سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3/ 1997ع

باب: --

صفحو :5

اسان کي گهرجي ته پنهنجو قيمتي وقت وڊيو گيم ۽ ٻين فضول ڪمن ۾ نه وڃايون، پر سخت محنت ڪري پنهنجو مقصد ماڻيون، ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي ملڪ جي بهتر خدمت ڪري سگهنداسين، خدا اسان کي پنهنجن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري. (آمين.)

خاوند بخش سنديلو                         ٻيو نمبر مضمون

وڊيو گيم جو تعليم تي اثر

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو جنهن کي هڪ سڪيلڌو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو راشد رکيائون، راشد غريب هئڻ سان گڏوگڏ بااخلاق ڇوڪرو هو، راشد جڏهن پنج درجا پهرئين پوزيشن ۾ پاس ڪيا ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا ورتي ته هيڊ ماستر راشد کي غريب هئڻ جي باوجود پڙهائي سان شوق ڏسي في معاف ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي طرفان ڪتاب به وٺي ڏنا. راشد جي هوشيارپ جي هاڪ سڄي اسڪول ۾ ڦهليل هوندي هئي، اسڪول جا سڀ شاگرد ۽ سندس استاد به وڏي عزت ڪندا هئا.

راشد جي محنت ۽ ڪوشش راشد جو اڃان وڌيڪ مُان مٿانهون ڪيو. آهستي آهستي ڏينهن گذرندا ويا ۽ راشد ائين اڳتي وڌندو ويو. راشد جڏهن ڏهين ڪلاس ۾ پهتو ته راشد جي سنگت ڪنهن بريءَ صحبت جي ڇوڪرن سان ٿي ويئي. راشد کي انهن ڇوڪرن چيو ته ”چريا پڙهي ڇا ڪندين.“ راشد انهن ڇوڪرن جي چوڻ تي اسڪول کان گسائڻ لڳو ۽ انهن ڇوڪرن راشد کي آهستي آهستي وڊيو گيم تي وٺي وڃڻ شروع ڪيو. راشد ائين اسڪول کان گسائيندو رهيو ۽ هر روز وڊيو گيم کيڏڻ ويندو هو، ۽ پنهنجي پيءُ کان ڪتاب وٺڻ جي بهاني سان پئسا وٺي ويندو هو، اهي پئسا وڊيو گيم کيڏڻ تي خرچ ڪري ايندو هو. راشد جي پيءُ کي جڏهن خبر پئي ته راشد اسڪول کان گسائي، وڊيو گيم تي ويندو آهي، جيڪي پئسا ڪتابن جي لاءِ وٺي ويندو آهي، اهي پئسا به وڊيو گيم کيڏڻ تي هارائي ايندو آهي. ته راشد جو پيءُ راشد کي سمجهائڻ لڳو ته ”پٽ وڊيو گيم هڪ خراب راند آهي ۽ پاڻ غريب ماڻهو آهيون، تون پنهنجي پڙهائي ۽ محنت ڪندو ڪر، ۽ اجايو وقت نه وڃائيندو ڪر.“ راشد جو پيءُ ڄڻ ڪنهن ڀت کي سمجهائي رهيو هو. راشد پنهنجي پيءُ جا سمجهايل لفظ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو.

