سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :11

 

حصو چوٿون

جڏهن ڪو شخص ڪنهن دوست جي ملاقات لاءِ ويندو آهي ته ان جو مقصد ان جي گهر جي زيارت نه هوندو آهي. عام ماڻهو حج ڪرڻ ڪعبته الله شريف ڏي ويندا آهن. ان کي هڪ مقدس مقام سمجهي ان جي چوڌاري طواف ڪندا آهن. ان کي ڏسي سيدنا ابراهيم عليه السلام جي ياد تازي ٿي ٿئي. نبي آخر الزمان ﷺ جن جو هن خدا جي گهر کي بتن کان پاڪ ڪرڻ ان جي دل ۾ توحيد ۽ رسالت جو قدر پيدا ٿو ڪري ليڪن گهڻا حاجي اهڙا آهن جيڪي صرف ڪعبته الله شريف جي زيارت کي ئي حج جو اهم ترين فرض سمجهندا آهن. حالانڪ سڀ نشانيون ۽ عبادتون فقط الله تعاليٰ جي قرب جو ذريعو آهن. جيڪڏهن ڪو شخص دوست جي گهر کي ڏسي خوش ٿئي ۽ دوست جي ملاقات کان بغير واپس موٽي اچي ته ان جو اصل مقصد ته فوت ٿي ويو.

 

اجر کان اڳ صبر ۽ همٿ جو امتحان

عشق الاهيءَ جي متعلق مولانا رحمت الله عليه جن هڪ اهڙي ڳالهه چئي آهي جيڪا سندن نزديڪ هي پيشي مطلب ۽ مقصد جي متعلق درست آهي. شروع ۾ انسان کي ڪو مقصد سٺو معلوم ٿيندو آهي ته اهو ان جي طرف ڊوڙندو آهي. ڪنهن تجارت جي متعلق وڏن وڏن واپارين کي ڪامياب ڏسندو آهي ته دل ۾ چوندو آهي ته مان به عقل ۽ همٿ ۾ هنن کان ڪجهه گهٽ ته نه آهيان. مان به ڪوشش ڪرڻ سان وڏو واپاري بنجي ٿو سگهان. اهوئي حال ٻين ڪمن جو آهي. جو انسان ڪنهن هنڌ تائين ڪاميابي ۽ مفاد جي ڪري ان رستي کي اختيار ٿو ڪري. ليڪن ڪمال حاصل ڪرڻ وڏي جفاڪشي ٿو گهري. جڏهن مشڪل مرحلا ايندا آهن. ڪجهه ناڪاميون ٿينديون آهن. ڪجهه ٺوڪرون لڳنديون آهن ته پوءِ گهٽ همٿ وارو انسان مايوس ۽ بيزار ٿي ان طرف کان منهن ڦيرائي ڇڏيندو آهي. زندگيءَ جو عام قانون اهو آهي ته هر ڪم ۾ انسان جو امتحان ٿيندو آهي. گهٽ همٿ انسان ٿوري ناڪامي ۽ رڪاوٽ کان پوءِ همٿ هاري ڇڏيندو آهي.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هر مطلب ۽ مقصد جي متعلق خدا جو قانون هي آهي ته پهريائين انسان ڪنهن حد تائين لذت کان واقف ٿيندو آهي.

ان کان بعد مشڪلات جي ڪري رحمت جو دروازو بند ۽ آزمائش جو کليل نظر ايندو آهي. اڃان هي ڪوشش ۽ جستجو ڪري رهيو هو ته ملڻ وارو مفاد غائب ٿي ٿو وڃي. هي شخص پنهنجي محنت جو معاوضو طلب ٿو ڪري مگر ملي نه ٿو. هر دراصل همٿ جي امتحان جون منزلون هونديون آهن. گهٽ همٿ وارا هتان ئي واپس ٿي ويندا آهن ۽ باهمٿ انسان قدم پوئتي نه هٽائيندا آهن.

محبوبه وصال کان اڳ حق مهر جو مطالبو شروع ڪري ڏنو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو ته جيسين حق مهر ادا نه ٿا ڪيو تيسين هٿ نه ٿا لڳائي سگهو. بعد ۾ مهر معاف ڪرائي ڇڏبو. مگر هتي مطالبو وصال کان اڳ شروع ٿي ويو. هتي مهر جو مطالبو نشان آهي انهيءَ ڳالهه جو ته مقصود جي هڪ قيمت آهي ۽ اها قيمت همٿ، وفا ۽ صبر و رضا آهي.

 

محض شر جو وجود ڪونهي

مولانا رحمت الله عليه جن پنهنجي هن عقيدي جي بار بار وضاحت ٿا ڪن ته خدا جيڪو سراسر خير آهي اهو سراسر شر جو خالق نه ٿو ٿي سگهي. دنيا ۾ جيڪو شر آهي اهو خير جو ذريعو آهي. جنهن شخص کي فطرت جي ڪنهن هڪ پاسي کان فائدو نه پهتو اهو ان کي شر ٿو سمجهي ليڪن فطرت جو اهوئي پاسو ٻئي جي لاءِ خير جو سبب هوندو آهي. هڪ ئي غذا ڪنهن جي لاءِ طاقت جو سبب هوندي آهي ته ٻئي جي لاءِ هلاڪت جو باعث ٿي سگهي ٿي. نانگ جو زهر نانگ جي لاءِ ته آبا حيات آهي. ليڪن انسان جي لاءِ موت جو پيغام آهي. پاڻيءَ جي جانور جي لاءِ درياهه جو پاڻي ته زندگي بخش آهي ليڪن خشڪيءَ جي جانور لاءِ آفت آهي.

ان کان بعد فرمائن ٿا ته انسانن جو به اهوئي حال آهي زيد کي هڪ شخص شيطان ٿو چئي ليڪن ٻئي سان ان جو سلوڪ سٺو آهي ۽ اهو چئي ٿوته زيد تمام سٺو انسان آهي. گهڻو ڪري گهڻن ماڻهن ۾ ڪجهه سٺا پهلو هوندا آهن ۽ ڪجهه برا. جنهن هن جي سٺي پاسي تي نظر وڌي ۽ بري پاسي کان چشم پوشي ڪئي ته هو ان کي دوست بنائي ڇڏيندو. محبت جي نظر سان ڏسو ته انسان سٺا نظر ايندا. سٺا اخلاق اهي ئي آهن ته انسان ٻين جي متعلق محبت جي نظر پيدا ڪري. دنيا جو وڏي ۾ وڏو شر انسان جي نظر ۽ طرز عمل سان وڏي خير جو سبب بنجي ٿو سگهي. مولانا رحمت الله عليه هڪڙي واعظ ڪندڙ لاءِ لکن ٿا ته هن ۾ نمايان ڳالهه اها هئي ته هو ممبر تي چڙهڻ کان پوءِ پهريائين فاسدن ۽ ظالمن جي لاءِ خير جي دعا گهرندو هو. ڪافرن جي لاءِ خير جي دعا گهرڻ کان ته عالم شرعا منع ڪندا آهن ۽ گمراهن جي لاءِ به دعا ڪرڻ ڪا نيڪي نه آهي. هن چيو ته هي ڪافر، فاسق ۽ فاجر منهن جي لاءِ هدايت جو سبب بنيا آهن. انهن جي ئي ڪري مان شر کان بچي خير ڏي آيو آهيان. انهن ماڻهن کي خدا منهنجي هدايت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو.

هي سڀ خود غرض دنيا جا طلبگار هئا. جڏهن مان به دنيا جو ڪتو بنجي ڪنهن لقمي ڏي وڌندو هئس ۽ ڪوشش ڪندو هئس ته هي مال متاع مون کي ملي وڃي ته هي ظالم منهنجا حريف ۽ رقيب بنجي مون کي سخت تڪليف پهچائيندا هئا ۽ مان آخر ذليل ۽ شرمندو ٿي انهن شين جي طلب کي ڇڏي ۽ انهن کي نفرت ڪرڻ بعد خدا جي طرف رجوع ڪندو هئس. ان ڪري مون کي سٺن ماڻهن مان ايترو فيض نه پهتو جيترو هنن شريرن مان پهتو آهي. ان ڪري مان سٺن ماڻهن لاءِ دعا به ڪونه ٿو گهران.

انسان عموماً دوستن جي دوستيءَ کي رحمت ۽ دشمنن جي دشمنيءَ کي سر سمجهندو آهي ۽ رنج ۽ درد جي خدا کي شڪايت ڪندو آهي حالانڪ سٺن نفسن لاءِ دشمنن جي دشمنيءَ ۽ هر قسم جو درد ۽ رنج سڀني اخلاقي مرضن لاءِ اڪسير آهي. هي شر نما مصيبتون زندگيءَ جون ڪيمياگر آهن. اهي ئي انسان جي نفس کي ڪندن بنائينديون آهن. غريبيءَ جي ايتري گلا ڪرڻ نه گهرجي جيتري اهڙي دولت جي جيڪا انسانن کي ئي خراب ڪري ڇڏيندي آهي.

انسان جي اماري نفس جي حالت انهيءَ بدبودار چمڙي جهڙي آهي. جنهن کي باغ (چمڙي صاف ڪرڻ واري) جي حوالي ڪيو ويندو آهي اهو هن کي تيز مسالا لڳائي خوب رڳڙيندو آهي. جنهن کان پوءِ هڪ هڪ خوشبودار قيمتي ٿي پوندوآهي. الله تعاليٰ نبين سڳورن کي انسانن جي لاءِ سهڻو نمونو بنائڻ لاءِ انهن کي سڀني کان وڌيڪ رنج ۽ غم جي آماجگاهه بنائيندو آهي. جيئن ته زندگيءَ ۾ تڪليفن سهڻ کان بغير سيرت ۾ پاڪيزگي ۽ پختگي پيدا نه ٿي ٿئي ان ڪري يا ته پاڻ ئي پنهنجي اختيار سان اهڙي قسم جي محنت ۽ امتحان جي زندگيءَ کي خير جو ذريعو بنايو يا وري خدا کان درخواست ڪيو ته اهو مشڪلاتن جي باهه ۾ وجهي توکي خالص ڪري ڇڏي.

