪري ويس: ”بابا، چور ڳنا پيو چورائيئي.“ پڻس اهي لفظ رات جو ننڊ ۾ ٻڌي اٿي کڙو ٿيو ۽ وٺي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو. ڏٺائين ته برابر چور چوري ٿي ڪئي. ساٿين کي سڏي باسل کي پڪڙايائين ۽ ماري ڪٽي ترنگ ۾ پهچايائين.

ان کان پوءِ هن ڌرم جي مآءٌ واري شهر ڏانهن نهاريو. ڏٺائين ته هن جي هڪڙي واپاريءَ سان شادي ٿي هئي. هوءَ ننڊ ۾ ستل هئي ته سندس مڙس آهستي آهستي اٿي پنهنجي سينڌيءَ ڏانهن ويو. کائنس رڙ نڪري ويئي. مآءٌ کي چيائين: ”اُٿ، ڏس ته سهين؛ وئل ٿو وهيئي“. هوءَ ڇرڪ ماري اٿي ۽ سڄي روئداد ڏسي باهه وٺي ويس. مڙس کي خوب ڌمال ڪڍيائين ۽ سندس سينديءَ کي اگهاڙي پيرين ٻاهر ڌڪيائين. هوءَ به ائين ڀڳي، جيئن کاري هيٺان ڪانءُ.

انهيءَ معاملي جي نبيري بعد هن وري پنهنجي جنم جي ماتا ڏانهن نظر ڦيرائي. ڏٺائين ته هوءَ سئين نئين سرهي سمهي پيئي هئي. اڌ رات جو سمو هو. هڪڙو ڊاڪو اندر گهڙيو ۽ پيتي ڀڃڻ لڳو. ماڻس جاڳي رڙ ڪئي. چور يڪدم ڪهاڙي کڻي مٿس اُلر ڪئي. هن وقت تائين ته پٽ سانت ۾ هو، پر هاڻي هن کان وڌيڪ رهيو نه ويو. هٿ واري لڪڙي کڻي چور کي ٺڪآءٌ ڪرايائين ته هو هڪ ئي ڌڪ سان ڍيري ٿي پيو.

اڃا ڊاڪو قتل ٿيو مس، ته جدا ٿيل ڀتيون وري ڳنڍجي ويئون ۽ ڪمرو جيئن پهريائين هو تيئن اصلوڪيءَ صورت ۾ اچي ويو. دروازو کلي پيو ۽ ڌرم جو پتا اندر گهڙيو. کيس تخت تان هيٺ لاهي چيائين، ”تو منهنجي نافرماني ڪئي آهي. هڪ ته تو منع ٿيل دروازو کوليو، ٻيو ته تون منهنجي تخت تي ويٺين ۽ شاهي ڏنڊو هٿ ۾ کنيئه ۽ ٽيون ته تو دنيا جي خرابيءَ کي وڌايو. جيڪڏهن تون هڪڙو ڪلاڪ وڌيڪ وهين ها ته جيڪر اڌ انسان ذات جو خانو خراب ڪري ڇڏين ها.“ ائين چئي هن وري کڻي کيس تخت ٿي وهاريو ۽ هٿ ۾ اها سوني لڪڙي ڏنائين. يڪدم ڀتيون پري ٿي ويئون ۽ ساريءَ دنيا جو نظارو وري سندس اکين اڳيان موجود ٿي ويو. ڌرم جي پتا چيو، ”هينئر ڏس ته تو پنهنجي پيءُ جو ڪهڙو حال ڪيو آهي. باسل چور سال جيل ۾ رهيو ۽ انهي عرصي ۾ اتي سڀ خرابي سکيو. اڳي هو سادو چور هو پر هينئر هو پڪو رهزن ۽ بيديدو حيوان آهي. ڏس تنهنجي پيءُ جا ٻه گهوڙا چورايا اٿس ۽ هينئر سندس ڀونگيءَ کي باهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. انهيءَ سڄيءَ مصيبت جو ڪارڻ تون ئي آهين.“

ان کان پوءِ هن اهو نظارو سندس اکين کان پري ڪري کيس ٻيو ڏيکاريو. چي ”ڏس، سال گذري ويو آهي جو تنهنجي ڌرم جي ماتا کي سندس واپاري مڙس طلاق ڏيئي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڻ ٻين فاحش زالن جي سنگ ۾ پيو ڌوڙ پائي. سندس اڳين سينڌي روحاني خواه جسماني طرح صفا چٽ ٿي ويئي آهي. سندس زال ٻيو حيلو نه ڏسي، شراب خاني شراب پي، پئي دل بهلائي، انهيءَ سڄيءَ ماجرا جو بنياد تون ئي آهين.“

