سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون

باب: --

صفحو :6

 

شيطان جو ڄار

 

جيسين انسان وٽ پورو سورو آهي ۽ هو هڏ هلائي ايترو ٿو پيدا ڪري جيترو کيس گهرجي، تيسين هنجي ٻڌي سالم ٿي رهي ۽ هن تي شيطان به غالب پئجي نٿو سگهي؛ پر جڏهن مال مٿو ٿو ٿئيس، تڏهن سندس مٿو ڦريو وڃي، هن جي دل پٿر ۽ طبيعت ظالم ٿيو پوي ۽ هن جي اندر ۾ موجن ماڻڻ جا خيال پيدا ٿين ٿا. شيطان جو ڄار آهي عيش عشرت. هڪ دفعو انسان ان ۾ اٽڪيو ته پوءِ ويندو پائمال ٿيندو.

انسان جي اندر ۾ چڱائي ۽ لڱائي ٻنهي جو مادو موجود آهي. پورهيو پهرين کي ترجيع ٿو ڏئي ۽ بيڪاري ۽ عيش عشرت ٻئي کي هٿ ٿيون ڏين. هڪ دفعو جيڪو پاسو زور پئجي ويو، تنهن جو وري پوئتي هٽڻ تمام ڏکيو آهي؛ خاص ڪري جڏهن لڱائي زور ٿي ڀري، تڏهن ته ان جي جڙ اکوڙڻ محال ٿيو پوي.

گهرج کان وڌيڪ چيز رکڻ، ضرورت کان وڌيڪ جاءِ سيڙائڻ ۽ لوڙ کان وڌيڪ پئسو رکڻ هڪڙو اخلاقي گناهه آهي، جو اول انسان ۾ حرص پيدا ڪري جبل جي چوٽيءَ تي بيهاري ٿو ۽ پوءِ نيٺ کيس اتان هيٺ پٽ تي ڪيرائي چڪنا چور ڪري ٿو؛ عرش تي اوڀاري فرش تي اُڇلائي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي چوٽياري چوٽ رسائي دڻيون پاڻيون وڃائي ٿو.

*  *  *

هڪڙو غريب ڪڙمي ٻنيءَ ۾ هر کيڙڻ ويو. ويچاري کي نيرن ته نصيب ڪانه ٿي هئي، پر منجهند جي مانيءَ لاءِ به ڪو راتو ڪو بچيل سچل ڳڀو ساڻ کنيو هوائين. زمين تي پهچي، اوهو ڳڀو کڻي هڪڙي ٻوٽي جي ڇانو ۾ ڪوٽ سان ڍڪي لڪائي رکيائين ۽ پاڻ وڃي ڪار کي لڳو.

جيئن ڏينهن چڙهڻ لڳو تيئن کيس بک ماندو ڪرڻ لڳي، تان جو مٿان اچي ٽاڪ منجهند ٿي. هر جي چوني زمين ۾ اٽڪائي، گهوڙي کي چراگاهه ۾ آزاد ڪري، پاڻ اچي ٻوٽي جو پاسو ورتائين. صرف ڪوٽ مٿي ڪرڻ جي دير هئي. بگهڙ واگهوءَ وارو وات کوليو ويٺو نظر آيس. مانيءَ جو ڳڀو هوئي ڪونه. سياڻن سچ چيو آهي ته غريبن روزا رکيا ته ڏينهن به ٿيا وڏا. پيٽ ڀري کائڻ جي ته ويچاري غريب کي سپني ۾ به خبر ڪانه هئي، پر هي رکو سکو پاروٿو ٽڪر کائي، ٻه ڍڪ پاڻي پي، جو هيانءَ جهل ڪندو هو، سو آسرو به سندس ويندو رهيو. هڪ اڻ هوند ٻيا افعال بڇڙا. گهڻيون ئي هٿوراڙيون هنيائين، هيڏي هوڏي ڦولهيائين، پري اوري جاچيائين پر ڳڀو چوي، ”مون هٿ ئي نه لاءِ.“ ڏاڍو ششدر ٿيو. چي ”مون ته ڪنهن کي ايندو ويندو ڪونه ڏٺو. ڪک ته نه هو جو اڏامي ويو. ڇا! پاتال ۾ پيهي ويو؟ ڌرتي ڳهي ويئي؟ ڪوٽ اڳري ويو؟“ گهڻائي دليل ڊوڙايائين پر پتو ڪونه پيس.