 

شر خير جو ذريعو آهي

انساني زندگي ۾ خير ۽ شر ڪيئن نه هڪ عجيب ۽ غريب طريقي سان لازم و ملزوم بنجي ٿا وڃن. ان جي متعلق مولانا رحمت الله عليه هڪ تشبيهه ٿا ڏين. اسلامي ملڪن ۾ گرم حمامن جو گهڻو رواج هو ۽ حمامن ۾ صرف ڪاٺيون ۽ ڪوئلو ئي ڪونه ٻاريندا هئا بلڪ ڇيڻان به گهڻي تعداد ۾ بٺيءَ کي گرم ڪرڻ جي ڪم ايندا هئا. حمام ۾ جيڪي ماڻهو جسم کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ ويندا هئا اهي ته اُتان صاف ٿي نڪرندا هئا ليڪن ڇيڻن ميڙڻ وارا ۽ بٺي گرم ڪرڻ وارا گندي جا گندا ئي رهندا هئا. ٻين جي صفائيءَ لاءِ خود هنن کي ميرو يا غليظ رهڻو پوندو هو. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته دنيا ۾ حرام مال گڏ ڪرڻ وارا سرمائيدار جن کي رات ڏينهن دنيا گڏ ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم ڪونهي هي اهي ڇيڻان ميڙيندڙ آهن جن سان متقين جي تقويٰ جو حمام گرم ٿو ٿئي. متقي انسان ته هنن جي بيهودي جدوجهد ڏسي سبق حاصل ٿا ڪن. ۽ پرهيزگاريءَ سان باطن جي پاڪيزگي ٿي پيدا ٿئي. جڏهن اهي دولت جي عاشقن کي فخر سان چوندو ٻڌندا آهن ته اڄ اسان پنهنجي هوشياريءَ سان ڏهه هزار روپيه ڪمايا آهن، ته متقيءَ جي ذهن ۾ اهو ئي ايندو آهي ته هن اڄ هيترا گندگيءَ جي توڪرا ڍويا آهن.

ڇيڻن جي ٻرڻ سان جيڪي شعلا نڪرندا آهن. اهي به سون جي رنگ جا هوندا آهن ان ڪري تشبيهه خوب آهي. تذڪره غوثيه ۾ مولانا گل حسن صاحب بيان ٿا فرمائن ته هڪ ڏينهن حضرت غوث علي شاهه صاحب مريدن کي چيو ته رات اسان هڪ گندو خواب ڏٺو آهي ان جو تعبير توهان وٽ ڇا آهي؟ فرمايائون ته خواب ۾ ڏٺو اٿم ته منهنجي جسم تي گهڻي غلاظت لڳي وئي آهي. مريدن چيو ته توهان ئي فرمايو ڇو ته توهان جي تعبير جي بصيرت تي اسين ڪاٿي ٿا پهچون؟ حضرت صاحب جن فرمايو ته عالم مثال ۾ دنيا جي دولت غلاظت جي مثال آهي. معلوم ٿئي ٿو ته ڪٿان گهڻي دولت اچڻ واري آهي. چنانچه انهيءَ ئي ڏينهن ڏٺو ويو ته هڪ هندو رئيس جو نوڪر پئسن جي ڀريل ٿيلهيون کڻي درگاهه ۾ آيو ته هي راجه صاحب نذرانو موڪليو آهي. غوث علي شاهه فرمايو ته هن کي پئسا کڻي منهنجي حجري ۾ اچڻ نه ڏيو ان کي ٻاهر ضرورت مندن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٿيلهي خالي ٿي وڃي ته پوءِ ملازم کي مون وٽ وٺي اچو رئيس جي دولت ته غريبن جي لٽ مار مان جمع ٿيندي آهي. بس اهو ئي گوبرهو. جنهن جو عارف رومي رحمت الله عليه ذڪر ڪيو آهي. غوث علي شاهه صاحب جن ان کي نهايت متقيانه ڪم ۾ لڳايو محتاجن جي ڪم آيو ۽ ان کي رد ڪرڻ سان حضرت غوث علي شاهه جي باطن ۾ وڌيڪ پاڪيزگي پيدا ٿي. اهائي ڳالهه ٿي ته هيڏانهن ڇيڻن ميڙڻ وارن حمام گرم ڪيو. هوڏانهن متقيءَ کي تقويٰ سان قلب جي طهارت حاصل ٿي.

دنيا جي دولت جو گوبر گڏ ڪرڻ وارا ان جي بدبوءِ سان ايترو ته هري ويندا آهن جو جيڪڏهن کين روحاني عطر سنگهايو وڃي ته انهن جو دماغ ان کي برداشت نه ڪري سگهندو ۽ هو بيهوش ٿي ويندا. ان لاءِ هڪ ٻيو مثال ٿا لکن ته هڪڙو چمڙا رنڱڻ وارو عطر فروش جي بازار مان اچي لنگهيو ته بيهوش ٿي ويو ۽ ڪري پيو، هن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ سڀ تدبيرون ڪيون ويون ليڪن هو مئلن وانگر رستي تي پيو هو. ان جي گهر وارن کي اطلاع مليو ته ان جو ڀاءُ جيڪو نهايت ذهين هئو سمجهي ويو ته عطرن جي خوشبوءِ هن جي حواسن تي اثر ڪيو آهي. ماڻهو هن کي گلاب سنگهائيندا هوندا ته هن جي بيهوشي وڌيڪ وڌندي هوندي. ان ڪري هو ڪتي جي بدبودار غلاظت ڪپڙي ۾ ويڙهي لڪائي کڻي ويو ۽ عطر فروشن جي بازار ۾ پهچي ٻين ماڻهن کي هٽائي هن پنهنجي ڀاءُ کي اهو سنگهايو ته هو فورا هوش ۾ اچي ويو. ماڻهو حيران ٿي ويا ته هن ڪهڙو اڪسير استعمال ڪيو آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته انبياءَ ڪرام عليهم السلام ۽ اولياءَ ڪرام رحمت الله عليه جي تعليم مان دنيا جي طلبگار گوبر جي ڪيڙن کي بو ٿي اچي ان ڪري هو ان کان پري ڀڄندا آهن.

 

جنت جي تعميرن ۾ زندگيءَ جا اعمال ئي زندهه ۽ مجسم ٿي پيا آهن

 

الله تعاليٰ آخرت کي زندگيءَ و مقام يا زندهه گهر فرمايو آهي مولانا رحمت الله عليه جن ٻڌائن ٿا ته جنت جي تعمير نه آهي ۽ نه وري ان ۾ هن دنيا وانگر لعل ۽ جواهر لڳل آهن. جنت جون تعميرون انسانن جي نيڪ عملن جون صورتون آهن. انسان جي جسم جا عضوا جاندار هئڻ سبب زندهه آهن ۽ آگاهي به انهن ۾ آهي ته ڇا انساني روح جون جنتي تعميرون ان جي جسم کان به گهٽ زندهه ۽ آگاهه هونديون؟ عملن جي انهن تعميرن جي حقيقت تي اتي پهچي ئي معلوم ٿيندي. تشبيهن مثالن سان انسان سمجهن گهٽ ٿا ۽ غلط فهميءَ ۾ گهڻو مبتلا ٿيندا آهن.

شيخ اڪبر رحمت الله عليه فتوحات مڪيه ۾ فرمايو آهي ته جنت جو احاطو پهريائين بنجي چڪو آهي.، ليڪن ان جون تعميرون هن شخص جي عملن سان ۽ ان جا وڻ بندن جي اطاعتن سان هر روز پيدا ٿيندا ٿا رهن.

 

عقل ۽ ڏسڻ

مولانا رحمت الله عليه جو هي پسنديده مضمون آهي ته استدلالي عقل روحاني وجدان پيدا نه ٿو ڪري سگهي خواهه اهو تفسير ڪبير جي لکڻ ۾ ئي لڳائجي. فلسفو سوين دفعا ترقي ڪري ته به حقيقت تان پڙدو هٽائڻ  ته پري ان کي ڇهي لوڏي به نه ٿو سگهي.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته عقل کان ڏسڻ تائين هزارها سالن جو سفر آهي ليڪن انهيءَ دوري کان نااميد نه ٿيڻ گهرجي. ستارن جو سج چنڊ جو نور ڪروڙين سالن جي سفر جي باوجود ڪيترو نه جلدي اسان تائين پهچي ٿو وڃي. الله تعاليٰ جي مقدس نور جي لاءِ به جيڪڏهن باطن جي اک کلي پئي ته اسان جي عقل تائين پهچڻ ۾ ڪهڙي دير لڳندي.