ان کان پوءِ هن کيس سندس گهرواري جهوپڙي ڏيکاري جتي سندس مآءٌ رت ٿي رنو ۽ توبہ زاري ڪري ٿي چيو، ”چڱو ائين ٿئي ها جو ڌاڙيل جي هٿان مران ها ته ايڏن گناهن ۾ ته غرق نه ٿيان ها.“ ڌرم جي پتا چيو ته اِهو اٿيئي حال تنهنجي ماءٌ جو ۽ انهيءَ جي جوابداري نسوري تنهنجي سر تي آهي. هوڏانهن نظر ڪر ته ڊاڪو جنهن کيس ماريو تنهن کي به جيلر قابو جهليو بيٺا آهن. هن جملي 9 آدمي ماريا آهن. انهن خونن جي جيڪر هو پاڻهي جزا لوڙي ها پر تو کيس قتل ڪري سندس سمورن گناهن جو بوجو پنهنجي سر تي کنيو آهي. اها تعدي تو پاڻ سان ڪئي آهي. رڇڻ هڪ دفعو بنڊ کي ڌڪيو ته سندس ٻچن کي ايذآءٌ آيو؛ ٻيو دفعو ڌڪڻ سان پنهنجو سال جو پڪو پوڌو ٻچو وڃايائين ۽ ٽين ڌڪي سندس پڄاڻي ڪئي. تو پڻ اها ڪار ڪئي آهي. هينئر مان توکي ٽيهن سالن جو فرجو ٿو ڏيان. وڃ ۽ وڃي دنيا ۾ پنهنجي ڪئي جو ڪيتو لوڙ ۽ ڌاڙيل جي گناهن جو عيوض ڀر نه ته توکي سندس بدلي عذاب ڏنا ويندا.“

”پتا جي، مان ڪهڙيءَ ريت پنهنجو بار لاهي ٿو سگهان؟ مهرباني ڪري ڪو رستو بتايو.“

”جيتري تو خرابي ڪئي آهي جڏهن اوتري ئي خرابي دنيا مان دور ڪندين تڏهن چئبو ته تو پنهنجي ۽ ڌاڙيل جي ڪئي جو ڪيتو لوڙيو.“

”مهربان سائين، دنيا جي خرابيءَ کي ڪيئن دور ڪريان؟“

”سڌوئي سڌو اوڀر طرف وڃ. هڪڙيءَ ٻنيءَ ۾ ڪي ماڻهو ڏسندين. ڏس ته هو ڇا ٿا ڪن. کين پنهنجو تجربو ٻڌاءِ. پوءِ اڳتي هل. جاچ ته ڇا ٿو ٿئي. چوٿين ڏينهن هڪڙي ٻيلي ۾ ايندين جتي توکي هڪڙو درويش نظر ايندو. ان کي پنهنجي سموري حقيقت سڻاءِ. هو توکي گهربل سکيا ڏيندو ۽ جڏهن تون ان تي عمل ڪندين، تڏهن تنهنجي هچا لهندي.“ ائين هن کيس دروازي کان ٻاهر پهچايو.

هو هلندو هليو. دل ۾ ڳڻ تور ڪرڻ لڳو ته مان ڪيئن دنيا مان خرابي تري ڪڍندس. عام طرح ماڻهو خرابيءَ کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڏوهين کي جيل ۾ وجهندا آهن، يا کين ديس نيڪالي ڏيندا آهن، يا کين ڦاسيءَ تي لٽڪائيندا آهن. پر پتا جو چوڻ آهي ته ائين سزا ڏيڻ سان ڏوهين جا ڏوهه پاڻ تي ٿا کڻجن؛ سو ڪهڙو رستو اختيار ڪريان، جو ٻين جي گناهن جي جوابداري کڻڻ کان سواءِ خرابيءَ جي پاڙ پٽي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيان. ائين پور پچائيندو هڪڙيءَ ان جي ٻنيءَ وٽ اچي پهتو. فصل ڦولهاريو بيٺو هو ۽ ڪڙمي لڻڻ لاءِ تيار هوا. ان وقت اوچتو هڪڙي گابي کيت ۾ لنگهي آئي. ڪڙمين جو ان کي ڏٺو سو سڀ اچي ڪڍ پيس. ڪو هيڏانهن ته ڪو هوڏانهن؛ مطلب ته ڊڪائي پاڙ ڪڍيائونس. اڃا ٻنيءَ مان ٻاهر نڪرڻ تي اچي مس ته وري جو ڪو ڊيڄاريس ته ڀوجي ماريل وٺي اندر ڀڄي. اهڙي طرح کيس به اڌ مئو ڪري ڇڏيائون، پنهنجي ٻني به وڌيڪ لتاڙايون ۽ پاڻ به ڦرندا رهيا. گابيءَ جي مالڪياڻي رستي تي رڙندي رهي ته ائين ته جانور جو ساهه ڪڍي ڇڏيندا.

