سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :1

شاهه ڪريم جو ڪلام

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

نئين ايڊيشن لاءِ ٻه اکر

خدا جي فضل سان ”ڪريم جو ڪلام“ جو ٻيو ايڊيشن به جلد ختم ٿي ويو. ڪيتري وقت کان ان جي گهرَ ٿيندي پئي رهي، انهيءَ ڪري هي ٽيون نئون ايڊيشن، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو نئين سر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي ڇپائي پڌرو ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ محترم علي نواز گهانگهرو صاحب بيشڪ کيرون لهڻي.

هن ايڊيشن ۾ ڪيترائي سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا آهن، خاص طرح سان پويون حصو وڌايو ويو آهي، جيڪو ٻئي ايڊيشن ۾ ڪونه هو. هن حصي ۾ اُنهن شخصيتن، شهرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي، جن جو ذڪر شاهه ڪريم جي ملفوظات، ”بيان العارفين“ ۾ آيو آهي؛ نه فقط ايترو پر آخر ۾ شاهه ڪريم، قاضي قادن ۽ ٻين شاعرن جا بيت پڻ الڳ ڪري، سلسلي وار ڏنا ويا آهن، ته جيئن بيتن پڙهڻ ۾ سهولت ٿئي. انهن خصوصيتن جي ڪري، هي ايڊيشن بلڪل نئون نظر ايندو.

پياري شاگرد بدر ڌامراهه جا لک لائق، جنهن مسودي جي آخري حصي جي نقل ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ ساٿ ڏنو.

دُعا آهي، ته الله تعاليٰ ڪتاب جي هِن نئين ڇاپي کي محققن، شاگردن ۽ سنڌي ادب سان پيار رکندڙ پڙهندڙن ۾ مقبول بنائي.

لاڙڪاڻو- سنڌ                   ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي     8 مارچ 1994ع

 

ٻه اکر

شاهه ڪريم جي فڪر، تعليم ۽ بيتن بابت ”ڪريم جو ڪلام“ جي نالي سان راقم الحروف جي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيو هو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ختم ٿي ويو هو. ان کان پوءِ ان جي ٻئي ڇاپي ڇپائڻ جي تقاضا ٿيڻ لڳي، پر مون ان کي نئين سر سڌارڻ ۽ وڌائڻ ضروري سمجهيو. هوريان هوريان اهو ڪم ٿي رهيو هو، ته سنڌي زبان ۽ ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ جو موقعو مليو. هن ڊگريءَ لاءِ مون شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اُپٽار“ جو عنوان منتخب ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ بيان العارفين سنڌي ۽ فارسي جا قلمي نسخا نظر مان گذريا.

هي ڪتاب، پي ايڇ. ڊي جي ڊگري لاءِ لکيل ڪتاب جي روشنيءَ ۾ سڌاريو ۽ وڌايو ويو آهي. ايتري قدر جو هي هڪ نئون ڪتاب ٿي پيو آهي. هن جو مقدمه وڌيڪ جامع آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جي وضاحت موجود آهي. متن ۾ شاهه ڪريم جا بيت نئين سر سڌاري ڏنا ويا آهن، ۽ حاشيءَ ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپيل نسخن جون پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. اپٽار واري ڀاڱي ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ شرح به نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪئي وئي آهي. انسان خطا جو گهر آهي، ڀل چڪ جو امڪان رهي ٿو. جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي نظر اچي ته آگاهه ڪندا.

آخر ۾ آءٌ استاد محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ٿورو مڃڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان، جنهن لفظن جي معنائن ۾ مدد ڪئي. ان سان گڏ سيد محمد مظهر سلطان بخاري جو به شڪر گذار آهيان، جنهن هن ڪتاب جي پروفن پڙهڻ ۽ عبارت کي صحيح صورت ۾ ڇپڻ جو ڪم سرانجام ڏنو.

