سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر 1995ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل سيپٽمبر 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو! هن سال سنڌ ۾ ٻوڏ جيڪا تباهي آندي آهي، ان کي ڏسي هر حساس ماڻهوءَ جي دل رت جا ڳوڙها وهائي رهي آهي، برسات ڪڏهن رحمت بدران زحمت به بنجي ويندي آهي، هن ڀيري سنڌ ۾ خاص طرح سان دادو ضلعي ۾ جيڪي، جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي، ويچارا، مسڪين ماروئڙا ڪيترائي ڏينهن بک ۽ اڃ ۾ سر بچائي بندن تي الله جي آسري تي ويٺا آهن، مالي نقصان ته ماڻهو برداشت ڪري سگي ٿو، پر جيڪي جاني نقصان ٿيو آهي، جن ماڻهن جا لخت جگر پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، اهي ڪير موٽائي ڏيندو، ڪير به نه!؟

ايڏي وڏي تباهي آئي آهي،ماڻهوءَ ويچارا، ڪيترين بيمارين ۾وڪوڙجي ويا آهن.

پيارا ٻارو، توهين جتي به رهو ٿا، پاڻ ۾ گڏجي، سرندي وارن ماڻهن کان چندو وٺي انهن علائقن ۾ جتي، ماڻهوءَ ويچارا کلئي آسمان هيٺ ويٺا آهن، اتي وڃي سندن مدد ڪريو، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ بچائيندڙ دوائون پهچايو ته اها به وڏي خدمت ليکبي، سنڌ ۾ ڪيترائي هڏ ڏوکي ڊاڪٽر هوندا، جن کي پاڻ سان گڏ وٺي انهن شهرن، ۽ ڳوٺن ۾ وڃو ۽ وڃي پنهنجن سنڌ واسين جي خدمت ڪريو.

آخر ۾ ڌڻي سائين کان اهائي، دعا آهي ته، سنڌ مٿان، هي آفت ٽري وڃي، ۽ ماڻهوءَ وري وڃي پنهنجن وٿاڻن تي ويهن. (آمين)

اوهانجو ادا:

اڪبر جسڪاڻي

لطيفي لات

واهُڙَ ڀريوُن مه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،

سدا سانوڻ ڏينهڙا، هيئن نه هوُنداءِ،

وِهائيءَ وينداءِ، اوڀر اُتاهان لهي.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسال مان کنيو ويو آهي، هي بيت سر سهڻي جي داستان ٽئين جو تيرهون نمبر بيت آهي،

سمجهاڻي: اي درياءَ، ڪنڌيون نه ڪيراءِ توکي پڻ حساب ڏيڻو آهي، تولاءِ هميشه سانوڻ جا ڏينهن نه هوندا، صبح جو (ترت ئي) تنهنجون اهي اٿلون غائب ٿي وينديون، (سياري ۾ درياءَ جو ڦوهه جوڀن به ناس ٿيووڃي.)

معنى : واهُڙ = واهه يا درياءَ، ڀريون = ڪنڌيون.

رشيد ”ارشد“

نظم

علم پرايون! من چمڪايون! اڳتي اڳتي وک وڌايون!

علم پرايون! من چمڪايون!

چغلي، غيبت! شڪوو شڪايت! ختم جهالت! لک واڌايون!

علم پرايون! من چمڪايون!

پاڻ کان جيڪو، پاڻ رسي ٿو! پوءِ به هن جو من پرچايون!

علم پرايون! من چمڪايون!

ڪوهه ۽ ٿر ۾! بحر بر ۾1 علم و هنر جو ڏؤنڪو وڄايون!

علم پرايون! من چمڪايون!

ڪمزورن کي زور وٺايون! مظلومن کي عدل رسايون!

علم پرايون! من چمڪايون1

ديس جي شوڀا! ايڪتا! ايڪتا! جشن ملهايون! سڀ هڪ آهيون!

علم پرايون! من چمڪايون!

هيڏانهن، هوڏانهن! جيڏانهن، تيڏانهن! ”ارشد“ آءُ ڪريون ڀلايون!