هن ساڌ پريان ويٺي سڄو رنگ ڏٺو. اڳڀرو وڌي سڀني کي سڏي چيائين، ”ڇو ناحق تي چڙهيا آهيو. سڀ ٻنيءَ کان ٻه منٽ ٻاهر ٿي بهو، ته مائي پنهنجيءَ ڍڳيءَ کي وٺي وڃي.“ ڪڙمين سندس چوڻ مڃيو. مائي ٻچڪر ڏيئي گابيءَ کي پيار منجهان پڪاريو. گابيءَ کي ڄڻ ته نئون ساه پيو. ٻچڪر سڃاڻي ڪن کڙا ڪري ڊڪندي آئي ۽ مالڪياڻيءَ سان گڏ هلي ويئي. ڇوڪر صحيح ڪيو ته خرابي خرابيءَ سان وڌي ٿي. جيتري گهڻي سزا ماڻهو خرابيءَ کي ڏين ٿا، اوترو وڌيڪ وڃي ٿي خرابي پکڙندي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته خرابي خرابيءَ سان دور نه ٿيندي؛ گند گند سان نه ڌوپندو. پر ڪيئن خرابي دور ٿئي، تنهنجو ته اڃا پتو ڪونه ٿو پوي. هتي ته گابيءَ مالڪياڻي جو سڏ اونايو، پر جي نه ٻڌي ها ته ويچارن ڪڙمين لاءِ ڪهڙو علاج هو؟

ائين خيال پچائيندو هو اڳتي وڌيو. جلد ئي هڪڙي ڳوٺڙي ۾ اچي پهتو. هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ رات ڪاٽيائين. گهر ڌياڻيءَ ٻيو ڪم ڪار لاهي هڪڙي پراڻي ميز صفا ڪرڻ شروع ڪئي. هڪڙو گندو ٽوال کڻي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين خوب اگهيائين پر جيترو وڌيڪ ٿي پاڻ پتوڙيائين، اوترو وڌيڪ ميز گندي ٿيندي ٿي ويئي. هڪڙا داغ لٿا ٿي، ته ٻيا چڙهيا ٿي؛ تان جو هڄي پيئي. ڇوڪر اِهو حال ڏسي کيس چيو، ”ماتا، پهريائين ٽوال صفا ڪر ته پوءِ ميز صاف ٿيندي.“ هن ائين ڪيو ۽ ميز شيشي جيان چمڪڻ لڳي.

اڳتي هلي ڇا ڏسي ته ڪي ڪڙمي ڦيٿن لاءِ لوهه جا پٽا پيا موڙين. گهڻي مٿا ڪٽ ڪيائون پروئرٿ ويئي. ڦيرائي ڦيرائي پٽا پيا موڙين. گهڻي مٿا ڪٽ ڪيائون پروئرٿ ويئي. ڦيرائي ڦيرائي پٽا پي تپايائون پر بيسود. ڇوڪر سندن چوڪ صحيح ڪئي ۽ چيو، ”ڀائرو، جنهن جهلي سان اوهان پٽن کي قابو ڪيو آهي سو ڍلو آهي. ان کي پختو ڪيو ته پٽا يڪدم مڙي ويندا.“ هنن ائين ڪيو ته ڦيٿا يڪدم تيار ٿي ويا.

ڇوڪرو دل ۾ خوش ٿيو ۽ اڳتي هليو. هڪڙي ٻڪرارن جي ٽولي ڏٺائين، جن مال جهلي ماني پچائڻ لاءِ باهه ٻارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. سڪا ڇوڏا دکائي يڪدم کڻي آلا چها ٿي مٿان رکيائون، سو باهه اسري ئي نه ٿي. اجهامي ٿي ويئي. ڇوڪري کين چيو، ”ادا، پهريائين سڪن ڇوڏن کي ٻرڻ ڏيو ته پوءِ آلا به ٻرندا. تڪڙ سان ڪم نه ٿيندو.“ هنن سندس صلاح ورتي ۽ باهه مشعال جيان تيز ٻرڻ لڳي.