لاهوري محلو، لاڙڪاڻو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

10 آڪٽوبر 1976ع

مقدمه

فصل پهريون

سوانح حيات

حسب نسب

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، متعلوي (مٽياري) ساداتن جي خاندان مان هو. هن خاندان جو وڏو ڏاڏو اَصل هرات جو ويٺل هو. سندس نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي ٿو، جيڪو هن طرح آهي:

سيّد عبدالڪريم شاهه بن سيّد لعل محّمد شاهه عرف لَلُہ شاهه بن سيّد عبدالمومن عرف مينهہ شاهه بن سيّد هاشم شاهه بن سيّد حاجي شاهه[1] بن سيّد جلال محّمد عرف جرار شاهه بن سيّد شرف الدين شاهه بن سيّد مير علي شاهه بن سيّد حيدر شاهه بن سيّد مير علي شاهه بن سيّد يوسف شاهه بن سيّد حسين شاهه بن سيّد ابراهيم بن سيّد علي الجواري بن سيّد حسن الاڪبريٰ بن سيّد جعفر ثاني بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق[2].

”سيّد علي الجواري“ شيراز ۾ رهندو هو. ”سيّد ابراهيم شاه“ ۽ ”سيّد حسين شاهه“ به شيراز ۾ رهيا. ”سيّد يوسف شاهه“ شيراز مان لڏي اَچي ترمذ ۾ ويٺو. ”سيّد علي شاهه“ ۽ ”سيّد حسين شاهه“ ترمذ ۾ رهيا. سيّد محّمد شاهه ترمذ ۾ به رهيو، ته شيراز ۾ به رهيو. ”سيّد حيدر شاهه“ هرات ۾ اچي رهيو.[3]

سندن وڏن جو سنڌ ۾ اچڻ

مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو، ته شاهه ڪريم جا وڏا پهريائين شيراز ۽ ترمذ ۾ رهندا هئا. ”سيّد حيدر شاهه“ لڏي اچي هرات ۾ ويٺو. ان کان پوءِ سيّد حيدر شاهه جا پونير هرات مان لڏي سنڌ ۾ ڪيئن آيا، اهو احوال هن طرح آيو آهي:

”امير تيمور جڏهن ايران ۽ توران هٿ ڪري 2 لک، 62 هزار، 3 سؤ[4] لشڪر سان هرات[5] تي چڙهائي ڪئي، تڏهن سيّد مير علي سندس خدمت ۾ لشڪر جي تعداد جيترا روپيه نذر رکيا. تيمور مٿس ايڏو راضي ٿيو، جو انعامن اڪرامن کانسواءِ سندس پٽن مان مير عبدالباقيءَ کي اجمير، مير عبدالواحد کي ملتان، مير عبدالرزاق کي بکر ۽ مير ابوبڪر کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيائين. سيّد صاحب جي ڇهين فرزند حيدر شاهه پنهنجي پيءُ سان گڏ امير تيمور ساڻ همرڪاب ٿي رهڻ جي خواهش ڏيکاري، جا امير قبول ڪري، کين هندستان وٺي آيو.[6] مير حيدر جلدئي ڀائرن سان ملاقات ۽ سير سفر جي خيال کان اجازت وٺي اٿي نڪتو، ۽ گهمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو.[7] جڏهن هالا ۾ آيو، ته شاهه محمد پٽ دريا خان هالي جي حويليءَ جي سامهون گهر ڪري ويهي رهيو. شاهه محمد هالي سندس خاطر خواه خدمت ڪئي. ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ اتي جي حآڪم مير محمد هالن جي ماڻهن تي 525 روپيه ڏنڊ رکيو، جنهنڪري هو ويچارا ڏاڍا اچي ششدر ٿيا. سيد حيدر کي قياس اچي ويو ۽ ساري رقم پنهنجي هڙان ڀري، غريبن جي جند ڇڏايائين. شاهه محمد هالو ڏاڍو متاثر ٿيو، ايتري قدر جو سيد صاحب کي هميشہ رهائڻ لاءِ سنڱ جي آڇ ڪيائين. سيد صاحب سندس آڇ قبول ڪري، سندس نياڻي بي بي فاطمہ سان نڪاح ڪيو. جيئن ته سيد صاحب جي والده جو نالو بيبي فاطمہ هو، تنهنڪري سندس نالو مٽائي بي بي سلطانه رکيائين. هڪ سال 5 مهينا[8] سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ اوچتو پنهنجي والد جي وفات جو ٻڌي هرات وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. ان وقت سندس گهر واريءَ کي اميد واري هئي، جنهنڪري اڪيلو وڃڻو پيس. وڃڻ وقت پنهنجي گهر واريءَ کي ٽي شيون نشانيءَ طور ڏنائين: منڊي، جنهن تي سندس نالو لکيل هو، جڙادار خنجر ۽ هڪ ٻانهي، جا هرات کان آندي هئائين. ان سان گڏ وصيت ڪيائين ته. ”جيڪڏهن پٽ ڄمي ته نالو ”مير علي“ رکجوس، پر جي نياڻي ڄمي ته ڏاڏهنس وارو نالو رکجوس.“

