سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1995ع

باب: --

صفحو :2

گُل ڦُل اپريل 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

هن جي ماٽيجي ڀاءُ جيمز کي پنهنجي پريس هئي، هي اهوئي جيمز آهي، جنهن بعد ۾نيو انگلينڊ ڪورانٽ اخبار شايع ڪئي هئي.) فرينڪلن پنهنجي ڀاءُ جيمز جي پريس ۾ ڇپائيءَ جو ڪم سکيو. سترهن سالن جي عمر ۾ فرينڪلن فيلڊ لفيا ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ڪجهه عرصي کان پوءِ هن هڪ اخبارفيلڊ لفيا گزٽ خريد ڪئي ۽ ان جو ايڊيٽر ٿيو. هن ماڻهن کي ڏاڍو سٺو مواد پهچايو. 1731ع ۾ هن لائبريري ڪلب قائم ڪئي. ان لائبريري ڪلب اڳتي هلي ايتري ته ترقي ڪئي جو بعد ۾ اها آمريڪا جي پهرين گشتي لائبريري به ٿي وئي. ان جا نمائنده ماڻهو ۽ گاڏيون، ڪتاب مختلف شهرن ۾ کڻي ويندا  هئا ۽ ماڻهن کي ڏيندا هئا، پوءِ مقرر ڪيل حد کان پوءِ انهن ماڻهن کان ڪتاب واپس وٺندا هئا. پنجن سالن کان فرينڪلن فيلڊ لفيا جي پهرين باهه وسائڻ واري ڪمپني قائم ڪئي. ان باهه وسائڻ جي سهولت عام ٿي وئي. بينجمن فرينڪلن شهر جي خدمت لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا، هن گهٽين ۾ اسٽريٽ لائيٽس لڳرايون، فرش لڳرايا، هڪ اسپتال قائم ڪئي، فيلڊ لفيا جي اڪيڊمي ۽ پنسولوينيا جي يونيورسٽي به هن ٺاهي، هو هڪ سٺو سائنسدان به هو. فرينڪلن جو سڀ کان مشهور ڪم هي آهي، ته هن بجليءَ کي قابو ۾ آندو. هن ڪڪرن تائين لغڙ پهچايو ۽ ان جي ڌاڳي ۾ چاٻي وجهي بجليءَ جو پتو لڳايو. باقي بجلي بعد ۾ مائيڪل فيراڊي ايجاد ڪئي هئي.

فرينڪلن سائنس جي هر شاخ ۾ دلچسپي رکندو هو، ان ڪري هن ڊاڪٽري جي اوزارن کان وٺي موسميات جي ايجادن تائين ڪيتريون ئي نيون ايجادون ڪيون.

علمي خدمت، شهري خدمت ۽ سائنسي خدمت کان پوءِ 1753ع ۾ هن عوام جي سياسي خدمت به ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو سڀ کان پهريان نين آبادين جو پوسٽ مين مقرر ٿيندو رهيو، جيئن عوام کان واقف ٿي سگهي. جڏهن ملڪ ۾ انقلاب آيو ته هن هڪ ڪتاب اعلان آزادي نالي ڪتاب لکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان تي صحيح پڻ ڪئي، هن چار دفعا پنسلووينيا جي ڪامن ويلٿ (دولت) جو صدر چونڊيو ويو.

فرينڪلن ڪيترائي ڪتاب لکيا، هن جي ڪتابن ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه سندس نامڪمل سوانح عمري آهي، جيڪا هن پاڻ لکي آهي. اهو ڪتاب حاضر جوابي سياڻپ جي ڳالهين سان ڀريل آهي. اهو ڪتاب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هي 17 اپريل 1790ع تي مري ويو، فيلڊ لفيا جو سمورو شهر سندس جنازي سان گڏ هو. سندس وفات تي ماڻهن کي تمام گهڻو افسوس ٿيو. سندس موت جي خبر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويئي، رياست هاءِ متحده آمريڪا جي نئين ڪانگريس ان جي موت تي ڏک جون قرار دادون منظور ڪيون. هن جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي پئرس جي قومي اسيمبليءَ ٻه ٽي ڏينهن سوڳ ملهايو.