حقيقتاً  هڪڙي شيطانڙي ڪڙميءَ کي ڪم ۾ رڌل ڏسي اهو ڳڀو چورايو هو ۽ پاڻ وڃي ٻوٽي جي پوئتان اوٽ ۾ لڪو هو انهيءَ لاءِ ته ڏسان ته ڪيئن ٿو ڪڙمي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ۽ اڇلون ڏئي. هن کي پڪ هئي ته ڪڙميءَ کي باهه وٺي ويندي ۽ ضرور گارين ۾ ڇٽڪي ويندو. خاطري هئس ته تيسين سک نه سمهندو جيسين هڻي ڪنهن جو ڪاوڙ ۾ ڳاٽو نه چٽ ڪري ڇو ته ’بک بڇڙو ٽول دانهه ديوانا ڪري.‘

ڪڙميءَ جي نا اُميديءَ جو پار نه رهيو پر جيتوڻيڪ بک ۾ پاهه پي ٿيو ۽ هن وقت اِهو سڪل ڳڀو هن جي لاءِ ست رڇي ڇٽيهن طعامن کان به وڌيڪ سوادي هو ته به سور پي ويو ۽ دل جهلي چيائين، ”خير، منهنجو وقت به گذري ويندو. ڪو بک ۾ مري ڪونه ويندس. جنهن ڳڀو کنيو آهي تنهن کي ضرور ڪا گهرج هوندي. ڀل کائي خوش ٿئي. ان جو به ڀلو.“

ائين چئي ڀرواريءَ کوهيءَ تان ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ پي آرام ڪيائين. گهڙي کن ويساهين ڪري گهوڙو ٻڌي وري هر ڪاهڻ کي لڳي ويو. شيطانڙي کي باهه وٺي ويئي چي ”پورهيو ئي برباد. مون ٿي سمجهيو ته هو ضرور سڌ ٻڌ وڃائي گناهه ۾ ڪرندو پر هيءُ ته دل جي آرام ۽ جميعت سان پيو ڪم ڪري.“ هن کان اها هار سٺي نه ويئي، سو وٺي دوزخ ڏانهن ڀڳو ۽ جلدي اچي پنهنجي آقا شيطان وٽ پهتو. باهه جهڙي سرخ چهري سان ٻئي هٿ ڪرمن کي هڻندو چوڻ لڳو، ”سائين، اڄ مون سان جنسي وئل وهي ويو آهي. ڪين جهڙي ڪڙميءَ کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي نه سگهيو آهيان. شايد تنهنجي حشمت ڏينهون ڏينهن ڍري ٿيندي پيئي وڃي جو ماڻهن جون دليون اهڙيون نرم ۽ رحماني ٿينديون ٿيون وڃن. ڳڀو چورائي چڻنگ ته چوريم، پر ڀنڀٽ ٻريو ئي ڪين. هو نامراد پاراتن ڪڍڻ يا بدلي خواه وير جي ويچار ڪرڻ بدران اٽلو چور کي دعائون ڪرڻ لڳو. جي ٿورو ئي وقت هو ائين هليو ته پوءِ پنهنجي حڪمرانيءَ جي جڙ اکڙيل ڏسندين.“ اهي لفظ ٻڌي شيطان غلطي ۾ لعل ٿي ويو. سندس منهن ٽامڻي هڻڻ لڳو.

نيٺ جڏهن ڳالهائڻ اڪليس تڏهن بلڪل شوخ آواز سان چيائين، ”جيڪڏهن ڪڙميءَ توکي شڪست ڏني آهي ته ان ۾ ڏوهه تنهنجو ئي هوندو. تو پورو رستو اختيار نه ڪيو هوندو. جي ائين هاري ناري انسان جي چنبي کان نڪري ويا ۽ ساڌ ٿي پيا ته پوءِ اسان جو بيشڪ برو حال ٿيندو. جيئڻ ئي جنجال ٿي پوندو. خير، ڪجهه به هجي هن ڳالهه جي ضرور پوئواري ٿيڻ گهرجي. هيءُ اسان جي آڪہ جي لاءِ جيوت ۽ موت جو سوال آهي. هاڻي ٽر منهنجي اکين اڳيان. وڃ ۽ وڃي اِهو ڳڀو ڪڙميءَ کي موٽائي ڏي ۽ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪر. جي اڄوڪي تاريخ کان پورن ٽن سالن جي اندر کيس تباهه ڪري نه موٽين ته پاڪ پاڻيءَ ۾ غوطا کارائي ٻوڙي ماريندو سانئن.“