هرات پهچڻ کان پوءِ گهر واريءَ کي خط پٽ لکندو هو. آخر سنڌ ۾ اچڻ جو ارادو پئي ڪيائين، ته موت مهلت نه ڏنس ۽ 3 سالن ۽ 27 ڏينهن کان پوءِ هرات ۾ گذاري ويو.[9] هرات ۾ اڳين گهر واريءَ مان ٻه پٽ: سيد محمد ۽ سيد حسن هئس، جن پيءُ واري ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي کنئين.

سيد حيدر جي وڃڻ کان پوءِ سندس گهر واريءَ کي پٽ ڄائو، جنهنجو نالو وصيت موجب ”مير علي“ رکيائين. جڏهن وڏو ٿيو ته، ڏيئي نشانيون پاڻ سان کڻي هرات ڏانهن اسهيو. اتي پهچڻ سان کيس معلوم ٿيو، ته سندس والد گذاري ويو هو. ڀائرن کان ملڪيت جو حصو طلب ڪيائين، جيڪو هنن گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ ڏنس. جيڪي مليس اهو وٺي واپس وطن وريو. پاڻ سان گڏ چاچي شرف الدين کي به ساڻ ورتيون آيو، جنهن ڪجهه وقت سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. سيد مير علي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪيت جا ٽي حصا ڪري، ٻه حصا وري به پنهنجي ڀائرن ڏانهن موڪلي ڏنا. سيد مير علي سنڌ مان ٻه شاديون ڪيون، هڪ هالا ذات مان ۽ ٻي ترڪ قوم مان.

بيان العارفين موجب کيس ٻه پٽ ٿيا: هڪ شرف الدين، جو هالا حويلي مان ٿيس، ۽ ٻيو سيد احمد جو ترڪ گهر واريءَ مان ڄائس. پر محترم جي. ايم. سيد لکيو آهي، ته سيد صاحب کي مرتضيٰ نالي ٽيون پٽ به ٿيو، جيڪو بنان اولاد گذاري ويو. هو شاهه ڀريا جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس مقبرو مانجهند جي اتر ۾ آهي[10] سيد احمد پيءُ سان گڏ هيو، پر سيد شرف الدين شادي ڪرڻ کان پوءِ جدا حويلي ٺاهي. سيد شرف الدين جو اولاد ”شرف پوٽا“ سڏجڻ ۾ آيا، ۽ سيد احمد جي اولاد سندس پٽ مير جي نالي پٺيان ”ميرڻ پوٽا“ جي نالي سان مشهور ٿيو[11].