 

ننڍو جهان ۽ وڏو جهان

فلسفي جي بحثن ۾ هڪ دلچسپ بحث هي آهي ته عالم ڪبير جي مقابلي ۾ انسان عالم صغير آهي يا ان جي برعڪس انسان عالم ڪبير آهي ۽ ٻاهريون (آفاقي) عالم ان جي مقابلي ۾ صغير آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته حڪيمن جا رايا ان کان مختلف آهن ليڪن حڪيمن کي هو حڪماءِ الهي ڇون ٿا. مولانا انهن سان متفق آهي ته انسان عالم ڪبير (وڏو) آهي ۽ خارجي عالم ان جي مقابلي ۾ عالم صغير (ننڍو) آهي. انسان کي جيڪڏهن ڪائنات جو مقصد قرار ڏنو وڃي ته ڪائنات جو تعلق ان سان اهڙو ٿيندو جهڙو ميوي جو تعلق وڻ سان آهي. فرمائن ٿا ته ظاهر ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته شاخ جو ميوو پيدا ٿيو آهي. ليڪن وڻ جي حقيقت تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته ٻج کان وٺي پنن ۽ شاخن تائين سڀ ڪجهه ميوي کي ٺاهڻ جي تمنا پيدا ڪيو آهي. ان ڪري ميوو سڄي وڻ کان وڌيڪ مٿاهون آهي. هن ڪائنات جي سڄي پيدائش ۽ ان ۾ موجودات جي ترقي سڀ آخر ۾ انسان کي پيدا ڪرڻ لاءِ هو، نحن الاخرون السابقون جي اها معنيٰ آهي.

مولانا رحمت الله عليه جي نزديڪ انسان جي زندگيءَ جو مقصد معراج جي ڪوشش آهي. جهاد کان وٺي انسان بنجڻ تائين انسان مسلسل معراجي (عروج ڪندڙ) رهيو آهي خدا جي طرف عروج ۽ ترقي زندگيءَ جو اصل مقصد آهي. مٿاهين هستيءَ جي مقابلي ۾ هيٺاهين هستي نيستي معلوم ٿي ٿئي. انهيءَ لحاظ کان انسان مسلسل نيستيءَ کان هستيءَ جي طرف وڌندو هليو ويو آهي. هن چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي ته مان معراجي آهيان ليڪن عوام معراج کي ائين سمجهي ورتو آهي جو ڄڻ ته براق تي سوار ٿي زمين کي آسمان ڏي پرواز ڪرڻو آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته معراج جو اصل ذات ۽ صفات جي ترقي جو جذبو آهي آسمان ڏي پرواز ڪرڻ کي جيڪڏهن معراج چئجي ته پوءِ زمين کان آسمان ڏي هر وقت بخار چڙهي ٿو ته ڇا ان کي معراج چئي سگهبو؟ معراج هي آهي ته ٻار ماءُ جي پيٽ مان ترقي ڪندو باشعور انسان ٿو بنجي وڃي. انسان جي وڌيڪ معراج جون منزلون به مڪاني يا آسماني نه بلڪ ارتقائي آهن. مولانا رحمت الله عليه تعجب ٿا ڪن ته معراج جي معنيٰ ارتقا (ترقي) ۽ نفس جو عروج ۽ صفتن جي تڪميل ۽ درجن ۾ رفعت آهي. جيڪا محسوسات ۾ گرفتار ۽ زمان ۽ مڪان ۾ ڦاٿل عقل جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. براق کي هڪ پَرن وارو گهوڙو سمجهو اٿن. حالانڪ براق نيستيءَ کان هستيءَ ڏي پرواز جي لاءِ هڪ تمثيل آهي. صفات جي ارتقا ۾ انسان هنن آسمانن کي به بلڪ سچي محسوسات جي جهان کي عبور ڪري ٿو وڃي. هي سفر هٿن ۽ پيرن جي ذريعي سان نه ٿيندو آهي. هن سفر جي ڪيفيت اهڙي آهي جيئن عدم کان وجود ۾ اچڻ. مون هن صاف گوئي سان قياس جي پڙدي کي هٽائي معراج جي اسرار کي فاش ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن ٻڌڻ واري جي عقل تي ننڊ جو ڍڪر غالب ناهي ته پوءِ سمجهي ويو هوندو ته مون ڇا چيو آهي.

 

نجوم ۽ آفتاب پرست

 

ستارن پرست ۽ سج پرستن تي حيرت ٿئي ٿي جو ستارن جي پوڄا ان لاءِ ٿا ڪن جو انهن جو تاثير سان مٽي به سون بنجي پوندي آهي. اهڙي طرح سج کي زمين تي فيضان جي ڪري پوڄيندا آهن. هنن ڪم بختن کي هڪ قدم اڳتي نه ٿو وڌي جو ان جي پرتش ڪن جنهن اهڙن اثرن وارا ستارا ٺاهيا آهن ۽ سج جي حيات بخشيءَ جي توفيق ڏني آهي. سج ته ميون ۽ ڀاڄين کي پچائڻ لاءِ اسان جو بورچي آهي. هي نالائق بادشاهه جي سامهون سجدو نه ٿا ڪن ليڪن ان جي بورچيءَ کي ٿا پوڄن.

گهڻو ڪري چوريون ۽ حادثا رات جي وقت پيش ايندا آهن جڏهن سج ڪاڏي لهي ويندو آهي. انهيءَ وقت هي سج جا پرستار جيڪڏهن پنهنجي معبود کي مدد جي لاءِ پڪارڻ گهرن ته هو هر وقت موجود ته آهي ڪونه جو هنن جي مدد ڪري. اهڙي سج کي ڇو نه ٿا پوڄين جيڪو ڪڏهن غروب ئي نه ٿو ٿئي جنهن ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق ڪونهي؟ اهڙو سج انسان جي پاڪ روح ۾ طلوع ٿيندو آهي انهيءَ حقيقي خورشيد جي مقابلي ۾ هن جهان جي خورشيد جي ايتري به حقيقت ناهي جيڪا سج جي سامهون هڪ ناچيز ذري جي آهي.

قرآن ڪريم ۾ ڪائنات جي شروعاتي حالت جي نسبت چيو ويو آهي ته اها هڪ دونهون يا بخار جي صورت هئي. علم طبعيات تڪوين ترقي ڪري هن زماني حال ۾ انهيءَ نتيجي تي پهتي آهي. خدا تعاليٰ چوڏهن سؤ سال اڳ جيڪي ڪجهه پنهنجي ڪلام مجيد ۾ فرمايو سائنس هاڻي ان جي تصديق ٿي ڪري. ان کي انگريزيءَ ۾ نيبولر مفروضه چوندا آهن. ”ثم استويٰ الي اسماءَ وهي دخان“ محي الدين ابن عربي رحمت الله عليه به انهيءَ آيت جو اهوئي تفسير ڪيو آهي ته اجرام فلڪيه انهيءَ دخان (دونهين) مان ٺهيا آهن. عارف رومي رحمت الله عليه به انهيءَ آيت جي اهائي معنيٰ ٿو سمجهي، قرآن ڪريم هڪ ٻي آيت ۾ به انهيءَ ئي تعليم کي ورجايو آهي ته آسمان ۽ زمين پهريائين هڪ ئي مليل شيءِ هئا پوءِ خدا تعاليٰ انهن کي الڳ الڳ ڪيو. ”ان السموات والارض کانتا راتقا ففتقنا هما“ ستارن کي ديوتا سمجهڻ وارن کي خدا ٻڌائي ٿو ته نالائقو! هي ته سڀ هڪ آتشين بخار يا دونهين جي پيداوار آهن. انهيءَ خدا کي پوڄيو جنهن هن دونهين مان اهڙا عظيم الشان شمس ۽ تارا ٺاهيا.

خدا کي وساريندڙ بادشاهه

 

فرعون صفت خدا فراموش بادشاهن کي مخاطب ٿي چون ٿا ته توهان سمجهو ٿا ته توهان شاهي تخت تي ويٺل آهيو ليڪن اهو تخت نه بلڪ تختو آهي ۽ توهان کي مجرمن وانگر گهليو ويندو. ڪم بختو توهان کي پنهنجي عاجزيءَ جو ڪجهه احساس ڪونهي. پنهنجي ڏاڙهيءَ تي ته حڪم نه ٿو هلي سگهيو جو ڪراڙپ ۾ ان کي سفيد ٿيڻ کان روڪي سگهو.

ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت جي نظام ۽ عوام جي تقدير جون واڳون خدا تعاليٰ اهڙن مغرور ۽ برخود غلط ماڻهن جي هٿن ۾ ڇو ڏئي ڇڏيون آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ان ۾ الله تعالي جي ڪا حڪمت هوندي ته جيسين ڪنهن بهتر نظام جو وقت نه اچي تيسين تائين انهن ئي فاسقن جي ذريعي سياست ۽ معاشرت قائم رهي. پر جيڪڏهن هي ماڻهو دولت جا خزانا جمع ڪرڻ جي بجاءِ بصيرت جي اکين جو نور حاصل ڪن ته انهن لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب ٿئي ها.

سماع ۽ بصيرت حيات

 

عارف رومي رحمت الله عليه دين جي انهن بزرگن مان آهن جن جي ويجهو موسيقي روح جي غذا ۽ عبادت ۾ تعاون ڪندڙ آهي. ان ڪري مثنوي شريف جي شروع ۾ بانسري وڄائي اٿن. جنهن جي آواز سان روح کي پنهنجو اصلي مسڪن الاهي ياد اچي ٿو وڃي. ۽ ڇڏجي ويل وطن جي ياد درد انگيز ٿي ٿئي. هاڻي مثنويءَ جي چوٿين دفتر ڏي ٿا رجوع ڪن ۽ فيثا غورثي حڪيمن جو به هڪ خيال پيش ٿا ڪن ته ستارن جي گردش سان نغما نڪرندا آهن. انسان جڏهن هن جهان ۾ موسيقيءَ کان متاثر ٿيندو آهي ته ان  جو اهوسبب هوندو آهي جو آسمان جا نغما هتان جي سازن جا هم نوا هوندا آهن. هي ته حڪيمن جو خيال اهي ليڪن مؤمنن جي سماع جي لذت جي معتلق وضاحت هيءَ آهي ته اسين به آدم عليه السلام جو اولاد آهيون ۽ آدم عليه السلام جنت ۾ رهي چڪو آهي جتان جي فضا دلنواز نغمن سان لبريز هئي. هتي جڏهن ساز وڄن ٿا ته جنت جي زندگي ياد اچي ٿي وڃي. اگرچه هتي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ اسان جي روح تي فراموشيءَ جو هڪ پڙدو وجهي ڇڏيو آهي ليڪن پراڻي ياد هن مان به ڇڻي نڪري ٿي. اسان جي روحانيت جو پاڻي هتان جي پليتيءَ سان خراب ۽ ناپاڪ ٿي چڪو آهي. ليڪن ناپاڪائيءَ ۾ به پاڻي پنهنجيون سڀ صفتون گم ته نه ڪندو آهي. پليت پاڻي به باهه کي وسائڻ ۾ ڪم ۾ ته اچي ٿو سگهي.