پيارا ٻارو! توهان ڏٺو هوندو ته بينجمن فرينڪلن ڪيئن نه پنهنجي قوم جي خدمت ڪئي. توهان به وڏا ٿي ائين ئي پنهنجي قوم جي خدمت ڪجو، ته جيئن اوهان کي فرينڪلن جهڙن ماڻهن وانگر ياد ڪيو وڃي.

شهريور جوڻيجو

 

عام معلومات

 

1- ڌرتي

اسان جوسياروڌرتي هڪ وڏي پولاري (خلائي) جهاز وانگر آهي، جيڪو خلاءُ ۾ پيو چُري، هي سج جي چؤڌاري هڪ لک ڪلو ميٽر هر ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو ۽ 365 ڏينهن يعني هڪ سال ۾ مدار تي اُهو ڦيرو مڪمل ٿئي ٿو.

1- اسان جو خلائي گهر:

زمين جي عمر: اٽڪل 4500 ملين سال

زمين جي شڪل: زمين گول آهي، پر قطن وٽ ٿورو چپتري ۽ خط اسوا وٽ ٿورو مُڙيل آهي، ٻنهي قطبن جي اڌ تي خيال ليڪ آهي، زمين جو قطر قطبن جي وچ ۾ 12,713 ڪلو ميٽر ۽ خط استوا تي 12,756 ڪلو ميٽر آهي.

گهيرو: خط استوا جي چوڌاري مفاصلو 40,075 ڪلو ميٽر آهي. قطبن جي چوڌاري مفاصلو 40,007ڪلو ميٽر آهي.

ايراضي: 510,066 چورس ڪلو ميٽر (71 سيڪڙو پاڻي ۽ 29  سيڪڙو زمين آهي (سج کان سراسري مفاصلو 149,6 ملين ڪلوميٽر.

محمد اقبال کوسو

 

ٽي دوست

 

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ٽي دوست رهندا هئا، جن جا نالا اڪرم، رشيد ۽ عبدالرحمان هئا، هي ٽئي محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا، پر محنت مزدوري مان انهن جو خرچ پکو پورو نه ٿيندو هو، ۽ وڏي مشڪل سان گذارو ڪندا هئا.

 هڪ ڏينهن اڪرم پنهنجن دوستن کي صلاح ڏني، ته، ”ڇو نه هلي شهر ۾ محنت مزدوري ڪريون، ۽ تمام گهڻي دولت ڪمائي، پوءِ واپس اچون.“

ٻنهي دوستن کي اها صلاح دل سان لڳي، ٻئي ڏينهن، هي ٽئين دوست تيار ٿي شهر ڏانهن روانا ٿيا. هي ٽئي دوست، جڏهن هلندي هلندي ڳوٺ کان تمام پري نڪري ويا ته، هنن کي هڪ هنڌ تي مختلف رستا نظر آيا، انهن ٽنهي رستن تي هڪ هڪ بورڊ لڳل هو، انهن بوردن تي هي عبارتون لکيل هيون، ته: ”هي رستو ظلم طرف وٺي ويندو.“

 ٻئي رستي تي لکيل هو ته، هي رستو انسان کي ڪوڙ طرف وٺي ويندو.“ ۽ آخري رستي جي روڊ تي لکيل هو ته ”هي رستو انسان کي سچائي طرف وٺي ويندو.“

رشيد ٻنهي دوستن کي چيو ته پاڻ ٻنهي کي هڪ هڪ رستي طرف هلڻ کپي.“ پر عبدالرحمان چيو ته: نه انهن رستن مان ٻه برائي طرف وڃن ٿا، انهي ڪري پاڻ ٽنهي کي سچائي جي رستي طرف هلڻ کپي، برائي جي رستي طرف، جيڪو به ويندو اهو برباد ٿي ويندو.“ پر اڪرم ۽ رشيد نه مڃيو ۽ عبدالرحمان کي چيائون ته جيڪڏهن توکي سچائي جي رستي طرف وڃڻ جو شوق آهي ته، تو ڀلي وڃ، اسين ٻئي انهن ٻڻهي رستن کان وينداسين.“

عبدالرحمان، اڪرم ۽ رشيد کي گهڻو سمجهايو، پر هنن ٻنهي نه مڃيو، اڪرم ۽ رشيد، عبدالرحمان کي چئي ويا ته،پورن پنجن سالن کان پوءِ پاڻ ٽيئي، هن ئي رستي تي ملنداسين ۽ پوءِ ڏينداسين ته ڪير ٿو سڀ کان گهڻي دولت ڪمائي.“ ائين ٽيئي دوست روانا ٿي ويا.