علم پرايون! من چمڪايون.!

الطاف شيخ

هاري ۽ نانگ

شهر کان موٽي گهرڏي وڃڻ لاءِ هڪ هاريءَ ۽ گڏهه کي ٻيلي مان لنگهڻو پيو. ان ڏينهن تمام گهڻي ٿڌ هئي، اتر کان ڄڻ پارو ٿي وٺو.

غريب گڏهه کي ايترو ته سيءَ لڳو، جو هلڻ کان بي حال ٿي پيو، هن پنهنجي مالڪ کي چيو: ”اهڙي ٿڌي ڏينهن تي سهر وڃڻ جو ڪهڙو ضرور هو. اهڙي سخت سيءَ ۾ پنهنجا پوڙها هڏا به اندر تائين ڄمي ويا آهن.“

”نيڪ جانور، ”مالڪ چيو،“ مون کي اڄ ئي شهر مان چانور ۽ ڏارو وٺڻو هو، جو گهر ۾ کائڻ لاءِ هاڻ ڪڻو به نه هو، جي شهر نه هلون ا ته بک وگهي مري وڃون ها.“

پوءِ هاريءَ پيار مان گڏهه ي ٿڌي منهن تي هٿڙا گهمائي چيو: ”دل وڏي ڪر بهادر ٿي، پاڻ ڄاڻ ته گهر پهتاسين.“

وقت گڏهه پنهنجا وڏا ڪن اڀا ڪي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ هاريءَ کي چيو: ”وڻ جي پاڙ ۾ ڪا شيءِ آهي، جيڪا مدد لاءِ ٻاڏائي رهي آهي.“

هاري وڻ جي ويجهو پهتو، نهايت خبرداريءَ سان برف هٽايائين ته سيءُ ۾ ساڻو ٿيل هڪ ننڍڙو نانگ ڏٺائين. هڪ ڪجهه زخمي ٿيل پڻ هو.

”خبردار ٿجانءِ، منهنجا ملڪ،“  گڏهه هاريءَ کي چتاءُ ڏيندي چيو، ”اهو ڪميڻو نانگ اٿئي، ان کي اتي برف ۾ ئي مرڻ ڏي.“

پر نرم دل هاريءَ پنهنجي گڏهه جي هڪ به نه ٻڌي ۽ نانگ کي کڻي پنهنجي کسي ۾ وڌو.

ٿوري ئي دير ۾ هاريءَ ي جسم جي گرمائش نانگ جي سيءُ لاهي ڇڏيو ۽ هو ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پرچر ڪرڻ لڳو.

هاريءَ ڪوٽ جا ٻيڙا کولي نانگ کان پڇيو: ”ننڍڙا نانگ! ڪر خبر هاڻ ڪيئن آهين؟ منهنجي خيال ۾ هاڻ توکي پنهنجي ڪوسي ٻر ۾ وڃڻ کپي.“

هاريءَ جي اها چوڻ جي دير هئي ته نانگ کنوڻ وانگر جهٽ پٽ هاريءَ جي ڇاتيءَ ۾ کڻي چڪ هنيو. ان بعد ٽپ ڏيئي شوڪارا ڀري ڀڄي ويو.

غريب هاري نانگ جي ڏنگ لڳڻ سان زمين تي ڪري پيو. گڏهه سمجهي ويو ته سندس مالڪ جي بچڻ جي هاڻ ڪا اميد ناهي. سو مدد لاءِ رڙيون ڪيون.

خوش قسمتيءَ سان ان وقت هڪ ڊاڪٽر اتان اچي لانگائو ٿيو، جنهن جي مدد سان هاريءَ جي جان بچي ويئي.