موسيقيءَ جي هڪڙي خصوصيت مولانا رحمت الله عليه هيءَ ٿا ٻڌائين ته دل ۾ جيڪي جذبات يا خيالات هجن اهي هن سان طاقتور ٿا ٿين. صرف ايتروئي ان کان وڌيڪ هي به ٿيندو آهي ته نغمي سان جذبات ۽ خيالات صورت به اختيار ڪندا آهن. زماني حال ۾ مغرب جي ڪجهه فنڪارن ان جي به مشق ڪئي آهي ته ڪهڙو نغمو صورت ٺاهڻ ۾ ڪهڙي قسم جا نقش ۽ تصويرون پيدا ٿو ڪري.

خدا پرست انسانن کي پاڻيءَ جي چرخيءَ جي آواز تي به وجد اچڻ لڳندو اهي. مولانا رحمت الله عليه انهيءَ جي متعلق هڪڙي ڳالهه لکي آهي ته هڪڙو شخص ڪنهن اونهي کڏ يا کوهه جي ڪناري تي ويٺو هو. بالٽيءَ ۾ ٻڏڻ جي رسي هن وٽ ڪانه هئي جنهن سان پاڻي ڪڍي. ڪناري تي هڪڙو اخروٽ جو وڻ هئو هن سوچيو ته پاڻي نه ته پاڻيءَ جو آواز سهي. ان لاءِ هن اخروٽ پٽي پاڻيءَ ۾ اڇلائڻ شروع ڪيا جڏهن اخروٽ پاڻيءَ ۾ ڪرندو هو ته ان مان پاڻيءَ جو آواز نڪرندو هو. اڃاري کي پاڻيءَ جو آواز به وڻي پيو. ان ڪري هو مسلسل اخروٽ پٽيندو کوهه ۾ اڇلائيندو ويو. ڪنهن ڏسي ورتو ۽ چيائين ته هي ڪهڙي حماقت آهي جو کائڻ جي سٺي شيءِ پٽي پاڻي ۾ اڇلائيندو ٿو وڃين؟ هن چيو ته مون کي بک نه پر اڃ آهي ۽ هي آواز اڃ لاءِ فرحت جو سبب آهي. روحاني سماع وارن جو به اهوئي خيال آهي سٺا آواز دل جي لاءِ روح پرور هوندا آهن. هن اخروٽن ڪيرائڻ واري ڳالهه تي حڪيم المانوي گوئٽي جي ٻاراڻپ جو هڪ قصو آهي. جيڪو هن پنهنجي لکيل سوانح حيات ۾ پاڻ تحرير ڪيو آهي، ته پيءُ ماءُ جي نظرن کان لڪائي مون کنڊ جو هڪڙو پيالو دريءَ مان رستي تي اڇلايو. ان جي ٽٽڻ سان ڏاڍو مزيدار آواز پيدا ٿيو ان ڪري مان کنڊ جا سڀ ٿانو هڪ هڪ ڪري دريءَ مان اڇلائيندو ويس. ان وقت ايترو ته مزو آيو جو بعد ۾ مار کائڻ جو خيال به نه آيو.

موسيقي ڪيترن وڏن مذهبن ۾ عبادت ۾ داخل آهي. مسلمانن ۾ هن جي متعلق اڪابرن جي راءِ هميشه کان مختلف بلڪ متضاد رهي آهي.

حاصل مقصد هي آهي ته جنهن موسيقيءَ سان شهوت پرستيءَ ڏي خيال اڀري اها يقينا حرام هجڻ گهرجي. پر جيڪو سماع روحاني ميلان کي ترقي ڏئي اهو جائز بلڪ احسن آهي. چشتي حضرات وانگر حضرت امام غزالي رحمت الله عليه جن جي به اهائي راءِ آهي.

جوهر ۽ عرض جسم ۽ روح

 

مولانا رحمت الله عليه جن هن عقيدي کي بار بار ورجائن ٿا ته انسان جو روح حقيقت ۾ ازلي جوهر آهي انساني روح جوهر آهي ۽ جهان ان جو عرض آهي. آدم عليه السلام کي خدا تعاليٰ جلشانه علم ۽ تسخير جي قدرت ڏئي سڄي جهان تي محيط بنايو هو. تون به آدم جو اولاد آهين. تنهنجي ذات ۾ به اهي ئي صفتون ۽ امڪانات موجود آهن. ازلي سمنڊ جي مقابلي ۾ هي زمان ۽ مڪان جو جهان صرف هڪ پڇ آهي يا ائين چئجي ته هڪ وسيع شهر ۾ هڪڙو ننڍڙو گهر آهي. گهر جي سامان ۾ ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ڪثرت سان شهر ۾ موجود نه آهي. جسم کي ائين سمجهو جيئن هڪ ڪکن پنن جو تهه هجي جنهن جي هيٺيان هڪ وڏي ندي وهي ٿي جيڪا ڪکن پنن جي پوشاڪ ۾ لڪل آهي. ابليس کان به اهائي غلطي ٿي جو آدم عليه السلام جي مٽيءَ کي ڏسي سگهيو ليڪن انهيءَ مٽي ۾ لڪل سج هئو جنهن کي نه ڏسڻ جي ڪري ان جو منڪر ٿي ان کي گهٽ سمجهڻ لڳو. هاڻي جيڪو شخص انسان کي عناصر (مٽي، باهه ۽ هوا) جوئي هڪ ساز ٿو سمجهي جيڪو هڪڙي ڏينهن ڀڄي پوندو ۽ آواز ختم ٿي ويندس. ان جي نظر ۾ اهائي ابليس واري نظر آهي چاهي هو فلاسفرن ۾ ئي شمار ٿيندو هجي.

 

بقا جي منڪرن جي انڪار ۾ اقرار لڪل آهي

آخرت جا منڪر جيڪو چوندا آهن ته هن کان پوءِ ڪا زندگي ممڪن نه آهي پر جيڪڏهن پنهنجي ترقيءَ جي منزلن تي غور ڪن ته پوءِ انهن لاءِ انڪار جي ڪا گنجائش نه رهي. آخر اهو ته مڃين ٿا ته اسين هن زمين جي خاڪ مان ٺهيا آهيون. ليڪن انهيءَ خاڪ کان وٺي شعور تائين تنهنجا ڪيترا حشر ٿيا آهن؟ هو زور شور سان دليل ڏئي جيڪو انڪار ڪري رهيو آهي ان انڪار ۾ ئي اقرار لڪل آهي. مٽيءَ ڪيتريون منزلون طئي ڪري جيڪڏهن تنهنجي حڪيماڻن دليلن تائين اچي ٿي سگهي (ڪاٿي مٽي ۽ ڪاٿي تنهنجو شعور) ته ڇا هن کان پوءِ فطرت جو ارتقائي قوتون ختم ٿي ويون آهن؟ مٽيءَ مان ٺهيل باشعور انسان جو حشر کان انڪار ائين آهي جيئن ڪو صاحب گهر جو دروازو کڙڪائي ۽ اندران گهر جو مالڪ چئي ته مان گهر ۾ ڪونه آهيان. حالانڪ هن جو انڪار ئي هن جي گهر ۾ هجڻ جو اقرار آهي. تون چئين ٿو ته مان مٽي آهيان ۽ آخر ۾ مٽي دليل بنجي ٿي سگهي ته پوءِ اڳتي به حشر ۾ نئين شيءِ جي صورت اختيار ڪري ٿي سگهي. تنهنجو پنهنجو پاڻ کي مٽي چئي حشر کان انڪار ڪرڻ ۾ ئي درحقيقت اقرار لڪل آهي.

زندگيءَ جي باطن جا نه کٽڻ وارا ممڪنات

ڪائنات ۾ هر شيءِ جو باطن ان جي ظاهري جي مقابلي ۾ هزار درجا زياده هستي ٿو رکي. هتي تون مٽيءَ کي سڀ  کان گهٽ هستي ٿو سمجهين. مٽيءَ به ظاهر ۾ خاڪساري اختيار ڪئي آهي. ليڪن ان جو باطن ان سان هر وقت مقابلي لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ چوي پيو ته ٿورو ترس! آءُ توکي ڏيکاري ڇڏيندس ته منهنجي اندر ۾ ڪهڙا ڪهڙا خزانه لڪل آهن. مٽيءَ جي باطن ۾ ممڪنات جو خزانو ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي. گلن ۾ ميون جي گهڻائيءَ جي ڪا انتها ڪانهي زمين جهڙو ٻيو ڪهڙو ڪو ڪاريگر ٿي سگهندو؟ جيڪا فقط مٽيءَ مان هزارين قسمن جون رنگارنگي تصويرون ٺاهي سگهي صرف ظاهري اکين رکڻ وارو مٽيءَ جي ئي باطني زندگي ۽ ان جي ممڪنات جو ڪجهه اندازو لڳائي تنهنجو باطن به تنهنجي ظاهر کي پڪاري رهيو آهي ۽ اهو ئي چئي رهيو آهي ته تو پنهنجو پاڻ کي حقير سمجهي ڪهڙي قسم جي ذليل فڪر ۽ عمل ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. توکي خبر ئي ڪونهي ته زندگيءَ جي تڪميل ۽ ڪائنات جي تسخير جا ڪيترا نه کٽڻ وارا ممڪنات تو ۾ لڪل آهن.

