سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :1

نسيم کرل جون ڪھاڻيون

نسيم کرل

 

 طارق اشرف جي يادگيري

(امرجليل جي لفظن ۾)

طارق اشرف اٽل ارادن سان زندھھ رھيو ۽ اٽل ارادن سان موت

سان مرڪي مليو. ڇا تھ جاني شخص ھيو!

 

 

 

 

 

ٽي رايا

وڏيرو نسيم کرل

ھيءَ انھيءَ وقت جي ڳالھھ آھي، جڏھن اسان جا ڪٽ ڦريل پيا ھئا. جاڳ ۾ گھٽ، ننڊ ۾ گھڻو ھلندا ھئاسين. ڪچڙي گنونچ جھڙي ڪچڙي ڪچڙي عمر ھئي، خوابن ۾ سائو ڪچ ڀريل ھو. ڇپرن جي ھيٺان اکين جي ديوارن تي جواڻ جماڻ سحنن مھانڊن جون تصويرون ٽنگيل ھونديون ھيون ۽ دل جي ديوارن تي پورن جو دونھون Abstract art وانگر ڇانيل ھوندو ھو. اھا خبر ڪانھ پوندي ھئي تھ ٻي وک ڪٿي ٿي پوي ۽ پھرين وک ڪٿي ھئي؟ انڌا ٿي ھلندا ھئاسون.

پڙھڻ جا نوان نوان شونق گنونچ ڪري نڪتا ھئا، نيون ڍليون لڳل ھيون. ڪو ڪتاب، رسالو ور چڙھندو ھوسون تھ ڦاٽي جند ڇڏائيندو ھو. جھڙو تھڙو وائڙو شونق ڪونھ ھو.

انھن ڏينھن ۾ سنڌي ادب جي ماءُ ”ابراھيم جويي“ جي پارکو ھٿن مان سنوارجي سينگارجي نڪرندڙ رسالو ”مھراڻ“ سندس ھٿن مان ڇڏائجي روح ۾ رلي ويو. ”روح رھاڻ“ اڃا پيٽ ۾ ستين مھين ۾ ھئي، آڪي آ، سندس جنم ٿيڻ وارو ھو. مرحوم حفيظ، شيخ اياز، جمال بڙو۽ رباني اڀ سان پيا ڳالھيون ڪندا ھئا. ادب جي پڙ ۾ مڙسن جي لانگ پيئي لڳندي ھئي. چوڌاري ”بلي بلي“ پئي پوندي ھئي. ان وقت فقط ”نئين زندگي“ اھڙو رسالو ھو، جنھن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا ڀلي ڪھاڻي، ڪو ڀلو شھر ڇپجندو ھو تھ ان کي پڙھي اسان خوشبوئن جي ڪڪرن ۾ ويڙھجي ويندا ھئاسين.

انھن ڏينھن ۾ پھريون ڀيرو نسيم جي ڪھاڻي (عنوان ياد نھ اٿم) پڙھيم. نھ رڳو نالو زنانو ڏٺم، پر ڪھاڻيءَ جي لکڻي بھ زناني ٿي ڏٺاڻي. ان ڪري پڙھڻ سان پھرين سٽِ ساڻس عشق ٿي ويو ۽ اکين جي ديوارن تي نئون اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، منڌل منڌل مھانڊو تري آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواھش پوري زور وشور سان دل ۾ اڀري آئي. مون کي ڪئين فلمون ۽ بادشاھن جون آکاڻيون ياد اچي ويون، جنھن ۾ ناممڪن ممڪن ٿيندي ؟؟؟ ڪونھ ڪندو ھو. ڪئين ھٿ جون ڪھاڻيون جوڙيم، جن جي ؟؟؟ نسيم سان شادي ھئي. سڄو ذھن ڪھاڻي ڪھاڻي ٿي ويو. اسان کي ڪنھن ٻڌايو بھ تھ اھا ڪا مس نھ آھي، پر مسٽر آھي. پر اسان کي ڪي ٿو اعتبار اچي، سندس ڪھاڻيون ئي زنانيون ھيون. ھلڪيون ھلڪيون، مٺيون مٺيون، خوشبودار، جھڙو گلن جو ڇھاءُ.