آهستي آهستي راشد جي ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿيڻ وارا هئا، راشد جي ڏهين درجي جو اڄ پهريون پيپر هو. راشد جيڪو گهر کان ڪتاب کڻي امتحان ڏيڻ جي لاءِ اچي رهيو هو ۽ اوچتو خيال بدلجي ويس ۽ وري سڌو سنئون وڊيو گيم تي هليو ويو ۽ راشد وڊيو گيم کيڏڻ شروع ٿي ويو. پنهنجي قيمتي زندگي جي سڄي عمر جو سال وڃائي ويٺو، اسڪول جي سڀني شاگردن ۽ سندس استادن راشد کي ڏهين درجي جي امتحان ۾ غير حاضر ڏسي ڪنهن ڇوڪري کان پڇا ڪئي ته اسڪول ۾ ويٺل سڀني شاگردن مان هڪڙو ڇوڪرو ادب سان اٿي بيهي رهيو ۽ شاگردن ۽ استادن کي ٻڌايو ته سائين راشد هڪ خراب عادت م پئجي ويو آهي، تنهن ڪري امتحان ۾ موجود نه آهي، سڀني شاگردن ۽ استادن پڇيو ته اسان کي ٻڌاءِ ته ڪهڙي خراب عادت آهي، جنهن جي ڪري هو پنهنجي زندگي جو سال وڃائي ويٺو. ان ڇوڪري جواب ۾ چيو ته ”سائين اها خراب عادت وڊيو گيم هئي، جنهن جي ڪري هو امتحان ۾ غير حاضر رهيو.“ اها ڳالهه ٻڌي اسڪول جا سڀ شاگرد ۽ سندس استاد ڏاڍي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ اسڪول جي هيڊ ماستر ڪلاس مان راشد جو نالو ختم ڪري ڇڏيو، راشد جي پيءُ کي جڏهن خبر پئي ته راشد ڏهين درجي جي امتحان ۾ پيپر ڏيڻ ڪونه ويو هو ۽ امتحان ۾ فيل ٿي پيو آهي ۽ اسڪول مان نالو به ختم ڪري ڇڏيو اٿن ته راشد جو پيءُ پنهنجي پٽ جي پڙهائي جا اهي لفظ ٻڌي سهي نه سگهيو ۽ وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، جتي هر انسان کي وڃڻو آهي. راشد پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ چرين ماڻهن وانگر گهٽين ۾ رُلندو رهندو هو.

پيارا ٻارؤ! اوهان ڏٺو ته راشد کي وڊيو گيم کيڏڻ سان ڪيڏو نقصان رسيو، هو پنهنجي پيءُ کان به جدا رهجي ويو ۽ تعليم ۾ به پوئتي رهجي ويو، ٻارو اوهان محنت ڪوشش ڪندا ڪريو ۽ پڙهائي ۾ شوق سان دل لڳائي پڙهندا ڪريو ائين نه ٿئي جو توهان به راشد وانگر پنهنجي وڏن جو چيو نه مڃو ۽ اسڪول ۾ پڙهائي کان رهجي وڃو، جتي به وڊيو گيم راند کيڏندي ڏسو ته ان جڳهه کان پاسو ڪندا ڪريو.

ترجمو: اشفاق چانڊيو                  روسي لوڪ ڪهاڻي

غريب شخص ۽ جج

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ڪنهن جاءِ ۾ هڪ جهونو جوڙو رهندو هو، انهن ٻڍڙن زال مڙسن لاءِ هڪ ڏينهن اهڙو به اچي پهتو،جڏهن کين کائڻ لاءِ ڪا شيءِ ڪانه رهي، تڏهن ڪراڙي مائيءَ  پنهنجي مڙس کي چيو:

”وڃ ۽ وڃي ڪجهه اَٽو آڻ، بک اچي پاسا ورتا آهن!“ ٻڍڙي عورت ڳالهائيندي رهي، ”بس ڪٿان به اٽو آڻ نه ته اهي فاقا منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندا.“

ڪراڙو مرد ڇا ٿي ڪري سگهيو! کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، آخر پنهنجن سوچن کي ساڻ ڪري پاڙيسري ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو. هو نه چاهيندي به من ئي من اندر ڪنهن سان ٺڳي ڪرڻ جو ويچاريندو رهيو:

”ڪنهن دڪاندار کي ڪيئن بي وقوف ڪري اٽو ڪڍجي!؟“

هو هڪ دڪان تي پهتو ۽ دڪاندار کي چيائين:

”مون کي هڪ ٻوري اٽي جي ڏي!“ ڏيانءِ ٿو، پئسا ڪَڍُ.“ دڪاندار موٽ ڏني.

”مون وٽ پئسا ته ناهن، اها! البته هڪ وڏو ٿلهو ڏاند سو ضرور آهي، جيڪو ڪهي اٽي جي عيوض توکي گوشت ڏيند.يس“ ڪراڙي چيو.

”تون ٿو چئين ته تو وٽ ٿلهو متارو ڏاند آهي.“ دڪاندار حيرت مان چيو.

”واههه واهه، تون هڪ ٻوري اٽي جي ڇو ٻه کڻ نه!! جڏهن ڏاند ڪهين ته مون لاءِ سندس ران کنيون اچجانءِ.“

”ڪراڙي هڪ گاڏي هٿ ڪئي ۽ رکيائين ٻه ٻوريون اٽي جون ۽ هليو ٻئي دڪان ڏانهن.

”مون کي هڪ ٻوري اٽي جي کپندي آهي.“ ڪراڙي دڪاندار کي چيو،

”ڇا ڏيندين ٻوريءَ جي قيمت؟“ دڪاندار کانئس پڇيو.