ڪجهه وقت هالن ۾ رهڻ کان پوءِ هي خاندان لڏي، ڪجهه پنڌ ڪري، رستي لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو. ان ڳوٺ جي ٻاهران رستي تي هڪ فقير مٽي ڀري رکندو هو، جنهنڪري ان ڳوٺ تي ”مَٽ وارو ڳوٺ“ نالو پئجي ويو، جو اڳتي هلي ”مٽياري“ مشهور ٿيو. سيدن پنهنجي عروج واري زماني ۾ ان ڳوٺ جو نالو بدلائي ”مٽ علوي“ رکيو، جو پارسي رسم الخط ۾ ”متعلوي“ لکجڻ ۾ آيو[12]. جي. ايم. سيد صاحب ڄاڻايو آهي، ته هي خاندان 840هه (1436ع) جي وچ ڌاري هالن مان لڏي ويل ٿو ڏسجي.[13] مٽيارين ۾ رهڻ کان پوءِ هي خاندان چئن قبيلن ۾ ورهائجي سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويو. انهن چئن قبيلن جا نالا هي آهن:

جرار پوٽا، 2- باقيل پوٽا، 3- موسا پوٽا، ۽ 4- مئين پوٽا.

”جرار پوٽا“، ”شرف پوٽا“ جي شاخ آهي. اسان جو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو هن خاندان مان هو. لس ٻيلي وارو مشهور شاعر ”ڪبير شاهه“ ۽ مخدوم بلال جو مريد ”سيد حيدر شاهه سنائي“، مئين پوٽا“ قبيلي مان هئا.[14]

ولادت

حضرت شاهه عبدالڪريم مٽيارين ۾ 20 شعبان سنه 944 هجري (مطابق 20 جنوري سنه 1538ع) تي تولد ٿيو.[15] سندس والد سيد لعل محمد شاهه عرف سيد لله شاهه پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي.

تعليم ۽ تربيت

شاهه ڪريم اڃا ننڍو ئي هو، ته سندس والد هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس تربيت سندس والده ماجده ۽ سندس مربي ڀاءُ سيد جلال جي زير نظر ٿي. جڏهن پنجن ڇهن ورهين جو ٿيو، ته مڪتب ۾ وهاريائونس، پر پڙهڻ سان دل نه لڳس. مس مس ڪري قرآن شريف جا ٻه سيپارا ناظران پڙهيائين. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جي پنهنجي زباني آيل آهي:

”ننڍپڻ جي زماني ۾ آخوند ٻين خطابين سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. حرف ڏيئي ڇڏيندو هو، ته واٽ سان ياد ڪندا وڃو، جڏهن جهنگ ۾ ويندا هئاسون، ته ٻيا سڀ سبق ياد ڪرڻ کي لڳي ويندا هئا، پر مان رڳو الله جو نالو پيو ياد ڪندو هوس. موٽڻ مهل ٻيا خطابي سبق ٻڌائي هليا ويندا هئا، پر مون کي اکر به نه ايندو هو. پڙهائڻ لاءِ گهڻا حيلا هلايائون، پر وريو ڪجهه به ڪونه.“

هن بيان مان نه فقط شاهه ڪريم جي تعليم تي روشني پوي ٿي، پر ان وقت جي تعليم ڏيڻ جي طريقي جي خبر به پوي ٿي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته شاهه ڪريم کي پڙهڻ کان وڌيڪ ذڪر سان شوق هو. ان سان گڏ سماع سان به ننڍپڻ کان ئي دلي لگاءُ هوس، ۽ پڙهڻ ڇڏي وڃي سماع جي محفلن ۾ وهندو هو. ان سلسلي ۾ هڪ ڀيري ڀاءُ جي هٿان مار به کاڌائين. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جي ڀاءُ سيد جلال جي زباني آيل آهي:

”جڏهن سيد عبدالڪريم کي ٿڦ هڻي، سماع تان اٿاري ماءُ وٽ وٺي آيس، تڏهن والده مون کي ڇينڀ ڪندي، نصيحت ڪئي، ته متان ان کي ڪجهه چيو اٿيئي، توکي ان جي مرتبي جي ڪل ڪانهي. سندس ڄمڻ جي بشارت ٻنهي جهانن جي سردار ڏني هئي.