پر سائين الله ڏاڍو آھي، بندي جي من ۾ ھڪڙي الله جي من ۾ ٻئي، ٿئي نھ جو روح رھاڻ جو جشن. مون کي بھ ٿي کٽي کڻي ۽ وڃا ٿو جشن ۾ ۽ ڏسان نسيم کرل کي تھ مھنجيون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون. ذري گھٽ رڙ نڪتي ھئي. منھنجو تھ ڏيھھ (ديھھ) ڏڪي ويو. ننڍپڻ جي مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ياد ڪيل سڀ دعائون ياد اچي ويم، ڪو وقت تھ کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رھيس. ”منھنجا موليٰ! پناھ ڏج ھن بلا کان......“ منھنجي خوابن جا شيشا نسيم جي دئوس لتن ھيٺيان اچي ڀور ڀور ٿي ويا، ٽڪر نھ گڏيو ٽڪر کي. ٻيھر ائين پر پٺ الله ڪارڻ دل جي دٻن تي لڳي، عشق کن توبنھھ ڪئي سين، گيسي ڪئي سين، ڪنن تي ھٿ رکياسين.

انھيءَ دل ڏاريندڙ ملاقات کان پوءِ ڪي سال گذري ويا، نسيم جي ڪھاڻين مان زنانيون نزاڪتون نڪري ويون. جھڙو مڙس پاڻ ڳرو آھي، اھڙيون ڳريونڳريون، سچائيءَ جي سخت پٿرن سان ڀريل ڪھاڻيون لکڻ لڳو. سندس فن آھستي آھستي وک وک ۾ ڏيئي اوچاين تي چڙھڻ لڳو. اڄڪلھھ سندس مٿين ڄاڙي اڀ سان ۽ ھيٺئين ڄاڙي زمين سان لڳل آھي. ساڻس منھنجي ٻي ملاقات بھ ڏاڍي دلچسپ ٿي.

ٻھ اڍائي مھينا ٿيا ھوندا جو آءٌ ڪنھن ڪم سانگي ڪراچيءَ ويو ھوس. مشتاق شورو مون سان گڏ ھو. مشتاق ڪا ڪھاڻي لکي ھئي، جيڪا تاج بلوچ کي سوجھري لاءِ ڏيڻي ڪئي ھئي، سو ٻئي ڄڻا گڏجي سوجھري جي آفيس ۾ وياسين تھ ڇا ٿا ڏسون تھ نسيم ھڪڙيءَ ڪرسيءَ تي قبضو ڪريو، سڄي آفيس کي ڏڪايو، ڏاڍي رعب سان ويٺو آھي ۽ تاج کي ست سريون پيو ٻڌائي، ڄڻ سڄي بلڊنگ سندس ھجي ۽ ٻيا سڀ نوڪر ھجن. اسان گھرڻ سان ڏڪي وياسين. ٻئي مڙس پاڏا، جي ھلندي ٿا اٽڪن تھ ڪير ڇڏائين، آءٌ تھ ڊٻ جھلي وڃان، پر مشتاق ويچاري کي تھ ڀڄڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھ ڪانھ ھئي، اڍائي ھڏيون تھ آھن مشتاق جي جسم ۾.

مشتاق ڪھاڻي کڻي تاج اڳيان رکي تھ نسيم ھڪدم ڪھاڻي ٻنھين جي ھٿن مان جھٽ ھڻي ڦري ورتي ۽ زور زور سان اکيون ڇنڀيندي چيائين: ”ھي ڇا آھي؟ ڇا آھي؟“

”ڪھاڻي آھي.“ مشتاق چونچٽ ڪيو ۽ تاج ڪھاڻي وٺڻ لاءِ ھٿ وڌايو.

”ڪھاڻيءَ جا پئسا ھت رک روڪڙا، ڄٽ ڦريا اٿئي؟“

”پر ڪھاڻي تھ ڏي.“ تاج چيو.