پاڪ پاڻيءَ جو صرف نالو ٻڌنديئي شيطانڙي جي چت ۾ چورا کورا شروع ٿي ويئي. پڇ پائي اٿي ڀڳو. سڌو ڌرتيءَ تي اچي پهتو ۽ اونڌي منجي پائي هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي ويچار ڪرڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪجي جو هارايل بازي کٽجي. نيٺ پهه پچائي مسافر جو ويس ڌاري اچي ڪڙميءَ وٽ مزور ٿي بيٺو. پهرين صلاح ڏنائينس ته پنهنجي پوک پاڻياٺيءَ زمين ۾ ڪر ته اونهاري جي تپت جي اثر کان آجي رهي. نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن ٻين جون پوکون سڪنديون سڙنديون ٿي ويئون تڏهن اسان جي غريب ڪڙمي جا سلا ساوا بيٺا هوا، سندس ان جو فصل ڦولهاريو پي ويو ۽ سنگ ڄڻ ته ان جي ڪڻن سان پي ڦاٽا. ڪڙميءَ جا ڀاڳ کلي پيا. سارو سال ته کائي خوشي ڪيائين پر آخر ۾ بچت به جام ٿيس.

ٻي سال صلاح ڏنائينس ته پوکي پوٺي تي ڪر. هن ائين ڪيو. ڌڻيءَ جي قدرت سان ان سال مينهن حد کان ٻاهر وسيو ۽ هڻي ڀر واريون ٻنيون سڀ ٻوڙي ڇڏيائين. ماڻهن جا فصل ائين اڪيا رٿا لڙهڻ لڳا. صرف اسان جي ڪڙميءَ جي پوٺي واري پوک بچي ويئي ۽ ان جا سونهري سنگ ڏسي هرڪو حسد جي باهه ۾ جلڻ لڳو.هاڻي هن وٽ اڻ مئو هو ۽ ڪا به ڪمي ڪانه هئي. ان جا انبار ڏسي پيو چوي ته هيڏو ان ڪاڏي ڪريان. منهنجي گهرج کان ته سو وار سرس آهي.

مزور عرف شيطانڙي کيس چيو ته هي هيترو سارو ان جو بچيو پيو آهي سو ڇو نه ڪنهن فرحت وٺڻ ۾ ڪم لڳائين. ان کي پيڙڻ سان بير ٺهي پوندو جنهن جو جيڪو چڪوئي چت کي چريو ڪري ڇڏي. زوراور، مري وڃبو پوءِ اهي انبار گڏ هلندا ڪيئن؟ ڪو سواد ته وٺي ڏس. ڪڙمي ڀنڀلجي ويو ۽ شراب جا مٽ تيار ٿي ويا. پهريائين پاڻ پي ڍؤ ڪيائين پوءِ ٻين ماڻهن کي سواد وٺائڻ لڳو. شيطانڙي جي من جو مقصد پورو ٿيو ۽ ڊڪندو ويو شيطان وٽ چي، ”سائين، هاڻي پوريءَ سنوت تي آندو ٿي مانس. هڪ ڳڀي جي بي پرواهيءَ جي ڪري هاڻي ڄاڻ ٿو ڳڀا ڳڀا ٿئي.“ شيطان سرهو ٿيو ۽ اٿي هليو روبرو ڏسڻ ته ڇا حال آهي.

ٻئي اچي ڪڙميءَ جي ٻنڀي پيٺا. ڏٺائون ته هن پاڻ جهڙن آسودن ڪڙمين کي دعوت ڏيئي گهرايو هو ۽ شراب تيار رکيو هوائين، جو زالهنس چوڌاري ڦيرائڻ لاءِ پي تياري ڪئي. اڃا ٻه قدم اڳتي هلي ته ٿاٻو کاڌائين ۽ هڪڙو گلاس هارجي پيس. ڪڙمي اچي بگڙيو ۽ کيس خوب ڌمال ڪڍيائين چي ”رن، هيءُ ڇا ڪيئه؟ اهڙي لذيذ چيز ڌرتيءَ تي هاري دٻو ڪرڻ مان هٿ ڇا آيئه؟ پاڳل، ڪو مٿو ڦري ويو اٿئي ڇا؟ ڏس ته توکي ڪيئن ٿو سڌو ڪريان.“

شيطانڙي شيطان کي اشارو ڏيئي چيو، ”سائين، ڏس هاڻي ڪيئن ٿو وهلور وڃي ڪاڏي ويس اهو ڌيرج؟ ڪاڏي ويئون اهي دعائون؟ هاڻي سمجهه ته آيو رکيو آهي.“

