سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3

باب: --

صفحو :9

 

سلام ۽ سنيها

 

 

جناب ايڊيٽر صاحب،

جنوري ۽ فيبروريءَ جون پرچو”گل ڦل“ پڙهيم، خوشي به ٿي ۽ وري ڏک به.

خوشي انهيءَ ڪري ٿي جو اوهان”گل ڦل“ کي ٻيهر شروع ڪري اسان جي همت افزائي ڪئي آهي. ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿئي ٿو. ته رسالي ۾ آکاڻيون ۽ لٽڪا چٽڪا تمام ٿورا، ۽ مضمون تمام گهڻا هئا.جيئن ته ننڍڙن ٻارن کي گهڻو ڪري آکاڻيون ۽ لٽڪا چٽڪا بيحد پسند هوندا آهن. تنهنڪري مان اهو عرض ڪندس ته مهرباني ڪري آکاڻيون ۽ لطيفا گهڻي کان گهڻا شايع ڪريو، جيئن ته هيءَ ڪتاب ڪجهه پڙهڻ جهڙو ٿئي. معلومات لاءِ ڪالم شروع ڪريو ۽ سرورق تي هر مهيني ڪنهن ننڍڙي ٻارڙي جو فوٽو شايع ڪريو.

عبدالغفو وڳڻ، ڳوٺ موندر ضلعو دادو.

 

ادا گذريل پرچو (گل ڦل)اکين جو ٺار، ڳچيءَ جو هار، من جو موتي ۽ اڃايلن لاءِ آبحيات (پاڻي) هو.

گذريل پرچو پڙهي ائين محسوس ٿيو ڄڻ  اوهان سنڌ جي ٻارڙن جي دل کٽي ورتي آهي.”گل ڦل“ وري بند نه ڪجو. مان جڏهن پنهنجن وڏن جا رسالا پڙهيا هئا. تڏهن منهجي دل جي اونهاين مان هيءُ لفظ نڪتا:”ڪاش اڄ به گل ڦل نڪري،“ هاڻي اهي لفظ منهنجا پورا ٿيا آهن. ان لاءِ اوهان کي ۽ سڄي سنڌ جي ٻارڙن کي لک مباڪون هجن.

اوهان جو ننڍو ادو، جميل تحليل، خيرپور.

 

ادا،

گل ڦل منهنجي آڏو آهي، اوهان جهڙي نموني گل ڦل جاري ڪيو آهي، سو نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪندو.

ڀلا ايڏي وڏي مدت بعد، نڪرندڙ گل ڦل کي اسين ڪيئن نه ڪامياب بڻائينداسون، جنهن جي ڏسڻ لاءِ اسان جون اکيون اُداس هيون.

گل ڦل اسان جو آهي. انڪري مان ڪجهه گل ڦل جي باري ۾ اوهان کي صلاح مشورو ڏيندس. هي پرچو اوهان تڪڙ ۾ ڪڍيو آهي، پر مان سمجهان ٿو پنهنجي لحاظ کان تمام بهترين آهي، پڙهڻ جهڙيون شيون آهن. ڀيڻ نيلوفر جويو جو ڊرامو، شيخ اياز جو گيت، ڪهاڻي ڇيلو ۽ بگهڙ، بس.

ادا، اڄ جا ٻار خاص ڪري نيون ڪهاڻيون، نئون مواد وڌيڪ پڙهڻ پسند ڪن ٿا.

وڏن اديبن جي ليکڪن سان گڏ هڪ حصو رڳو ننڍڙن اديبن لاءِ رکو، جنهن ۾ انهن جا ليک، ڪهاڻيون، نظم، ننڍڙا ڊراما ۽ مقصدي ڪهاڻيون هجن. لوڪ ڪهاڻين سان گڏوگڏ نيون ڪهاڻيون ڏيو. معلومات جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ٻار معلومات جا فوٽو ڏين، برابر جواب ڏيندڙ جا فوٽو ڏيو. ائين اسان جي معلومات ۾ پڻ اضاف ايندو. ۽ رسالي جي سونهن ۾ ٻيڻي ڪشش ٿيندي.