پنجاب جي هڪ درويش شاعر ”بهيک“ جو ڪهڙو نه عارفانو شعر آهي:

بهيکا بهوکا کوئي نهين، سب که گٽري لال

گره کهول نهين جانتا، اس لئي هي کنگال

 

روح جي دولت ۾ ئي ابدي دولت آهي

دنيا ۾ جيترن به قسمن جون دولتون نفس کان ٻاهر آهن. مال، جاه، عزت، جسماني صحت، هنن سڀني جو ڪو اعتبار ڪونهي ڇو ته انسان جي اختيار کان ٻاهر آهن انهن مان ڪابه شيءِ ڪنهن به وقت ضايع ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي روح جي اندر عشق ۽ معرفت جي دولت جمع ڪري ته اها هن جي زندگيءَ جو جز بڻجي ٿي وڃي. ٻاهريون نعمتون ته کسجي ٿيون سگهن ليڪن نفس جي اندر سمايل معرفت ۽ محبت کي ڪير کسي سگهندو؟ اعبار جوڳي يا پائدار دولت ته اها ٿي سگهي ٿي جيڪا انسان جي ذات جو نه ٽٽڻ وارو جز بنجي وڃي. ان جي سلطنت ان جي اندر آهي جتي روزمره جي حادثن جي پهچ ئي ڪانهي. جيڪڏهن تون صرف خارجي نعمتن جي ڪري خوش بخت ٿو سڏائين يا ڪا وڏي سلطنت تنهنجي هٿ اچي وئي آهي ته اهڙي قسم جي بست تنهنجي ذات کان خارج هجڻ سبب ڪنهن به وقت ختم ٿي ٿو سگهي پر پنهنجي نفس کي پاڪيزه طاقتور ڪري تون حادثن جي جڪڙِ کان بچي ٿو سگهين.

زين لهم الشيطان اعمالهم

ماڻهو نهايت اطمينان ۽ خوشيءَ سان غلط ڪمن ۾ ڇو ٿا ڦاٿل رهن؟ ان جو سبب اهو آهي ته بدعملن جي منهن جي ڪارهن کي حرص ۽ هوس خوشنما بنائي ٿا پيش ڪن. قرآن حڪيم به گنهگار جي اهائي نفسيات بيان فرمائي آهي. ”زين لهم الشيطان اعمالهم“ شيطان جيڪو بقول عارف روميءَ جي اماري نفس جو ٻيو نالو آهي. بدعملن کي خوبصورت ۽ دلڪش بنائي انسان جي سامهون پيش ڪندو آهي. حڪيم سقراط به اهو چيو آهي ته ڪوبه شخص بدي ڪرڻ مهل بديءَ کي بدي سمجهي نه ڪندو آهي. انهيءَ وقت حرص ۽ ان جي جادوءَ ۾ ڦاٿل عقل ان خراب عمل کي سٺو بنائي پيش ڪندا آهن. ليڪن شهوتون آخر ۾ خاڪ ٿي وينديون آهن ان وقت انسان محسوس ڪندو آهي ته هي ذليل حرڪتون نفس جو ڌوڪو هو. هن مون کي برائي ۽ بدڪاريءَ جي مٿان وقتي لذت جو وَرَقُ چاڙهي ڌوڪو ڏنو اهي. مولانا رحمت الله عليه ان لاءِ هڪڙو مثال ٿا ڏين بدعمل کي هڪ ڪاري رنگ وارو ڪوئلو سمجهو جيڪو حرص جي باهه ۾ ٻري ڏاڍي چمڪ ٿو پيدا ڪري. ليڪن حرص جي باهه وسامڻ کان پوءِ هو يا ته خاڪ بنجي ٿو وڃي يا وري اصلي ڪاري منهن وارو ڪائلو ٿو بنجي پوي. ليڪن نيڪيءَ ۾ پنهنجي ئي چمڪ هوندي آهي ان کي ڪنهن غير جي ذريعي جي ضرورت نه آهي.

ٻار ڪڏهن ٻاراڻي حرص ۽ نادانيءَ جي سبب ڪڏهن ڪنهن لٺ کي رانن جي وچ ۾ ڏئي ڊوڙندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته هو گهوڙي سواري ڪري رهيا آهن. ليڪن جوان ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هنن کي اصل گهوڙن جي سواري ملندي آهي ته پوءِ پنهنجي ٻاراڻي حرڪت تي کلندا آهن. اهو ئي حال حقيقي ۽ غير حقيقي خواهش جو آهي. مال متاع جا حريص تي کلندا آهن. اهوئي حال حقيقي خواهش جو آهي مال متاع جا حريص ماڻهو ٻارن وانگر سوار آهن. جنهن شيءِ تي هو سوار ٿي آڪڙجن ۽ خوش ٿا ٿين اهائي ڪا اصلي سواري ڪانهي.

سخن ڪش

 

مثنوي ۾ ٻن ٽن جاين تي هي نڪتو بيان ٿيو آهي ته سٺين ڳالهين جي ڪرڻ جو دارو مدار محض چوڻ واري جي سٺي فڪر يا سٺي بيان تي منحصر نه آهي بلڪ ٻڌڻ واري جو ذوق ۽ ان جي استعداد سٺي تقرير جا محرڪ آهن. اگر ڪو ملحد توهان کي چئي ته ڪجهه معرفت جن ڳالهيون ٻڌاءِ ته تنهنجي زبان ۽ دل جا دروازا بند ٿي ويندي تنهنجي زبان مان ڪابه ڳالهه نه نڪرندي. جيڪڏهن ڪو سخن ناشناس ڪنهن سٺي شاعر کي چوي ته پنهنجو ڪلام ٻڌاءِ ته شاعر هڪ شعر به نه ٻڌائي سگهندو.

جيڪڏهن ڪو ٻوڙو چوي ٿو ته گانو ٻڌاءِ ته ڪهڙو ڳائڻ وارو ان جي آڏو گانو ٻڌائيندو. ليڪن جڏهن محسوس ٿيو ته تقاضا ڪرڻ وارو صاحب ذوق آهي ته طبعيت ۾ فڪر جا گل ٽڙڻ لڳندا آهن ۽ تقرير ۾ گل ڪرڻ لڳندا آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته ڪجهه ماڻهو سخن ڪش هوندا آهن ۽ ڪجهه بدمذاق سخن ڪُش هوندا آهن. جتي سخن ڪش ماڻهو اچي سامهون بيهي ته نڪتا ۽ معاني ان کان اهڙي طرح ڀڄندا آهن جيئن ڪو چور ڀڄندو آهي. ٻڌڻ واري جي سچي جذبي سان ئي وات مان سٺي ڳالهه نڪرندي آهي ۽ ذهن نڪتا آفرين ٿي پوندو آهي.

 

دنيا جي گهماگهمي غفلت جي ڪري آهي

هن معاملي ۾ سڀني دينن جا صوفي متفق معلوم ٿا ٿين ته انسان جي تمدني گهماگهمي گهڻو ڪري زندگيءَ جي اصل مقصد يعني خدا جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جي طرف کان غفلت جي ڪري پيدا ٿيندي آهي. واپارين جي صبح و شام جون مصروفيتون، سرمايو گڏ ڪرڻ جون ڪوششون، زينت ۽ عيش عشرت جو سامان فرهام ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش- سياستدانن جا هٿڪنڊا- پيشي وارن جو پنهنجي پيشن ۾ مصروف رهڻ جيڪو انهن کي اعليٰ مقصدن کان بيگانو بنائي ٿو ڇڏي. ڪوڙين تمنائن جي پيروي. حرص ۽ هوس جي ڪشمڪش- دنياوي زندگي گهڻو ڪري انهن ئي ڪمن ۾ گرفتار آهي. جيڪڏهن زندگيءَ جي اصل مقصد جي ماڻهن کي صحيح خبر پئجي وڃي ته نبين ۽ اوليائن وانگر ماڻهو زندگيءَ جي گهٽ ضرورتن تي قناعت ڪري درويشي اختيار ڪن.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته مشيئت الاهيءَ جي اهائي منشا ٿي معلوم ٿئي ته هي جهان انهيءَ قسم جي غفلت تي قائم رهي. جيڪڏهن خدا جي اها مرضي نه هجي ها ته پوءِ زياده تر خلق خدا اهڙي قسم جي غفلت ۾ ڇو زندگي بسر ڪري ها؟ دولت جي لفظ تي مولانا رحمت الله عليه هڪ لفظي راند ٿا کيڏن ۽ فرمائن ٿا ته هن لفظ جا ٻه جز آهن. پهريون جز دو آهي يعني رات ڏينهن ڊوڙ ڊڪ ۽ آخر ۾ لت آهي يعني لت مارڻ. دولت آخر ۾ لت ماري هنن کي قبر ۾ اڇلايو ٿي ڇڏي.