”مون وٽ هڪ ٿلهو متارو ڏاند آهي، جنهن کي ڪهندس....“

اڙي بابا! ته پوءِ ٽي ٻوريون کڻ اٽي جون.“  دڪاندار ٻڍڙي جي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي ڳالهايو: ”جڏهن ڏاند ڪهين ته مون لاءِ سندس ران ضرور آڻجان.“

ڪراڙي مرد ٽئي ٻوريون ساڳي گاڏي تي رکي ٽئين دڪان تي ويو، جتي هن اهو ساڳيو ڪوڙ ڳالهائي دڪاندار کي لالچ ڏيئي پنج ٻوريون اٽي جون ورتيون ۽ دڪاندار لالچ ۾ اچي اٽي جي عيوض ڏاند جو اڌ گوشت ڏيڻ لاءِ کيس چيو، ڪراڙي مرد معمول مطابق ساڻس ”ها“ ڪئي، ۽ اٽي جي ڀريل گاڏي سميت گهر پهتو. گهر پهچي هن گهر واريءَ کي سڏيو:

”ڪٿي آهين تون؟ هان، هي وٺ اٽو ڇا ياد ڪندينءَ، هاڻي پچاءَ مون لاءِ ماني ۽ سمبوسا، ڏاڍي بک لڳي آهي.“

جڏهن ڪراڙي پنهنجون من پسند شيون کاڌيون، تڏهن ويٺو ويچارڻ ته هاڻي ڇا ٿيندو؟. ”جيڪڏهن دڪاندار قرض اوڳاڙڻ ايندا ته، آءٌ کين ڇا ڏيندس.“ نيٺ هن فيصلو ڪيو جج ڏانهن وڃڻ جو، ۽ وڃي کيس چيائين:

”مون ٽن دڪاندارن کان اٽيون جون ٻوريون ورتيون ۽ آءٌ ساڻن واعدو ڪيو ته، پنهنجو ڏاند ڪُهي گوشت ڏيندس. ”ڪراڙو ٻڌائيندو رهيو.“  پر هاڻي مون پنهنجو ارادو بدلائي آهي ۽ سوچيو اٿم ته مان ڏاند جو گوشت انهن کي ڇو ڏيان؟ اسان پاڻ گوشت ڇو نه کائون!

جيڪڏهن اوهان وٽ اهي دڪاندار اچي منهنجي شڪايت ڪن ته خدارا منهنجي مدد ڪجو.“ ڪراڙي ساڳي ماجرا کيس ٻڌائي ۽ پوءِ جج ويچارڻ ويٺو، گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مخاطب ٿي ڪراڙي کي چيائين:

”تون صحيح سوچيو آهي، اهو گوشت پنهنجي کائڻ لاءِ بهتر رهندو.“ جج ڳالهائيندو رهيو. ”جيڪڏهن هو مون وٽ اچي دانهين ٿيا ته تون ڪورٽ ۾ منهنجي سامهون هر سوال تي هروڀرو جو جملو ”هَي. وَي. هوَ تي وَي“ چئجانءِ، ان جملي جي ڪا معنى ڪانهي، باقي مان پاڻ سنڀالي وٺندس.“

ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ پهرين دڪاندار اچي جج کي شڪايت ڪئي، جج ڪراڙي مرد کي ڪورٽ ۾ سڏرايو:

”ڇا هن دڪاندار تو تي اعتبار ڪري توکي اٽو ڏنو.“ جج پڇيو.

”هَي، وَي، هَو تي وَي.“ ڪراڙي جواب ڏنو.

”هي ٻڍڙو ته چريو آهي.“ جج دانهن ڪندي چيو: ”توهان هن تي اعتبار ڪئين ڪيو؟ توهان هروڀرو الزام ٿا هڻو هن تي، وڃو گهر وڃو.“

پهريون دڪاندار جج جي حڪم تي پنهنجي گهر وڃي رسيو، سندس دانهن ۽ ڪيس کي ختم ڪيو ويو، تڏهن ٻيو دڪاندار اچي دانهين ٿيو، جج سندس دانهن ٻڌي ڪراڙي ڏي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪڍيو، جڏهن ڪراڙو ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته جج کانئس پڇا ڪئي:

”ڇا هن دڪاندار توتي اعتبار ڪري توکي اٽو ڏنو هو؟“

”هَي - وَي - هو تي وي،“ ڪراڙو مرد چرين وانگي ڳالهائڻ لڳو.