”ڪھاڻي ٻھاڻي مون وٽ ڪونھي. ھت پئسا رک، نھ تھ مون کان ٻيو بڇڙو نھ ڏسندين.“

تاج گھڻي آنا ڪاني ڪئي، ھيڏانھن ھوڏانھن نٽايائين، جند ڇڏي، ڀوت ڇڏي، نسيم نھ ڇڏي، ھونئن بھ تاج ماشاءَ الله وھڙو لڳو پيو ھو، ٻروچ بھ آھي، گھڻ ڳالھائو بھ آھي، نسيب سان ڏاڍو ھجائتو بھ آھي، پر سائين نسيم جھڙي بلا سان منھن يا ھٿ اٽڪائي ڪير ٿو پورو پئي. نيٺ پورا پنجاھ رپيا مشتاق کي مليا، تڏھن تاج جي بھ جان ڇٽي تھ مشتاق ۾ بھ ساھ پيو. بعد ۾ نسيم اديب جي معاوضي جي حق تي اڌ ڪلاڪ ليڪچر ڏنو. مون اھو محسوس ڪيو تھ نسيم حق جي ڳالھھ تي مٿو ڦاڙائيندي بھ ڪونھ گسندو، پر ڪنھن کي ٿي کٽي کڻي جيڪو نسيم جو مٿو ڦاڙي! بري کان ڪو سروٽو اڇلائي ھڻي تھ ٻي ڳالھھ آھي.

نسيم سان ٽئين ملاقات ”سھڻي“ جي آفيس ۾ ٿي. مون کي نسيم تي مضمون لکڻ جو ارادو ھو، سو سوچيم تھ طارق کان وڃي پڇان تھ ڪجھھ وقت ھجي تھ آءٌ بھ ٻھ ٽي اکر رھڙي شھيدن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃان. اسان کي ويٺي اڃا ٿورو وقت مس گذريو ھوندو تھ نسيم اچي ڦھڪو ڪيو. ايندي ساڻ صوفي تي ويھي ٻئي پير جتين سوڌا کڻي سامھون پيل ننڍڙي ٽيبل تي رکيائين. ڪجھھ چرڙاٽ ٿيا، پوءِ اھي الائي ٽيبل مان نڪتا يا طارق جي روح مان يا ٻنھين مان، سا تھ خبر ڪانھ پيم، پر ٽيبل ۽ طارق جي حالت خراب ٿي ويئي. ھڪڙو تھ طارق مسڪين ماڻھو پنجاھ سؤ جي چٽي ٿي پيس. ماڪوڙي لاءِ ٽڪ جي ڏنڀ کوڙ. ٻيو وري طارق جي طبيعت اھڙي آھي جو پرائو ھٿ پنھنجي ڪلھي تي ڪونھ سھي ۽ ڪو ماڻھو سندس دادلي ٽيبل تي ھاٿين جي پيرن جھڙا پير جتين سوڌا رکي ويھي تھ ڀانيو ٿا تھ سندس دل مان ڇا ورندو ھوندو. ڪجھھ وقت ويھي آءٌ تھ ھليو آيس، پر پويان نسيم الائي ڪيتري دير طارق جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏريا ھوندا. الله بچائي نسيم کان.

مڙس ۽ گھوڙي جي پرک ھڪڙيءَ ڀرتو نگاھ جي گھوري آھي، پھرئين تڪ ۾ سڃاپو ٿيو وڃن. مون تھ نسيم سان ٽي ملاقاتون ڪيون آھن.

نسيم جتي قد بت جو وڏو آھي، ڪھاڻيڪار وڏو آھي، اتي زميندار بھ وڏو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ پڙھيل ڪيل، رليل گھميل، ٺھيل ٺڪيل، وڏيرو آھي. راڄن جا راڄ، ڪتابن جا ڪتاب اکين مان ڪڍيا اٿس، پر پنھنجي اندر ۾ ويٺل نج ڄٽ ڳوٺاڻي وڏيري کي نھ لڪايو اٿس. جھڙو اندران آھي، اھڙو ٻاھران ڏيکاءُ ڏيندو، ٻھ چپو ماڻھو نھ آھي. پڙھيل مھذب ٽائيپ ماڻھن وانگر ڊپلوميسي ۽ ٻين اھڙين حرامپاين مان ڪونھ ڄاڻي، جن جي اندر ۾ تھ لنڊيون پيون وٽ کائينديون، پر ٻاھران منھن تي اھڙو رڪ ٻڌندا، ڄڻ سامھين جا سڳا پٽ ھجن، دليپ ڪمار جي کٿي آھي، جو ساڻن ايڪٽنگ ۾ پڄي. نسيم انھيءَ قسم جي ماڻھن کان قطعي مختلف آھي، بلڪھ متضاد آھي. جيڪا ڳالھھ دل تان ٿڙي منھن ۾ آيس، سا پڙ تي ڦھڪائيندي ڪونھ گسندو. ڪو يار ڪاوڙجي پئي تھ ڀلي ست پچائي وڃي کائي، نسيم جون جيڪي آلوڙيون سوئائون ڪاھراڻيون ھجنس تھ وڃي ڪاھرائي، پر نسيم سچ چوڻ کان ڪونھ مڙندو. نسم خالي پيلي ڦڪو ڦڪو، لوڻ مرچ کان آجو سچ ڪونھ چوي، سچ سان گڏ گار ۽ ڀونڊي جي بھ رئي پيئي پوندس. وڏيرو ماڻھو آھي، پنھنجي لئھ وارو آھي، ڪنھن جي گھران ڪونھ ٿو کائي، اسان وانگر پرائو بزگير ڪونھي، جيڪو چپ سبيو ويٺو ھجي يا ڪنھن جي ڪا غرض ڪڍي.

