سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1995ع

باب: --

صفحو :2

گُل ڦُل اپريل 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

اهو جهونو ڪتاب مون کي هڪدم آڻي ڏي، اهو تڪاب باغيچي جي ڪنڊ واري ڪمري ۾ آهي. مهرباني ڪري اهو ڪتاب ان ڪمري جي ڪٻٽ مان کڻي اچ ۽ هينئر جو هينئر ان کي باهه ۾ وجهي ٻاري ساي ڇڏينس.“

ڪارلو ان ڪمري ڏي هليو ويو ۽ ٿوري دير بعد اهو ڪتاب کڻي آيو، پوڙهي ماڻهوءَ هن کان ڪتاب وٺي باهه ۾ اڇلايو.

۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ان ڪتاب کي باهه ۾ سڙندو ڏسڻ لڳا.

ڏس ڪتاب سڙي رهيو آهي!“ ڪارلو چيو.

هائو، هاڻ آئون بيحد خوش آهيان.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.

مهرباني تنهنجي، پوڙهي ماڻهوءَ ڊگهو ساهه کڻي ڪارلو کان موڪلايو،منهنجي ڊگهي زندگي جي پڄاڻي ٿي رهي آهي ۽ آئون بيحد خوش آهيان.“

ترجمو: ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو        جميڪا مان ٻارن لاءِ آکاڻي

 

خوفناڪ ڏند

 

هڪ اونداهي رات جو ٻارهين وڳي، پوڙهو هيڊلي پنڌ ڪرڻ واسطي گهر کان ٻاهر نڪتو، کيسي مان سگريٽ ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ ماچيس لاءِ ٻيا به کيسا ڦولهڻ لڳو پر ماچيس هٿ ڪونه آيس. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايائين ته ڪو ماڻهو نظر اچي ته کانئس ماچيس گهري وٺي.

پر اوندهه ۽ رات جي وڳڙي ڪري کيس ڪوبه نظر ڪونه آيو. هيءَ مزي سان اڳتي هلندو ويو. ٿوروئي اڳتي مس هليو ته سامهون هڪ قدآور شخص کيس پاڻ ڏانهن ايندي نظر آيو.

قد آور شخص جي ويجهي اچڻ تي، هيڊلي ڏانهنس وڌندي چيو ته،معاف ڪجو، اوهان وٽ ماچيس هوندو.“

قد آور شخص ٿورو مشڪيو، ۽ ٻارو سچ پڇو، ته اها هڪ ڀوت واري ڊيڄاريندڙ مشڪ هئي: ڊگهي ۽ آهستگيءَ واري مشڪ، جنهن مان سندس ڊگها ۽ نوڪدار ڏند پئي نظر آيا. اهڙي مشڪ هيڊلي ڪڏهن ڪونه ڏٺي هئي.

هيڊليءَ کان رڙ نڪري وئي.

او خدا يا!“ ۽ پوءِ هو پوئتي جنهن پاسي کان آيو هو، ان پاسي ڊوڙڻ لڳو، ايڏو ته تيز ڀڄڻ لڳو، جو اوهان مشڪل سان ئي سندس ڄنگهون ڏسي سگهو ها. ڊوڙڻ ڪري سندس ساهه تيز ٿي منجهن لڳو، تان جو کيس هڪ ٻيو شخص نظر آيو.اي شخص، آءُ توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، اڳيان روڊ تي مون هڪڙو تمام ڊگهو ۽ خوفناڪ ڏندن وارو ڀوت ڏٺو آهي. مان توسان ڪوڙ نه ٿو هڻان.“ هن مشڪي مون ڏانهن ڏٺو هو.

هيڊلي جيئن اهو چئي بس ڪئي، تيئن اهو شخص مشڪو. اي منهنجا خدا! اها ساڳي ئي دل ڏاريندڙ مشڪ هئي، ڊگهي ڌيمي مشڪ، جنهن سان ڊگها ۽ نوڪدار ڏند پئي نظر آيا، جيڪي هيڊلي اڳ ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا.“

ويچارو هيڊلي ڇا پئي ڪري سگهيو؟ رڙيون ڪندي پوئتي روڊ جي ٻئي پاسي ڀڳو. جنهن پاسي پهرئين دفعي پئي ويو. ان پاسي سامهون وري ٻيو ماڻهو ايندي ڏٺائين. هاڻي کيس خاطري هئي ته اهو ڀوت نه آهي، پر جيئرو جاڳندو ماڻهوآهي، ماڻهوءَ جو اولاد.

اي شخص!  آءُ توکي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. مون هاڻِ ئي هڪ ڀوت ڏٺو ۽....!“

ايندڙ شخص، هڪدم پڇيس ته ڪڏهن اهڙا ڏند ڏٺا اٿئي.“

او خدا يا!“ اها ساڳي ئي ڊگهي ۽ نوڪدار ڏندن ڏيکارڻ واري ڊگهي ۽ آهستگي واري خوفناڪ مشڪ، جيڪا هيڊلي اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺي هئي.