”تو هن کي ڀلا اٽي جا پئسا ڏنا؟!“

جج هڪ ٻيو سوال ڪيو.

ڪراڙي ساڳي انداز ۾ رڙيون ڪيون:

”هَي - وَي - هَوتي وَي.“

”هي ٻڍڙو چريو آهي، اوهان خوامخواه هن تي الزام هنيو آهي.“

جج فيصلو ٻڌائڻ لڳو: ”توهان پنهنجي گهر وڃو ۽ توهان ڪو حق نه ٿا رکو هن ڪراڙي کان ڪنهن شيءِ جي وٺڻ جو.“ اهڙي طرح ٻيو دڪاندار به پنهنجو ڪيس وڃائي ويٺو.

هاڻي ٽئين فريادي دڪاندار جو وارو هو، نيٺ اهو به اچي دانهين ٿيو، سندس دانهن ٻڌي هڪ ڀيري وري ساڳي ڪراڙي مرد کي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جو چيو ويو.

”تون هن دڪاندار کي سڃاڻين ٿو؟“

جج سوال ڪيو.

”هَي - وَي - هَوتي وَي.“ ڪراڙي جواب ڏنو.

”هن اعتبار ڪري توکي اٽو ڏنو؟!“

وري سوال ٿيو.

”هَي - وَي - هَوتي - وَي.“ ساڳيو ئي جواب الاپيو.

”تو ڀلا پنهنجو ڏاند ڪٺو؟“ جج پڇيو.

”هَي - وَي - هَوتي - وَي.“ ڪراڙي مرد موٽ ڏني.

”توهان کي ڏسڻ کپندو هو، توهان ڪنهن سان ٿا سودو ڪيو.“ جج دڪاندار کي جهڻڪ ڏيندي چيو. ”هي چريو آهي، توهان کي هن تي اعتبار نه ڪرڻ کپندو هو، يا اوهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو!!

”پر مون ته هن کي ٻه ٻوريون اٽ جون ڏنيون.“ دڪاندار تعجب وچان چيو.

”توهان هن کان پئسا وٺي ڏيو ها.“

جج چيو.

”هَي - وَي - هَوتي- وَي.“ ڪراڙي مڪر ڪرڻ شروع ڪيو.

”هي ته بنهه چريو  آهي! ڪورٽ سڳوري جو فيصلو آهي ته اوهان هن جهوني مرد کان ڪجهه به نٿا وٺي سگهو.“ جج فيصلو ٻڌايو ۽ اهو ٽيون دڪاندار به واپس هليو ويو. دڪاندار جي وڃڻ کان پوءِ ڪراڙو ۽ جج ڪورٽ ۾ رهجي ويا.

”ڪيئن؟! ڏٺئي نه ڪيئن دڪاندارن سان اٽڪل ڪيم.“ جج خوش ٿيندي چوڻ لڳو: ”هاڻي وڃ ۽ وڃي پنهنجو ڏاند ڪهه ۽ کاراءِ گوشت پر ها! آڻجان سندن ران.“

”هَي - وَي - هَوتي - وَي.“ ڪراڙي جج ڏانهن گهوري رڙ ڪئي ۽ پوءِ مسلسل اهو جملو ورجائيندو رهيو.

”تون هاڻي چرين وارو مڪر ڇڏ، سڀئي دڪاندار هليا وياآهن.“ جج ڪراڙي کي سمجهائيندي چيو.

”هَي - وَي - هَوتي - وَي.“ ڪراڙي ڳالهايو: ”نه دڪاندار آهن ۽ نه وري ڪو چريو ۽ نه وري مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪو ڏاند ڌاريو آهي. هَي - وَي - هَوتي - وَي، هَي- وَي - هَوتي وَي.“ ڪراڙو نعرا هڻندو، ڪورٽ مان نڪري ويو.

جج سندس ساڻپ تي حيران ۽ پنهنجي بي وقوفيءَ تي پشيمان رهجي ويو.