ھيءَ دنياداري آھي، ھڪڙي جو ٻئي ۾ ڪم پوي ٿو، ڏک سک ۾ ھڪ ٻئي وٽ ڊوڙي وڃڻو پوي ٿو، ھڪ ٻئي سان ڪلھو وھڻو ٿو پوي، پر پڙ تي وھي وڃڻ اڄڪلھھ ڏاڍو ڏکيو آھي. ڇا آھي جو اڄڪلھھ ماڻھن جو ڦرڪو ڦري ويو آھي، ماڻھن کي لالچون، خود غرضيون ۽ ماٺار کائي يئي آھي. ھڻ ھڻان لڳي پيئي آھي، ھرڪو پنھنجيءَ ۾ پورو آھي. ھروڀرو ڪو ڪنھن ڏانھن ڌيان ڪونھ ٿو پئي. پر نسيم اھڙو ماڻھو آھي، جيڪو پڙ تي ڪم ايندو آھي. جيڪا بھ وٽانس پڄندي سان ڪندو، ڊڪندو، ڊوڙندو، پنھنجي ڪم کي ٻانھن پٺن اڇلائي بھ ٻئي جي ڪم اچي ويندو. نسيم ان لحاظ کان بلڪل ڪلاسيڪل سنڌي آھي. اھو مڙس ڪھڙو، جيڪو وقت تي ڪم نھ اچي، نسيم کڙھھ تي کير پيارڻ وارو ميھار آھي.

گھڻا ماڻھو اھڙا ٿيندا آھن، جو سدائين وٽيا سٽيا پيا ھلندا آھن، ڪٿي ويٺا تھ بُت کي اھڙو سڪ جھلندا ڄڻ پٿر ھجن. ڇِڪ ايندين تھ يڪدم ڏاڍيءَ نزاڪت سان رومال کيسي مان ڪڍي منھن تي رکو ھلڪو چيچٽ ڪندا، ذر ذر پيا ڪپڙا ڇنڊينرا ۽ پنھنجو پاڻ ڏانھن نھاريندا تھ ڪٿي ڪا ڪڻڊ پاسو خراب تھ ڪونھ ٿو ٿئي. ڪريز تھ خراب ڪانھ ٿي! ڳالھائڻ وقت جاندار لفظن جي بدران تھذيب ۽ ايٽيڪيٽ جي ابن ڏاڏن کان سکيل ريڊي ميڊ بي جان لفظن کي ڪم وٺندا. سندن ڳالھين ۾ روح گھٽ ۽ اسٽائل وڌيڪ ھوندي آھي، پر نسيم انھن وانگر پتلي نھ آھي. ڳالھائيندي، اٿندي، ويھندي جيئري ماڻھوءَ جو ڏيکاءُ ھوندو، سندس ڳالھين ۾ بناوٽ بدران روح آھي.

نسيم، بقول ڪرشن چندر جي بصر نھ آھي، جنھن جي ھڪ کل لاھ تھ ٻي کل ھوندي، ٻي کل لاھبي تھ ٽئين ايندي، مطلب تھ مڙس کلون ئي کلون ھوندو، کل ھيٺان کل ٻيو ڪجھھ بھ نظر نھ ايندو. نسيم تھ بلڪل بيضو آھي، ھڪڙي ٺونگي ساڻ منجھانئس سفيدي ۽ پيلاڻ نڪري ايندي.