اڪرم ظلم جي رستي طرف روانو ٿي ويو.

رشيد، ڪوڙ جي رستي طرف ليو ويو ۽ عبدالرحمان سچائي جي رستي طرف روانو ٿي ويو.

پيارا ٻارو! پهرين اوهان اڪرم جو احوال ٻڌو: اڪرم ظلم جي رستي تي هلندي هلندي، هڪ وڏي ملڪ ۾ اچي پهتو، جتي اڪرم ماڻهن کان بادشاهه جو حال معلوم ڪيو. اڪرم کي هر هڪ ماڻهو چيو ته هتي جو بادشاهه ڏاڍو ظالم ۽ بي رحم شخص آهي.“ اڪرم اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، سو چيائين ته: ”آءٌ به بادشاهه سان ملي، غريبن تي طلم ڪندس ۽ خوب دولت گڏ ڪندس.“

ٻئي ڏينهن، اڪرم بادشاهه جي محل طرف روانو ٿي ويو ۽ وڃي ٻاهران بيٺل درٻارين کي چيو ته: آءُ بادشاهه سلامت سان ملڻ ٿي چاهيان.“ هڪ درٻاري وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته،اوهان سان هڪ شخص ملڻ ٿو چاهي.“ بادشاهه ملڻ جي اجازت ڏني، ان کان پوءِ درٻاري اڪرم کي وٺي اچي بادشاهه اڳيان پيش ڪيو. اڪرم بادشاهه کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. بادشاهه ظلم ڪرڻ جو ٻڌي بيحد خوش ٿيو ۽ ان کان پوءِ اڪرم بادشاهه سان ملي غريبن تي ظلم ڪرڻ لڳو ۽ غريبن کان مال دولت ڦري اڌ  بادشاهه کي ڏيندو هو ۽ اڌ پاڻ کڻندو هو. آهستي آهستي، اڪرم وٽ تمام گهڻي دولت ٿي ڏيئي، هڪ ڏينهن اڪرم بادشاهه کي چيو ته مون وٽ هاڻ تمام گهڻي دولت گڏ ٿي وئي آهي، هاڻ آءُ واپس وڃڻ ٿو چاهيان.“ پر بادشاهه جي نظر اڪرم جي دولت تي هئي، انهيءَ بادشاهه اڪرم کي چيو ته: صرف هڪ رات رهي پؤ، سڀاڻي هليو وڃج.“

رات جو جڏهن اڪرم گهري ننڊ ۾ ستل هو ته بادشاهه پنهنجي ڪجهه فوج وٺي، اڪرم کي ٻڌي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ اڪرم جي دولت پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين، اڪرم اوچتو پنهنجو اهو حال ڏسي ڏاڍو رنو ۽ هن جي ذهن ۾ عبدالرحمان جا چيل لفظ ياد اچڻ لڳا ته، انهيءَ رستي تي انسان کي بربادي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو.“ آخرڪار هڪ ڏينهن اڪرم جيل مان فرر ٿي ويو ۽ وڃي ان ساڳئي رستي تي پنهنجن دوستن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ٻارو هاڻ ٻڌو اوهين رشيد جو حال:

رشيد ڪوڙ جي رستي تان هلندي هلندي، اچي بادشاهه جي محل وٽ پهتو، هن به اچي درٻارين کي چيو ته:آءُ بادشاهه سلامت سان ملڻ ٿو چاهيان.“ درٻاري رشيد کي وٺي بادشاهه اڳيان حاضر ٿيا. بادشاهه رشيد کي چيو ته: توکي ڇا گهرجي.“ رشيد چيو ته: سائين مان غريب ماڻهو آهيان، مون کي نوڪري گهرجي.“