آخر ۾ پشيماني ٿيندي جيڪڏهن اها اڳ ۾ ئي توتي کلي پوي ته تون جيڪر هي ڀڃ ڊڪ ڇڏي ڏين. عقلمند انسان عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن دنيا جي ناپائيداريءَ جي سڀني ڌوڪن کان آگاهه ٿي ٿو وڃي ته پوءِ نهايت درجي پشيمان ٿو ٿئي. ان جي متعلق مولانا رحمت الله عليه هڪڙي سٺي نصيحت ٿا ڪن ته خالي پشيماني بيڪار شيءِ آهي. پشيمانيءَ ۾ افسوس ۽ هٿ مليندي باقي عمر ضايع نه ڪيو پشيمانيءَ جي معنيٰ ئي اها آهي ته هاڻي تو ۾ نيڪ ۽ بد جي تميز پيدا ٿي چڪي آهي. هاڻي صرف پيشمانيءَ ۾ نفس جي قوتن کي ضايع ڪرڻ جي بجاءِ جيڪا به نيڪي هٿ لڳي سا ڪيو.

 

جبر ۽ قدر

مولوي معنوي رحمت الله عليه جي نزديڪ ابليس، ماده پرستي ۽ جبريت جو نالو آهي. اڪثر ماده پرست حڪما ۽ طبيبن ۾ هي ٻئي صفتون ملنديون آهن. هڪ اها ته هو ماده جامد کي سڄي هستيءَ تي محيط ٿا سمجهن ۽ ان جو روح ۽ سڄي اقتدار کي مادي جو ئي نتيجو ٿا سمجهن. ابليس جو آدم عليه السلام کي محض مٽيءَ جو بت سمجهڻ ۽ ان جي روحاني ۽ عرفاني ممڪنات کان انڪار هر مادي فلسفي جي خصوصيت آهي. ۽ حڪيم مادي جبري به ٿيندو آهي. ان جي مقابلي ۾ حقيقت آدم عليه السلام ۾ اختيار به داخل آهي. آدم عليه السلام کان ڪجهه لغزش ٿي ته اهو اختيار جو نتيجو هو ان ڪري هو تائب ۽ پشيمان ٿيو ۽ ربنا ظلمنا چوڻ لڳو. ان جي مقابلي ۾ ابليس خدا سان حجت ڪرڻ لڳو ته قادر مطلق ته تون آهين. سڀ عمل ارادا به تنهنجي قدرت ۾ آهن. ان ڪري جيڪڏهن مان گمراهه ٿيس ته ان جو ذميدار به تون آهين. ”بمااغويتني“ جبريت جو عقيدو آهي. آدم عليه السلام ۽ ابليس جو قصو انسان جي ئي مختلف ميلانات تي مثال ٿي ٿو اچي. انسان ۾ شيطانيت هن درجي تائين گهر ڪري وئي آهي جو نفس جي خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ته اختيار جو صاحب بنجي ٿو وڃي. ليڪن عقل جي تقاضائن جي سامهون پنهنجو پاڻ کي مجبور ٿو سمجهي ۽ بي عقليءَ ۾ اضطرار جو بهانو ٿو لڳائي. هن قسم جي منطقينانه چال ابليس جو شيوو آهي. آدم عليه السلام جي اصليت عشق آهي. آدمي (انسان) اهو آهي جيڪو اختيار سان محبت ڪري . عقل صالح ۽ عشق خالص ڪمال درجي تي پهچي ذات ۽ صفات الاهيه جي ادراڪ ۾ حيرت جو آئينو بنجي ويندا آهن. افلاطون چوندو هو ته حڪمت جي شروعات حيرت کان ٿي ٿئي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته ان جو انجام (آخر) به هڪ ٻئي قسم جي خيرت آهي.

 

علم ۽ وحي

انسان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته منطق بازيءَ ۾ اجايو وقت وڃائڻ جي بجاءِ خدا تعاليٰ کي ائين چنبڙي وڃي جيئن ٻار ماءُ جي ڪڇ ۾ پناهه وٺندو آهي ۽ ماءُ جي سهاري ۽ ان جي محبت جي متعلق ڪابه دليل بازي يا منطق بازي ه ڪندو آهي. يا هي ته ٻڌل ڳالهين تي جن کي نقلي علم چوندا آهن. گهٽ اعتبار ڪري ۽ دين جي معاملي ۾ ڪنهن ولي الله جي بدولت اها ڪيفيت پيدا ڪري جيڪا علم ذريعه وحي دل تي نازل ٿيندي آهي. ان کان فيضياب ٿئي. يعني مقلد هجڻ جي بجاءِ محقق ٿي وڃي. دل تي وحي واري علم جي مقابلي ۾ نقلي علم ائين آهن جيئن پاڻيءَ جي مقابلي ۾ تيمم. دل جي پاڪيزگي ته ڪنهن صاحب دل جي صحبت ۽ ارشاد ۽ زنده مثال سان ٿي سگهندي. ان کان بغير سڄي عمر فقه- تفسير ۽ حديث جي درس تدريس ۾ مصروف رهي پوءِ به انسان نقل ۽ سند جو پرستار ۽ گرفتار ٿي نقلي ئي رهجي ٿو وڃي. اصل تائين نه ٿو پهچي.

 

بداخلاق جو علم ۽ مال بدڪردارن جي ظلم جا هٿيار

علم ۽ فن، مال ۽ منصب بذات خود نه سٺا آهن ۽ نه وري برا آهن. جيڪڏهن نيڪ انسان وٽ آهن ته خود هن کي يا هن جي يارن ۽ غيرن کي فائدو پهچائيندو. پر جيڪڏهن بدڪردار يا بدمعاش جي هٿ اچي وڃن ته تباهيءَ جو سامان آهي. ڪميڻو ماڻهو علم ۽ فن سان منصب ۽ مال جو طلبگار ٿي پوندو آهي ۽ ٻين کي سخت نقصان پهچائڻ جا ذريعا ان جي هٿ ۾ اچي ٿا وڃن. چوريءَ جا سڀ طريقا چور به ڄاڻندو آهي ۽ ڪو ٽوال به. انهيءَ فن ۾ ٻئي برابر آهن. ليڪن ان جي استعمال ۾ ٻنهين جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيڪڏهن ڪو اهو سوال ڪري ته نبي ڪريم ﷺ جن کي الله تعاليٰ رحمت للعالمين بنايو پوءِ پاڻ ڪافرن جا گردن ڇو ڪپيائون ته ان جو سڌو سادو جواب ته اهو آهي ته بي رحم ۽ فسق و فجور ۾ ڦاٿل ڪافر جي هٿ ۾ تلوار ائين آهي جيئن ڪنهن چرئي يا بدمست حبشيءَ جي هٿ ۾ هجي. دين جي حفاظت ۾ جنگ جيڪا صرف في سبيل الله هجي ان ڪري لازم اهي ته بدمستن فاسق ۽ فاجرن کي هٿين خالي ڪيو وڃي ڇو ته هنن جي هٿ ۾ تلوار خدا جي خلق تي ظلم ۽ ستم ڪرڻ لاءِ ئي استعمال ٿي ٿئي.

جاهل منصب حاصل ڪرڻ بعد جيڪا درندگي ڪري ٿو اها هڪ سؤ شينهن به نه ڪري سگهن. سرداري ۽ حڪمراني جڏهن جاهلن جي هٿ ۾ اچي وڃي ته عقلمندن کي ڪناري ڪشي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ظالمن جي خلاف ڪجهه ڪري نه سگهن ته پاڻ ئي انهن جي ظلم کان بچن.

 

قيامت جو مفهوم

قيامت جي حقيقت ته خدا تعاليٰ کي ئي معلوم آهي. خدا تعاليٰ ڪجهه مثالن جي ذريعي انسانن کي سمجهايو آهي. ليڪن هر شخص پنهنجي سمجهه جي مطابق ئي ان کي سمجهي ٿو.

مولانا رحمت الله عليه جن ڪيترين جاين تي پنهنجي انهيءَ عقيدي جو اظهار ڪيو آهي ته قيامت حقيقت جي انڪشاف جو ٻيو نالو آهي ۽ اها انساني نفس جي ئي هڪ ڪيفيت آهي. هي ته جبل ۽ آسمان قيامت ۾ ٽٽي پوندا. ان جو مفهوم مولانا جي نزديڪ هي آهي ته حقيقت واشگاف ٿي پوندي. جنهن شخص تي هتي ئي حقيقت منڪشف ٿي پئي آهي اهو پاڻ قيامت بنجي ويو آهي. مرد عارف کي مخاطب ڪندي فرمائن ٿا ته تون پاڻ وقت جو اسرافيل بنجي ويو آهين. قيامت کان اڳ ئي قيامت برپا ڪري ڏيکار. ڪير پڇي ته قيامت ڪڏهن ٿيندي يا ڪاٿي آهي ان کي چئو ته مان پاڻ ئي قيامت آهيان. مون کي ڏس. هر نبي قيامت هوندو آهي اهو پهريائين جهان کي هيٺ مٿي ڪندو آهي روحاني مردن کي زندهه ڪندو آهي. جزا ۽ سزا سڀني تي آشڪار ڪندو آهي. ان ڪري نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي ٻن آڱرين کي ملائي فرمايو ته مان ۽ قيامت هينئن متحد آهيون. قيامت مون کان جدا نه آهي. ”انا والساعته هاتين“ ان کان بعد فرمائن ٿا ته قيامت جي هيءَ معنيٰ جيڪڏهن ڪنهن کي سمجهه ۾ نه اچي ته ان سان بحث نه ڪيو خاموش ٿي وڃو. جواب جاهلان باشد خموشي.