...... ان کان پوءِ مون هن کي ڪجهه نه چيو، جيئن چوندو هو. تيئن ڪندو هوس. کيس عيال جي ذري به تڪليف نه ڏنم.“

ڀاءُ جي اهڙي قرب ڪري گهر جي جنجال کان آزاد ٿيو، وتندو هو درويشن جا وعظ ۽ نصيحتون ٻڌندو. بيان العارفين ۾ ٺٽي جي مخدوم ضياءالدين[16] جي زباني آيل آهي:

”هڪ ڀيري اسان جو وعظ شاهه ڪريم ڪنڊ ۾ ويٺي ٻڌو. ان وقت اڃا هو معصوم هو. جڏهن وعظ بس ڪيم ۽ سڀ اٿيا، تڏهن هي به اٿيو ۽ گهر وڃڻ لڳو. منهنجي نظر سندس پٺيءَ تي پئجي ويئي.

سندس منزلت جو اندازو لڳائي چيم: هي ڇوڪرو هنن ڏينهن ۾ ئي مهتر حضرت خضر عليہ السلام سان صحبتي آهي، جيڪڏهن جوانيءَ ۾ کيس ڏسان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي.“

جواني

پنهنجي مربي ڀاءَ جي وفات کان پوءِ گهر جو سمورو بار سندس ڪلهن تي اچي پيو. انهيءَ ڪري گهر جي گذاري لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. بيان العارفين ۾ اهو احوال هن طرح آيو آهي:

”اوائلي عمر ۾ والده شريفه جي خدمت ڪندا هئا. پورهئي سانگي ٻين مزورن سان گڏ ڪم تي ويندا هئا، ۽ جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندا هئا. مزوريءَ دوران مٺڙي آواز سان سنڌي بيت آلاپي، مزورن کي مست بنائي ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڪري مزور کين منت ڪندا هئا ته اوهين ويهي بيت چئو، اسين اوهان جو حصو به صاف ڪري ڇڏينداسون. اهڙيءَ طرح هو کيس ڪم ڪرڻ نه ڏيندا هئا، ۽ پنهنجو ڪم ڪري، سندس حصي وارو جهنگ به صاف ڪري ڇڏيندا هئا.“

شادي

شاهه ڪريم شاديءَ جي سخت خلاف هو، پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي شادي نه ڪرڻ جي نصيحت ڪندو هو. سندس نظريو هو، ته عام ماڻهن لاءِ نڪاح جو شري حڪم چڱو آهي، پر سلوڪ جي راهه جي طالب کي شادي ڪرڻ نه جڳائي، ڇاڪاڻ جو اها سندس راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.

ان سلسلي ۾ بيان العارفين ۾ سندس ڪيترائي قول آيل آهن. اهڙا خيال رکڻ جي باوجود شاهه ڪريم شادي ڪئي ۽ کيس اولاد ٿيو. بيان العارفين ۾ سندس شاديءَ جو ذڪر سندس زباني هن طرح آيل آهي:

”هڪ ڏينهن مٽيارين ۾ سماع جي هڪ محفل ۾ ويٺو هوس، ته وڏو ڀاءُ اچي نڪتو ۽ ٻانهن کان وٺي اچي، انهيءَ جاءِ تي ويهاريائين، جتي اڳي ئي قاضي ۽ سادات ويٺا هئا. ويهڻ کان پوءِ قاضيءَ مون کي چيو، ”فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي ساڻ چئني شرطن جي توکي قبول آهي؟ ”منجهي کڻي ماٺ ڪيم. سڀني وٺي زور ڀريو ۽ منتون ڪيون ته هائو ڪر. ڏاڍو شرمندو ٿيس، ۽ ساداتن ۽ بزرگن کي ڏسي کڻي قبول ڪيم، پر پرڻي کان پوءِ شاديءَ مان مون کي ڪابه خوشي حاصل ڪانه ٿي.“

بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته جيتوڻيڪ شاديءَ سان دلي لڳاءُ ڪونه هوس، تڏهن به گهر ٻار جو پورو پورو حق ادا ڪيائين.