جيڪڏهن توکي نوڪري کپي ته، پوءِ توکي ڪوڙو فقير ٿيڻو پوندو، هن ملڪ جا ماڻهو ڏاڍا رحم دل آهن، هر هڪ ماڻهو تمام گهڻي دولت ڏيندو ۽ ائين تون امير ٿي ويندين ۽ ها، جيڪا دولت تون روزانو ڪمائيندين، ان مان اڌ حصو منهنجو به هوندو.“ بادشاهه رشيد کي سمجهائيندي چيو، رشيد چيو ته: سائين مون کي منظور آهي.“ ان کا پوءِ رشيد اهو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. رشيد پنهنجو حُليو اهڙو ته ٺاهيو، جو ماڻهن کي خبر به نه پوندي هئي ته ڪو هي ڪوڙو فقير آهي، رشيد کي به پنهنجا دوست ياد آيا. رشيد به بادشاهه کان وڃڻ جي اجازت گهري، پر بادشاهه هن کي به جيل ۾ بند ڪري، ان جي دولت ڦري ورتي.

رشيد جي ذهن ۾ به عبدالرحمان جا چيل لفظ ياد آيا ته:هي رستو صرف برباد ڪندو. رشيد به ڪجهه عرصو جيل ۾ گذارڻ کان پوءِ، فرار ٿي ويو ۽  وڃي انهي رستي تي پهتو، جتان هي ٽئي دوست وڇڙيا هئا، اڪرم اڳتي اُتي موجود هو. ٻيئي دوست پاڻ ۾ ملي ڏاڍو خوش ٿيا، ۽ ان کان پوءِ هنن ٻنهي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، ۽ پوءِ  ٻئي روئڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا ته:  عبدالرحمان ٺيڪ ٿي چيو ته، انهن ٻڻهي رستن تي صرف بربادي ملندي.“

پوءِ هي، ٻئي عبدالرحمان جي انتظار ۾ ويهي رهيا.

ٻارو، هاڻ اوهان عبدالرحمان جو احوال ٻڌو:

عبدالرحمان سچائي جي رستي تي هلندي هلندي اچي بادشاهه جي محل وٽ پهتو، پهرين درٻارين کان اجازت وٺي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، بادشاهه به عبدالرحمان کي سلام دعا کان پوءِ حال احوال ورتا. عبدالرحمان بادشاهه کي چيو ته مون کي هڪ نوڪري گهرجي. آئون تمام ريب ماڻهو آهيان ۽ پري کان آيو آهيان. بادشاهه اهو ٻڌي چيو .اسين توکي نوڪري نٿا ڏئي سگهون، پر هڪ اهڙو ڪم ڏيون ٿا، جيڪڏهن تو اهو ڪم ڪري ڇڏيو ته اسين توکي هن ملڪ جو بادشاهه بنائينداسين ۽ تنهنجي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي.“

بادشاهه سلامت مون کي منظور آهي، پر ڪم نيڪي جو هجڻ کپي.“

عبدالرحمان چيو تون مونکي سچو ماڻهو ٿو لڳين، انهي ڪري ڪم به توکي سچائي جو ٿا سونپيون.“ چڱو ڪم ٻڌ،بادشاهه چيو، منهنجي هڪ ڌيءَ آهي ۽ اها ڪوڙ تمام گهڻو ٿي ڳالهائي، تون صرف ان کان ڪوڙ جي عادت ڇڏرائي، جيڪڏهن تون ڪامياب ٿي وئين ته، توکي هن ملڪ جو بادشاهه بنايو ويندو.“ عبدالرحمان ٻئي ڏينهن کان ئي شهزادي کي هر روز گهمائڻ وٺي ويندو هو ۽ اهڙيون ته نصيحت آموز ڳالهيون ٻڌائيندو هو جو شهزادي بلڪل ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ عبدالرحمان کي پسند به ڪرڻ لڳي، اهڙي طرح عبدالرحمان شهزادي سان شادي به ڪئي ۽ هن ملڪ جو بادشاهه به ٿيو، عبدالرحمان کي جڏهن پورا پنج سال ٿيا ته هن کي پنهنجا دوست ياد آيا.