سال بعد، هڪ دفعي هاريءَ جي وري ساڳي هنڌان لنگهه ٿيو، رستي تي ساڳيو نانگ نظر آيس، نانگ پڻ هاريءَ کي سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”گذريل سال جيڪي ڪجهه ٿيو ان جو مون کي سخت ڏک آهي. مهرباني ڪري اها ڳالهه وساري ڇڏ. ڏس مون پنهنجي سڄي کل به مٽائي ڇڏي آهي. اچ ته هڪ دفعو وري دوست ٿيون.“

جواب ۾ هڪ لفظ به ڪڇڻ بنا هاري ڪلهي ت ڪهاڙي لاهي ڳن سان ان نانگ جو مٿو چٿي ڇڏيو، ۽ پوءِ ڳترا ڳترا ڪري چيو:

”ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي هر دفعي بيوقوف بنائي سگهندين تو کل کڻي بدلائي آهي، پر ذهينت ته ساڳي اٿئي.“

ٽي وي ٽاڪ: منور علي ابڙو        ٻهراڙيءَ جا ٻهڪندڙ ٻار

روشن تارا ۾

پيارا ٻارو؟ اسلام عليڪم! ڪراچي ٽيليويزن جي هفتيوار پروگرام ”روشن تارا“ سان گڏ اوهان جي ڀيڻ رخسانه عاقلاڻي حاضر آهي.

اڄ اسان وٽ گ: مڊل اسڪول ڳوٺ ڀينڊو شريف (ضلع حيدرآباد) جا ننڍڙا ٻالڪ – شاگرد پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پري کان پنڌ ڪري ڪهي يا آهن، اچو ته پروگرام جي شروعات ڪريون. ڪمپيئر ان قسم جا جملا چيا ته تاڙين جا ڦهڪا ٿي ويا ۽ رڪارڊنگ شروع ٿي ويئي.

سڀ کان پهريائين ٻالڪ عبدالصمد خان تلاوت ڪلام پاڪ سان قاري بڻجي آغاز ڪيو، بعد ۾ پنهنجي عمعصر ساٿي اختر حسين دائوداڻي سان گڏجي پُرسوز آواز ۾ نعت مقبول صلعم پڙهي داد حاصل ڪيو. بحث مباحثو، جنهنجو عنوان هو: ”ٻارڙن کي وڏن جي معاملي ۾ دخل ڏيڻ گهرجي يا نه؟“ هن انوکي موضوع تي ننڍڙي ڀيڻ شائسته ملاح ۽ ٻالڪ شاهزيب هنڱورو، حمايت ۽ مخالفت ۾ تقريرون ڪري پڻ مچايو ۽ ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ٻهراڙين جي ٻهڪندڙ ٻارن کي به موقعو ڏنو وڃي ته، پنهنجين لڪل صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا.

حيدرآباد اسٽيج جي نوخيز فنڪار اورنگزيب سهتو ڊرائرنگ جو سبجيڪٽ تي بطور استاد جي مزاحيه اداڪاري ڪري ڏاڍو کلايو!؟

اسان جي ڳوٺ جي ڪوچوان، ڪوڏي ڪوڏي جي پليئر ملهه جا پارکو سائين محمد علي سومري طرفان تيار ڪيل ننڍڙن ملهه پهلوانن کي ڪئميرا آڏو لاٿو ويو، جيڪي وڏن ملهن وانگر سندرا وٽي هڪ ٻي سان ٻکجي ويا. سائين رمضا سومري طرفان ڇانڀي ۽ شرنائي تي ملاکڙي واري مشهور ڌن ٽاهو وڄائڻ لاءِآندل ٻن ٻالڪ مڱڻهارن به اهڙو زور جو ڏؤنڪو وڄايو جو ننڍڙن پهلوانن جي ڪر ڪران يا دس دسان تي واهه واهه ٿي ويئي؟ ٽَن جوڙن ۾ وڙهندڙ ٻارڙن هر هڪ: حاڪم علي سومرو، برڪت علي ابڙو، لياقت علي سومرو، رياض احمد هنڱورو، مظهر سلطان پنهور، اظهر حسين پنهور، مظهر علي ابڙو، رياض علي ابڙو ۽ وسرام ڪولهي کي انعام ڏنا ويا.