هندستاني (بهار) بزرگ جي صحبت

سيد صاحب کي ننڍي کان ئي بزرگن جي صحبت ۾ ويهڻ مان روحاني راحت ملندي هئي. انهيءَ ڪري جتي به ڪو بزرگ ۽ اهل دل ٻڌندو هو، ته ڪهي وڃي ان جي صحبت ۾ ويهندو هو. هڪ ڏينهن هڪ پرديسي سلطان ابراهيم نالي، بهار جو رهاڪو، اچي سندس ڳوٺ واري مسجد ۾ رهيو. شاهه ڪريم کيس مسجد ۾ ٽڪيل ڏسي سندس خدمت ڪندو رهيو. جڏهن خبر پيس ته بزرگ کي ڀڳل ڪڪڙ کائڻ جو شوق آهي، تڏهن کيس ڪڪڙ ڪهي، رڌرائي اچي کارائيندو هو. ڇهن مهينن کان پوءِ ان بزرگ کيس پنهنجو احوال هن طرح ٻڌايو:

”آءٌ ڪنهن بادشاهه وٽ فوج ۾ سپاهي هوس. هڪ ڏينهن لڙائيءَ ۾ ايترا ماڻهو ماريم، جو ترار جو مٺيو هٿ ۾ برف جيان ڄمي پيو. اهو ڏسي خدا جي خوف اچي ورايو. انهيءَ ئي وقت گهوڙي جي واڳ ڀائرن جي هٿ ۾ ڏيئي، بهانو ڪري نڪري پيس. پوءِ ته بر منهن ڪري وٺي ڀڳس، ۽ جهرجهنگ جهاڳيندو، سير و سفر ڪندو، قدرت جا عجائبات ڏسندو هت اچي نڪتو آهيان.“

ان کان پوءِ شاهه ڪريم کان سنڌ جي بزرگن جو احوال ورتائين، ۽ سندس ذڪر جي طريقي بابت پڇيائين. سيد صاحب کيس مخدوم نوح ۽ ٻين بزرگن بابت احوال ڏنو. ميران سيد يوسف جي ”الله“ جي ذڪر وارو طريقو کيس وڻيو. ان کان پوءِ اڻ ڏٺي ئي هميشه ميران يوسف جي تعريف ڪندو رهندو هو.


[1]. ڊاڪٽر دائود پوٽي ”شاهه ڪريم جو ڪلام“ (ص 1 کان 5) ۾ سيّد امير علي بن سيّد محّمد تائين شجرو ڏنو آهي، جنهن ۾ ”سيّد حاجي شاهه“ جو نالو کٽل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ڏنل شجري ۾ سيّد حاجي شاهه جو نالو آهي. (رساله ڪريمي ص-2).

[2]. مير عبدالحسين سانگي: لطائف لطيفي، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1967ع، ص 17.

[3]. مير عبدالحسين سانگي: لطائف لطيفي، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1967، ص 17 حاشي.

[4]. لشڪر جي تعداد ۾ وڌاءَ آهي. تاريخ موجب سمورو لشڪر 92 هزار هو. (شاهه ڪريم جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص- 92).

[5]. ابن حوقل ۽ مقدسي جي بان مطابق ”هرات“ هڪ وڏو شهر هو، جنهن ۾ هڪ قلعو هو ۽ شهر جي چوڌاري فصيل هئي، جنهن ۾ چار دروازا هئا. مغلن جي ڪاهن تائين شهر جي رونق ۾ ڪوبه فرق نه ايو. ”مستوفي“ جي بيان مطابق 12 صدي عيسويءَ ۾ غوري خاندان جي حڪومت جي زماني ۾ هرات پنهنجي انتهائي عروج کي پهتو. اُن وقت شهر جي بازارين ۾ 12 هزار دوڪان، 6 هزار حمام ۽ 608 مدرسا هئا. ۽ ان ۾ چار لک 44 هزار آبادي رهندڙ هئي. (جغرافيه خلافت مشرق: جي- لي اسٽرينج. اُردو ترجمو. محّمد جميل الرحمان، ص-625 کان 628 تائين).