ڇوڪر اِهي ٽيئي نظارا ڏٺا پر هن انهن جو مطلب پورو نه سمجهيو. هلندي هلندي چوٿين ڏينهن اچي انهيءَ درويش جي ڪٽيا وٽ پهتو ۽ در کڙڪايائين. اندران آواز آيو: ”ڪير آهين؟“ جواب ڏنائين، ”مان گنهگار پنهنجا پروا دوش لاهڻ آيو آهيان.“ سنت سندس سموري ڪهاڻي ٻڌي کيس هڪڙو مڏو ڪهاڙو ڏيئي پريان بيٺل سڪل وڻ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”هن وڻ کي وڍي ٽي ٽڪرا ڪري باهه ڏي. جڏهن ٽيئي ٽڪر ٻري وڃن تڏهن کڻي ڌرتيءَ ۾ پور ۽ ڀر واريءَ وهندڙ نديءَ مان وات ۾ پاڻي ڀري ڀري انهن ٽنهي کي ڏي. جڏهن انهن مان سلا نڪرندا ۽ وڏا صوفن جا وڻ ٿيندا تڏهن توکي پاڻ ملندي ته خرابي ڪيئن دور ڪجي ۽ تڏهن ئي تنهنجا پاپ دور ٿيندا.“ هن کي ته سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو پر تنهن هوندي به بنا ڳالهائڻ جي حڪم موجب ڪم ۾ لڳي ويو.

ڌرم جو پٽ وات ۾ پاڻي ڍوئيندو پنهنجو پورهيو ڪندو رهيو. جڏهن پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيو تڏهن اچي آرام ڪيائين. بک به ماندو ڪيو هوس سو اٿي جهوپڙيءَ ڏانهن هليو ته من ڪو ڳڀو ملي. اندر گهڙيو مس ته ڏٺائين ته درويش پريان بينچ تي بيجان پيو هو. چوڌاري نظر ڦيرايائين ته سڪل مانيءَ جا ٽڪر ڏٺائين. بک ۾ بصر به مٺا لڳندا آهن، سو هيءُ به اهي سڪا ٽڪر چاهه مان چٻيندو ويو. ڍؤ ڪري پوءِ لڳو قبر کوٽڻ. ٻه ڏينهن لڳس. ڏينهن کوٽي ڪندو هو ته رات جو پاڻي ڍوئيندو هو. اڃا کوٽي مس رهيو ته ڀرواري شهر مان ڪي ماڻهو درويش لاءِ کاڌي پيتي جو سامان کڻي آيا. انهن جڏهن ڏٺو ته مهاپرش سکڌام پڌاريو آهي ۽ چيلي ۾ پنهنجي برڪت وجهي ويو آهي، تڏهن آندل سامان سڀ ان کي ڏيئي فقير کي دفن ڪري موٽيا.

بس پوءِ ته چيلو پاڻ درويش بڻجي ويو. ماڻهو روزبروز اچڻ لڳس ۽ سندس صدقين جو انداز ڏينهان ڏينهن ويو وڌندو. سوين سوغاتون ۽ سوکڙيون ۽ نت نوان نذرانا کيس ڀيٽا ۾ ملڻ لڳا. وري پاڻي ڍوئڻ جو پورهيو جو ماڻهن ٿي ڏٺو تنهن سندن دل تي وڌيڪ اثر ٿي وڌو ۽ سمجهڻ لڳا ته ڪلا وارو انسان آهي. هيءُ به اڌ ڏينهن پاڻي ڍوئڻ ۾ گذاريندو هو ۽ باقي اڌ ملاقين سان رهاڻ ۾ صرف ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سندس ٻه سال گذري ويا.

هڪڙي ڏينهن هن جهوپڙيءَ جي ٻاهران ڪنهن جي لنگهڻ جو آواز ٻڌو. ٻاهر نڪري ڏٺائين ته هڪڙو سگهارو مضبوط جوان، عمدي پوشاڪ پهريل، هڪڙي تيز گهوڙي تي مٺا راڳ ڳائيندو پيو وڃي. هن کيس هڪل ڪئي ۽ هن لغام ڇڪي گهوڙي کي جهليو. فقير پڇيو، ”ادا، تون ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

”مان ڌاڙيل آهيان ۽ منهنجو پيشو آهي رستن تي ماڻهن کي ڦرڻ ۽ مارڻ. جيئن وڌيڪ ڦر مار ڪندو آهيان، تيئن وڌيڪ آنند ايندو اٿم.“