هاڻي ويچارو هيڊلي ڪري ته ڇا ڪري؟ وڃي ته ڪيڏانهن وڃي، نيٺ پوئتي مڙي خدا کي سڏ ڪندو روڊ تي ڀڄڻ لڳو، ۽ هڪ دفعو وري سامهون هڪ شخص ايندي ڏٺائين.

هيڊلي رڙيون ڪندو خوف وچان ڊوڙندو ته رهيو، پر سگريٽ اڃا تائين سندس هٿ ۾ هو.

سو هن نئين شخص، جڏهن هن کي بتاليل ڏٺو ته کلندي پڇيائين ته،هيڊلي خير ته آهي؟ ڇا ٿيو؟ توکي سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچيس کپي ڇا؟

هيڪر ته هيڊلي بيهڻ لاءِ تيار نه ٿيو، پر وري سوچيائين تهبيهان ٿو، هيءَ ڀوت نه پر ٻيو ماڻهو هوندو.“ هيڊلي ان شخص کان پڇيو ته هيڏي ڏس، ڪڏهن ههڙا ڏند ڏٺا اٿئي؟“ ۽ پنهنجا چپ پوئتي ڇڪي کيس پنهنجا ڏند ڏيکاريا، ان شخص جواب ۾ چيس تهها تنهنجي پٺيان واري ماڻهوءَ جا ڏند، هيڊلي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. او- او- او وڏي واڪي رڙيون ڪندو جهنگ منهن ڪري ڀڄند رهيو ۽ وري ڪڏهن ڪنهن کي نظر ڪونه آيو.

(عالمي لوڪ ادب مان چونڊ)

بيخود بلوچ

 

گيت

 

هر ڪنهن سان هت پيار ڪجي،

ناتو هي نروار ڪجي!

 

پيار ته آهي روشن چنڊُ،

ماکي، مصري، کير ۽ کنڊُ،

قتل، اچو تڪرار، ڪجي!

 

پيار سوا هر رنگ ڦِڪو،

پيار ڪري هر رنگ چِٽو،

پيار جي لئه ويچار، ڪجي!

 

پيار نه جيئن مجبور، ٿئي!

هر دل جو دستُور، ٿئي،

پيار تي ساههُ نثار، ڪجي،

 

بيخود ٿو جا ڳالهه ڪري،

ان تي ڪوئي ڌيان ڌرتي،

پيار ئي ٻارو يار، ڪجي!

 

حاڪم مهر

 

ننڍڙا ڀائو

 

ننڍڙا ڀائو وڏڙو ٿيءُ،

جيئن شال سدائين جيءُ،

خوش ٿي توکي ڪلهي تي کڻندس،

توسان گڏجي رانديون ڪندس،

ڪين ڪڏهن مان توسان وڙهندس،

هر هر توکي ڏسي پيو ٺرندس،

جيئي پنهنجو ماءُ ۽ پيءُ،

ننڍڙا ڀائو وڏڙو ٿيءُ.

وڏڙو ٿي تون هوشو ٿيندين،

سنڌ جي سڏ تي ڊوڙي ايندين،

دشمن مارڻ مقتل ويندين،

سنڌ پنهنجيءَ لئه سرڙو ڏيندين

رستو تنهنجو آهي هيءُ،

ننڍڙا ڀائو وڏڙو ٿيءُ.

 

انجم قاضي

منهنجو بابا

منهنجو بابا ماکيءَ جهڙو،

ناهي ڪو ڀي انهيءَ جهڙو،

جنهنجون ڳالهيون مصريءَ مٺڙيون،

ڪي ڪي آهن ڏڌَجان کٽڙيون.

منهنجي من ۾ ان جي محبت،

مون لئه آهي سچ پچ جنت.

شال نه تنهن کان ڌار ٿيان مان،

ان تان پنهنجو جيءُ هي گهوريان.

هر پل ويٺو هو سمجهيائي،

پيار ڀريون ڳالهيون ته ٻڌائي.

ڏاڍو پيارو بابا آهي،

محبت وارو بابا آهي.

ڪاوڙ ۾ ڀي پيار سمايل،

جنهن کي چاهي منهنجي ٿي دل،

رات سڻائي آکاڻيون ٿو،

خود رچائي رهاڻيون ٿو.

خود رچائي رهاڻيون ٿو.

آفيس مان موٽي جڏهن اچي،

مون سان ٿو ڏاڍو پيار ڪري،

اڪثر مون لئه سوچيندو آ،

مستقبل لئه لوچيندو آ.

قائم رهندي انجم! محبت،

مور نه مرڻي هيءُ آ سنگت.

 

آصف مٺياڻوي

 

نظم

 

شاهد منهنجو پيارو آ پٽ

پيار انهيءَ سان منهنجو اڻ کٽ

 

رات سمهي ٿو ڀاڪي پائي

جاڳي وٺندو آ سو جهٽ پٽ

 

جڳ جِئي شل پنهنجي ٻچن سان

مون نه سجهي پر هن جي ڪو مٽ

 

پيار ڪندي جي پپي ڏيندس

چمبڙي چوندو هل سگهو هٽ

 

موٽر سائيڪل چالو ڪيان جي

تڪڙو ڊوڙي ايندو مون وٽ

 

گهر جا ڀاتي گهور وڃن ٿا

ڪونه ٿو ڀانئين هن کي ڪو گهٽ.