 

عقل ۽ نفس امارو

حقيقت شناس عقل ۽ نفس امارو جي مخالفت سان مثنويءَ جا گهڻا حصا ڀريل آهن ۽ انهيءَ باري ۾ مولانا رحمت الله عليه قيمتي نڪتا بيان ڪيا آهن. ليڪن مجنون ۽ ان جي ڏاچيءَ جو مثال لاجواب آهي. فرمائن ٿا ته مجنون پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار ٿي ليليٰ جي ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو. ليڪن ڏاچي جيڪا پنهنجو توڏو (ٻچو) مجنون جي گهر ڇڏي آئي هئي اها پنهنجي ٻچي جي ڪشش جي ڪري اڳتي وڌڻ نه پئي چاهي. جيئن ته مجنون پنهنجي ڌن ۾ غافل ٿيو ۽ مهار ڍري ٿي فورا ڏاچي منزل ليليٰ جي طرف هلڻ جي بجاءِ پنهنجي گهر ڏي واپس هلڻ لڳي. وري مجنون ذرا هوشيار ٿيو ۽ ان کي واپس رستي تي آندائين ليڪن ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳيو معاملو ٿيو جو مجنون جي غفلت جي ڪري مجنونءَ جي ڏاچي وريو وريو واپس هلڻ جي ڪري. مطلب ته منزل مقصود تائين پهچڻ محال ٿي ويو. اهوئي حال عقل ۽ نفس اماره جي جذبات جو آهي. عقل انسان کي سڌي رستي تي هلائڻ ٿو چاهي ته جيئن انسان پنهنجي منزل مقصود تائين پهچي. ليڪن معمولي غفلت سان طئي ڪيل رستو وري ٻيهر طئي ڪرڻو ٿو پوي ۽ انسان گهڻائي جي ڍڳي وانگر اتي جو اتي چڪر پيو ٿو لڳائي نفس اماري کان خدا تائين ٻن قدمن جو رستو آهي. ليڪن انسان موسيٰ عليه السلام جي قوم وانگر ورهين جا ورهيه بيابانن ۾ سرگردان گهمندو ٿو رهي. مجنون آخر تنگ اچي پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڏاچيءَ تان هيٺ ڪيرايو ته جيئن اهڙي قسم جي سواريءَ کان ته پيادل هلڻ بهتر آهي. زور سان ڪرڻ سبب ان جي ٽنگ ڀڄي پئي ان جي باوجود به هو ليليٰ جي منزل ڏي هلڻ کان باز نه آيو ۽ چيائين ته پنڌ نه ته نه سهي مان هاڻي بال وانگر ڪلابازيون کائيندو رستو طئي ڪندس. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته عشق موليٰ ليليٰ کان گهٽ ته نه آهي. عشق موليٰ ۾ به انسان بغير سواريءَ جي ڪلابازيون کائيندو هلي.

 

فقهيءَ جي دستار

آخر ۾ الله تعاليٰ جي حضور ۾ ته خلوص عمل جو تحفو ئي پيش ڪرڻ جي لائق ٿي سگهندو. هتي دنيا ۾ گهڻا ماڻهو صرف جبو- دستار ۽ ڊگهي ڏاڙهي رکي فقير بنيا ويٺا آهن. حالانڪ هن ظاهري لباس ۾ اندر دين جي بصيرت ۽ سيرت جي خوبي ڪانهي. اهڙا نمائشي ملا جڏهن خدا وٽ پهچندا ته انهن جي دستار جي زينت جو راز ائين کلي پوندو. جيئن هڪڙي ملان جو حال ٿيو جنهن رنگ برنگي ڪپڙن جا ٽڪرا جمع ڪري انهن مان هڪ وڏي دستار ٺاهي رکي هئي. اندر سڀ ٽڪرا ٽڪرا ڀريل هئا مٿان صرف هڪ وال کن عمدي ۽ صاف ڪپڙي جو غلاف وانگر چاڙهي ڇڏيو هئائين. انهيءَ دستار بارقار سان هو ڪنهن وڏي درسگاهه ڏي هلڻ لڳو ۽ سوچيائين ته اتي پهچندس ته منهنجي تقرير کان بغير ئي منهنجي دستار کي ڏسي منهنجي عزت ٿيندي ۽ ڪو ڏيڻ وارو هوندو ته معقول نذرانو به ملندو. رستي ۾ ڪو ڪپڙن لاهڻ وارو چور مليس ان ڏٺو ته دستار ته ڏاڍي شاندار آهي جيڪڏهن لاهي وٺي ڀڄان ته ڏهه ٻارهن وال عمدي ڪپڙي جي سٺي قيمت ملي ويندي. چور دستار لاهي ڀڄي رهيو هو ته مُلان صاحب چيس ته هن کي کولي ته ڏس ته ڇا کنيو پيو ٿو وڃين. چور جو دستار جا پيچ کوليا ته اندران صرف پراڻن ڪپڙن جا ٽڪرا نڪتا. چور چيو ته او مڪار مولوي تو هي ڪهڙو رياڪاريءَ جو بار مٿي تي کنيو آهي. ڪمبخت تون وڏو مڪار آهين تون اهل دين کي ۽ اهل دنيا کي به ڌوڪو ڏيڻ ٿو چاهين ۽ مون جهڙي چور کي به تو پشيمان ۽ پريشان ڪيو. مولوي صاحب سوچيو ته هاڻي ٿورو، واعظ ڪري هن چور کي چوان ته تون هن واقعي مان عبرت حاصل ڪر ته دنيادارن ۽ رياڪارن جا اعمال ۽ نمائشي ديندارن جا ڪارناما خدا جي سامهون ائين ٽڪرن سان ڀريل پڳڙا ثابت ٿيندا. دنيا جون زينتون ماڻهن کي پڪاري چئي رهيون آهن ته جيڪڏهن توهان خدا کي فراموش ڪري هنن کي حاصل ڪندؤ ته خدا جي سامهون جڏهن حقيقت کلي پوندي ته پوءِ توهان جي زينتن جي اندران ڦاٽل ۽ بي قيمت ٽڪرا نڪرندا.

جن حسينن جي حسن تي جان فدا ٿا ڪيو ۽ دين ايمان ضايع ڪري هوس ٿا پوري ڪيو چند سال گذرڻ کان پوءِ ڏسجو ته انهيءَ حسن جي هلڪي پردي جي اندران ڇا ٿو ظاهر ٿئي ڪجهه عرصي کان پوءِ اها حسينه پوڙهي ٿي ويندي ۽ جيئن کجور سڪڻ کان پوءِ ڇوهارو بنجندي آهي ۽ ان تي گهنج ئي گهنج پئجي ويندا آهن ساڳيو حاصل انهيءَ حسين چهري جو به ٿيڻو آهي.

جهڙي طرح سٺي ۾ سٺي غذا به غلاظت ٿي ويندي آهي اهوئي حال دنيا جي آرائش جو آهي فرمائن ٿا ته معشوق جي دل ربا زلفن جو آخر حال پوڙهي گڏهه جي پڇ جهڙو ٿي پوندو آهي.

 

خدا جي ذات ۾ نه پر ارتقا زندگي ۽ ڪائنات ۾ آهي

زندگيءَ جون حقيقتون ۽ قدر جيڪي ازلي ۽ لاهوتي آهن. انهن ۾ ۽ مادي شين ۾ اهو فرق آهي ته مادي شيون خرچ ڪرڻ سان گهٽ ٿينديون آهن، ليڪن روحانيت خرچ ڪرڻ سان گهٽ نه ٿيندي آهي. ڪنهن جو علم فيض پهچائڻ سان گهٽ نه ٿو ٿئي. ۽ نه وري محبت ڪرڻ سان محبت ۾ گهٽتائي ايندي آهي. خرچ ڪرڻ سان ڪمي يا نقصان صرف مادي شين جي خاصيت آهي. خدا تعاليٰ پنهنجي نور کي ازل کان خرچ ڪري رهيو آهي. ليڪن نور الان کمان کان (جيئن هئو تيئن) موجود آهي. خدا جي ذات پنهنجي خلقت ۾ اضافو ڪندي ٿي رهي پر خدا جي پاڪ ذات ۾ انهيءَ آفرينش سان ڪو وڌيڪ ڪمال ڪونه ٿو پيدا ٿئي. مطلق ڪمال ۾ اضافو ناممڪن آهي. هاڻي جو گهڻن ارتقا ۾ يقين رکندڙ حڪيمن چوڻ شروع ڪيو آهي ته خدا جي ذات به ترقي پذير آهي. اهو مولانا رحمت الله عليه جن جي نزديڪ باطل عقيدو آهي. فرمائن ٿا ته ڪنهن ذات ۾ افزائش انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته اها قديم نه بلڪ حادث آهي. جيڪي ماڻهو خدا تعاليٰ کي به روز افروزن ترقي ڪندڙ هستي ٿا سمجهن. اهي ان کي حادث بنائي ٿا ڇڏن ليڪن ذات مطلق وقديم حادث ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ فرمائن ٿا ته هي نڪتو آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ وارو نه آهي ليڪن اسين چوندا ٿا وڃون توهين ٻڌندا وڃو.

 

قلب جي وسعت زمين جي وسعت کان به وڌيڪ آهي

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته پنهنجو دين ۽ ايمان بچائڻ لاءِ ڪفرستان مان نڪري دارلاسلام جي طرف هجرت نه ڪرڻ وارن کان ملائڪ انهن جي جان ڪڍڻ مهل چوندا ته ڇا الله جي زمين ايتري وسيع نه هئي جو توهان ايمان جي خاطر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃي سگهو ها؟ مولانا فرمائن ٿا ته الله تعاليٰ جي زمين جي وسعت صرف مڪاني نه لامحدود مفادات لامڪاني به آهي. شروعات کان وٺي اها لاتعداد مخلوق جي لاءِ رزق پيدا ڪري رهي آهي ليڪن ان جي قوت ۽ فيضان ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. ته ڇا عارف جو قلب الله جي زمين کان گهٽ وسيع ۽ گهٽ ميوو ڏيڻ وارو آهي؟ زمين جي مڪانيت ۾ لامحاله هڪ قسم جي ظاهري محدوديت آهي. ليڪن دل تي لامڪاني آهي جتي بلندي ۽ پستي ۽ حدن جو ڪو سوال نه ٿوپيدا ٿئي. زمين هڪ داڻو کڻي ست سؤ داڻا ڏئي ٿي ته ڇا دل جون مخفي قوتون ان کان گهٽ آهن؟ دل جي بهار آفريني به لامحدود آهي هت به خوش فڪري ۽ خوش عمليءَ جي هڪ داڻي مان ست سؤ داڻان نڪرن ٿا.