اظهر سولنگي

نافرمان پٽ

پيارا ٻارو! سانوڻ نالي هڪ همراهه هوندو هو، جنهن کي پنج پٽ هئا، انهن مان مريد نالي ڇوڪرو سندس آخري پنجون نمبر پٽ هو. ساوڻ کي پنهنجي ننڍڙي ۽ آخري پٽ سان بيحد پيار هو ۽ پنهنجي ننڍڙي پٽ کي لاڏڪوڏ سان نپايو هو. سندس هر انگل سهندو هو ۽ ان جي هر خواهش پوري ڪندو هو. ننڍڙو مريد ماءُ پي جو دادلو هئڻ سبب پاڙي جي ٻارن سان وڙهندو هو ۽ ڪو ٻار دانهن کڻي ايندو هو ته سندس ماءُ پيءُ اٽلندو ٻارن کي ڳالهائيندا هئا ۽ پنهنجي پٽ مريد کي هدايتون نه ڪندا هئا. ان ڪري ننڍڙي مريد جون حرڪتون وڌنديون ويون، اهڙي طرح سان مريد پنهنجي ماءُ پيءُ سان به وڙهڻ لڳو ۽ گاريون به ڏيڻ لڳو. پوءِ به ماءُ پيءُ سندس حرڪت تي ڌيان نه ڏنو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ کي بجاءِ گاريون ڏيڻ سان گڏ ڌڪ به هڻڻ لڳندو هو. مريد جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن سندس شرارتيون وڌنديون ويون، جڏهن مريد بلوغت کي پهتو ته شرارت ڪرڻ سان گڏ پاڙي وارن سان وڙهڻ لڳو ۽ ننڍيون وڏيون چوريون ڪرڻ لڳو. پاڙي وارا سندس پيءُ کي دانهون ڏيندا رهيا ته به مريد جي پيءُ تي سندس دانهن جو ڪوبه اثر نه ٿيو. اهڙيءَ طرح مريد هاڻي چور سان گڏ شهر جو بدمعاش غنڊو مشهور ٿي ويو ۽ اڪثر ڪري گهر کان ٻاهر رهندو هو ۽ رات جو دير سان گهرائيندو هو. مريد کي پيءُ گهڻو سمجهايو ته برن سان گهمڻ ڇڏي ڏي ۽ رات جو بيگاهه وقت گهر نه اچي، پر ايتري چوڻ سان مريد کي ڪاوڙ وٺندي هئي ۽ ڪڏهن ته ڪهاڙي کڻي پيءُ تي الرون ڪندو هو ۽ گار گند ڪري پاڙي جا ماڻهو کلائيندو هو.

پيارا ٻارو! هڪ دفعي جيئن مريد رات جو دير سان پهتو ته پڻس دير جو سبب پڇيو، پر مريد دل ۾ پنهنجي پيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ پڻس کيس هدايت ڪئي ته ايتري چوڻ سان پيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ڪهاڙيءَ سان پيءُ تي هلان ڪئي ۽ پيءُ کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري وڌو ۽ پوءِ مريد پيءُ کي ڇڏي وٺي ڀڳو. جيئن ٻاهر نڪتو ته اوچتو هڪ ڪار مٿان چڙهي ويس ۽ سندس ٻئي ٽنگون ضربجي پيون. پوءِ پاڙي وارن مريد کي کڻي اسپتال پهچايو. ڊاڪٽرن سندس ڏاڍو علاج ڪيو، پر سندس زخمي ٽنگون درست نه ٿي سگهيون، هو ٻنهي ٽنگن کان هميشه معذور ٿي ويو. اهڙي حالت ڏسي پاڙي وارا کيس چوڻ لڳا ته اهي بددعائون والدين جون آهن، جن جي ڪري تون معذور ٿي ويو هئين.

پيارا ٻارؤ! هاڻي مريد ڏاڍو شرمسار ٿيو، توبهه تائب ٿيو ۽پنهنجي والدين کان زار زار روئي معافي وٺڻ لڳو ته بابا سائين مون کي معاف ڪيو آءُ وري اهڙي حرڪت نه ڪندس.

پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو ته پنهنجي ماءُ پيءُ جو نافرمان اولاد ڪيئن نه عذاب ۾ اچي ويو ۽ هميشه لاءِ معذور ٿي ويو. ان ڪري اوهان ڪڏهن به ماءُ پيءُ جا نافرمان نه ٿيندا. هميشه نيڪ ڪم ڪندا ڪريو. خراب ڪمن کان پاسو ڪندا ڪريو. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ماءُ پيءُ جون دعائون کٽندؤ ته ٻئي طرف الله تعالى پڻ اوهان تي راضي ٿيندو. ان ڪري قرآن شريف ۾ بار بار ارشاد پاڪ آهي ته والدين جي عزت ڪريو ۽ انهن کي رنج نه پهچايو ۽ چڱن جي صحبت ۾ رهو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com