نسيم کي، نسيم سندس ڪھاڻي ڪيو آھي، نھ تھ سنڌ ۾ ھن ڪنڊ کان ھن ڪنڊ تائين وڏيري وڏيري جي ذات پيئي آھي، پٽڪي جي ور جو ڇيھھ ئي ڪونھي.

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جيڪي بھ سٺي ۾ سٺيون ڪھاڻيون لکيون ويون آھن، انھن ۾ گھڻو حصو نسيم کرل جو آھي. آءٌ ڀانيان ٿو تھ ڪوبھ پارکو ان ڳالھھ کان انڪار ڪونھ ڪندو. ھيءُ ھمراھ ٻين وانگر ھڪدم وڏو ٽپ ڏئي چوٽ تي ڪونھ چڙھيو آھي، پر وک وک ۾ ڏيئي، پنھنجي محنت، لاڳيتي لوچ ٻوچ ۽ سوچ سان پنھنجيءَ موجوده حيثيت تائين پھتو آھي. جيڪي ڄمندي ڄام ھوندا آھن، سي مرڻ ۾ بھ ڄام ھوندا آھن، دير ئي ڪانھ ٿيندي اٿن. ھيڏانھن اڀرا، ھوڏانھن لٿا، الا الا خير صلا، مطالعو پورو، مشاھدو پورو ۽ مڙس بھ پورو يعني قبر جي حوالي. نسيم جو فن رچيل، پڪل ۽ رسدار ۽ چوٽيءَ تي پھتل آھي. پال تڪڙ جي پٽڪل نھ آھي، پر مدي تي ڪڍيل آھي. سندس فن جي ڪابھ ڪنڊ پاسو لانئون يا گٿل ڪونھي. اڻت ۾ ھڪڙي ڳنڍ بھ ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيل نھ ھوندي. پلاٽ، ڪردار، لفظن جي چونڊ، Climax مڪالما، جزئيات، مطلب تھ ڪھاڻيءَ کي جن بھ شين جي ضرورت ھوندي آھي، انھن مان ڪنھن جو بھ ڪو ھڪڙو حصو بھ وائڙو نھ ھوندو آھي. ان ڪري تھ شوڪت شوري لکيو آھي تھ: ”نسيم جي ڪھاڻين مان ڪو ھڪڙو لفط يا ھڪڙو جملو ڪڍي ڇڏجي تھ سڄي ڪھاڻي ختم ٿي ويندي“ تھ ان ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي. سندس ڪھاڻي بلڪل ھڪ اھڙي ايڪي وانگر آھي، جنھن مان ذرو بھ ڪڍجي يا وڌائجي تھ سڄي ڪھاڻي پرزا پرزا ٿي ويندي، جيئن سندس بدن ماس سان ڳتيل آھي، تيئن سندس ڪھاڻي فني ذرن سان ڳتيل آھي.

جيئن آغا سليم پاڻ جھڙيون خوبصورت ڪھاڻيون لکندو آھي، مشتاق شورو پاڻ جھڙيون منجھيل ڪھاڻيون کندو آھي يا شمشير الحيدري پاڻ جھڙا جاندار شعر لکندو آھي، تيئن کرل پاڻ جھڙيون ڳريون، رعبدار ۽ سچيون ڪھاڻيون لکندو آھي. جھڙي نموني کرل جھڙو ٿلھو ۽ مضبوط ماڻھو پوري زور سان ڪنھن اڀري ۽ سڪل ماڻھوءَ مٿان ڪري پوي ۽ ھٿ پير ھلائڻ جي باوجود بھ پري ھٽي نھ سگھي، تيئن سندس ڪھاڻي بھ روح مٿان ڪري پوندي آھي، طاقت لڳائڻ جي باوجود پري نھ ھٽندي آھي. ڏينھن جا ڏينھن ڀيڙا جو احساس رھندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو نسيم جي ڪھاڻي وسارئي نٿي وسري.