 

صحبت جو قلب تي اثر

ڪنهن اهل دل جي صحبت ۾ پنهنجو پاڻ کي جذب ۽ گم ڪرڻ سان ڪهڙي طرح صفتن ۾ تبديلي پيدا ٿئي ٿي. ان جو مثال هريڙ جو مريو آهي. هريڙ بذات خود ڪوڙي هوندي آهي. ليڪن ان کي برنيءَ ۾ رکي ان جي رڳ رڳ ۾ کنڊ جو اثر پهچائي مربو ٺاهبو آهي ته ڏسڻ ۾ هو هاڻ به هليلو (هريڙ) ئي ايندو آهي. ليڪن ذائقي ۾ لذت ۽ مٺاڻ اچي ويندو اٿس. ڪي ماڻهو ڪريلي جو به مربو ٺاهيندا آهن ۽ ڪريلي جهڙي سخت ڪوڙي شيءِ جو مربو بنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي اصل صورت قائم رکڻ جي باوجود مٺاڻ ملڻ سبب مٺائي بنجي پوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي روحاني رهبر جي صحبت سان فيض پهچي ته اهو به پنهنجي اندر اخلاقي شيريني پيدا ڪندو آهي.

 

وحي دل

فرمائن ٿا ته وحي کي حق جي حقيقت کان ناواقف ماڻهو ڪڏهن ان کي نجوم ۽ رمل وانگر پيشگوئيءَ جو ذريعو ۽ ڪڏهن خواب جي برابر سمجهندا آهن. ليڪن ان جي حقيقت ڪجهه ٻي آهي ۽ انکي الله ئي بهتر ٿو سمجهي.، جن صوفين ۽ اوليائن جي قلبن ۾ وحي قبول ڪرڻ جي استعداد پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ٻيا ان مان فيضياب ٿيندا آهن اهي عوام جي غلط فهمي ۽ فتنه انگيزيءَ کان بچڻ لاءِ ان کي وحيءَ دل چئي ڇڏيندا آهن، ته جئين ماڻهو انهن تي اها تهمت نه هڻن ته هاڻي هي حضرت به نبوت جو دعويدار بنجي ويو آهي. دل جي ته معنيٰ ئي وحي حاصل ڪندڙ آهي ان ڪري وحي جيڪڏهن ختم نبوت جي معنيٰ ۾ ختم ٿي وئي هجي. ليڪن پنهنجي اصليت ۾ ته هو ختم نه ٿي آهي. صاف قلبن جي اندر القاءِ رباني جاري آهي.

 

انسان بظاهر هڪ ڪيڙو آهي ليڪن خدا جي ڪرم سان زندگيءَ جي حقيقت کان آگاهه ٿي ٿو وڃي

 

ماڻهوءَ جي شروعاتي مادي ۽ جسماني حيثيت بس هڪ ننڍي ڪيڙي وانگر آهي. جيڪو هڪ صوف ۾ لڪل هوندو آهي. توهان هن جهان کي هڪ صوف سمجهو جنهن ۾ توهان هڪ ناچيز ڪيڙي وانگر نه پوري طرح صوف جي حقيقت کي ٿا سمجهو ۽ نه توهان کي اهو معلوم آهي ته هي صوف ڪهڙي وڻ ۾ لڳل آهي ۽ نه ئي توهان کي باغ ۾ باغبان (ماليءَ) جي ڪا خبر آهي ليڪن خدا جلشانه جي فضل سان انهيءَ صوف جي اندر ڪجهه ڪيڙا صوف، وڻ، باغ ۽ باغبان کان واقف ٿي ويندا آهن. انهن جي بصيرت سڀني پردن کي چيري فلڪ شگاف ٿي پوندي آهي. صورت ۾ ته اهڙا مرد عارف به ٻين غافل ڪيڙن وانگر هڪ ڪيڙو ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ليڪن حقيقت ۾ هو اڙدها بنجي ويا آهن. جيڪي سڄي موجودات کي ڳهي ويا آهن.

 

روح جي مسلسل ترقي

انساني روح ۾ هن جسم سان وابستگيءَ جي باوجود جيڪو شعور جو نور آهي ان جي بدولت هڪ شخص هڪ لمحي ۾ بغداد ۽ سمرقند پهچي ٿو وڃي. هنن ظاهري اکين جي چرٻيءَ جو وزن ٻه درهم يعني ست ماسه آهي. ليڪن نظر آسمانن جو سير ٿي ڪري انهيءَ جي بغير جو پنهنجي جاءِ تان جنبش ڪري ۽ خواب ۾ ته انسان اکين بند ڪرڻ جي باوجود ڪهڙا ڪهڙا تماشا ٿو ڏسي . هي سڀ حيواني روح جا ڪمالات آهن جيڪو انسان جي اندر ڪنهن حد تائين ترقي يافته ٿي ويو آهي. هن مان هاڻي اندازو لڳايو ته خالص روح انساني جو نور ۽ شعور ڪيتري قدر هستيءَ کي محيط هوندو وري انساني روح جو به هڪڙو درجو ڪونهي. اعليٰ درجن ۾ ته هو روح القدس جي درجي تي وڃي ٿو پهچي. ان کان اڳتي وڌي ڏسو ته روح محمدي ﷺ ته جبرئيل عليه السلام کي به هڪ مقام تي پهچي پوئتي ڇڏي ٿوڏئي.

 

انسان جو اصل دشمن ان جو نفس امارو آهي

حضرت موسيٰ عليه السلام جيڪو فرعون جو اصلي دشمن هو ۽ ان جي ختم ڪرڻ تي مقرر هئو. اهو فرعون جي گهر ۾ پرورش پيو حاصل ڪري ۽ فرعون خوفزده ٿي بني اسرائيل جي سڀني ٻارن کي قتل پيو ڪرائي. فرمائن ٿا ته انسان جو به اهوئي حالت آهي. ان جا اصل دشمن جيڪي هن کي حقيقي نقصان پهچائن اهي هن جي ذات کان ٻاهر ڪونهن نفس امارو هن جو حقيقي دشمن هن ۾ اندر ئي پيو ٿو پرورش حاصل ڪري ليڪن انسان ٻين انسانن تي تهمتون هڻي انهن تي ٿو ظلم ڪري. انسان جيتري قدر پاڻ برو ۽ ظالم هوندو آهي اوترو ئي ٻين کي برو چئي انهن سان بدسلوڪي ڪندو آهي. هي بدگمانيون ۽ ناحق ظلم ان جي پنهنجي نفس جو آئينو هوندا آهن. مرد عارف پنهنجي اندروني دشمن کان خبردار ۽ مقابلي ۾ مصروف هوندو آهي ان ڪري خوامخواهه ٻين جي عيب بيني ۽ غيبت گوئيءَ کي پنهنجي عادت نه بنائيندو آهي.

 

اڪتسابي عقل ۽ وهبي عقل

عارف رومي رحمت الله عليه خود عقلي ۽ نقلي علمن جو خزانو هئا ڪافي عرصي تائين ڪتابي علمن جي درس تدريس ۾ مشغول رهيا. فقه- تفسير- حديث ۽ علم ڪلام ۽ فلسفو ڪنهن به علم ۾ ٻئي ڪنهن کان گهٽ نه هئا. ليڪن جڏهن فيضان الاهيءَ سان سندن اندر مان معرفت جو چشمو نڪري آيو تڏهن کين هنن ٻن قسمن جي علم جي فرق جي خبر پئي. ٻن شين سان چڱيءَ طرح واقف انسان کي ئي صحيح معنيٰ ۾ انهن جي مقابلي يا فرق جي خبر پوندي آهي ۽ اهڙي انسان جو فيصلو ئي قابل قبول ۽ يقين جي لائق هوندو آهي. فرمائن ٿا ته عقل ٻن قسمن جا آهن هڪڙو اهو عقل آهي جيڪو ڪتابن ۽ استادن کان حاصل ٿيندو آهي. هي اڪتسابي عقل جاهلن جي مقابلي ۾ ته انسانن کي افضل بنائي ٿو ليڪن حافظي ته ٿيندو آهي. لوح محفوظ نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪتابي عالم جو ڪتب خانو سڙي وڃي ان کي چور چوري ڪري وڃي ته عالم جي عقلي پونجي به هلي ٿي وڃي ۽ هو معلومات جي باري ۾ مفلس ٿي پوندو آهي. يا ڪراڙپ ۾ اهو پڙهيل ۽ ٻڌل علم خطائن جي نذر ٿي ويندو آهي. فرمائن ٿا ته هڪڙو ٻيو علم آهي جيڪو ڪتابي نه پر الله تعاليٰ جي بخشش آهي. ان جو چشمو اندر کان نڪرندو آهي. اڪتسابي عقل جون نديون ٻاهر کان اينديون آهن ۽ ذهن کي سيراب ڪنديون آهن. جيئن ئي انهن ندين جو پاڻي خشڪ ٿيو يا رستو بند ٿيو ته اتي عقل به خشڪ ٿي پوندو آهي. ڪوشش ڪر ته معرفت جو چشمو تنهنجي اندر مان نڪري ته جيئن تون اڪتسابي علمن کان بي نياز ٿي وڃين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com