ملاکڙي ي خاص ڳالهه اها هئي ته سيٽ تي موجود ڪمپيئر، ڪئميرا مين ۽ ڪجهه ڪراچيءَ جي شهري مهمان ٻهراڙي جي ٻارڙن جي ڪارڪردگي کي اچرج سان پي ڏٺو ۽ ٻيو ننڍڙو، پهلوان وسرام ٻڏي ويو ته ڪجهه وقت لاءِ رڪارڊنگ ملتوي ڪري ننڍڙي همراهه کي پاڻي جي ڦوهارن ڏيڻ کان پوءِ سامت ۾ آيا. ٻيهر رڪارڊنگ شروع ڪئي ويئي.

تعارفي سلسلي ۾: ليلى سومرو، محموده سومرو، پريمچند شرما، خالد احمد پنهور، ارباب علي خاصخيلي ۽ رجب علي خاصخيلي، خود اعتمادي سان نالا وغيره ٻڌائي شاباس حاصل ڪئي.

گ: پرائمري اسڪول ڀينڊو شريف جي هڪ استاد محترم سائين احمد هنڱورو ۽ سندس ساٿي سائين رمضان سومري جي گڏي لکيل طنزيه ۽ مزحيه قوالي، جنهن جا ٻول هئا: ”هن اسڪول ۾ هزار مجبوريون“ ڪورس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ٻالڪ، برڪت ابڙو، دلدار ابڙو، مظهر پنهور، لياقت سومرو ۽ شڪيل جوڻيجو ”پڪي راڳ“ جي انداز ۾ اهڙو ته کٽراڳ ڪيو جو پيٽن تي هٿ ۽ ڪوڪرا ٿي ويا!!

ڪمپيئر ڀيڻ رخسانه عاقلاڻي مائيڪ سنڀالي ڪجهه هن هريت اناؤنسمينٽ ڪئي ته: ”پيارا ٻارو؟ هاڻ اوهان آڏو ٻارڙن لاءِ علمي ادبي خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيت سائين اسرار شام انٽرويو ڏيڻ لاءِ ايندو.“

رد عمل ۾ ڪي لمحا تاڙيون گونجنديون رهيون. اسرار ڪئميرا آڏو اچڻ بدران، ڪئميرا جي هئڊ فون تي پروگرام پروڊيوسر نواب مهدي سان ڳالهائيندي چيو: ”دوست! توهان جا ٿوا، منهنجو فرض آهي ٻين جي لاءِ ڪم ڪرڻ تنهن ڪري پنهنجي جاءِ تي اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب جو نالو تجويز ڪيان ٿو.“

اهڙيءَ طرح اسان جي اسڪول جو هيڊ ماستر سائين بادل خان ملاح انٽرويو ڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڪئميرا جي سامهون آيو. ڪمپيئر طرفان پڇيل ڪجهه مختلف سوالن مان هڪ سوال جي جواب ۾ سائين مڃتا ڏيندي چيو: ”آئون: ”سنڌي ٻارڙا پبليڪشن حيدآباد“ جي سهڙيندڙ محترم اسرار شام جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن اسان جي اسڪول جي ڳوٺاڻن ٻارن کي پروگرام ”روشن تارا“ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ پس منظر ۾ رهي پنهنجي نگراني ۾ ٻارن کي تيار ڪري اسڪرين تي پڄايو.“

مٿيان جملا چوڻ سان پروگرام ۾ شريڪ سمورن ٻارڙن سائين اسرار کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ زوردار تاڙيون وڄايون.

تعارف سلسلي ۾: ليلى سومرو، محموده سومرو، پريمچند شرما، خالد احمد پنهور، ارباب علي خاصخيلي ۽ رجب علي خاصخيلي، پنهنجا نالا ٻڌائي پاڻ ملهايو، کين انعام به ڏنا ويا.