ٻئي ڏينهن عبدالرحمان پنهنجن دوستن کي وٺڻ ويو. عبدالرحمان جڏهن پنهنجن دوست وٽ پهتو ته ٻئي دوست هن کي بادشاهه جي روپ ۾ ڏسي حيران ٿي ويا، عبدالرحمان پوءِ ٻنهي کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، اهو ٻڌي اڪرم ۽ رشيد روئڻ لڳا ۽  عبدالرشيد کي چوڻ لڳا: ڪاش اسين به سچائي جي رستي تي هلون ها، ته تو وانگر امير ٿي وڃون ها.“ دوستن کي روئندو ڏسي، عبدالرحمان چيو ته: اوهين گهٻرايو نه، اوهين منهنجي محل ۾ رهندا ۽ آءُ اوهان کي سٺيون نوڪريون به ڏيندس.“ اهو ٻڌي اڪرم ۽ رشيد ڏاڍا خوش ٿيا، ان کان پوءِ هي ٽيئي دوست خوش گذارڻ لڳا. پيارا ٻارو! اوهين به عبدالرحمان وانگر سچائي جي رستي تي هلجو، ڪاميابي سچائي جي ڪري ئي ملندي آهي.

فرمان علي ميمڻ

 

پاسڪل

شيشي مان بُت ٺاهيندڙ عورت

 

چوندا آهن ته شوق جي ڪابه قيمت نه هوندي آهي. 80 سالن جي پوڙهي عورت پاسڪل کي ڪم ۾ رُڌل ڏسي ان ڳالهه تي يقين ڪرڻو ئي پوي ٿو، پاسڪ کي شيشن مان بُت (مسجما) ٺاهڻ واري دنيا جي بهترين فنڪاره مڃيو وڃي ٿو. جنهن جي فن اهڙي انتهائي نازڪ شعبي ۾ يقين نه ايندڙ قابليت ۽ دلڪشي پيدا ڪري ڇڏي آهي، اڄ پاسڪل جا ٺاهيل مجسما (بُت) دنيا جي تقريباً سڀني وڏن وڏن عجائب گهرن ۽ آرٽ گيلرين ۾ موجود آهن، هن جي فن پارن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ امير ماڻهن ۾ باقائدي جنگ به ٿي آهي، هو پاڻ ۾ وڙهيا به آهن، ته ڪهڙو فن پارو مڪمل ٿيڻ شرط ئي ڪير ان کي پنهنجي ڊرائينگ روم جي زينت بنائي ٿو. پاسڪل وٽ پئسي ڏوڪڙ جي ڪابه گهٽتائي ڪونهي، آمريڪا جي مشهور تاجر جان ڪلوگ هن جي صرف هڪ مجسمي جي قيمت ٽيهه لک ڊالر) تقريباً نوي ڪروڙ رپيا) ادا ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو پاسڪل پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندي آهي ۽ ڪنهن به قسم جي مطالبي يا فرمائش جي پرواهه نه ڪندي آهي. خواهه اهو آمريڪا جي صدر يا ملڪه برطانيه پاران ئي ڇو نه هجي.