فقير ويچار ۾ پئجي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو، ”ماڻهو هميشہ گناهه قبول ڪري توبهه ڪندا آهن، پر هيءُ عجب ماڻهو آهي جو پنهنجن گناهن جي ڳالهائين پيو ڪري ڄڻ ته ڪا سورهيائي کٽي اٿس. اهڙي ماڻهوءَ کي سڌو ڪيئن ڪريان؟ ڀلا جي هي ائين پيو واٽهڙن کي ستائيندو، ته ڪهڙي راهه جي سلامتي رهندي ۽ ماڻهو ته مون ڏي اچڻ بند ڪري ڇڏيندا. جي ائين ٿيو ته منهنجي گذران کي به ته ڌڪ ايندو.“ ائين ويچاري ڌاڙيل جي مخاطب ٿي چيائين، ”ماڻهو مون ڏي گناهن جي پڇتاو لاءِ ايندا آهن ۽ نه تو جيان اوچي ڳاٽ پڌرائي ڪرڻ لاءِ جي چڱو ڄاڻين ته ارمان ظاهر ڪر ۽ انجام ڪر ته آئينده ائين ڪرڻ کان باز ايندين. جي اِهو نه پڄيئي ته هن ملڪ مان هليو وڃ ۽ مون ڏانهن ايندڙ مسافرن کي ستائي، اچڻ کان بند نه ڪر. جي ائين به نه ڪندين ته ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ موچڙا لڳندءِ.“

ڌاڙيل وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو، ”مون کي ڌڻيءَ ٻڻيءَ جي پرواهه ڪانهي؛ نڪي تنهنجن پاراتن جو ڪو خوف اٿم. تون ڪو منهنجو مالڪ ڪونه آهين. تنهنجو گذران آهي فقيريءَ تي، منهنجو آهي ڌاڙن تي. اسان سڀني کي ڪو مڙيوئي نمونو گذران جو کپي. جيڪي ٻڍيون زالون تو وٽ اچن، تن کي ويهي اهي ڪٿائون ٻڌاءِ ۽ گيان ڏي. مون کي تنهنجي سمجهاڻيءَ جي ڪا ضرورت نه آهي. اٽلندو ڇاڪاڻ ته تو اِهي گيان جا گفتا ڪڍيا آهن ۽ خدائي درگاهه جا خوف بتايا اٿيئي تنهن ڪري مان سڀاڻي ٻه ماڻهو وڌيڪ ڪهندس. توکي به جيڪر اڄ پورو ڪريان پر پنهنجا هٿ خراب ڪرڻ نٿو چاهيان. پر جي وري مون کي ڪجهه چيو اٿئي ته سڌو جهنم پهچائيندو سانءِ.“ ائين دڙڪو ڏيئي ڌاڙيل رمندو رهيو ۽ فقير جا ٻيا اٺ سال سک سلامتيءَ سان نبريا.

هڪڙيءَ رات فقير پاڻي جي ڍوئي پوري ڪري صدقين (مريدن) جي انتظار ۾ راهه تڪيندو رهيو پر ان ڏينهن هڪ به ڪونه آيو. ڏاڍو ماندو ٿيو ۽ پيٽ پالنا جي چنتا ٿيڻ لڳس. ائين ڳڻ تور ڪندي ڪندي پنهنجيءَ زندگيءَ تي سرسري نظر اُڇليندي اندران آواز آيس؛ چي ”توکان وڏي غلطي ٿي آهي. تون درويش جي چوڻ موجب ته حياتي بسر نٿو ڪرين. هن توکي سزا ڏني، پر انهيءَ سزا مان اٽلندو تون کاڌو ۽ ماڻهن جي ساراهه پيو ڪٺي ڪرين. وري ايترو ته لالچي ٿي پيو آهين، جو ماڻهو گهٽ ٿا اچن يا نٿا اچن ته حيران ۽ پريشان ٿو ٿئين. جي اچن ٿا ته تون فقط تڏهن خوش ٿو ٿئين، جڏهن تنهنجي ساراهه ٿا ڪن. اها روش ٺيڪ نه آهي. دنيوي مان جي پوئتان پئي تون سمارگ ڇڏي ڪدڳ لڙي رهيو آهين. اڳين بارن لاهڻ جي بدران نوان سر تي چاڙهي رهيو آهين.“ انهيءَ خيال سندس وهڻ وه ڪري ڇڏيو ۽ اندر ۾ ڏنگ هڻي سندس آرام ڦٽائي ڇڏيو. سڪا روٽيءَ جا ٽڪر ڪٺا ڪري ڪوڏر ڪلهي تي رکي اٿي هليو؛ چي ”هاڻ وڃي ٿو ڪنهن غار ۾ غرق ٿيان، جتي بني آدم جو پير به پهچي نه سگهي.“ اڃا به قدم اڳتي مس هليو ته وري اهو اڳيون ڌاڙيل اچي اڳيان لنگهيس. ڀو ۾ ڀڄڻ تي هو پر ڌاڙيل پختو جهلي پڇيس، ”ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“