ڪڙمي زال کي ڌمال ڪڍي پوءِ لڳو شراب ورهائڻ. ان وقت هڪڙو غريب ٿڪل ٽٽل مزور اچي اتان لانگهائو ٿيو. هو ڪم تان ٿي موٽيو. ماڻهن جو ميڙ ڏسي ويهي رهيو. کيس دعوت مليل ته ڪو نه هئي، پر سمجهيائين ته جي گڏجي مسجي ويندس ته ضرور واري ڦيري سان چڪو ملي پوندو. ٻين کي پيئندو ڏسي سندس وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ هو اکيون ڦاڙي چوڌاري نهارڻ لڳو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن سندس انتظاري وڌندي ويئي پر مايادارن جي مجلس ۾ هن غريب ڏانهن ڪنهن نهاريو به ڪين. هيءُ ويچارو ايتري بي قياسي ۽ بي ديدي ڏسي وائڙو ٿي ويو چي، ”ڪيئن نه پنهنجي ڀڀ جي لڳي پيئي اٿن ۽ ڄاڻي واڻي مون کي ڇڏيو ٿا وڃن.“

شيطان هيءَ هلت ڏسي گهڻو پرسن ٿيو پر سندس زبردست اوچي ڳاٽ چيو، ”سائين، ٿورو ترس ته وڌيڪ مزيدار ڳالهه ڏسندين. هيءُ ڇا ڏٺو اٿئي؛ مزو ته اڃان اڳتي آهي.“

هڪڙو گلاس هر هڪ پيتو. ڪڙميءَ پاڻ به ڍو ڪيو. مهمان ۽ ميزبان ٻئي مستيءَ ۾ اچي هڪ ٻي کي چنبڙي اچي يٽن ۾ ڇٽڪيا. وٺي جو هڪ ٻي کي کڙين تي کنيائون سو جهل ئي نه ڏين. هڪ ٻي کي چٽون ڏيئي چاڙهڻ لڳا. واه واه پي پيئي.

شيطان ڏاڍو خوش ٿيو چي: ”جي هڪ گلاس ٿي کين لومڙ وارا لڇڻ ڏيئي ڇڏيا ته ڄاڻ هڪ ٻي جو سڪيءَ پاڪيءَ سان مٿو ڪوڙيائون. اهڙو نمونو هليو ته پوءِ اسان کي اهڙا هميشہ ڳنڍ ٻڌندا پيا هوندا.“ شيطانڙي چيو، ”سائين، اڃان ڏٺو ڇا اٿئي! ٻيو گلاس ته پيئڻ ڏئين. اڃان ته لومڙن وانگر پٺيءَ تي پڇ پيا ڦيرائين، پر جلد ئي بگهڙن جيان هڪ ٻي تي وار ڪندا.

ڪڙمين ٻيو گلاس به چاڙهيو، سندن گفتار ۾ غلغلو ۽ گوڙ وڌندو ويو؛ لياقت ۽ اشرافت ويئي موڪلائيندي. اڳين خوشيءَ جي گفتگو جي بجاءِ گاريون ۽ شوخ الفاظ شروع ٿي ويا. نه فقط ايترو پر اچي جو هڪ ٻي تي الريا، سو خوب لپاٽون ۽ لتون هڻي هڪ ٻي کي سڄائڻ لڳا. هڪ ٻي جي نڪن ۽ ڪنن پٽڻ تي اچي منزل پهتي. ميزبان به انهيءَ مهيءَ لڙ ۾ هنن سان هنن جهڙا ٿي ڌرتي آسمان هڪ ڪرڻ لڳا.

شيطان کڳيون هڻڻ لڳو چي ”شاباس! چڱو رونشو لڳايو اٿئي.“ پر شيطانڙي چيو، ”اڃا ڪٿي آهي! ٽيون گلاس ته پيڻ ڏين؛ پوءِ ڏس مزا. هاڻي ته اڃا ڇتا بگهڙ ٿو ڏسين پوءِ ته هوبهو مرونءَ جي شڪل پسندين.“

ٽيون گلاس به هر ڪنهن جي پيٽ ۾ پيو. رڙ مٿان رڙ پي پيئي. ڪتن جي ولڙ جي ڀونڪار ۾ به البت ڪجهه ويساهين هوندي آهي. هي يار ته ان کان به ٻه رتيون ڪسر ٿي ويا. ڪو ڪنهن جي نه پيو ٻڌي. سڀڪو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو هو. هنڀوڇي لڳي پيئي هئي. جلدئي ٻه ٻه- ٽي ٽي ۽ چار چار ٿي پنهنجو رستو وٺي هليا. واٽ تي ڌڪا کائيندا ٿاٻڙندا ٿي ويا. ميزبان به جيئن در جي ٻاهر کين ڇڏڻ تي ويو تيئن ٿي مغز چڪر کائڻ لڳس ۽ اونڌي ڪنڌ هيٺ ڪري پيو. نڪ چٿجي ويس، ڏندن مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس ۽ هڏ گڏ ڀڄي پيس.