اسڪولي سرگرمين تي طنز مزاح جي موضوع تي سائين احمد هنڱورو جي لکيل مزاحيه قوالي: ”هن اسڪول ۾ هزار مجبوريون“ فنڪار شاگرد فياض احمد هنڱورو پنهنجي همنوا ساٿين هر هڪ: حشمت ابڙو، رجب ابڙو، برڪت ابڙو، مظهر پنهور، لياقت سومرو، دلدار ابڙو، ۽ شڪيل جوڻيجو جي سٿ ۾ اهڙو رنگ رچايو جو سڀ دنگ ٿي ويا؟

اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگرد بهانا گهڙي ڪيئن موڪل وٺن ٿا؟ انهيءَ موضوع تي سائين اسرار شام جي لکيل مزاحيه ٽيليفونڪ خاڪي: ”موڪل“ ۾ ساٿي شاگرد اشفاق احمد جوڻيجو هيڊ ماستر جو ۽ ٻالڪ محمد ابراهيم ابڙو ۽ بابر علي سومري جدا جدا شاگردن جا ڪردار ادا ڪري، تاڙين جي پڙاڏي ۾ خاڪو رڪارڊ ڪرائي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪيو.

سنڌ جي ڏوانهن علائقن ۾ رهندڙ اهڙا ٻار، جيڪي پروگرام ”روشن تارا“ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسڪولي في ڏيڻ جي قابل به آهن، کين گهر ويٺي ”روشن تارا“ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ سائين اسرار شام طرفان اٽڪل پنج سئو (500) ٻهراڙي جي ٻارڙن جي پاسپورٽ سائيز تصويرن تي ترتيب ڏنل ”فوٽو گيلري“ پڻ رڪارڊ ڪئي ويئي، هن انوکي سلسلي کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

اهڙيءَ طرح رڪارڊنگ خير خوبيءَ سان ٿي ويئي، پروگرام پروڊيوسر محترم نواب مهدي سڀني ٻارڙن کي بس تائين ڇڏڻ آيو ۽ پنهنجي دوست سائين اسرار شام جي ڪيل محنت تي داد ڏيندي موڪلايو.

روشنين جي شهر ڪراچيءَ کي رات جي پيٽ ۾ ڳوٺاڻن ٻارن ڏاڍي حسرت سان پي ڏٺو. وڏيون وڏيون عمارتون، هزارين موٽرون، ڪارون ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا هشام، وڏا ويڪرا رستا ڏسي ڄاڻ ۾ واڌارو پڻ ٿيو. اچڻ وڃڻ مهل ماي ٽڪي جو به مناسب بندوبست ٿل هو، رات جو اٽڪل ٻين بجي ڌاري ڳوٺ ڀينڊو شريف ۾ بس داخل ٿي ته دهلارين دس وڄائڻ شروع ڪيو. جنهن تي ٻارن جا والدين مڙي آيا. هرڪو ٻار گد گد ٿيندو پنهنجي هر ڏانهن راهي ٿيو. سائين اسرار شام پڻ واپس ورندڙ خالي بس ۾ ويهي ٻارڙن کان موڪلائي ٽنڊو ڄام روانو ٿيو.

محسن چانڊيو

نظم

پياري وطن جا نظارا وڻن ٿا

سوين سونهن وارا سهارا وڻن ٿا

جبل، ڪاڇو، ٿر سڀ علائقا عجب هن

هي وستيون ڀلا شهر پيارا وڻن ٿا

ڀٽائي قلندر سچل ۽ بلاول

ڀلي ڀونءِ وارا ڀلاراوڻن ٿا

پڙهڻ  ۽ سکڻ جو وڏو شوق آهي

مٺي ملڪ جا هي سڌارا وڻن ٿا.

پٻڻ گل ڪنول جا مزيدار آهن

ڳُنهيرو ۽ منڇر ڪنارا وڻن ٿا

ڪڍي ساڙ ڪينو محبت وڌايو

اسان کي وفا جا منارا وڻن ٿا

گلا ڪوڙ نفرت رکون ڪين دل ۾

سدا نينهن ۾ ناميارا وڻن ٿا

اي محسن هٽڻ جي ڪبي ڳالهه ناهي

ترقي جا دم دم اشارا وڻن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com