معلوم ٿئي ٿو، ته شهر جي رونق ۽ علمي ڪشش، شاهه ڪريم جي وڏن کي ”هرات“ ۾ آندو. امير تيمور هرات تي پهريائين سن 1381ع ۾ قبضو ڪيو. هن شهرين تي ايڏو وڏو ڏن وڌو جو شهري تباهه حال ٿي ويا.

(A Literary History of Persia: Browne, 1956, P.P, 185-86)

[6]. تاريخ ۾ انهيءَ مقرريءَ جو ڪو ڏس پتو ڪونه ٿو ملي. تاريخ ٻڌائي ٿي، ته امير تيمور پنهنجي پوٽي ”پيرمحمّد“ کي سنه 794هه (1391ع) ۾ ثغور هنڌ جو والي مقرر ڪيو، جنهنجو صدر مقام قنڌار هو، ۽ پنهنجا ڪجهه امير به ان سان شامل ڪيا هئائين، مثلا: برلاس قبيلي جا امير سينهل، محمد درويش، بهلول (محمد درويش جو پٽ) ۽ قماري انياف ۽ قبيلي دوڪلات جو امير قطب الدين ۽ نايمان قبيلي جو امير تيمور خواجه آقبونما. (اردو دائره معارفِ اسلاميه. زير اهتمام پنجاب يونيورسٽي، لاهور، جلد-6، ص- 934).

[7]. هندستان تي ڪاهه جو منصوبو امير تيمور 1398ع ۾ رٿيو. هن پنهنجي لشڪر جا ٽي دستا ٺاهيا. هڪ دستو پنهنجي پوٽي پير محمد جي ڪمان هيٺ ملتان موڪليائين، ٻيو پنجاب ڏانهن اماڻيائين ۽ ٽيون پاڻ سان کنيائين. پير محمد، امير تيمور جي اچڻ کان اڳ مئي 1398ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو. امير تيمور اپريل سنه 1398ع ۾ سمرقند ڇڏيو. واٽ تي ڪن انتظامي ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه وقت ترسي پيو. آخر 15 آگسٽ تي ڪابل ڇڏي، سنڌوندي پار ڪري هندستان ۾ داخل ٿيو. (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو 1937ع، ص 1 ۽ 2)

[8]. مير عبدالحسن سانگي (لطائف لطيفي، ص-20) ڊاڪٽر دائود پوٽو (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، ص-3)

بيان العارفين جو بيان قبول ڪري ساڳيو عرصو ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي (مقدمه لطيفي، ص-12) 3 سال 8 مهينا ڏنو آهي، جنهن جي سند نه ڄاڻائي اٿس.

[9]. اها بيان العارفين جي روايت آهي، جا پوءِ جي سوانح نگارن قبول ڪئي آهي. پر تحفته الڪرام (سنڌي ترجمو، ص- 441) مان معلوم ٿئي ٿو ته:

سيد صاحب مٽيارين ۾ رهي پيو. تحفته الڪرام جي مقابلي ۾ بيان العارفين جي روايت صحيح سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اها بزرگن کان سيني به سيني آيل آهي.

[10]. جي. ايم. سيد، ”پيغام لطيف“، ص-3

[11]. مير عبدالحسين سانگي، ”لطائف لطيفي“، ص-22

[12] . بيان العارفين: مرتب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (اڻ ڇپيل)، ص 7

[13]. جي. ايم. سيد: ”پيغام لطيف“، ص-3

[14]. جي. ايم. سيد: ”پيغام لطيف“، ص- 4

[15]. اها تاريخ بيان العارفين ڄاڻائي آهي. تحفته الڪرام (سنڌي ترجمو ص-1)، ڊاڪٽر دائود پوٽي (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ص-1) ۽ مرزا قليچ بيگ رساله ڪريمي، ص-1) اتان نقل ڪئي آهي.

[16]. هي مخدوم ضياءُالدين، اهو نه آهي، جنهن جي ”سنڌي“ مشهور آهي. هي مخدوم صاحب کان اڳ ۾ ٿي گذريو آهي. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com