اردوءَ جي مشھور نقاد پروفيسر ممتاز حسن ڪنھن ھنڌ لکيو آھي تھ: ”سچ کي وڌائي، ان کي وڌيڪ روشنيون بخشي پيش ڪرڻ کي ڪلا چئبو آھي.“ درحقيقت ڪلا سچ جو تيز ۽ روشن روپ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سچي پچي زندگيءَ جي اٿاھ مان ڪو ٽڪر کڻي فن ۾ ويڙھي پڙھندڙ اڳيان پيش ڪبو آھي تھ جيئن پڙھندڙ ان مان ڪجھھ رنگ جھٽي پنھنجي اندر جي رنگن ۾ ملائي ڇڏي. زندگي جيتري اندر آھي، اوتري ٻاھر بھ آھي ۽ نسيم زندگيءَ جي نس نس ۽ پور پور کان واقف آھي. سندس نگاھ جا تيز ڪرڻ زندگيءَ جي سخت پٿر کي ٽڪي عجيب سچايون ڳولھي لھندا آھن ۽ ھو انھن عجيب سچاين کي پوريءَ پوريءَ ايمانداريءَ ۽ رعب سان ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪندو آھي. سندس نگاھ سطحي نھ آھي، جيڪا مٿان مٿان ترڪي وڃي پٽ تي ڪرندي آھي ۽ فقط مٿيون جرڪو جھٽي وٺندي آھي.

نسيم وٽ ٺلھو سچ نھ آھي، پر جامع بھ ڏاڍو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ کي پني وانگر ويڙھي وٺندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو پاڻ جيتوڻيڪ سنڌ جي سيرانديءَ کان ويٺو آھي ۽ آءٌ پيراندن وٽ، پر سندس ڪھاڻين ”پھرين مراد“، ”ڪافر“، ”چوٽيھون در“ ۽ ”گذريل واردات“ جا ڪردار، انھن جو اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ واقعن جي اڻت وغيرھ اھڙيون آھن، جو اھي ڪھاڙيون مون کي پنھنجي تر جون ڪھاڻيون لڳنديون آھن. ائين محسوس ٿيندو اٿم تھ اھي ڪھاڻيون نسيم نھ، پر مامي رمونءَ لکيون آھن، جيڪو ھن تر جي عام زندگيءَ جي نس نس کان واقف آھي، رڳو مان ڪڍي آءٌ ھڻڻ جي دير آھي.

جذباتي طور تي مون کي آغا سليم جون ڪھاڻيون گھڻيون وڻنديون آھن. اھو ئي ڪھاڻيڪار آھي، جنھن کي ٻھ ٽي ڀيرا پڙھڻ تي دل چوندي آھي. ان ڪري منھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھھ ويھي رھي تھ ڪھاڻي نثر ۾ چيل شعر آھي ۽ گھڻن پارکن جي بھ اھا راءِ آھي، پر کرل جي ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيندو آھي تھ ڪھاڻي ھرو ڀرو شعر نھ آھي. سندس ڪھاڻين ۾ شعريت نھ آھي. سندس ڪنھن بھ ڪھاڻيءَ کي مٺڙو گيت نٿا چئي سگھون، بلڪھ حقيقت جو جاندار ۽ سخت روپ چونداسون. نسيم، ڪھاڻيڪار شاعر نھ آھي، پر ڏاڍو سخت قسم جو ڀرپور ڪھاڻيڪار آھي. نگاھن ۾ سچائيءَ جو ِلم ڀريل اٿس. وقتي وقتي کانئس ڊپ بھ ڏاڍو ٿيندو آھي، سندس جسو ڏسي نھ، پر ڪھاڻيون پڙھي، ڇو تھ ھو انسان جي ڪمزورين کي منٽن ۾ ڳٿڙ مان جھلي وٺندو آھي. ”گذريل واردات“ ان جو ھڪڙو مثال آھي.

نسيم پنھنجي ھڪ مضمون ۾ امر کي ”جليل“ بدران ”ذليل“

چئي ڇڏيو، تيئن آءٌ کيس ”کرل“ بدران ”کريل“ چوندس، ڇو جو چئن چڱن جي وچ ۾ ويھي، کين منھن تي سچ ڦھڪائي ڏئي تھ اھو ”کريل“ نھ ٿيو تھ ٻيو ڇا ٿيو؟

عبدالقادر جوڻيجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com