”اتي، جتي مون وٽ ڪوبه نه اچي.“

”جي ماڻهو نه اچي ته گذر ڪٿان ڪندين؟“

درويش جي اک کلي. کاڌو هن وقت تائين کيس ياد به ڪونه هو، پر هينئر اها انتظاري منجهس نئين سر جاڳي. ڌاڙيل واٽ وٺي رمندو رهيو. درويش ڏٺو ته اڄ مڙيوئي منجهس ڦيرو آهي. اهڙو سنگدل نه آهي جهڙو اڳي هو ۽ نڪو مارڻ ڦرڻ جو دڙڪو ٿو ڏئي، سو وٺي کيس سڏ ڪيائين ۽ چيائين، ”بندا خدا جا، ڪجهه پڇتآءٌ ڪر. ڌڻيءَ کان ڪا ڏي ڀڄندين؟“

ڌاڙيل گهوڙو ڦيرائي ڏانهس وڌيو ۽ ڪپ ڪڍي. اُلر ڪيائينس ته فقير وٺي ڀڳو ۽ جهنگ منهن ڏنائين. ڌاڙيل ڪڍ ڪونه پيس ليڪن چتآءٌ ڪري ڇڏيانس ته ٻه دفعا ڇڏيو ٿي مانءِ پر جي ٽيون دفعه ڪو اکر ڪڍيئه ته ڪين ڇڏيندو سانءِ.

شام جو فقير پاڻي ڏيڻ ويو ته ڇا ڏسي ته هڪڙو سلو اڀريو آهي ۽ ننڍڙو صوف جو وڻ پيو اسري. وقت گذرندو ويو. روٽيءَ جو خاتمو ٿيو. فقير ٻاهر ڳولا ۾ نڪتو ته هڪ هڙ مانيءَ جي وڻ جي شاخ ۾ لٽڪيل ڏٺائين. لاهي کولي بک ڀڳائين. اهڙيءَ طرح کيس هميشہ هڪ هڙ بنا رخني جي ملندي رهي. هاڻي کيس صرف هڪ چنتا هئي ته متان ڪنهن وقت ڌاڙيل اچي قتل ڪري ۽ گناهن لاهڻ کان اڳ مري وڃان. ائين رهندي ڏهه سال گذري ويس. هڪڙي ڏينهن ويهي ويهي ويچار آيس ته مان وڏو گناهه پي ڪيو آهي جو موت جو ڀؤپي رکيو اٿم. جيڪڏهن ايشور مهر ڪري ته مان پنهنجن پاپن جو بوجو مري ساهه ڏيڻ سان به اهڙو ئي لاهي ٿو سگهان، جهڙو ڪنهن به ٻي نموني ۾. انهيءَ پرم پتا کي هزارين نمونا آهن پنهنجي ڪم ڪرڻ جا. اڃان اهو خيال ڪيائين مس ته پريان ڌاڙيل جي گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ ٻڌائين. پٽيندو، پاراتا ڏيندو، گاريون ڪڍندو پي آيو. ويجهو اچڻ تي ڏٺائين ته کيس پٺيان هني سان هڪڙو نوجوان ٻڌل هو، جنهن جا هٿ پير قابو هوا ۽ ٻوٿ بند هو. فقير اچي گهوڙي جو اڳ جهليو. رستو روڪي بهي رهيو ۽ پڇيائين، ”هن شخص کي اهڙيءَ ذليل حالت ۾ ڪاڏي ٿو وٺي وڃين؟“

”ٻيلي ۾ ٿو وٺي وڃانس. شاهوڪار واپاريءَ جو پٽ آهي پر ٻڌائي نٿو ته سندس بابي جي مايا ڪٿي لڪل آهي. کيس اڌو مئو ڪندس ۽ تيسين نه ڇڏيندس جيسين سچي نه ڪندو.“

فقير کيس وڃڻ کان روڪي گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وجهي چيو، ”هن ماڻهوءَ کي آزاد ڪر.“

ڌاڙيل ڪاتي ڪڍي چيو، ”ڇا، اڃا عقل جاءِ نه آيو اٿئي. اڳيئي توکي مارڻ جو پرن ڪيو اٿم. ڇڏين ٿو يا نه؟“