شروعات ۾ پاسڪل مٿان قسمت جي ديوي ايتري مهرباني نه هئي، پيدائش جي وقت هن جي ٻُڌڻ جي طاقت تقريباً نه هجڻ جي برابر هئي ۽ ڊاڪٽرن پڻ يقين سان اهو چئي ڇڏيو هو ته هوءَ مستقبل ۾ ٻڌي نه سگهندي پر ان جي باوجود به 17 سالن جي عمر ۾ هڪدم هڪ معجزي جي حيثيت سان هن جي هڪ ڪن جي سماعت بحال ٿي وئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اها خامي دور ٿيندي وئي. پاسڪل جا پيءَ-  ماءُ تمام گهڻا غريب هوندا هئا. اهي پنهنجي ڌيءَ جي لڪيل فنڪاري صلاحيت کان واقف هئا. مگر اهي پنهنجي ڌيءَ لاءِ مهانگو سامان خريد ڪري نه سگهندا هئا. پاسڪل پنهنجي اندر ۾ لڪيل قابليت کان فائدو وٺندي پنهنجي گهر جي نزديڪ ئي هڪ گلاس فيڪٽري مان شيشي جا بيڪار ٽڪرا حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ انهن مان مجسما سازي جو آغاز ڪيو. شروعات ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري جي ديوانگي سمجهي ماڻهو ان کي نظر انداز ڪندا رهيا، پر پوءِ جڏهن هن جي جادوئي آڱريون شيشي جي بيڪار ٽڪرن ۾ زندگي ڦوڪي ڇڏي ته پوءِ چوطرف هڪ هنگامي موچي ويو... 40 سالن جي عمر ۾ پاسڪل جا فن پارا نقادن جي نظر ۾ آرٽ جو شاهڪار مڃائي چڪا هئا ۽ شيشن مان مجسما ٺاهڻ جي فن ۾ هن جو نالو سَندَ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. اڄڪلهه پاسڪل هنگاما خيز زندگي کان دور دور هڪ ننڍڙي فارم ۾ سڪون ۽ آرام سان ڪم ۾ مصروف آهي. اڄ به هوءَ پنهنجي گهنجيل چهري مٿان شيشي جي ٽڪرن کان تحفظ ڏيڻ وارو ماسڪ چاڙهي ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ۽ اڄ به ان جي لرزيل آڱرين ۾ فن جو ڪمال صاف ظاهر نظر اچي ٿو، جنهن جي برابري صرف قدرت ئي ڪري سگهي ٿي.

راجا عبدالمجيد بوزدار

 

هوائي جهاز

 

پيارو ٻارو! اوهان مان گهڻن ساٿين هوائي جهاز مٿي اڏامندي ڏٺو هوندو، توهان مان ڪن ٿورن ساٿين هوائي جهاز ۾ سفر به ڪيو هوندو ۽ ڪن ايئرپورٽ تي هوائي جهاز ڏٺو هوندو، پر توهان کي اها ڄاڻ نه هوندي ته هوائي جهاز ڪنهن ٺاهيو ۽ ڪيئن ايجاد ٿيو.

هوائي جهاز جي ايجاد لاءِ ڪيترن ئي سائنسدانن تجربا ڪيا ۽ گهڻن سائنسدانن ته پکي جا پر هڻي مٿي اڏرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڏرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا، پر پوءِ به محنت ۽ ڪوشش ڪندا رهيا. انهن جستجو ڪندڙن ۾ آمريڪا جا ٻه ڀائر آرول ۽ ولبر، سر فهرست هئا. جن پهريائين هڪ تمام ننڍڙو اُڏامندڙ کٽولو ٺاهيو، جنهن ۾ ائين ئي پهرين اڏام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ان کان پوءِ مسلسل تجربن کان پوءِ هڪ ڦوڪڻو ٺاهيائون، جنهن جي رستي هوا ۾ پاڻ اڏاريا، رائيٽ برادران آرول ۽ ولبر جي ڪيل ايجاد کي سڄي آمريڪا ۾ ساراهيو ويو ۽ گهڻا ماڻهو آمريڪا ۾ ڦوڪڻي رستي اڏرڻ لڳا، جتي ڦوڪڻي، جي هوا ختم ٿي ويندي هئي، اتي ئي ماڻهو ڪري پوندا هئا. ائين ڪيترائي ماڻهو تمام مٿي کان هيٺ اچي ڪريا ۽ مري ويا.