 

عطا محمد ڀنڀرو

 

ڌُوڌمُ

 

ڪنهن شهر ۾ هڪڙا زال مڙس رهندا هئا، کين ڪو اولاد ڪونه هو. زال ويچاري سدائين ان جهوريءَ ۾ جهڄندي هئي، ته شال هوءَ پنهنجو پينگهو لوڏي ڪنهن کي مچمي، ڪوڏاڻي ڏئي.

هڪ ڏينهن سندس مڙس جهنگ ۾ ويو، ۽ باهڻ جي وڻ مان هڪ بنڊڙي ڪپي، گهر زال وٽ کڻي آيو.

ها هي وٺ هن کي ئي کڻي پينگهي ۾ لوڏ.“ مڙس پنهنجي زال کي چيو. سندس زال ڇا ڪيو، جو اها بنڊڙي کڻي پينگهي ۾ سمهاري لوڏي، لولي ڏيڻ لڳي.

لُڏ تون، لُڏ اي ڍولڻ ٻار

شل نه ونگو ٿي تنهنجو وارُ

جڳ جڳ منهنجا جاني جيءُ

منهنجا مٺڙا ماکيءَ لار

صدقي توتان تنهنجي ماءُ

جيءَ جيارا هينئڙي ٺار

زال هڪ ڏينهن ان بنڊڙيءَ کي لوڏيو، ٻئي ڏينهن لوڏيائين، ٽئين ڏينهن ڏسي ته ان بنڊڙيءَ مان هڪ سهڻو ستابو گول منهن سان سچو پچو ٻار ٿي پيو، جيڪو پينگهي ۾ لڏي رهيو هو ۽ هونگڙون به ڏئي رهيو هو.

ٻئي زال مڙس ڏاڍو خوش ٿيا، انهن پنهنجي پٽ جو نالو کڻي ڌوُڌم رکيو ۽ ڏاڍي لاڏ ڪوپ سانسندس پالنا ڪرڻ لڳا.

ڌوڌم اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو، هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کي چيائين،بابا! مون کي سون جي ٻيڙي ۽ چانديءَ جو ارت وٺي ڏي، مان مڇي مارڻ لاءِ وڃڻ ٿو چاهيان.“

پيءُ کيس سون جي ٻيڙي ۽ چانديءَ جو ونجهه ٺهرائي ڏنو، پوءِ هو ويجهو ئي ڍنڍ ڏانهن مڇي مارڻ لاءِ ويو.

ڌو ڌم مڇي مارڻ ۾ ايڏو جنبي ويو، جو رات ڏينهن پيو مڇي ماريندو هو. گهر ته ويندو ئي ڪونه هو. سندس ماءُ هن لاءِ ماني کڻي ايندي هئي ۽ کيس سڏ ڪري چوندي هئي:شابي پٽ ڌوڌم-  وه، واه! تنهنجا ڪم- اندم تولاءِ ماني، اچي کاءُ تون جاني.“

ڌوڌم ڪناري ڏانهن ٻيڙي ڪاهي ايندو هو ۽ مڇي ٻاهر اڇلي هٿ منهن ڌوئي ماني کائي وري ٻيڙي هاڪاري وچ ڍنڍ ۾ مڇي  ڍونڍاڙيندو ۽ ڦاسائيندو هو.

اتي هڪ ڏائڻ رهندي هئي، جنهن جو نالو جلفت هو، ڪم جنهنجو ڪلفت هو، کيس جڏهن پتو پيو ته ڌوڌم هتي رهي ٿو ۽ ماءُ کيس ماني پهچائڻ ايندي آهي ته ڏائڻ کيس مارڻ جو ارادو ڪيو.

هڪ ڏينهن هن هڪ ڳوڻ ۽ هڪ لوهه جي سيخ جي ڪنڍي به کنئي ۽ ڍنڍ جي ڪناري تي اچي کيس سڏ ڪيائين.

شابي پٽ ڌوڌم، وه، واه، تنهنجا ڪم، آندم تولاءِ ماني اچي کاءُ تون جاني.“

ڌوڌم سمجهيو ته کيس سندس ماءُ سڏي رهي آهي، سو ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏانهن ڪاهي ويو. ڏائڻ رن جلفت ڇا ڪيو جو ٻيڙيءَ ۾ لوهو ڪنڍو وجهي کڻي قابو ڪيائين ۽ پوءِ ٻيڙي ڇڪي اچي لاتائين ڪناري سان ۽ وٺندي ئي ڌوڌ کي هنيائين ڳوڻ ۾.

”اَها.... اَها...“ هن رانڀاٽ ڪيا. ”هاڻي تون ڪڏهن به مڇي ماري ڪونه سگهندين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com