”بنہ ڪين ڇڏيندو سانءِ. مون کي تنهنجو ڪو خوف ڪونهي. خدا کان سواءِ ٻي ڪنهن جو ڀو نه اٿم. ايشور مون کي صاف حڪم ڪري رهيو آهي ته توکي اڳتي وڌڻ نه ڏيان. ڇوڙي ڇڏ هن بيگناهه ۽ بي قصور منش کي.“

ڌاڙيل منهن ۾ گهنڊ وجهي، ڪپ ڪڍي، رسيون ڪپي، شاهوڪاري نينگر کي آزاد ڪري چيو، ”وڃي ٻئي جهنم جو ترو ڀريو. وري نه منهنجي منهن چڙهجو.“ ائين چئي هلڻ لڳو، پر فقير وري به کيس روڪي چيو، ”پيارا، شاباس اٿئي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اِهو خراب ڌنڌو ئي ڇڏي وڃي صلح سانت جي حياتي بسر ڪرين. رب ڏاڍو بي پرواهه آهي. ڏڪندو ڏرندو توبہ تائب ٿيءُ ته مالڪ مهربان توکي پنهنجي گود ۾ وٺي.“ ڌاڙيل سانت ۾ اهي لفظ ٻڌندو، بنا جواب ڏيڻ جي راهي ٿيو. صبوح جو فقير پاڻي ڏيڻ ويو ته ڏٺائين ته ٻيو سلو به اڀريو آهي ۽ ٻيو صوف جو وڻ ٿو اسري.

ٻيا ڏهه سال گذري ويا. فقير هينئر پنهنجي موج ۾ هو. کيس ڪابه خواهش ڪانه هئي ۽ نڪو وري ڪو خيال خطرو هوس. سندس اندر ۾ آنند ئي آنند هو. هڪڙي ڏينهن دل م خيال آيس ته ڌڻيءَ انسان لاءِ ڪيڏي نه راحت ميسر ڪئي آهي! جڏهن ماڻهو هميشہ دائمي خوشي ماڻي سگهن ٿا تڏهن ڇو پيا پاڻ کي خراب خوار ڪري دکي ڪن. ائين ويچاريندي سندس من ڀرجي آيو ۽ سندس اندر ۾ انسان ذات لاءِ همدردي پيدا ٿي. سمجهيائين ته هيئن گوشه، نشينيءَ ۾ رهڻ نه جڳائي پر دنيا ۾ هلي ماڻهن کي سچي علم کان واقف ڪرڻ گهرجي. اڃا انهيءَ خيال ۾ هو ته وري به اهو ڌاڙيل اچي اڳيان لنگهيس. پهريائين ته ويچاريائين ته هن کي ڪجهه به چوڻ اجايو آهي. اهڙو پٿر ڪيئن مڙندو. پر وري دل ڦيرايائين ۽ اڳتي رستي تي وڌي ڌاڙيل جي ويجهو آيو. ڏٺائين ته هن جي چهري تي غم ڇانيل هو ۽ سندس اکيون زمين تي کتل هيون. فقير سندس اداسائي ڏسي مٿس رحم ڀريل نگاهه سان نهاري کيس هٿ وجهي جهليو ۽ هيٺينءَ ريت سمجهاڻي ڏني. چي ”مٺڙا ڀآءٌ، پنهنجي آتما تي قياس ڪر، تنهنجي اندر انهيءَ جانب جو جمال موجود آهي پر انهيءَ هوندي به تون پاڻ کي دکي ٿو ڪرين، ٻين کي عذاب ٿو ڏين ۽ پنهنجي لاءِ آئينده جي عذابن جو سامان پيو ڪٺو ڪرين. ڏس ته خدا تعاليٰ توکي ڪيڏو نه پيار ٿو ڪري ۽ تنهنجي لاءِ ڪيڏي نه راحت موجود رکي اٿس. ادل، ڪجهه ساڱاه؛ ناحق پاڻ کي تباهه نه ڪر. پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديل آڻ. اڃا وقت ڪونه ويو اٿئي. ڪري ڪري جنهن نه ڪئي تنهن به ڄڻ ته نه ڪئي. ڀلي ڀاڻ آئي سا به ڄڻ نه ڀلي. حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي؛ هينئر نه سنڀاليندين ته پوءِ هٿ هڻندين.“