بس شيطان ته ڪپڙن ۾ ڦوليو نه ٿي سمايو. پنهنجي زيردست جي پٺي ٺپري چيائين، ”هيءَ تجويز واه جا ڳولي ڪڍي اٿئي. ڪڙميءَ جي مانيءَ ڳڀي جي ڌيرج وارو بدلو واه جو ورتو اٿئي. پر ٻيلي، ٻڌاءِ ته اهو شراب تو بڻايو ڪهڙين شين منجهان؟ مڄاڻا پهريائين لومڙ جو رت وڌو اٿئي ته ڀل ڪڙمي پنهنجو سارو سڀاءٌ مٽائي مڪريل بڻجي؛ پوءِ شايد ان ۾ بگهڙ جو رت ملايو اٿئي ته ڀل نرمائي ڇڏي ظالم ۽ بي رحم بڻجي؛ ٽيون جيڪس مرونءَ جو رت ملايو اٿئي ته انسان مان ڦري مرون بڻجي.“

شيطانڙي وراڻي ڏني، ”بنہ نه؛ منهنجو نسخوئي اور نموني جو هو. مان فقط ڪڙميءَ کي گهڻي ان پوکڻ تي هرکايو. بس، وڌيڪ سمورو ڪم پنهنجو پاڻ ٿيندو هليو. جهنگلي وحشي جانورن جو رت منجهنس اڳيئي هو ۽ اصل کان رهندو آيو آهي. فقط جيسين هن صرف پنهنجين گهرجن آهر ان ٿي پيدا ڪيو، تيسين ان کي ظاهر ٿيڻ جو وجهه ئي نه ٿي لڳو. ياد ڪر ته اهو وقت به هو، جڏهن سندس هڪڙو ئي مانيءَ جو ڳڀو سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ چورائجي ويو. تڏهن هن نڪي پنهنجو سڀآءٌ هٿن مان ڇڏيو، نڪي وري ڪو ان جو ارمان ٿي ڪيائين. هاڻي جڏهن شراب جا دنگ پيا لٽجن، تڏهن صرف هڪڙي گلاس جي هارجڻ تي ڪيترو نه خفي ٿيو ۽ زال کي روئڻ هارڪو ڪري ڇڏيائين. ويٺي بيٺي جو به کيس شرم ڪونه پيو. انهيءَ کان سواءِ ان جي جهجهائيءَ کيس ويچار ۾ وڌو ته ڪيئن پاڻ کي وندرائجي. اتي مون پير پاتو ۽ ڪم شروع ڪيو. کيس نئين وندر سيکاريم يعني شراب نوشي. نتيجو اهو ٿيو جو اڃا هن ايشوري نعمت روپي ان کي پيڙي منجهانئس عيش عشرت جو سامان۽ سستيءَ جو گهر شراب تيار ڪيو مس، ته منجهس لومڙ، بگهڙ ۽ مرونءَ جون رت ڀڙڪو ڏيئي اٿيو. هن کان پوءِ وڌيڪ تڪليف جو ضرور ئي ڪونهي. هڪ دفعو شراب جو ذائقو چکيو اٿس، هاڻي يا عمر وحشي مرون ئي رهندو. ٻڌو نه اٿئي ته هيرئي جي هير ڄنگهه ڀڳي به نه لهي. ڪهڙيون به کڻي حالتون بدلجن ته به هن جو انهيءَ دردشا مان نڪرڻ محال آهي. وري ڇا، شراب آهي پاڙ سڀني غليظ گناهن جي، جن ۾ هاڻي هو هوريان هوريان ويندو ڦاسندو، تان جو چوکنڀو اٽڪي ويندو. نيٺ ڪو وقت ايندو جڏهن دين ته اڳيئي وڃايو اٿس باقي بچيل اها دنيا به وڃائيندو ۽ انگ اگهاڙو، پيٽ بکيو، مرض ۾ مبتلا ٿيل در در ڌڪا کائيندو بي ثمر رلندي رهندو.“

شيطان پنهنجي زيردست کي تهدل سان مبارڪ ڏني، سندس پهرين خطا معاف ڪري ڇڏي ۽ کيس پنهنجي سرڪار ۾ اعليٰ عهدي تي رسايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com