رائيٽ برادران آرول ۽ ولبر ان کان پوءِ تجربا ڪري هڪ مشين لغر جهڙي ٺاهي، ان مشين ۾ انجڻ ۽ پکا لڳايا ويا. ان مشين کي فلائير جو نالو ڏنائون، پنهنجي ٺهيل نئين ايجاد کي متعارف ڪرائڻ لاءِ 17 ڊسمبر1903ع ۾ آمريڪا جي شهر ڪيرون ڪيٽو ۾ هاڪ جي گرائونڊ ۾ نمائش ڪرايائون. ان نمائش ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ولبر ۽ آرول پنهنجي ٺهيل مشين ۾ ويهي مشين کي چالو ڪيو. آهستي آهستي ان مشين جا پر ڦرڻ لڳا ۽ اها مشين زمين تان مٿي کڄڻ لڳي ۽ 120 فٽن کان به مٿي بلندي تي وڃي پهتي ۽ ان کان پوءِ وري هيٺ لهي آئي، فلائير مشين مان ٻئي ڀائر صحيح سلامت نڪرندي ڏسي سڀئي ماڻهو حيران ٿي ويا، ۽ ڏاڍو خوش پڻ ٿيا. دنيا جو پهريون هوائي جهاز 59 سيڪنڊ فضا ۾ رهيو. رائيٽ برادران فلائير ۾ ڪجهه تبديليون ڪري فلائير کي هوائي جهاز جو نالو ڏنو. ائين ئي آهستي آهستي هوائي جهاز جي اڏام ۾ واڌرو آيو، ۽ ائين ئي هوائي جهاز جي ايجاد ٿي، رائيٽ برادران ولبر ۽ آرول کي هوائي جهاز جي ايجاد ڪرڻ تي تمام گهڻي شهرت ملي. جن 1903ع ۾ هوائي جهاز جي ايجاد ڪري ڏينهن ۽ سالن جي پنڌ کي منٽن ۽ ڪلاڪن ۾ تبديل ڪرڻ سفر کي تمام آسان بنائي ڇڏيو. رائيٽ برادران ولبر ۽ آرول کي هوائي جهاز جي ايجاد هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

غلام مصطفى سولنگي

 

ماسي مصيبت

سياري جي ڏهن ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ٿيندي ئي منهنجي دل ٽپا ڏيڻ لڳي، مون سوچيو ته اهي ڏهه ڏينهن آرام ڪرڻ ۽ سير سپاٽي ۾ گذاربا، پر قسمت ۾ ڪجهه ٻيو ئي لکيل هو.“

موڪل جي ٻئي ڏينهن مان صبح جو ڏهين بجي ڌاران اڃا بستري مان اٿڻ جي تياري ڪري ئي رهيو هوس ته، اوچتو اسان جي ماسي جنهن کي اسان ماسي مصيبت چوندا آهيون، پنهنجن ڊزن کن ٻارن سوڌو اچي ڪَڪڙڪي، منهنجو ته ساهه ئي سُڪي ويو ۽ جيتريون به دعائون ۽ آيون ياد هيون، سي سڀ پڙهي پنهنجي مٿان ڦوڪي ڇڏيم، ۽ قسمت کي پٽيندي ڪُٽيندي چادر مٿان پائي ماٺ ڪري سُمهي پيس، پر منهنجو دماغ هڪ سئو ميل في منٽ جي رفتار سان ٿوري ئي دير ۾ پيش ايندڙ ڀواتين حالتين حالتن جي پيشنگوئي ڪري رهيو هو. ايتري ۾ ماسي مصيبت جي لشڪر منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪري ڏنو. مان پريشان ٿيس ويس ۽ هٿن ۾ چادر جون ڪُنڊون پاسا قابو ڪري پئجي رهيس.

۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ، جيڪو ڪجهه مون سان وهيو واپريو، سو اوهان کي ٻُڌي اعتبار ئي ڪونه ايندو. اچڻ سان ئي راجوءَ منهنجي چادر کي جهليو، زور سان ڇڪيو ته چادر جو هڪ حصو الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو. مون کي ڪاوڙ ڏاڍي آئي، ۽ سوچيم ته هنن سڀني کي ٻه ٽي ٿَڦَڙ وهائي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيان، پر اوچتو ماسي مصيبت ڪمري ۾ نازل ٿي ۽ مون کي کيڪار ڪيائين ۽ موٽ ۾، نه چاهيندي به، مون کي ڏند ٽيڙڻا پيا، شاباس هجي اديءَ کي، جنهن دريءَ مان ليئو پائي منهنجي حالت ڏسي ورتي ۽ ماسيءَ ۽ سندس لشڪر کي ڪنهن بهاني سان ٻاهر سڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com