سائنس جو هڪ مضمون به ڏيندا رهو.ان کان سواءِ هڪ عنوان ڏيو،ان چٽاڀيٽيءَ تي جدا جدا ٻار لکن. جنهن سان اسان ۾ لکڻ جو مادو پيدا ٿيندو.

شبير سومرو، خير پور ميرس.

 

محترم ايڊٽر صاحب اسلام عليڪم،

رسالو ٻيهر شايع ڪرڻ تي مبارڪباد قبول ڪرڻ فرمائيندا. ايڊيٽوريل وڻيو، محترم نياز همايونيءَ جا شعر پڻ ڏيندا. آکاڻي ڇيلو ۽ بگهڙ سٺي هئي.

اوهان جو، شيخ احمد ڪبير، پڊعيدن.

 

ادا، اسلام عليڪم:

”گل ڦل“جي وري نڪرڻ جو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌ ۾ سنڌي ٻارن جي لاءِ هڪ سنڌي رسالي جي کوٽ پئي محسوس ٿي، اها هاڻي پوري ٿي وئي آهي. اڳ جيڪو ”گل ڦل“ نڪرندو هو حالانڪ اهو آءُ ڪونه پڙهندو هوس، (ڇو ته آءُ ننڍو هوس) پر انهيءَ جي باري ۾ وڏن ڀائرن کان( جيڪي انهيءَ وقت ٻار هئا ۽رسالو پڙهندا هئا) گل ڦل جي تعريف به ٻڌيم ۽ انهيءَ پراڻي رسالي جي هڪ ٻه ڪاپيون به ڏٺيون اٿم. مون کي اميد آهي ته نئين سر وري جو گل ڦل ڪڍي رهيا آهيو انهيءَ کي اڳوڻي گل ڦل کان به بهتر بنائيندا.

عبدالعليم زرگر، بدين.

 

پيارا ادا،

فيبروريءَ جو رسالو گل ڦل پڙهيم، سڄو ئي پسند آيو. ادا اهڙو بهترين رسالو شايع ڪرڻ تي منهنجي پاران مبارڪون قبول ڪندا ۽ مون کي اميد آهي ته اوهان هي رسالو باقائدگي سان شايع ڪندا رهندا.

ادا، منهنجي مادري زبان اردو آهي، پر مون کي سنڌي ادب سان بي انتها پيار آهي، ۽ آءُ سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي گذارش ڪنديس ته سنڌي سکو،سنڌ پڙهو. هي اسان جي صوبي جي مٺي ٻولي آهي، هن کي ترقي ڏيڻ اسان جو فرض آهي.

زبيده سلطانه مودي، حيدرآباد.

جناب اسلام عليڪم،

اسان گل ڦل رسالو پڙهيو ۽ ڏاڍو پسند آيو. جنهن لاءِ توهان کيرون لهڻيون. اسان جي دعا آهي ته هي ٻارڙن جو رسالو وڏي ويجهي ۽سنڌ جي ابهم ٻارڙن جي صحيح رهنمائي ڪري ته جيئن هو وڏا ٿي پنهنجي جيجل ڌرتيءَ جي خدمت ڪري سگهن.

اسان جي شهر جي سڀني ٻارن جي مرضي آهي ته اسان هتي ٻارن جي رسالي گل ڦل جي شاخ قائم ڪريون، چونڊون ڪرايون ۽ آفيس قائم ڪريون.

رسالي ۾ عام معلومات جو به ڪالم شروع ڪريو ته رسالي جي مقبوليت وڌندي.

مشتاق احمد سومرو،

گورنمنٽ هاءِ اسڪول،سڪرنڊ.

 

*پورو ٿيو*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com