ڌاڙيل منهن گهنجائي چيو، ”مون کي ڇڏي ڏي. زياده نه چئه.“ فقير کيس وڌيڪ پختو جهليو ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. نماڻا نيڻ کڻي، اُٿي چپ چپاتي آزي ڪيائين. ڌاڙيل جو ڏانهنس نهارڻ ۽ بنا زنجيرن قيد ٿيڻ. همٿ هارجي ويس ۽ دل ڌاڳا ٿي پيس. گهوڙي تان لهي، گوڏا کوڙي، ٽمندڙ اکين سان چيائين، ”هي رهبر سائين، مون هارايو، اوهان کٽيو. مون کي زر خريد ٻانهي جيان جيئن وڻيو تيئن هلايو. ويهه سال مون اوهان سان نٺرائپ ڪئي آهي پر آخر پيش ٿو پوان. هن کان پوءِ مان بيوس آهيان ۽ اوهان منهنجو وسيلو آهيو. پهرينءَ ملاقات ۾ اوهان جي هدايت مون کي ڪاوڙايو ۽ وڌيڪ ظالم ڪيو. مون تي اوهان جي لفظن جو اثر ئي تڏهن ٿيو جڏهن ڏٺم ته اوهان ماڻهن کان پري ٿا رهو ۽ انهن ۾ اوهان جي لالچ ڪانه آهي. ان وقت کان وٺي مان مانيءَ جي هڙ اوهان جي لاءِ وڻ جي شاخ ۾ ٽنگي ويندو آهيان.“

اتي فقير سمجهيو ته مائيءَ جي صفا ٽوال سان ميز جي صاف ڪرڻ جي معنيٰ ڇا هئي. پاڻ به جڏهن خودي ۽ ميل من مان ڪڍي پهريائين پنهنجو اندر اجاريو هوائين، تڏهن ئي ٻين تي سندس اثر پوڻ لڳو.

ڌاڙيل چيو، ”جڏهن مون ڏٺو ته اوهان کي موت جي به پرواهه نه آهي تڏهن منهنجي دل ڀِڄي پيئي.“

اتي فقير کي يادگيري آئي ته ڦيٿن ٺاهيندڙن جا پٽا مڙيائي تڏهن هوا، جڏهن هنن پهريان جهلي کي قابو ڪري انهن کي سڪ ڪيو هو. ساڳيءَ طرح جڏهن هن به موت جو ڏر ڪڍي پنهنجي زندگي خدائي هستي ۾ سمائي پختي ڪئي، تڏهن ئي هڪڙي فسادي دل ڦيرائي نرم ڪري سگهيو ۽ ان کي ادب ۾ آڻي سگهيو.

ڌاڙيل چيو، ”جڏهن اوهان مون تي رحم کاڌو ۽ منهنجي لاءِ همدرديءَ جا ڳوڙها ڳاريا، تڏهن منهنجي اندر واري تي ڄڻ ته اوهين مڪمل قبضو ڪري چڪا، منهنجا هٿيار سڀ نڪما ٿيا ۽ مان اوهان جي قدمن ۾ ڪريس.“

فقير جي خوشيءَ جي حد نه رهي. هو ڌاڙيل کي انهن ٻوٽن وٽ وٺي ويو ۽ ڏٺائون ته ٽيون سلو به نڪري نروار ٿيو هو. اتي فقير کي يادگيري آئي ته آلا تڏهن ٻريا هوا، جڏهن پهريائين سڪن پاڻ کي ساڙي وڏو مچو مچايو هو. ساڳيءَ طرح جڏهن هن جي پنهنجيءَ دل کي تيلي لڳي ۽ هوءَ روشن ٿي تڏهن ان مان ٻيءَ دل به چڻنگ کنئين. خالي ڏيئو فقط ٻرندڙ ڏيئي مان ئي ٻري روشن ٿي سگهندو. تنهن ڪري هر ڪنهن هدايت ڏيندڙ کي پهريائين قلب صاف ڪري، ايشور ۾ پختو وشواس رکي، مسڪينن ۽ غريبن جي دک ۾ پاڻ کي دکي ڄاڻي، گنهگارن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ جي بدران مٿن ڪهل آڻي، پنهنجي دل اندر جوت جاڳائڻي آهي. تڏهن ئي فقط هن جو ٻين تي اثر ٿيندو.

فقير جا پورهيا ثاب پيا. سندس گناهن جو جبل پٿون ٿي پيو ۽ سندس جيوت جس واري ٿي. هن اهو سڄو روحاني راز ڌاڙيل کي ٻڌائي هن فاني جسم کي ترڪ ڪيو. ڌاڙيل کيس باعزت دفن ڪري، سندس حڪم موجب حياتي گذاري، پنهنجي ۽ ٻين جي راهه سنوارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com